“هوائيءَ” جي هوائن ۾.........
راجا جنهن ريسٽورينٽ تي نوڪري ڪري رهيو هو اِهو ريسٽورينٽ سندس مطابق هندستان جي هڪ هندو واپاريءَ جو هيو ۽ سندس ان جهڙا ڇهه ٻيا به ريسٽورينٽ آمريڪا ۾ موجود هُيا. جن مان ٽي ”لاس اينجلس“ ۽ ٽي ”هوائي“ ۾ واقع هئا. انهن ريسٽورينٽن جو مالڪ يعني راجا جو ”سيٺ“ هتي “AJ” جي نالي سان مشهور هيو. راجا مون کي ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻ مئنيجر جي ڪمري ۾ هليو ويو. انهيءَ دوران هڪ ويٽرس مون وٽ آئي۽ مون کان کائڻ پيئڻ لاءِ پڇيائين. مون کيس ”مهرباني“ چئي پر هُن وري به ”ڪولڊ ڊرنڪ“ جي آفر ڪئي مون کيس آڻڻ لاءِ چيو. هوٽل جي عملي لاءِ هتي ڪولڊ ڊرنڪ فري هُئي. هُو ڪنهن به وقت مفت ۾ ڪولڊ ڊرنڪ پي پئي سگهيا. راجا اندران ڪم ڪار اڪلائي مون سان گڏ ڪُرسي رکي اچي ويهي رهيو. راجا ٻُڌايو ته سندس ريسٽورينٽ جو مالڪ ريئل اسٽيٽ (جائداد جي خريد ۽ فروخت) جو ڪاروبار به ڪندو آهي. جنهن بلڊنگ ۾ راجا رهيل هُيو اِها عمارت به سندس ريسٽورينٽ مالڪ جي ئي هُئي. اصل ۾ اهو هڪ وڏو بنگلو هيو جنهن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو هو. مٿين فلور تي جاءِ جا ٻَه حصا هُئا. هڪ حصو مالڪ جي ذاتي استعمال ۾ هُيو جتي هو ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ۽ رهائش اختيار ڪندو هو جڏهن ته هڪ پراپرٽي ڊيلر سان سندس اِهو به طئه ٿيل هو ته سندس غير موجودگي ۾ جيڪڏهن ڪوئي سياح اچي ته جاءِ جو اهو حصو ڏيڍ سو ڊالر في ڏينهن جي حساب سان ڀلي ڀاڙي تي ڏنو وڃي. مٿين فلور تي واقع جاءِ جو ٻيو حصو راجا جي ننڍي ڀاءُ عليءَ کي ٻارنهن سؤ ڊالر ماهوار ڪرائي تي ڏنل هيو. جڏهن ته هيٺ گرائونڊ فلور تي هڪ حصي ۾ راجا رهي رهيو هو ۽ جنهن جو مالڪُ کائنس ڪوئي به ڀاڙو ڪرائو نه وٺندو هو. ڇاڪاڻ ته راجا هميشه پراپرٽي ڊيلنگ جي ڪمن ۽ معاملن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي رهندو هو. گرائونڊ فلور جي باقي بچيل حصي ۾ پنج سنگل ڪمرا موجود هُئا. جن جا باٿ روم ۽ ڪچن گڏيل(Comman) هئا. انهن مان هر هڪ ڪمرو ساڍا ڇهه سو ڊالر ماهوار ڪرائي تي مختلف ماڻهن کي ڏنل هيو.
شامَ جو پنجين بجي کان رات جو ٽين وڳي تائين راجا جي هوٽل تي ڊيوٽي هئي. شامَ لڙندي ئي مان راجا کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ڇڏي اڪيلو ئي اڪيلو سمنڊ جو سير ڪرڻ نڪري ويس. صاف شفاف سمنڊ، اُن جو خوبصورت ڪنارو، خوبصورت چهرا، شامَ جا لڙندڙ پاڇا، مان اٽڪل ٻَه ڪلاڪ سمنڊ جو نظارو ڪري واپس هوٽل تي هليو آيس. مان هوائي ۾ جتي جتي به ويس مون کي هتان جي اصل مقامي ماڻهن جا مهانڊا سنڌي ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ نظر آيا. مون جڏهن اها ڳالهه راجا سان شيئر ڪئي ته هُن ٻُڌايو ته هتان جي اصل باشندن جا نه صرف منهن مهانڊا بلڪه انهن جا ڪَمَ ۽ ڪرتوت به اسان اڪثر سنڌين جهڙا آهن. منهنجي پڇڻ تي هُن ٻُڌايو ته هتان جا اصل هوائي، ڪم ڪوس، حد در جي جا هڏ حرام، موالي آهن کين پنهنجي اسٽيٽ ڇڏي ڪنهن ٻئي اسٽيٽ ۾ وڃي روزگار حاصل ڪرڻ کان به ٻَرو چڙهيو وڃي. مون راجا کان پڇيو ته ڪٿي ائين ته ناهي ته اِهي اصل ۾ سِنڌُ جا ئي هجن جيڪي بحري سفر ڪري هتي هِن ٻيٽ ۾ پهتا هُجن. راجا چيو ته ممڪن اهي ائين هجي. سندن ٻولي به سنڌيءَ سان ميل کائيندڙ هئي. جيئن ”مهربانيءَ“ کي ”مهالو“ چئي رهيا هئا. راجا جي چوڻ مطابق ”هوائي“ جي اصل باشندن پنهنجي ڪاهليءَ سبب هِنَ ٻيٽ کي ترقي نه وٺرائي، خوبصورت نه بنايو، نتيجي ۾ آمريڪا ان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ پوءِ آمريڪين اچي هتي پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ ائين هتان جا اصل باشنده هِتي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ”هوائي“ جا اصل باشنده، آمريڪين توڙي ٻين ڌارين آبادڪارن کان شديد نفرت ڪندا اهن. منهنجي اڳيان پنهنجي سنڌ جي صورتحال تري آئي جتي پڻ ڌارين جي آباد ڪاري نه محسوس ٿيندڙ طريقي سان هوريان هوريان وڌي رهي آهي.
راجا ٻُڌايو ته هتي ”ڪُونا بگ آئيلينڊ“ ۾ سندس ۽ سندس ڀاءُ ”علي“ کان سواءِ ڪوئي به پاڪستاني ڪونه ٿو رهي. هِتي اڪثر جاپاني به گهمڻ ڦرڻ ايندا آهن. جاپانين کي وري هوٽل ۾ ٽپ ڏيڻ جي عادت ناهي جنهن ڪري هتان جا ويٽر کين پنهنجي ٻوليءَ ۾ گاريون ڏيندا آهن. مون کي ياد آيو ته منهنجي جاپان جي سفر دوران مون به جاپان ۾ اِها ڳالهه نوٽ ڪئي هئي ته ويٽر کي ٽپ ڏيڻ جو رواج نه هو بلڪه ”ٽپ“ ڏيڻ ويٽر جي بي عزتيءَ ۾ شمار ڪيو پئي ويو. راجا ٻُڌايو ته هن هوٽل ۾ ويٽر هفتي جا پنج ڏينهن ڪم ڪندا آهن ۽ ٻَه ڏينهن آرام ڪندا آهن. انهن پنجن ڏينهن ۾ وري هُو روزانو پنج ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن. کين هِڪَ ڪلاڪ جو معاوضو ست ڊالر ملندو آهي، جڏهن ته روزانو هڪ سو کان ٻه سو ڊالر ٽپ به ڪمائي وٺندا آهن. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ويٽرن جي ڊيوٽيءَ جو هفتيوار شيڊيول ٺهندو آهي جنهن ۾ محنتي ويٽرن کي پنج ئي ڏينهن ڊيوٽي ملندي آهي ۽ ڪم چورن کي گهٽ ڏينهن، جڏهن ته گراهڪن يا انتظاميه سان بدتميزي ڪرڻ تي ويٽرن کي هميشه لاءِ فارغ به ڪيو ويندو آهي. اهڙي ئي هڪ ويٽريس ”اتينا“ کي راجا جي ڀاءُ ان وقت نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن راجا مون سان گڏ لاس اينجلس ۾هُيو ۽ پوءِ اها ويٽرس روزانو هڪ بينر کڻي اچي هوٽل جي سامهون احتجاج ڪندي هُئي. اتفاق سان اها ويٽرس، هوٽل مالڪ جي بنگلي جي سنگل ڪمرن مان هڪ ۾ رهندڙ به هُئي.
راجا ٻُڌايو ته ”ڪُونا“ ۾ ڪوئي به نائيٽ ڪلب ڪونهي ها باقي ”پب“ ۽ ”بار“ موجود آهن. انهيءَ ڳالهه تي مون کي حيرت زده ڏسي هُن چيو ته هتي جيڪو به گهمڻ ڦرڻ ايندو آ اُهو جوڙيءَ ۾ ئي ايندو آ. ان ڪري ڪنهن ڪلب جي ضرورت محسوس ڪونه ٿئي. اڪثر جوڙا ”پب“ ۽ ”بار“ ۾ ملاقاتون ڪندي نظر ايندا آهن . راجا جي ڪم ۽ مون ساڻ سندس ڪچهريءَ وقت جو احساس ئي ٿيڻ نه ڏنو خبر پئي ته رات جا ٽي ٿي رهيا آهن. سو راجا پنهنجي ڪَم کي سميٽيو ۽ اسان گڏجي پنهنجي گهر هليا آياسي ننڊ جي هڪ نئين سفر ڏانهن روانو ٿيڻ لاءِ.
نئين ڏينهن تي جنهن وقت اسان کي جاڳ ٿي ان وقت صبح جا ڏهه ٿي رهيا هئا. اَڄُ راجا کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ٽي ڪلاڪ اڳ ۾ پهچڻو هيو. ڇاڪاڻ ته اڄ سندس ريسٽورينٽ تي رش جو ڏهاڙو هيو. پوڻين ٻي بجي ڌاران، اسان ٻئي تيار ٿي نڪتاسي. ٻاهر نڪرڻ سان سامهون ئي شفاف سمنڊ ۾ هڪ ٻيو بحري جهاز بيٺل نظر آيو. جهاز تي نهار وجهندا اسان ريسٽورينٽ پهچي وياسي. ريسٽورينٽ جي ٻاهران وسيع پارڪنگ ايريا ۾ بيٺل وڻن جي ڇانگ جو ڪم جاري هُيو. راجا ٻُڌايو ته هي هتان جو ٻيلي کاتي جو عملو آهي. هتي پنهنجي مرضيءَ سان وڻ پوکڻ ۽ انهن کي ڪٽڻ تي پابندي آهي. ادارو پاڻ ئي پنهنجي پلاننگ سان وڻ پوکيندو آهي ۽ ضرورت آهر انهن جي ڇانگ ۽ ڪٽائي ڪندو آهي. مون کي پنهنجو شهر ياد اچي ويو جتي آبپاشي کاتي جي ملي ڀڳت سان واهن جي ٻنهي ڪنارن سان بيٺل ٽالهين جا وَڻ چوري ڪاٽيا ويندا آهن. ڪاٺ جا واپاري قيمتي وڻ ائين رشوت عيوض ڪاٽي نه صرف چوريءَ جا مرتڪب ٿيندا آهن پَر انهن ڪاٺ چورن ۽ عملي جي بي ايمانيءَ سبب ماحول تي به خراب اثر پوندا آهن. اهوئي حال اسان وٽ ٻيلي کاتي وارن جو به آهي جيڪي نه صرف وڻن جي ڪٽائي بلڪه ناياب جانورن ۽ پکين جي نسل ڪشيءَ ۾ به ڀاڳي ڀائيوار هوندا آهن. مون کي مير صوبدار سعيد ياد اچي ويو جنهن جي هڪ مزاحيه غزل جو شعر آهي ته:
لِڪَ ڇُپ ۾ مون کي داروغا وڍرائن،
مان ميرواهه تي بيٺل ڪا ٽاري ته ناهيان.
ڪو زمانو هوندو هو جو خيرپور ۾ ڀرڳڙي ريگيوليٽر کان يونيورسٽيءَ طرف روڊ جي ٻنهي طرفن کان سرنگهه وانگر گهاٽا سائي دار ٽالهي جا وڻ هوندا هُئا ۽ هاڻ اُهي ڳولهيا ڪونه ٿا لڀن. خيرپور جي وچ مان وهندڙ ميرواهه ڪئنال جي ٻنهي طرفن بيٺل ٽالهين جو ذڪر ته ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پنهنجي شعرن ۾ به ڪيو آهي. بهرحال مون ڏٺو ته ريسٽورينٽ جي ٻاهران اداري جون جديد اوزارن سان ليس گاڏيون وڻن جي ڇانگ ۾ مصروف هيون. گاڏين ۾ ئي فٽ ٿيل اوچين ڏاڪڻين ذريعي اهو ڪم آسانيءَ سان ٿي رهيو هو. جڏهن ته ڪٽيل ڏار هڪ ٻي ٽرڪ نُما گاڏيءَ گڏ پئي ويا. مان جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته هڪ ويٽرس ناز ۽ انداز سان لُڏندي لمندي آئي ۽ اچي مون کان پڇيائين ته ڇا کائيندين؟ مون کيس فرينچ فرائيز ۽ ڪولڊ ڊرنڪ آڻڻ لاءِ چيو. راجا ٻُڌايو ته “Denny’s” ۾ هر پنجن سالن کان پوءِ فرنيچر ۽ ٻيو اندروني ڊيڪوريشن جو سامان تبديل ٿيندو آهي ۽ اهو “Denny’s” فرينچائيز حاصل ڪندڙ ڪمپنيءَ سان معاهدو ٿيل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي پنجن سالن کان اڳ اِهو سامان تبديل ڪرڻ چاهي ته ڪمپنيءَ کي انهيءَ تي ڪوئي به اعتراض ناهي هوندو باقي پنجن سالن کان پوءِ کين هر صورت ۾ تبديل ڪرڻو هوندوآهي، اڄ مون ريسٽورينٽ ۾ تفصيل سان معائنو ڪيو. کاڌي پيتي جي سامان کي گڏ ڪرڻ لاءِ هتي ٽي مختلف حصا هئا جن ۾ ڊراءِ اسٽوريج، واڪ ان ڪولر ۽ فريزر شامل هُئا هوٽل ۾ استعمال ٿيندڙ اسي سيڪڙو کاڌي پيتي جون شيون ٻاهران مختلف ڪمپنين کان پيڪنگ جي صورت ۾ پئي آيون. جن کي پوءِ ضرورت جي مطابق رَڌو، پچايو، اُٻاريو يا تريو پئي ويو. اهڙين پيڪنگس ۾ ساين ڀاڄين کان وٺي گوشت ۽ مڇي تائين جهڙيون شيون شامل هُيون. مئنيجر وٽ موجود ڪمپيوٽر ۾ هوٽل ۾ استعمال ٿيندڙ هر ننڍي وڏي شيءِ جي لسٽ موجود هُئي. مئنيجر جو اِهو به ڪم هُيو ته هُر هر هفتي انهيءَ لسٽ کي ڏِسي، وڌيڪ گهربل شين ۽ انهن جي مقدارکي لسٽ ۾ چاڙهي ۽ پوءِ اتان ئي ضرورت وارين شين جي لسٽ متعلقه ڪمپنين ڏانهن اي ميل ڪري ڇڏي. ڪمپنيءَ وارا پاڻ اُهو ميل آرڊر وصول ڪري گهربل شيون پهچائي پئي ويا. هر هفتي پهچندڙ کاڌي پيتي جي انهيءَ سامان مان خشڪ شين کي ”ڊراءِ اسٽوريج“ ۾ رکيو پئي وَيو جڏهن ته باقي شين کي واڪ ان ڪولر ۾ رکيو پئي ويو جتان پوءِ سمورو هفتو هوريان هوريان روزاني ضرورت آهر شين کي ڪڍي فريزر ۾ رکيو پئي ويو جتان وري ڪڍي پچائي گرهاڪن کي پيش ڪيو پئي ويو. ڪونا ۾ مڇيءَ کي ”ماهي ماهي“ سڏيوپئي ويو. پاڻ وٽ وري مهاڻن کي ”ماهي گير“ سڏيو ويندو آهي. ”ماهي“ جيڪو فارسيءَ جو لفظ آهي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ”مڇي“. منهنجو اهو خيال وڌيڪ پختو ٿي ويو ته هِتان جي باشندن جون جڙون ضرور سنڌ يا ڏکڻ ايشيا ۾ هونديون. وڌيڪ ڪو محقق انهيءَ حوالي سان تحقيق ڪري سگهي ٿو.
راجا ٻُڌايو ته سندس ريسٽورينٽ ۾ ويٽر ايڏو ڪمائن ٿا جو دل چوي ٿي ته ويٽر ٿي وڃجي. هتي ڪم ڪندڙ ڪورين هوسٽ ڪالهه فون ڪري راجا کي ٻُڌايو ته هوءَ ڊيوٽيءَ تي نه ٿي اچي سگهي ۽ بعد ۾ هن وري فون ڪري هيءَ نوڪري ئي ڇڏڻ جو ٻُڌايو. هُن ٻُڌايو ته سندس ماءُ لاس ويگاس وئي آهي ۽ هاڻ هوءَ هتي پنهنجي ماءُ جو جنرل اسٽور هلائيندي. راجا انهيءَ ڪورين هوسٽ تي ساڍا ڇهه سو ڊالر سيڙايا هئا، انهيءَ آسري تي ته ساڻس دوستي رکندي پر سندس اِهو سرمايو کُوههَ جي تري ۾ وڃي پيو. مون ڏٺو ته ريسٽورينٽ ۾ ڪم ڪندي ڪوئي به شخص ڪنهن قسم جي شرمندگي محسوس نه پئي ڪئي. ايتري تائين جو ويٽر به پنهنجين شاندار گاڏين ۾ اچي رهيا هئا. اِهي سوٽيڊ بوٽيد ويٽر ڪپڙا تبديل ڪري ريسٽورينٽ جو يونيفارم پائي، ڊيوٽي ڪري وري ڪپڙا بدلائي پنهنجين گاڏين ۾ ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“ ٿي پئي ويا. هتي ڪم ڪندڙ هڪ خوبصورت ويٽرس جو نالو ”ايشلي“ هُيو سندس بواءِ فرينڊ جيڪو ٿورڙو منڊڪائي هلندڙ هو اهو وري هتي ئي ڊش واشنگ ۽ ٽيبلون صاف ڪرڻ جو ڪم ڪندو هُيو. ايشلي اڪثر مون کي ڪائونٽر وٽ مُرڪندي نظر ايندي هئي ۽ جڏهن ڪم جو دٻاءُ وڌي ويندو هيو ته هوءَ پنهنجي بواءِ فرينڊ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي وٺندي هئي. رات جو ٻي بجي کان پوءِ ريسٽورينٽ ۾ رش جهڪي ٿي ويندي هئي. راجا ٻُڌايو ته هتي ”ڪونا“ ۾ پپيتو ۽ پائن ايپل جام ٿئي ٿو. راجا اهو به ٻُڌايو ته پاڻ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ”ويلڪينوز“ هلنداسي جتي وچ سمنڊ ۾ ٻرندڙ جبل لاوو اوڳاڇي رهيا آهن. روزانو ڪيترائي سياح هيليڪاپٽرس ۽ جهازن وسيلي اهو منظر ڏسڻ لاءِ ويندا آهن. هيليڪاپٽر جو ڪرائو في ماڻهو ڪونا کان 366 ڊالر ۽ هيلو کان 185 ڊالر هيو جيڪو ڪونا کان 250 ميل پري ۽ آتش فشان جبلن جي ويجهو هُيو. سياح جبل ڏانهن وڃڻ کان اڳ اتان معلومات وٺندا اهن ۽ جنهن ڏينهن اِها سُڌ پوندي آهي ته اَڄُ لاوو نڪري رهيو آهي ته سياحن جا ڪٽڪ اچي ڪڙڪندا آهن.
اَڄُ شامَ جو “Denny’s” ۾ رش تمام گهڻي وڌي وئي ايتري تائين جو راجا کي ويٽر ۽ سندس ڀاءُ کي بورچيءَ جو ڪم ڪرڻو پئجي ويو. مان حيران ٿي ويس ته هوٽل جو جنرل مئنيجر بورچي ۽ مئنيجر ويٽر جو ڪم ڪري رهيا آهن. پَر هتي ته اهڙي قسم جو ڪوئي ڪامپليڪس هُيوئي ڪونه. اصل ۾ هر اڱاري جي شامَ جو چئين بجي کان رات جو ڏهين بجي تائين هن ريسٽورينٽ ۾ گراهڪن سان گڏ ايندڙ ٻارڙن جو کاڌو پيتو مفت هيو. اَڄُ جيئن ته اڱارو هُيو ان ڪري هر فئمليءَ سان ٻارڙا گڏ هيا جنهن سبب ئي رش هيڪاندي وڌي وئي هئي. راجا کي پنهنجي ڪم ۾ گهڻو مصروف ڏسي مان رات جو اٺين بجي واڪ ڪندو گهر موٽي آيس، گهر ريسٽورينٽ کان تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هيو. دير سان رات جي ٽين بجي راجا به موٽي آيو. آمريڪا ۾ رات جو نائين کان پوءِ اڪثر فون تي انڪمنگ ڪال فري هوندي آهي ۽ مون ان وقت پنهنجي گهر وارن ۽ دوستن کي ”مس ڪالون“ ڏئي، ساڻن ڪچهري ڪئي ۽ کين سفر جا احوال ڏنا ۽ پوءِ مان آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پيس.
ٻئي ڏينهن صبح جو ننڊ مان اُٿي اسان ٻنهي چانهه ۽ بسڪيٽن سان ناشتو ڪيو. ٻاهر گهٽيءَ ۾هڪ گاڏي آئي جنهن کي هڪ عورت هلائي رهي هئي اها پوسـٽ آفيس جي گاڏي هُئي. عورت گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي دريءَ مان ئي گهرن جي ٻاهران پوسٽ جي دٻن ۾ اُتان جي ٽپال وجهي رهي هئي۽ ائين کيس ڪائي دير ئي نه پئي لڳي. اڄ منجهند جو ٻي بجي اسان ريسٽورينٽ پهچي وياسي. سمورو ريسٽورينٽ خالي خالي نظر اچي رهيو هو صرف هڪ ٽيبل تي هڪ ماڻهو ويٺل هُيو. راجا ٻُڌايو ته مڇي مارڻ هتان جي ماڻهن جو شوق رهيو آهي چڱا ڀلا ماڻهو شوقيه مڇي ماري انهن جا پيڪٽ ٺاهي في پيڪٽ ويهه ڊالر ۾ وڪڻندا آهن. اوهان کي خبر هوندي ته پاڪستان جا ماڻهو آمريڪا جي ويزا حاصل ڪرڻ ۽ اتي وڃي پئسا ڪمائڻ لاءِ آتا هوندا آهن ۽ حيلا بهانا هلائيندا پر هتي مون کي ”هوائي“ جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه نظر نه آئي ته آمريڪا ۾ رهندي ئي مختلف شهرن ۽ اسٽيٽس ۾ وڃي پئسو ڪمائين.
مون ڏٺو ته “Denny’s” جي ڪائونٽر تي هڪ شيشي جي برني رکيل هئي جنهن ۾ ايندر ويندڙ پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ وجهي رهيا هئا. راجا ٻُڌايو ته هر هفتي انهن ڪارڊن جي قرعه اندازي ٿيندي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي ڪُڻي ذريعي مفت ۾ ڊنر ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي. مون راجا کي مذاق ۾ چيو ته مان پنهنجو ڪارڊ انهيءَ برنيءَ ۾ وجهان؟ جنهن تي راجا کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين ته تون اڳي ئي هوٽل ۾ مفت ۾ کائي پي رهيوآهين، توکي ڪارڊ وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
اڄ شامَ جو مان ۽ راجا گڏجي ايئرپورٽ وياسي جتي راجا کي ٻئي ٻيٽ کان ايندڙ ”هئنڊي مئن“ کي کڻڻو هيو. راجا ٻُڌايو ته ”هئنڊي مئن“ هٿ جو ڪم ڪندڙ کي چيو ويندو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ڊکڻ به هوندو آهي ته اليڪٽريشن به، پلمبر به هوندو آهي ته پينٽر به ۽ هي جيڪو ”هئنڊي مئن“ اچي رهيو هو ان جو نالو هيو ”چارلس“ جيڪو “Denny’s” جي ٽِن ريسٽورينٽن جو آفيشل”هئنڊي مين“ هُيو ۽ وقت به وقت ٽنهي ريسٽورينٽن ڏانهن سنهي ٿُلهي مرمت جي ڪم لاءِ ويندو رهندو هُيو. راجا اِهو به ٻُڌايو ته ”چارلس“ سندس ڀاءُ ”علي“ جو آخري سهرو به ٿئي. عليءَ جي جنهن زال کان تازو عليحدگي ٿي هئي اُها ”چارلس“ جي ڌيءُ هُئي ۽ عجيب ڳالهه ته انهيءَ عليحدگي جا چارلس ۽ عليءَ جي تعلقات تي ڪي به اثر نه پيا هئا. سندن تعلقات معمول مطابق هلي رهيا هُئا. اصل ۾ علي هڪ جذباتي نوجوان هُيو ۽ ”جهان ڀي گئي داستان ڇوڙ آئي“ سندس مزاج جو حصو هُيو. اهو ئي سبب آهي جو هُن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪيون ۽ انهن زالن کان عليحدگي اختيار ڪئي. ايئرپورٽ تي مون کي ڪيترائي ننڍا ننڍا جهاز نظر آيا. جيڪي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين اڏامون ڪندا هُئا. ايئرپورٽ کان واپسيءَ تي مون کي ”ڪونا“ جي اڪثر زمين خالي نظر آئي. چارلس کي گهر ڇڏي اسان ريسٽورينٽ موٽي آياسي. چارلس انهن پنجن سنگل ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ رهندو هيو اڄ وري ريسٽورينٽ ۾ جهونڙن جو خاص ڏهاڙو هيو. اڄوڪي ڏينهن تي بزرگن کي ويهه سيڪڙو رعايت ڏني پئي وئي ۽ ماڻهو اڄوڪي ڏينهن جو فائدو وٺندي پنهنجي
بزرگن کي تفريح ۽ کاڌي پيتي لاءِ هتي وٺي پئي آيا. اڄ راجا
مونکي هڪ فلپائيني عورت سان متعارف ڪرايو سندس نالو
“Epifania Sadumiano” هُيو. ٻاونجاهه سالن جي هن پروقار خاتون سان راجا منهنجو تعارف هڪ دوست ۽ ليکڪ جي حيثيت سان ڪرايو. هوءَ پنجونجاهه سالن کان مٿي عمر جي نه هئي پر راجا کيس دوستيءَ سبب اڄوڪي ڏينهن تي ويهه سيڪڙو رعايت ڏيندو هو. اصل ۾ اها عورت راجا تي عاشق هوندي هُئي پر راجا وري کائنس لهرائيندو هيو. مون ساڻس ڪچهري ڪئي. وقت آهستگيءَ سان کسڪي رهيو هو، وقت جيڪو هتي پاڪستان کان پندرنهن ڪلاڪ پوئتي هُيو جڏهن ته شڪاگو ۽ هوائي جي وقت ۾ پڻ چئن ڪلاڪن جو فرق هُيو. هِتان کان شڪاگو تائين ڏهن ڪلاڪن جو هوائي سفر هُيو۔ رات جو جهونن جو ميوزيڪل گروپ به اچي ويو. ساڻن خوب ڪچهري ٿي، کانئن مختلف گيت ٻُڌاسي ۽ مون پنهنجي موبائيل فون وسيلي انهن گيتن کي رڪارڊ به ڪيو. سندن گٽارن جي گونجار ماحول کي دلچسپ بڻائي ڇڏيو. رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو ۽ مون کي ننڊ اچي رهي هُئي. مون ميوزيڪل گروپ جي هڪ جهونيءَ کي گهر ڇڏي اچڻ لاءِ چيو جنهن کي هن خوشيءَ سان قبوليو ۽ مون کي گهر ڊراپ ڪري آئي گهر جي ٻاهران پهچندي ئي مونکي هڪ ڪُتي اچي ورايو. ڪتي جي ڊُڪائڻ تي مان پَري فٽ پاٿ تي چُپ ڪري وڃي ويهي رهيس. مان ڪُتي جي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس ۽ ڪتو وري منهنجي اچڻ جو، نيٺ ويهن منٽن کان پوءِ ڪُتو پاڻ ئي پوئتي هليو ويو. مان چپ چاپ تالو کولي گهر ۾ سمهي پيس. رات دير سان راجا آيو ته مون ساڻس ڪُتي جي ڪارگذاريءَ جو ذڪر ڪيو. راجا چيو ته اِهو ڪُتو سندس پاڙيسرياڻي ستر سالن جي عورت ”اينجليءَ“ جو آهي جيڪو چَڪُ ناهي پائيندو. بهرحال مان ته پنهنجي حساب سان ڏاڍو پريشان ضرور ٿيس. راجا سان مختصر ڪچهري ٿي ۽ ان کان پوءِ اسان ٻئي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسي.
مان صبح جو ڏهين بجي ننڊ مان اُٿي، چانهه جو ڪوپ ٺاهي، گهر جي ٻاهران ڪُرسي رکي ويهي رهيس راجا اڃان تائين آرامي هُيو. اوچتو منهنجي نظر سامهون پئي مون ڏٺو ته راجا جي پاڙيسرياڻي ۽ ڪرائيدار ستر ساله اينجلي پنهنجي ڪُتي سميت اچي رهي هئي. هو اهو ساڳيو ئي ڪتو هو جنهن رات مون کي پريشان ڪيو هو. اينجلي جيئن ئي ويجهو آئي مون کيس کيڪاري راتوڪي ڪهاڻي ٻُڌائي. اينجلي پنهنجي ڪُتي تي ڪاوڙجي پئي ۽ چيائينس ته مهمان کان معافي وَٺُ. ڪُتو منهنجي پيرن ۾ ڪري پيو وري کيس چيائين ته مهمان سان دوستي ڪر. ڪُتي مون ڏانهن پنهنجو اڳيو پير هينڊ شئڪ ڪرڻ لاءِ وڌايو، مون ساڻس هٿ ملايو. اينجلي جي مک تي مرڪ ڇانئجي وئي، هوءَ ٿوري دير مون سان بيٺي رهي ۽ پوءِ هلي وئي. اينجليءَ جا ”ڪونا“ ۾ پنهنجا ٻَه وڏا گهر آهن پَر اُهي ٻئي ڪرائي تي ڏئي پاڻ راجا جي هوٽل مالڪ جي گهر جي سنگل ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ ڪرائي تي رهي رهي هُئي ۽ جڏهن ته ٻنهي گهرن جي ڪرائي مان سندس زندگيءَ جا ٻيا خرچ پُورا پياٿيندا هُئا.
راجا جي گهر واري عمارت جي ڀرسان ئي خالي پيل پلاٽ تي هڪ جهوپڙي نما عارضي گهر ٺهيل هو. جنهن ۾ هڪ اٺاويهه ساله ڇوڪري پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ رهي رهي هُئي. ٿوري دير ۾ راجا به ننڊ مان اُٿي آيو ۽ اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. راجا ٻُڌايو ته انهيءَ ڇوڪريءَ جو نالو ”لورين“ آهي پر هُو کيس ”لوري“ سڏيندو آهي. راجا ٻُڌايو ته اِها ڇوڪري اڪثر هتي رهندڙ ڇڙن ڇانڊن کي ”ڏکئي وقت“ ۾ ڪم ايندي رهندي آهي ۽ هُو به وقت به وقت، اڙيءَ اوڌيءَ ۾ کيس ڏهه، پندرنهن ڊالرن جي مدد ڏيندا رهندا آهن. راجا ٻُڌايو ته لوريءَ کي سندس جهوپڙي نما گهر ۾ باٿ روم جي سهولت ڪونه آهي جنهن ڪري هُو ۽ سندس بواءِ فرينڊ لڪي ڇُپي اسان واري عمارت جي سنگل ڪمرن سان لاڳاپيل باٿ روم استعمال ڪري وٺندا آهن. جنهن تي وري انهن ڪمرن ۾ رهندڙن اعتراض واريو ۽ لوريءَ جي پاسي کان کُليل پلاٽ وٽ ڄاريءَ مان ٺهيل بائونڊري هڻائي ڇڏيائون. راجا ٻُڌايو ته هن لوريءَ کي چئي ڇڏيو آهي ته کيس جڏهن به شاور وٺڻو هجي ته هُوءَ سندس گهر ۾ اچي شاور ڪري وڃي ۽ ائين هاڻي ويچاري لوري ڄاري لڳڻ سبب هڪ ڊگهو وڪڙ ڪري پوءِ اچي راجا جي گهر ۾ پنهنجو ڪم ڪار ڪري ويندي آهي. راجا ٻُڌايو ته لوري، ٽهڪندي ۽ ٽپ ڏيندي ايندي آهي ان ڪري هو کيس ”جنگل ڪوئين“ ۽ ”هرڻي“ سڏيندو آهي. هينئر به راجا ٻُڌايو ته لوريءَ فون ڪيو آهي ته هوءَ ٿوري دير ۾ وهنجڻ لاءِ اچي رهي آهي. پَر جيئن ته راجا کي ڪنهن ضروري ڪم سان وڃڻو هو اُن ڪري چيائين ته مان وڃان ٿو، لوري اچي ته اُن کي وهنجڻ ڏجانءِ ۽ ساڻس ڪچهري به ڪجانءِ. راجا گاڏي ڪڍي هليو ويو ۽ ٿوري ئي دير ۾ لوريءَ اچي ڪڙڪو ڪيو. مختصر لباس، گلابي رنگ، سنهري وارن ۽ ڀريل بدن واري لوري واقعي به ”هرڻي“ لڳي رهي هئي. هُڻ اچڻ سان پڇيو ته عبدل (راجا) ڪٿي آهي؟ مون کيس ٻُڌايو ته هو ڪم سانگي ويل آهي تون ڀلي پنهنجو ڪم ڪار ڪري وٺ.
لوري ڏاڍي زنده دل ڇوڪري هُئي ساڻس گذاريل انهيءَ مختصر وقت ۾ ڏاڍو مزو آيو مون پنهنجي موبائيل فون ذريعي سندس وڊيو ڪلپس ورتا ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر ڏانهن هلي وئي.
ڪجهه ئي دير کان پوءِ راجا به اچي وَيو ۽ مون کان لوريءَ جا حال احوال پڇڻ لڳو. ٿوري وقت کان پوءِ اسان ٻئي تيار ٿي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسون.