ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

هڪ اهم ڪتاب

هن اربن، کربن جي آبادي واري دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهو هوندا جن وڏا ڪارناما سر انجام ڏنا هجن پوءِ اهي سائنس جي شعبي سان ڳنڍيل هجن. فلسفي جا مسئلا هجن. معاشيات يا ادب جي شعبي سان سلهاڙيل هجن. اڄ کان اٽڪل ساڍا چار، پنج صديون اڳ انگلستان ۾ هڪ شاعر، اداڪار ۽ ڊراما نويس پيدا ٿيو، جنهن جو ڪم شاعري ۽ ڊراما لکڻ هو ۽ اهو شاعر ۽ ڊراما نويس وليم شيڪسپيئر هو. اها صدي شيڪسپيئر جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جنهن صديءَ ۾ هو پيدا ٿيو هو.
وليم شيڪسپيئر 26 اپريل 1564ع تي پيدا ٿيو. هن کي نه رڳو انگلستان پر پوري دنيا ۾ وڏي شاعر ۽ ڊراما رائيٽر طور تسليم ڪيو ويو آهي. اٺٽيهه ننڍا، وڏا ڊراما لکيائين. سانيٽ ۽ وڏا بيانيه نظمن کان سواءِ اداڪاري به ڪئي. هن ارڙهن سالن جي ننڍي عمر ۾ عيني هيٿوي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي ٽي ٻارَ ٿيا. وڏي ڌيءُ سزينا ۽ ٻه جاڙا ٻارَ هڪ پُٽ هيمنيٽ ۽ هڪ ڌيءُ جدٿ هئي.
وليم شيڪسپيئر پنهنجا شروعاتي ڊراما تاريخ ۽ مزاحيه موضوعن تي لکيا ۽ پوءِ آخر ۾ هن خاص ڪري خوفناڪ واقعن ۽ غم ناڪ واقعن تي ڊراما لکيا، جنهن ۾ هيملٽ، اوٿيلو، ڪنگ ليئر ۽ ميڪبيٿ اهم آهن. شيڪسپيئر جنهن دور ۾ پيدا ٿيو هو، اهو دور انگريزي ادب جو سونهري دور به سڏجي. شيڪسپيئر تي نئين سجاڳي واري دور جو اثر تمام گهڻو رهيو، اهو اثر اسان سندس لکڻين ۾ آساني سان ڏسي سگهون ٿا.
وليم شيڪسپيئر؛ جا ڊراما ته سڀ جا سڀ دنيا ۽ انگريزي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا، پر هن جي جڳ مشهور ڊرامن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور ۽ اهم ڊرامو هيملٽ آهي. هيملٽ؛ انگريزي ادب ۾ تمام اهم حيثيت رکي ٿو ۽ ادب ۾ سر فهرست آهي. هو هڪ تمام وڏو ڏاهو هو. اها سندس خوبي آهي جو، پراڻي ڪهاڻي ايمنيٽ کي وڌائي، هڪ نئين ۽ جديد انداز ۾ لکيو، جيڪا ڪهاڻي ادب جي دنيا ۾ شاندار ۽ جاندار آهي، جنهن کي هيملٽ سڏيون ٿا.
هيملٽ؛ ڊرامو ڊينمارڪ جي شهزادي جي ڪهاڻي آهي. هيملٽ (مرڪزي ڪردار) ڊينمارڪ جي بادشاهه ڪيلاڊيس جو ڀائٽو ۽ بادشاهه ڪلاڊيس جي زال ۽ راڻي گرٽريوڊ جو پُٽ هو. جيڪو ولايت ۾ پڙهندو هو ۽ پيءُ جي موت جي خبر ٻڌندي ئي ديس اچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي پيءُ جي موت جا سبب معلوم ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. هيملٽ؛ کي شڪ ٿي پوندو آهي ته سندس پيءُ کي ڪنهن ماريو آهي، پوءِ پيءُ جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ آتو هوندو آهي. هيملٽ؛ ڊرامو نهايت ئي اهم ۽ ڪارائتو آهي ۽ هن ڊرامي ۾ سڀ جا سڀ ڪردارَ نهايت ئي اهم آهن.
هيملٽ؛ ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو پيءُ سان پيار نهايت ئي اوچي پدَ جو ڏيکاريو ويو آهي ۽ هيملٽ؛ جو امڙ سان پيار ۽ ماءُ جي مڙس سان بي وفائي به اهم موضوع آهن. هن ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو اوفيليا سان پيار ۽ هريشيو سان دوستي به هڪ اهم پاسو آهي. ڊرامي ۾ هيملٽ؛ جو مرڪزي ڪردار زندگي ۽ ڪائنات جي اهم ۽ گهرائي سان بحث ڪندي نظر اچي ٿو.
هيملٽ؛ ڊرامي جون ڪجهه اهم ۽ خاص سٽون هيءُ آهن (ٽوبي آر ناٽ ٽوبي) مطلب جيئجي يا نه جيئجي. هي مڪالمو هن سڄي ڊرامي جو رُوح آهي ۽ هن مڪالمي ۾ هيملٽ؛ خودڪلامي ڪندي نظر اچي ٿو. جنهن ۾ هو پاڻ سان درپيش مسئلن کان تنگ ٿي سوچي ٿو ته، “ڇا هاڻي زندگي کي هلڻ ڏجي يا اهڙي عذاب واري زندگي جو انت آڻجي.” جيتوڻيڪ هي مڪالمو اڄ کان پنج صديون اڳ لکيو ويو هو، پر پوءِ به هي اڄ جي دور سان ڪيڏو نه ٺهڪي اچي ٿو ۽ هن دور ۾ انسان ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو.
هن ڊرامي ۾ هر هڪ ڪردار الڳ الڳ ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هيملٽ؛ جو مرڪزي ڪردار ڏاڍو اهم ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هيملٽ؛ جو ڪردار هڪ بهادر ۽ صبر وارو نظر اچي ٿو. هيملٽ؛ جو ڪردار فلسفاڻو ۽ شاعراڻو جهڙوڪ آهي. هيملٽ؛ جي بهادري ۽ حساسيت ان مان نظر اچي ٿي جڏهن هو پولونيس کي قتل ڪري ٿو. اوفيليا جي تدفين وقت جذباتي ٿي وڃي ٿو. هڪ جهاز کان ٻي جهاز ۾ ٽپو ڏئي ٿو ۽ تلوار بازي ڪرڻ وقت بهادري ڏيکارڻ. اهي ڊرامي جا حصا هيملٽ؛ جي بهادري ۽ حساسيت کي ظاهر ڪن ٿا. فقط هڪ ئي صدمو هن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهو صدمو سندس پيءُ جو موت ۽ ماءُ جي بي وفائي آهي.
هيملٽ؛ جو ترجمو گهڻن ئي ٻولين ۾ ٿيو آهي ۽ اهو ترجمي وارو عمل هيملٽ؛ جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. ان لاءِ مان به هي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هيملٽ؛ کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس اوڍايو آهي. اسان جي سماج ۾ اڻ برابري جي ڪري ماڻهو خودڪشون ڪن ٿا ۽ هي ڊرامو ۽ هيملٽ؛ جو ڪردار اسان کي خودڪشي ڪرڻ نه بلڪه جيئڻ جا نوان گسَ ڏسي ٿو. سنڌي ادب ۾ تمام اهم ۽ موضوعاتي ڊراما لکيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا. شيڪسپيئر! هيملٽ؛ لکيو ته سورهين صدي م هيو، پر اڄ به ايڪوينهين صدي م پڙهڻ سان اسان کي ائين لڳندو ته جهڙوڪ هيملٽ؛ اڄ جو لکيل آهي. اها شيڪسپيئر جي ڪاميابي آهي جو سندس لکڻيون هر دور ۾ زنده ، جاندار ۽ شاندار لڳي رهيون آهن.
آخر ۾ آئون سڀيتا - پبليڪيشن جي دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن هن ترجمي ڪرڻ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي. احمد شاڪر ۽ عبدالنبي چانڊئي جو سهڪار به نٿو وساري سگهجي. سچ ته هيءُ ترجمو مون لاءِ ڏاڍو مشڪل بڻجي وڃي ها، جيڪڏهن ان ۾ منهنجي شريڪِ حيات جو ساٿ نه هجي ها.

وحيد لاشاري - ميهڙ
03003256447