ذڪر مسٽر “پريشان” جو
اڄ شام جو ڇهين بجي “Denny’s” جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر ”پرشانت“ ڪُونا اچي رهيو هو. هُو Maui beach کان اچي رهيو هو، ريسٽورينٽ جي انتظام جي جاچ پڙتال ڪرڻ جي ڪم سان. هُو هونئن ته هر ريسٽورينٽ جي مئنيجر سان فون تي رابطي ۾ هوندو هيو پر وقفي وقفي سان مختلف ريسٽورينٽس جي وزٽ به ڪندو هو. مسٽر پرشانت جي باري ۾ راجا ٻُڌايو ته هو پهريائين لاس اينجلس ۾ “Denny’s” ۾ ڪم ڪندو هو. جتي هُو عليءَ جو ماتحت هوندو هو، پر بدقسمتيءَ سان علي ۽ سندس وچ ۾ اڻبڻت رهندي هُئي جنهن جي نتيجي ۾ عليءَ ريسٽورينٽ مالڪ کي شڪايتون ڪري ڪري آخر کيس نوڪريءَ مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو. نتيجي ۾ پريشانت، بيروزگاريءَ جي عالم ۾ دربدريءَ واري زندگي گذارڻ لڳو. هُو واقعي به ”پريشان“ ٿي ويو، ليڪن هن پوءِ به همت نه هاري ۽ مختلف جاين تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ائين سندس تجربي ۽ اِسڪلز ۾ اضافو ٿيندو ويو. اتفاق سان “Denny’s” کي ”هوائي“ ۾ ڊسٽرڪٽ مئنيجر جي ضرورت پئي جتي هن وري اپلاءِ ڪيو ۽ اپائينٽ ٿي ويو. وقت جي ستم ظريفي جو لاس اينجلس ۾ هُو عليءَ جي ماتحت هوندو هو ۽ سدائين سندس عتاب جو شڪار رهندو هو ۽ هِتي هُو سندس ”باس“ ٿي آيو هو. پريشانت راجا جو يار هيو ۽ سندس عزت ڪندو هو. راجا ٻُڌايو ته پريشانت اڪثر کيس هوٽل مئنجمينٽ جا گُر سيکاريندو رهندو هو مگر سندس ڀاءُ عليءَ ڪڏهن به ان معاملي ۾ سندس رهنمائي نه ڪئي. علي جڏهن لاس اينجلس ۾ ٺيڪ ٺاڪ حيثيت جو مالڪ هُيو تڏهن هُن راجا کي پنهنجي ريسٽورينٽ جي ويجهو به اچڻ نه ڏنو، اُلٽو هُو کيس اِهو باور ڪرائيندو هو ته، ريسٽورينٽ مالڪ ساڻس اهو ايگريمينٽ ڪيو آهي ته هو ڪنهن به فيملي ميمبر کي ريسٽورينٽ ۾ نوڪريءَ جي حوالي سان اِن نه ڪندو. وقت وقت جي ڦيري واري ڳالهه مطابق اڄ وري علي، ريسٽورينٽ مالڪ جي ايترو ويجهو نه هو جيترو راجا ۽ پريشانت هئا.
شامَ جو پوڻين ڇهين بجي راجا ۽ مان ايئرپورٽ آياسي. ڇهين بجي هڪ ننڍو جهاز ڪنهن ٻي ٻيٽ مان اچي هِن ايئرپورٽ تي لٿو. هِن جهاز ۾ پريشانت اچي رهيو هو. راجا ٻُڌايو ته هتي سگريٽ مهانگا ملندا آهن انهيءَ ڪري هُو لاس اينجلس مان سندس لاءِ ڪافي مقدار ۾ سگريٽ هول سيل تان وٺي آيو آهي. جنهن جي ادائگي هُو کيس ڪندو. ايئرپورٽ تان پريشانت کي کڻي اسان سڌو گهر آياسي. راجا پريشانت کي عليءَ جي گهر ڇڏي آيو مان هيٺ راجا جي گهر ۾ ريسٽ ڪرڻ لڳس. ٿوري ئي دير ۾ راجا کي ننڊ وٺي وئي. راجا جو موبائيل فون فارغ هُيو ان ڪري مون سوچيو ته ڇونه خيرپور ۾ موجود پنهنجي دوستن سان ڳالهائي وٺجي. آمريڪا ۾ هنن ڏهاڙن ۾ رهندي مون پنهنجو موبائيل خريد ڪونه ڪيو هو، بس راجا واري موبائيل مان ڪم ٽپائيندو هئس. مون راڻيپور ۾ موجود پنهنجي دوست ڊاڪٽر غلام اڪبر سوڍڙي، خيرپور ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ضمير لاشاري ۽ امر اقبال ڏانهن فون ڪرڻ لاءِ ميسيج ڪَيا. ٿوري ئي دير ۾ واري واري سان انهن جا فون اچي ويا. ٽنهي جو پهريون سوال اهو هو ته آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن ڪيئن رهي؟ مون ساڻن ڪچهري ڪئي، حال احوال ڏنا ۽ ورتا ۽ ٿوري دير کانپوءِ آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيس.
ڇهين نومبر جي صبح جو مان جيئن ئي سجاڳ ٿيس ته ڏٺم ته راجا ستو پيو هو، سندس شامَ جي ڊيوٽي هئي. مون شڪاگو ۾ رهندڙ ڊاڪٽر مبارڪ ميرجت کي فون ڪري ٻُڌايو ته مان پندرنهن نومبر تي شڪاگو ايندس. هن چيو ته اسان کي تنهنجي اچڻ جو انتظار آهي. ساڳي ئي وقت مون خيرپور سان تعلق رکندڙ شڪاگو ۾ رهندڙ هڪ ٻي دوست شنڪر لعل هرياڻي سان به ڳالهايو ۽ پوءِ چانهه جو ڪوپ کڻي ٽي وي ڏسڻ لاءِ ويهي رهيس. منجهند جو ٻي بجي راجا تيار ٿي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو ۽ مان وري تيار ٿي اڪيلو واڪ ڪندو ”علي ڊرائيو“ هليو آيس جتي ٻه ڪلاڪ کن هيڏانهن هوڏانهن آواره گردي ڪندو رهيس. مختلف جوڙا هڪ ٻئي جي چيلهين ۾ ٻانهون وجهيو گهمندي ڦرندي نظر آيا. مان اڪيلو اڪيلو پسار ڪندو ٿڪيو هاريو واپس ريسٽورينٽ موٽي آيس. ان وقت راجا پنهنجي آفيس ۾ مسٽر پريشانت کان هوٽل مئنيجمينٽ جي حوالي سان ٽريننگ وٺي رهيو هو. ڪم مان فارغ ٿي راجا مون وٽ آيو ۽ اسان مختلف حال احوال ڪرڻ لڳاسي. راجا پنهنجي هاڻوڪي نوڪريءَ جي پس منظر بابت ٻُڌايو ته هو جڏهن لاس اينجلس ۾ ڪم ڪندو هو تڏهن هُن جي “Denny’s” جي مالڪ “AJ” سان عليءَ جي ڪري رسمي دعا سلام هوندي هئي. هڪ ڏينهن اوچتو “AJ” جو فون اچي ويو جنهن کيس چيو ته ”وينچورا ڪائونٽي“ ۾ سندس گهر اچ ته ڪچهري ڪريون. راجا ٻُڌايو ته مسٽر “AJ” وٽ ڪچهري ڪندي هُن کيس آفر ڪئي ته هُو هوائي ۾ موجود سندس ريسٽورينٽ جي مئنيجر جي حيثيت سان ذميداري قبول ڪري. راجا کيس چيو ته هن کي هوٽل مئنيجمينٽ جي حوالي سان ڪوئي تجربو ڪونهي، اِهو سَڀُ ڪجهه ڪيئن ڪري سگهندو؟ “AJ” کيس چيو ته ”ڪوئي مسئلو ناهي تون جلد ئي سڀ ڪجهه سکي ويندين“. ۽ ائين پوءِ راجا سندس آفر قبول ڪندي هوائي هليو آيو جتي اچي ”ڪونا“ ۾ هُنَ پنهنجي نئين نوڪريءَ جو آغاز ڪيو. راجا ٻُڌايو ته اُها مئي 2008ع جي ستاويهين تاريخ هُئي جڏهن هُن ”ڪونا“ ۾ نوڪري جوائن ڪئي هئي.
جُون 2008ع جي پهرين هفتي ۾ مون کي راجا ڏانهن لاس اينجلس وڃڻو هو ڇو ته لاس اينجلس ۾ ”روٽري انٽرنيشنل“ جو ساليانو ڪنوينشن ٿي رهيو هو جنهن ۾ مون کي شرڪت ڪرڻي هئي پر راجا جي اوچتو لاس اينجلس کي ڇڏي هوائي اسٽيٽ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ سبب مون لاس اينجلس وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن راجا جيئن ئي ”ڪونا“ پهتو، مئنيجر جي حيثيت سان نوڪريءَ جو آغاز ڪيائين ته اوچتو ڪونا ۾ موجود “Denny’s” ريسٽورينٽ جي جنرل مئنيجر جي سيٽ خالي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته انهيءَ سيٽ تي موجود شڪاگو جو گورو واپس شڪاگو هليو ويوهو. هُو ڏاڍو محنتي ماڻهو هو سندس وڃڻ سبب جنرل مئنيجر جي سيٽ خالي پئي هئي. ٺيڪ انهن ئي ڏينهن ۾ لاس اينجلس ۾ علي ۽ “AJ” جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿي هو پيو، معاملو ڪورٽ تائين پهتو هو ۽ “AJ”، عليءَ کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هُو فارغ ويٺو هو. “AJ” هڪ دفعو ٻيهر عليءَ کي موقعو ڏيندي، جنرل مئنيجر بڻائي ”ڪونا“ موڪليو. هِن کان اڳ لاس اينجلس ۾ علي، “AJ” سان آپريٽنگ پارٽنرطور به ڪم ڪري چُڪو هو ۽ انهيءَ حيثيت سان جڏهن هُو ”ڪُونا“ وزٽ ڪرڻ ايندو هو ته وڏي رعب ۽ دٻدٻي سان ايندو هو ۽ هتي اچي مالڪ جي گهر ۾ رهندو هو ۽ هاڻ ساڳيو علي جنرل مئنيجر جي حيثيت سان هڪ ملازم جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيو هو. اتفاق وري اهڙو جو هنن ئي ڏينهن ۾ “Denny’s” جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر نوڪري ڇڏي ويو. راجا جي صلاح تي “AJ”، مسٽر پريشانت کي ڊسٽرڪٽ مئنيجر طور مقرر ڪيو. وقت وقت کي سلام آهي جو هڪ دفعو وري، علي، راجا، پريشانت، اِهي سڀئي پڙ اچي هتي گڏيا هُئا، حالانڪ راجا پاڻ عليءَ کان پري رهڻ چاهيو پئي پر ڇا ڪجي جيڪو جيڪو قسمت ۾ لکيل هوندو اهو ته ٿيندو نه!.
شامَ جا تقريباً ٽي ٿي رهيا هئا. ريسٽورينٽ ۾ ڪوئي گراهڪ ڪونه هو پر سڀئي ايئرڪنڊيشنر هلي رهيا هُئا. مسٽر پريشانت چيو ته سڀئي ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ماڻهو ئي ڪونه آهن. انهيءَ وقت هڪ خوبصورت ڇوڪري نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ آئي. ٽي ڏهاڙا اڳ راجا انهيءَ ڇوڪريءَ جي ماءُ کي ”سرور“ جي حيثيت سان هتي نوڪري ڏني هئي. راجا کائنس به مختصر انٽرويو ورتو ۽ چيو ته سڀاڻي کان اچي ملازمت ڪر. شامَ جا پاڇا لڙي رهيا هُئا مان ٿڪجي پيو هوس ان ڪري راجا جن کان موڪلائي گهر هليو آيس. هتي پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪونهي ان ڪري يا ته پنهنجي گاڏي هجي يا وري پنڌ کي ڇڪجي، يا وري رستي تي بيهي ايندڙ گاڏين کي آڱوٺو ڏيکاري لفٽ گهرجي. مون پنڌ ڪرڻ ئي مناسب سمجهيو ۽ هوريان هوريان گهر هليو آيس. هوڏانهن سج به هوريان هوريان وسيع سمنڊ پٺيان لهڻ جي ڪري رهيو هو.