اسپرنگ فيلڊ: ابراهام لنڪن جون يادون
ابراهام لنڪن يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جو سورهون صدر ٿي گذريو آهي. جنهن آمريڪا جي تاريخ کي اُٿلائي پٿلائي ڇڏيو. تاريخدانن جي چوڻ مطابق هو آمريڪا جو عظيم ترين صدر ٿي گذريو آهي. 12 فيبروري 1809ع تي ”هارڊن ڪائونٽي“ ۾ جنم وٺندڙ آمريڪا جي هن عظيم صدر نوجوانيءَ جي عمر ۾ئي سياست ۾ پير پاتو. هُو هِڪَ انقلابي ۽ باغي رُوح وارو اڳواڻ هويو. 1832ع ۾ هُو “Illinois” اسٽيٽ جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيو. جڏهن ته ٻن سالن کان پوءِ هُو “Whig party” ۾ ميمبر چونڊيو ويو. هڪ “Whig” جي حيثيت سان هن مثال ڪم ڪيو. روڊن، ڪينالن، ريلوي لائينن ۽ هار برس جي تعمير ۽ انهن جا نوان ڄار وڇائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ابراهام لنڪن وڪالت جي شعبي سان به جاکوڙي انداز ۾ سلهاڙيل رهيو. هُو 1847ع کان 1849ع تائين” يُو ايس هائوس آف ريپريزينٽيٽوز“ جو ميمبر رهيو. فيبروري 1860ع ۾ جڏهن لنڪن نيو يارڪ ۾هڪ عظيم ريلي کي خطاب ڪيو تڏهن سندس وڏي پئماني تي سياسي بصيرت ظاهر ٿي ۽ هُو آمريڪي صدر جي عهدي لاءِ هڪ قابل ۽ مضبوط اميدوار طور سڃاپجڻ لڳو ۽ آخر هو هڪ مضبوط صدر ٿي ويو. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ خانه جنگي ڇڙي پئي ۽ ڪماڊر ان چيف جي حيثيت سان هُن پنهنجي ملڪ کي ان خانه جنگي مان ٻاهر ڪڍيو.
اسپرنگ فيلڊ هڪ صاف سٿرو، ويڪرو ۽ کليل شهرهيو. عمارتون پري پري، ڪشادا رستا ۽ انهيءَ سخت سرديءَ وارن ڏينهن ۾ هي شهر مون کي ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيوهو. اسان شهر جا نظارا پسندا “Abraham Lincoln Presidential Library & Museum” پهتاسي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ ورتي سون. ٽڪيٽ ۾ شاگردن لاءِ خاص رعايت رکيل هُئي. ٽڪيٽ سان گڏ اسان کي ٻانهن جي ڪلائيءَ ۾ پائڻ لاءِ هڪ سائي رنگ جي ربن به ڏني وئي، اُهو انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن ڪوئي ميوزم کان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر اچي ته ٻيهر وري اندر داخل ٿي سگهي. هن شاندار ۽ تاريخي ميوزم ۾ ابراهام لنڪن جي زندگيءَ جي مختلف حوالن کي جنهن شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي عقل حيران ٿي ويو ته ڪيئن آمريڪي پنهنجي عظيم هيرو جي ياد کي محفوظ ڪيو ٿا اچن. ميوزم جي هڪ حصي جي شڪل وائيٽ هائوس جو ڏيک ڏئي رهي هئي. هي ميوزم روزانو صبح جو نائين بجي کان شامَ جو پنجين بجي تائين سڄي دنيا جي سياحن جي توجه جو مرڪز رهندو آهي. ابراهام لنڪن جي صدارتي زندگيءَ کان اڳ ۽ پوءِ وارن مختلف واقعن، لمحن ۽ يادگار گهڙين کي تصويرن، ملٽي ميڊيا، مجسمن ۽ مصنوعي ماڳن مڪانن ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي جيڪو آرٽ جو پڻ هڪ عظيم شاهڪار آهي. جڏهن ته لئبريري ۾ ٻارنهن ملين کان مٿي ڪتاب، اسٽيٽ ۽ لنڪن جي حوالي سان، محفوط ڪيا ويا آهن. جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي. لائبريري ۾ داخلا مُفت آهي. ميوزم ۾ داخل ٿيندي ئي اسان ڄڻ هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي وياسون. ميوزم ۾ داخلا جي ٽڪيٽ ڏهه ڊالر هُئي جڏهن ته ٻاهٺ سالن کان مٿي وارن بزرگن لاءِ ست ڊالر، ملٽري ۽ شاگردن لاءِ ست ڊالر، پنج کان پندرنهن سالن تائين عمر جي ٻارن لاءِ چار ڊالر ۽ چئن سالن تائين جا ٻارَ مفت ۾ ميوزم گهمي پئي سگهيا. ميوزم جي ڪجهه حصي ۾ فوٽوگرافي جي اجازت هئي ۽ ڪجهه حصن ۾ وري منع ٿيل هُئي. ميوزم ڏسندي مون کي ابراهام لنڪن جو هڪ مشهور جملو ياد اچي ويو ته ”جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ ڊالر جي مٽا سٽا ڪريون ته اسان ٻنهي وٽ هڪ هڪ ڊالر ئي هوندو پر جيڪڏهن اسان ٻئي هڪٻئي سان هڪ هڪ خيال جي مٽا سٽا ڪريون ته اسان ٻنهي وٽ ٻه ٻه خيال هوندا“ ڪيڏو نه خوبصورت جملو آهي ابراهام لنڪن جو.هتي ميوزم ۾ ابراهام لنڪن جي زندگي ۽ جدوجهد کي جذباتي انداز سان ۽ فنائتي نموني محفوظ ڪيو ويو هيو. ميوزم ۾ مختلف ٿيٽر به هُيا. جن ۾ هولو ٿيٽر ۽ فلمي ٿيٽر شامل هُئا. جن ۾ ابراهام جي زندگي تي مختلف فلمون هلي رهيون هيون. عجائب گهر ۾ گهڙڻ سان ڪيترائي جذباتي منظرن وارا مجسما ڏٺاسون. هڪ جاءِ تي ابراهام لنڪن جو اباڻو ڪچو گهر ٺهيل نظر آيو. اهو گهر اهڙي ته مهارت سان ٺهيل هيو جو ان کي ڏسي اصلي هجڻ جو گمان ٿي رهيو هو. ايتري تائين جو وَڻَ ٻوٽا ۽ ڊَڀَ به اهڙي نموني ٺاهيا ويا هُئا جو هڪ لمحي لاءِ يقين نه پئي آيو ته اِهي نقلي آهن، ٻاهر وَڻ جي ڪٽيل ٿُڙ تي ويٺي نوجوان لنڪن ڪتاب پڙهي رهيو هو. پاسي ۾بيٺل وڻ جي تُڙ کي هٿ لائي فريد چيو ته هي نقلي ٿي نه ٿو سگهي. پر جڏهن اُن کي ٿورو وڄائي ڏٺوسي ته خبر پئي ته اهو وڻ به نقلي هيو. جنهن جا ڇوڏا پڻ ٺاهيا ويا هُئا. ڪچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ باهه ٻري رهي هئي ۽ اها باهه به نقلي هئي. ڀرسان ئي لنڪن مطالعي ۾ مصروف ويٺو هو. ڀرسان ڪوئي رلي پاتيون سُتو پيو هو. (مون فريد کي چيو ته يار! هيءَ رلي ته صفا اهڙي رلي آهي جهڙي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عورتون رنگين ڪپڙن جي ٽڪرن کي ڪٽي ٺاهينديون آهن ۽ فريد منهنجي ان ڳالهه سان سهمت ٿيو) هڪ جاءِ تي ابراهام لنڪن درزيءَ جي روپ ۾ پنهنجي گهر وايءَ سان گڏ ڪائونٽر تي بيٺل نظر آيو. جڏهن ته وائيٽ هائوس ۾ وري ابراهام لنڪن جي صدارتي زندگيءَ جا عڪس نظر آيا. هڪ جاءِ تي سندس گهرواريءَ جا وارَ هڪ شيدياڻي نوڪرياڻي سنواريندي نظر آئي. بورچيخاني ۽ ميٽنگ روم جا منظر به نظر آيا. هڪ ميٽنگ ۾ ابراهام لنڪن کي اها رٿ پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ته سَڀُ انسان، ڪارا ۽ گورا برابر آهن ۽ سندس انهيءَ رٿ تي ڪابينه ميمبرن کي مٿي تي هٿُ ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي. وائيٽ هائوس جي ٻاهران لنڪن جي سموري خاندان جا بيٺل مجسما نصب ٿيل آهن ۽ اهڙي انداز سان بيٺل آهن جو ڪيئي سياح اچي ساڻن گڏ بيهي گروپ فوٽو ڪڍرائي پئي سگهيا. اسان به هتي گروپ فوٽو ڪڍرايا. وائيٽ هائوس جي هڪ ڪمري ۾ ابراهام لنڪن خلاف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪارٽونن جي ذخيري کي محفوظ ڪيوويو هو پرهڪ دلچسپ ڳالهه ته اهي سڀئي اخباري ڪارٽون ٽيڙن فريمن ۾ لڳل نظر آيا. ان وقت مون کي پير صاحب پاڳارو ياد اچي ويو. ڪجهه سال اڳ پنهنجي دوست صحافي عبدالرزاق خلجيءَ جي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ منهنجو پير ڳوٺ وڃڻ ٿيوهو جتي پير صاحب پاڳاري سڀني ٻاهران آيل مهمانن کي پاڻ وٽ مانيءَ تي سڏيو هو ۽ اتي پير صاحب پيرين اگهاڙي بيهي سڀني مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پير صاحب جنهن ڪرسيءَ تي ويٺو هو ان جي پويان ديوار تي پير صاحب جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪارٽون خوبصورت فريمن۾ لڳل نظر آيا هئا. ايتري تائين جو 78-1977ع جا ڪارٽون به اتي نظر آيا هئا.
ابراهام لنڪن پنهنجي صدارتي اميدوار هئڻ جو اعلان هن ئي شهر ”اسپرنگ فيلڊ“ ۾ ڪيو هو. آمريڪا جا شهري لنڪن کي پنهنجو محسن تصور ڪندا آهن. هُو پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ ٿيٽر ڏسندي ماريو ويو هو. اهو منظر به هڪ مجسمي جي صورت ۾ محفوظ ٿيل هُيو. منجهند جو اسان سڀني هڪ ”پيزاهٽ“ تي لنچ ڪئي ۽ پوءِ ڀرسان ئي “Fossils Museum” ڏسڻ وياسي. هتي مان اهو پڻ ٻُڌائيندو هلان ته آمريڪن پنهنجي هن عظيم اڳواڻ کي ياد رکڻ لاءِ مختلف جاين تي تمام گهڻا يادگار ماڳ ۽ عمارتون سانڍي رکيون آهن ڪيترائي تاريخي ڪامپليڪس ۽ سائيٽس لنڪن جي حوالي سان محفوظ آهن، جڏهن ته ڪيترائي ميوزم پڻ مختلف جاين تي موجود آهن.
فاسلز جي حوالي سان قائم “Illionis State Museum” به سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز نظر آيو. جنهن ۾ هن اسٽيٽ جي زميني خزائن، زندگي، ماڻهن ۽ آرٽ جي مختلف رخن کي مختلف حصن ۾ محفوظ ڪيو ويو هُيو. هتي به داخل ٿيندي ئي اسان کي”رلي“ ٽنگيل نظر آئي. فاسلز ميوزم ۾ هڪ حصو ريڊ انڊين جي حوالي سان انهن جي زندگيءَ ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي حوالي سان نظر آيو.
واپسيءَ تي اسان ابراهام لنڪن، جو يادگار “Lincon Tomb” ڏٺوسي، هي يادگار ابراهام لنڪن سندس زال ميري ۽ سندس پونئيرن جي آخري آرامگاهه آهي. 117 فوٽ اوچي هن يادگار کي ڏسي اسان ”اسپرنگ فيلڊ“ کان موڪلايو سي. رستي ۾ فريد جي ٻارڙن عُمير، نيها، دانيال ۽ ڪومل اها شڪايت ڪئي ته وقت گهٽ هئڻ سبب اسان ميوزم صحيح معنيٰ ۾ ڏسي ڪونه سگهياسون، ۽ واقعي اها حقيقت به هئي ته جنهن عظيم ورثي کي هتي شاندار انداز ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي. اسان اُن کي مڪمل طرح ۽ گهرائي سان ڏسي ڪونه سگهياسون بهرحال اها ڳالهه طئه آهي ته زندگيءَ جي وسيع رنگن کي ڏسڻ پسڻ لاءِ انسان جي عمر ته ڪنهن به صورت ۾ ڪافي نه آهي. اسان رستي ۾ اڄوڪي سفر تي تبصرا ڪندا شام جو تقريبا ساڍي ڇهين بجي گهر پهتاسي.