“ڪُونا” ۾ گذاريل ڪي پَــلَ، ڪي پَهرَ
ٻئي ڏينهن صبح جو راجا سوير ئي ڊيوٽي تي هيلو ويو. مان به يارهين بجي ڌاران تيار ٿي ريسٽورينٽ تي آيس. جُهوني فلپينو (جنهن جو نالو اصل Epiania Sodumaino هيو، پر مان کيس ”فلپينو“ ئي سڏيندو هيس) اڇي رنگ جي ڪار ۾ تيار بيٺل نظر آئي، اصل ۾ راجا کيس ٻُڌائي ڇڏيو هيو ته پورٽ تي ڪليفورنيا کان سندس گاڏي اچڻي آهي ۽ فلپينو کيس چيو هو ته گاڏي رسيو ڪرڻ لاءِ پورٽ ڏانهن گڏ هلنداسون. هن کان اڳ هيلُو ڏانهن سفر ڪندي، فلپينو پري کان اسان کي “Kawai Hae” نالي هي پورٽ ڏيکاري چُڪي هُئي. راجا پنهنجي ڪم ۾ ڏاڍو مصروف هُيو ۽ ويچاري فلپينو ڏهين بجي کان ٻاهر بيٺي انتظار ڪري رهي هئي. راجا مون کي چيو ته تون فلپينو سان وڃي ڪمپني ڪر ته مان عليءَ کي وٺي اچان ته جيئن هُو هتي ڪم سنڀالي ۽ پاڻ ٽئي پورٽ هليا هلون. ٿوري دير ۾ علي اچي ويو ۽ پوءِ اسان روانا ٿياسي. هي ساڳيو ئي رستو هُيو جيڪو ”هيلو“ طرف وڃي رهيو هو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان سڙيل پهاڙ جيڪي شايد صديون اڳ لاوو اوڳاڇي اهڙي حالت ۾ آيا هئا، نظر آيا. مون کي محسوس ائين ٿي رهيو هو ڄڻ اڃا ڪالهه هنن پهاڙن جي سيني مان لاوو نڪتو هُجي. تقريباً پنجيتاليهه منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ اسان “Kawai Hae Harbour” پهتاسي. اندر وڃڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي پُڇا ٿي رهي هئي. هتي مان پنهنجي واحد سڃاڻپ يعني پاسپورٽ گهر ئي رهائي آيو هيس ان ڪري مون کي ٻاهر رسيپشن وٽ قائم چيڪ پوسٽ وٽ ئي بيهڻو پيو، راجا ۽ فلپينو اندر ويا ۽ اڌ ڪلاڪ کن ۾ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪري گاڏي ڪاهي آيا. چيڪ پوسٽ تي بيٺي مون ڏٺو ته اندر ويندڙ ۽ ٻاهر ايندڙ گاڏين جا نمبر ۽ وقت نوٽ پئي ڪيا ويا. راجا جي گاڏيءَ ۾ پئٽرول ٿورو هُيو. اڳيان هڪ پوش علائقي مان گاڏيءَ ۾ پيٽرول وجهرايوسي ۽ پوءِ واپس پنهنجي ريسٽوينٽ آياسي. جتي اسان کي ”امينڊا“ ملي هوءَ گهرو لباس ۾ ملبوس نظر آئي ۽ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. امينڊا ٻڌايو ته هُوءَ هِتان کائڻ پيئڻ جو سامان خريد ڪرڻ آئي آهي. امينڊا کاڌو وٺي هلي وئي ۽ مان راجا جي آفيس ۾ ويهي رهيس. آفيس ۾ هڪ ڇوڪريءَ جي نوڪريءَ لاءِ درخواست پئي هئي جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي جاءِ تي “Fedaled States of Micronesia” جو پاسپورٽ لڳل هُيو. مون راجا کي چيو ته غير ملڪي ڇوڪريءَ کي نوڪري ڪيئن ڏيندؤ؟ جنهن تي راجا ٻُڌايو ته هي جهڙوڪر آمريڪا جي ڪالوني آهي ۽ هتان جا ماڻهون هيڏانهن بغير ويزا جي ايندا آهن جيڪي نوڪري به ڪري سگهندا آهن. راجا وڌيڪ ٻُڌايو ته هن ڇوڪريءَ جو سڀاڻي هتي انٽرويو آهي. اَڄُ پورٽ تان موٽندي ”فلپينو“ پنهنجي دوست ”ميڊونا“ جون ڏاڍيون شڪايتون ڪري رهي هئي، شايد منجهن کان بدمزگي پيدا ٿي وئي هئي. اڄ مون ڏانهن خيرپور مان ضمير لاشاري ۽ ڄامشوري مان سعيد منگي جا فون به آيا. ريسٽورينٽ جي ٻاهران راجا جي ڪيلفورنيا مان آيل گاڏي ڏسي هڪ ويٽرس کيس مشورو ڏنو ته هڪ مهيني جي اندر گاڏيءَ جي رجسٽريشن ڪرائي ”هوائي“ جي نمبر پليٽ حاصل ڪر نه ته ڏنڊ لڳي ويندءِ. ريسٽورينٽ تي ويٺي ڪچهري ڪندي هتي هوائي جي هڪ مشهور فن جو ذڪر نڪتو جنهن کي هتي “Temporary Body Art” چيو پئي ويو ۽ جيڪا خاص ڳالهه ان حوالي سان مان هتي شيئر ڪرڻ چاهيندس ته اِهو فن جنهن اسٽوڊيو ۾ پيش ٿي رهيو هو ان جو نالو هيو “Kona Henna Studio” اوهان ڄاڻڻ چاهيندا ته اهو ڪهڙو آرٽ هُيو، ته اهو مهندي هڻڻ جو فن هُيو، خوبصورت جسمن جي مختلف حصن تي مهنديءَ جا سهڻا چٽ ۽ ڊزائينون چٽڻ جو فن. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته هوائيءَ ۾ مهندي (حنا) کي “Henna” ئي سڏيو پئي ويو. بهرحال، اڄ رات اسان گهر واپس آياسي رات جو دير سان ”وڏي امينڊا“ پنهنجي هڪ بواءِ فرينڊ سان گڏ، فاسٽ فوڊ سميت، عليءَ جي ڪمري تي ڪچهري ڪرڻ آئي. راجا کيس ڏسي مون کي رازداريءَ واري انداز ۾ چيو اَڄُ هيءَ مائي بواءِ فرينڊ سان گڏ ڪچهري ڪرڻ آئي آهي. سڀاڻي وري اڪيلي ڪچهري ڪرڻ ايندي ۽ ٿيو به ائين جو ٻي رات دير سان ڏيڍ بجي ڌاران انهيءَ امينڊا جي بواءِ فرينڊ عليءَ کي فون ڪئي هئي ته امينڊا مون سان جهيڙو ڪري الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي ڪٿي تو وٽ ته ناهي آئي؟؟ عليءَ وري کيس ڏينهن زَٽُ هڻي ڇڏيو ته نه مون وٽ ڪونهي باقي ٿي سگهي ٿو ته عبدل سان ڪيڏانهن نڪري وئي هجي. گهرحال اسان انهيءَ رات علي، امينڊا ۽ سندس بواءِ فرينڊ سان ڪجهه دير ڪچهري ڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي پيا هئاسون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير پنجين بجي راجا الارم ذريعي ننڊ مان بيدار ٿيو. کيس سوير ”هئنڊي مئن“ کي ايئرپورٽ ڇڏڻو هُيو. جنهن جو هِتي “Denny’s” تي ڪم پورو ٿي ويو هو. راجا کيس سوير ئي ڇڏي واپس اچي سمهي پيو. صبح جو ستي بجي گاڏيءَ جي آواز تي منهنجي اک کُلي وئي. مون دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ته ”اتينا“ جي گاڏي بيٺي هُئي جنهن جا ٽائر مڪينڪ کولي رهيو هو مون واپس اچي راجا کي ٻُڌايو. راجا چيو ته ”انهيءَ نڀاڳيءَ جي گاڏيءَ جا ٽيوب مون ايئرپورٽ تان موٽڻ مهل ڪٽي ڇڏيا آهن. هاڻي هڪ سؤ ڊالر خرچ ڀريندي ۽ وري ڪڏهن به اسان جي گهر جي اڳيان گاڏي نه بيهاريندي........ تون چُپ ڪري آرام سان سمهي پئه!“ مان چپ ڪري سمهي پيس، دير سان اسان ننڊ مان اٿياسي، تيار ٿي راجا جي نئين گاڏيءَ ۾ ريسٽورينٽ آياسي جتي ”فلپينو“ به اچي وئي ۽ اسان گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري وياسي. مختلف شاپنگ سينٽر، گهٽيون، روڊ، رستا، بنگله (بنگلن ۾ وري اڪثر انبن جا وڻ نظر آيا جن جي نومبر جي مهيني ۾ انبڙيون لٽڪندي نظر آيون. ڏسندا، آواره گردي ڪندا اسان واپس ريسٽورينٽ موٽي آياسي.