فيلڊ ميوزم مان ڦيرو
مير محمد ميرجت جي حوالي ڪيائين. مان ۽ مير محمد سندس گاڏيءَ ۾ ڊائون ٽائون روانا ٿياسون. اڄ مون کي فيلڊ ميوزم گهمڻو هُيو، جيڪو مشيگن ڍنڍ جي ڀرسان ئي واقع آهي. مير محمد مون کي ميوزم جي ٻاهران لاهي اهو چئي موڪلائي ويو ته ”مان شام جو پنجين بجي هتي ئي واپس ايندس“. ميوزم جي عمارت تمام گهڻي اوچائيءَ تي واقع هُئي بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ هاءِ ڪورٽ جون عمارتون هونديون آهن. تمام سخت سيءُ پئجي رهيو هو ۽ اهڙي سخت سرديءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گاڏيءَ مان لهڻ واري جاءِ کان وٺي ميوزم جي مئن گئٽ تائين هڪ سرُنگهه نما رستو جوڙيو ويو هو، جيڪو شاميانن سان ڍڪيل هُيو. اهڙي قسم جا شاميانه مون کي مختلف بس اسٽاپس تي به نظر آيا جيئن گاڏيءَ جو انتظار ڪندڙ مسافر سيءَ کان بچي سگهن. مان جيئن ئي ميوزم جي مئن گيٽ وٽ واقع رسيپشن ڀرسان ٽڪيٽ گهر وٽ پهتس ته مون کان پڇيائون ته ”توهان استاد ته نه آهيو؟“ مون کين چيو ته نه مان استاد ته نه پر هڪ تعليمي اداري جو سربراهه ضرور آهيان. انهيءَ تي هُنن ڪنهن سڃاڻپ ڪارڊ جي پُڇا ڪئي. مون کين پنهنجو بزنس ڪارڊ ڏيکاريو (هتي وزيٽنگ ڪارڊ کي بزنس ڪارڊ چون) منهنجو ڪارڊ ڏسي هنن مون کي فري پاس ٺاهي ڏني ۽ ايئن منهنجا اٺ ڊالر بچي ويا. اندر وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻي گيٽ تي مون کان ٽڪيٽ جي پُڇا ڪئي وئي. مون کين پاس ڏيکاري پرمعلوم ٿيو ته ميوزم ۾ اسي سيڪڙو اهڙا حصا هُيا جيڪي انهيءَ اڳواٽ مليل پاس ذريعي گهمي پئي سگهيا، جڏهن ته ويهه سيڪڙو ڪجهه اهڙا شعبا به هُئا جن لاءِ اٺ ڊالرن جي الڳ ٽڪيٽ وٺڻي هئي. مون ٽڪيٽ خريد ڪئي. خبر پئي ته ميوزم کي گهمڻ جو وقت صبح جو نائين کان شام پنجين بجي تائين مقرر ٿيل هُيو.
ميوزم ۾ داخلا شام جي چئين بجي بند ڪئي ويندي آهي ۽ ميوزم صرف ڪرسمس وارن ڏينهن تي ئي بند هوندو آهي، باقي سمورو سالُ هفتي جا سمورا ڏينهن کليل رهندو آهي. فيلڊ ميوزم ۾ مستقل ميمبرشپ رکندڙن لاءِ مختلف قسم جا ڊسڪائونٽ پئڪيج به رکيل هئا. فيلڊ ميوزم جو سلوگن ڏاڍو خوبصورت هيو، جيڪو هن طرح هيو ته “Exploring the earth and its people” سبب اهو هو ته هن ميوزم ۾ زمين سان لاڳاپيل مختلف حقيقتون ئي محفوظ ٿيل هُيون. هتي ميوزم لائبريري به واقع هئي جيڪا صبح جو يارهين بجي کان شام جو چئين بجي تائين صرف سُومر ۽ جمعي جي ڏينهن کليل پئي رهي.
فيلڊ ميوزم جي وسيع ۽ شاندار عمارت ٽن منزلن تي مشتمل هُئي جن کي گرائونڊ ليول، مئن ليول ۽ اپر ليول سڏيو پئي ويو. گرائونڊ ليول تي جيڪي ڏسڻ جهڙيون شيون هُيون انهن ۾ جيمس سمپسن ٿيئٽر، هيريز اينڊ ويبر ريسورس سينٽر، انڊر گرائونڊ ايڊوينچر ۽ ٻيا شامل هئا. هن ئي فلور تي ڪرائون فيملي پلي ليب، ٻَه وڏا فيملي ريسٽورينٽ، ميڪڊونالڊ شاپ، ٻه ليڪچر هال به موجود هئا. جڏهن ته ميوزم ۾ جي هڪ حصي ۾ قديمي مصري تهذيب جون مختلف شيون موجود هيون. جنهن کي “Inside Ancient Egypt” سڏيو پئي ويو. کائڻ پيئڻ جي شين لاءِ هڪ مخصوص حصي ۾ وينڊنگ مشينون لڳل هيون جن جي سامهون ئي پڪنڪ سيٽنگ جو بندوبست ٿيل هو. هن فلور تي صاف سُٿرا واش روم، فيملي ٽوائليٽ، مختلف جاين تي پيئڻ جي صاف پاڻي جا ڪُولر، فرسٽ ايڊ سينٽر، انفارميشن ڊيسڪ (جتان گم ٿيل ٻارن جي پُڇا به ٿي رهي هئي) مختلف جاين تي فون بوٿ، ٽيڪسي فون (جتان ٽيڪسي گهرائڻ لاءِ فون ٿي رهيا هئا) ۽ ٻيون گهڻيون سهولتون هِن فلور تي موجود هيون. هِن فلور ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ جتي مختلف کوڙ دروازا موجود هُئا اُتي “Group Entrance” يعني ڪنهن ويگن جي وڃڻ لاءِ به گيٽ موجود هيو. مختلف جاين تي هنگامي بنيادن تي هن عمارت مان نڪرڻ لاءِ “Fire Exit” پڻ موجود هئا. اهڙا رستا ٽنهي فلورن تي موجود هئا. گرائونڊ ليول تي هن ميوزم ۾ اسٽور روم، نرسنگ روم ۽ ٻارن کي هڪ جاءِ تي ويهارڻ جون جايون به ٺهيل هُيون.
وِچين منزل جنهن کي ”مئن ليول“ چيو پئي ويو، هن منزل ۾ داخل ٿيندي ئي ٻَه مصنوعي هاٿي نظر اچي رهيا هُئا. مُک دروازي جي سامهون ئي نصب ٿيل اهي هاٿي ڄڻ ته سچا پچا هاٿي هُجن. (اهڙي قسم جو هاٿي ڪراچيءَ ۾ سفاري پارڪ جي سامهون مئن گيٽ تي پڻ ٺاهيو ويو آهي) پر هي هاٿي هُو بهو اصل لڳي رهيا هئا، ڀرسان ئي هڪ تمام وڏي ڊائنوسار جو ڍانچو پڻ نصب ٿيل هُيو. وڏي تعداد ۾ اسڪولي ٻارڙا پنهنجي ٽيچرز سميت هن فلور تي گهمندي ڦرندي نظر آيا. هن فلور تي مختلف اسپيشل گيلريون ٺهيل هُيون. اهڙين گيلرين ۾ رائيس گيلري، Nebber گيلري، Holleb ايگزيبيشن گيلري شامل هيون. هن ئي فلور تي Levin ايگزيبيشن گيلري به ڏسڻ وارن جي توجه جو مرڪز هئي. جڏهن ته پراڻن آمريڪين ۽ قديم آفريڪين جي لائيف اسٽائيل جي حوالي سان الڳ الڳ ماڳ موجود هُيا. پکين ۽ جانورن جي حوالي سان به مختلف ڏسڻ جهڙيون جايون هِن فلور تي موجود هيون. جن ۾Bird Habitats،Lions of Tsaro، مئملس آف ايشيا، مئملس آف آفريڪا، ورلڊ آف مئملس، نيچر واڪ، ورلڊ آف برڊس، نارٿ آمريڪن برڊس ۽ ٻيون جايون ٺهيل هُيون. جنهن ۾ رنگ رنگ جا پکي ۽ جانور ايئن محفوظ ڪيا ويا آهن ڄڻ ته بلڪل جيئرا هُجن. هن فلور تي “Replies & Amphbions” جي نالي سان ٺهيل جاءِ پڻ سياحن جي دلچسپي جو مرڪز هئي. جڏهن ته هِن ئي فلور تي نارٿ آمريڪن انڊينس جي لائيف اسٽائيل متعلق به هڪ ڪارنر قائم هيو. هن فلور تي به قديم مصري تهذيب جو ڪارنر قائم ٿيل هو. فيلڊ ميوزم جي اوڀر ۾ مشيگن ڍنڍ جڏهن ته اولهه ۾ Lake Shore Drive واقع هئي.
فيلڊ ميوزم جي مٿئين فلور جنهن کي ”اپر ليول“ سڏيو پئي ويو، تي پڻ دلچسپين جو عجيب جهان آباد هيو. جن کي ڏسڻ لاءِ پڻ عورتون، مرد، نوجوان، اسڪولي ٻارَ وڏي تعداد ۾ موجود هئا.
“Plants of the World” واري حصي ۾ دنيا جي مختلف حصن جا گُل، ٻُوٽا محفوظ ڪيا ويا هئا. ”ڊائنوسار هال“ ۾ محفوظ ڪيل ڊائنوسار ڏسي عقل دنگ رهجي ويو، ڊي اين اي ڊسڪوري سينٽر، اسپيشل ايگزيبيشن گيلري، پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان، پئسفڪ اِسپرٽس ۽ ٽريولنگ دي پئسفڪ پڻ هِن فلور تي موجود هُيا، جنهن ۾ پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان مختلف قدرتي منظر ۽ شيون محفوظ ٿيل هيون.هن ئي فلور تي هڪ “Fossil Preparation Laboratory” موجود هئي جڏهن ته “More on Sue” جي نالي سان خاص ڏسڻ جهڙو ماڳ پڻ هن فلور تي هُيو. سموري دنيا جي مختلف خطن جي تهذيب انهن جي ثقافتي رنگ ۽ لباس ۽ ٻوٽن جي نمائش لاءِ مختلف “Exhibit Station” پڻ واقع هيون. ڪتابن، زيورن، گفٽ آئٽمز جي نمائش جا مرڪز به موجود هئا.
مان فيلڊ ميوزم جي ٽنهي فلورز کي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ سچ ته مون کي ڏاڍو مزو آيو. “Inside Ancient Egypt” ۾ ٽيويهه مصري مميون رکيل هُيون. جيڪي مصري تهذيب جون صديون پراڻو اهڃاڻ هُيون. جڏهن ته هڪ ”مصري کٽولو“ جنهن کي “Egyptain Bed” سڏيو پئي ويو پڻ هتي موجود هُيو ۽ سياحن کي ان تي سمهڻ جي اجازت هئي. هِن صديون پراڻي کٽولي تي سُمهي مان ڄڻ ته کن پل لاءِ 2450 قبل مسيح واري مصر ۾ پهچي ويس. بلڪل ائين “The Ancient Americas” واي حصي ۾ پهچي ڄڻ ته مان تيرنهن هزار پراڻي آمريڪن تهذيب ۾ پهچي ويس. ننڍڙن ڳوٺڙن مان شروع ٿيل زندگي، برف واري دؤر “Ice Age” جا عڪس، شِڪاگو جي آباديءَ جي شروع وارا ڏينهن، ڪاٺ جي بُتن سان ڀريل پورو هال ۽ ٻيون اهڙين حيرت ناڪ دلچسپيون هتي ڏسڻ لاءِ مليون. “Lions of Tsaro” واي حصي ۾ اُهي شينهن رکيل نظر آيا جن ڪنهن زماني ۾ اوڀر آفريڪا ۾ دهشت ڦهلائي هُئي. فيلڊ ميوزم جي حوالي سان هڪ ڳالهه شيئر ڪندو هلان ته هتي مختلف حصن ۾ داخل ٿيندي ان سان لاڳاپيل ماحول مطابق پکين توڙي جانورن جا آواز پڻ “Sound effect” طور ٻُڌجي رهيا هئا. جيڪي ماحول کي حقيقت جي قريب تر بنائي رهيا هُئا.
فيلڊ ميوزم جي هر حصي ۾ مختلف گائيڊ، وزيٽرس کي ٻُڌائيندي نظر آيا. جيتوڻيڪ ٻاهر قهر جي سردي هئي پر ميوزم ۾ اندر مناسب گرمي پد هُيو. هر حصي جي ٻاهران ان حصي متعلق معلوماتي ڪتابڙا ۽ بروشر پيل هُئا، جيڪي مفت ۾ سياحن کي ملي رهيا هئا. زيورن واري حصي ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي قيمتي زيور، هيرا، جواهر ۽ موتي پيل هُئا پر ڪوئي به سيڪيورٽي گارڊ نظر نه آيو. “The painted Bird” وارو حصو به ڏاڍو خوبصورت هيو جنهن ۾ دُنيا جهان جي خوبصورت رنگين پکين جو هزارين تصورون ٺهيل نظر آيون. ميوزم ۾ هنڌين هنڌين مختلف آرٽسٽ، ڪينواس جي سامهون پينسل توڙي برش سان تصويرون ٺاهيندي نظر آيا. هڪ حسين ڇوڪري پينسل سان هڪ باندر جو اسڪيچ ٺاهيندي نظر آئي. باندر سندس سامهون ئي رکيل هُيو. مون سندس ويجهو وڃي چيو ”نائيس“ جنهن تي سندس خوشيءَ جي ڪائي حد نه هئي ۽ مون کي ”ٿئنڪس “ چيائين. مون سندس تصوير پنهنجي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪئي. منجهند جو مون کي اچي بک ورايو. مون اچي ميڪڊونالڊ جو پاسو ورتو ۽ اتان هڪ برگر خريد ڪيو. پر جيئن ئي ويهي برگر کولي ڏسان ته ان ۾ سوئر جو گوشت نظر آيو. سوئر جو گوشت مون کي “Denny’s” تي راجا ڏيکاريو هو ۽ ان جي سُڃاڻپ سمجهائي هئي مون فورا برگر واپس ڪيو ۽ چڪن برگر ورتو ۽ پوءِ اچي کاڌو، فيلڊ ميوزم جا انيڪ احساساتي رنگ ڏسندي ٽائيم جي خبر ئي ڪونه پئي ۽ مان پوڻين پنجين بجي ڌاران ميوزم کان ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر سخت سردي هئي. مون ٻاهر نڪري مئن انٽرينس جو فوٽو ڪڍيو. ميوزم ۾ سون جي تعداد ۾ گورا ۽ ڪارا نظر اچي رهيا هئا. سوا پنجين بجي مير محمد پهچي ويو. مير محمد پندرنهن منٽ ليٽ هُيو ۽ انهيءَ معمولي دير تي به هُن مون کي ايڪسڪيوز چيو. پوڻين پنجين بجي جنهن وقت مان ميوزم کان ٻاهر نڪتو هئس ان وقت سج لهي چڪو هو.جڏهن ته آمريڪا جي ڪجهه علائقن ۾ اٺين بجي به سج بيٺل هوندو آهي. مير محمد مون کي فريد ڀٽو جي آفيس پهچايو، پوءِ فريد سان گڏ گهر آيس، گهر ڏانهن ايندي خيرپور مان منهنجي دوست محمود سومري جو فون اچي ويو. جنهن سان حال احوال ٿيا. فريد جي ٻارڙن فرمائش ڪئي ته فيلڊ ميوزم ۾ ڪڍيل تصويرون کين ڏيکاريان اهڙي طرح اڻيتاليهه انچن “H.D”جي ٽيليويزن سان ڪئميرا جي ليڊ جوڙي اسان فيلڊ ميوزم جون تصويرون ڏٺيوسين، جيڪي فريد جي ٻارن کي ڏاڍيون وڻيون ۽ پوءِ رات جي ماني کائي فريد سان ٿورڙي ڪچهري ڪري اسان ننڊ جي نيري واديءَ ڏانهن نڪري وياسي.