يونيورسل اسٽوڊيو: تفريح جو انوکو جهان
مان سڀ کان پهريان اسٽوڊيو ٽوئر، ڏسڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهي رهيس. هي اسٽوڊيو ٽوئر دنيا جي بهترين ۽ مشهور ترين ٽوئرز مان هڪ آهي. قطار ۾ بيٺي مون ڏٺو ته منهنجي اڳيان بيٺل نوجوان جوڙا هر منٽ کان پوءِ چَپَ چپن ۾ ملائي ائين قرب ونڊي رهيا هئا ڄڻ سندن آس پاس ڪو هجي ئي ڪونه. ڊگهي قطار طئه ڪري اسان ٽن گاڏن تي مشتمل هڪ ريل ۾ ويٺاسي ۽ سفر شروع ٿيو. رستي ۾ هالي ووڊ جي قديمي فلمن جا بينر، يادگار تصويرون، اسٽوڊيوز ۽ مختلف سيٽ نظر آيا. هڪ هنڌ هڪ تباهه ٿيل هوائي جهاز ۽ ڀڳل ٽٽل عمارت نظر آئي، مختلف مشهور فلمن جا سيٽ، پراڻا شهر، گهاٽا جهنگل، فلمن ۾ استعمال ٿيل گاڏيون ۽ ڪيترائي اداڪار انهن مڙني شين جي وچ ۾ پرفارم ڪندي نظر آيا، جيڪي پڻ مصنوعي هُيا. اوچتو برسات اچي وئي، جيڪا پڻ مصنوعي هُئي، تلاءُ جي مٿان ڪاٺيءَ جي پل جو ٽٽڻ ۽ ٻيهر جُڙي وڃڻ، مطلب ته تمام گهڻا من موهيندڙ ۽ حيران ڪندڙ منظر منهنجي اکين ڏٺا. اڳتي هلي رهائشي علائقو نظر آيو جتي وري اداڪارن جي رهائش جو انتظام هُيو، اوبي وين ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل شعبا به نظر آيا. گڏوگڏ ماضيءَ جي سُپر هٽ فلمن جا ٿيٽر به قائم ٿيل نظر آيا. اسٽوڊيو ٽوئر کان پوءِ مان ٽرمينيٽر ٽُو، جيڪو پڻ ٿِري - ڊي افيڪٽس تي ٻُڌل هيو ڏسي سگهيس، ”شيرڪ - D“ ۾ هڪ گڏهه جو ائڊوينچر هيو محسوس پئي ٿيو ڄن اهو گڏهه بلڪل توهان جي ڪن جي ڀرسان هينگي رهيو آهي ۽ سندس ناسن مان نڪرندڙ پاڻي توهان جي منهن کي لڳي رهيو آهي، ”هائوس آف هاررس“ ۾ هارر مويز جا جديد توڙي قديم ڪردار، ايتري تائين جو خاموش فلمن جا ڪردار، انهن جي چرپر ۽ پرفارمنس ڏسڻ لاءِ ملي. ”جُراسڪ پارڪ“ ۾ ڄڻ ته جيئرا جاڳندا ڊائنو سار اسان جي مٿان حملي آور ٿي رهيا هجن. ”اسپيشل افيڪٽس“ واري اٽريڪشن ڏاڍي دلچسپ هئي جنهن ۾ اهو ڏيکاريو پئي ويو ته هالي ووڊ جي يادگار فلمن ۾ اسپيشل سائونڊ افيڪٽس ڪيئن ڏنا ويندا آهن. هڪ ٽيبل تي هڪ ٻارڙو ٻنهي هٿن جي آڱرين سان آواز پيدا ڪري رهيو هو ۽ بعد ۾ ڏيکاريو ويو ته اهوئي آواز ڪيئن ماڻهن جي ڀاڄ واري منظر ۾ انهن جي پيرن جي آواز طور ڪتب آندو ويو. بهرحال هيءَ اٽريڪشن ڏاڍي دلچسپ هئي.
مان گهمي گهمي ڏاڍو ٿڪجي پيو هُيس. ايڏيون دلچسپيون ايڏيون حيرت ناڪيون، انسان جو دماغ دنگ رهجي وڃي. ماڻهو پنهنجي پنهنجي مستي ۾ مگن انهن سڀني دلچسپين کي سميٽي رهيا هئا. شامَ لڙي رهي هئي. مون کي بک به اچي ورايو هو سو اچي هڪ فرانسيسي فوڊ شاپ جو پاسو ورتو. ڏهن ڊالرن ۾ هڪ ماڻهوءَ جو کاڌو مليو، پَر کاڌو ايترو هو جو مان کائي کٽائي نه سگهيس مجبور اڌ کاڌو واپس رکي ڇڏيو جيڪڏهن راجا، مون سان گڏ هجي ها ته اسان ٻنهي جو پيٽ آرام سان ڀرجي وڃي ها. بهرحال مون سوچيو ته يونيورسل اسٽوڊيو جون جيڪي به خوبصورتيون آهن انهن سڀني کي ڏسڻ اڄوڪي ڏينهن ۾ ممڪن نه آهي ان ڪري بهتر اهو آهي ته دنيا جي هن شاندار تفريحي ماڳ کي الوداع چئي، اڳتي جو سوچجي. مون هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. اڻ ڳڻيا ماڻهو، ڄڻ ته اڻ ڳڻيون دنيائون هيڏانهن هوڏانهن حرڪت ڪري رهيون هيون. شام جا پنج وڄي ڏهه منٽ ٿي رهيا هئا. مان يونيوسل اسٽوڊيو مان ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر ايم اي راجا منهنجو مسڪرائيندي انتظار ڪري رهيو هو. هُو به ڏاڍو خوش هو ڇاڪاڻ ته هو هِڪ پُراڻي دوست سان گذريل ڪجهه ڪلاڪَ گهاري آيو هو. گهر پهچي ٿورڙو آرام ڪيو، رات جو اٺين بجي ڌاران راجا جي انڊين دوست جهانگير (پيزا شاپ وارو) جي گهر ڏانهن روانا ٿياسي.
جتي هُن اسان جي رات جي ماني جو اهتمام ڪيو هو. سندس گهر واري پٺاڻ نسل سان تعلق رکندڙ هئي. سندس نالو پروين هيو. هُو ٻئي اسان جي انتظار ۾ هُئا. اسان جي پهچڻ تي مُرڪي آڌر ڀاءُ ڪيائون، حال احوال ڏنائون، ورتائون، ساڻن ڪچهري ڪندي مون ڏانهن خيرپور مان سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي جي پرنسپل ميڊم دُرِ بتول جو فون اچي ويو.
مون ساڻس حال احوال ڪرڻ کان پوءِ فون ڀاڀي پروين کي ڏنو ۽ ائين فون تي خواتين هڪ ٻئي سان ڪچهريءَ ۾ مصروف ٿي ويون ۽ اسان مرد پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسون. کاڌي جي ٽيبل تي هنن اسان جي لاءِ بهترين اهتمام ڪيو هو، هنن ٻنهي، اسان لاءِ قسمين قسمين کاڌا تيار ڪيا هئا. مانيءَ دوران ڪچهري ڪندي هنن چيو ته اسان جو گهر ننڍڙو آهي جنهن کي ڊهرائي پٺيان پيل خالي پلاٽ هن گهر ۾ ملائي وڏو گهر ٺهرائينداسي. مون دل ۾ سوچيو هِي هيترو وڏو ۽ عاليشان گهر جيڪڏهن ننڍڙو آهي ته وڏو گهر ڇا هوندو! لاس اينجلس ۾ راجا مسلسل سندن ئي ڊبل ڪئبن گاڏي استعمال ڪري رهيو هو. مانيءَ کان پوءِ ڪجهه دير ويهي اسان کانئن موڪلايو ۽ واپس اچي پنهنجي گهر سمهي رهياسي.