ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر - ٻيو

[b] منظر - ٻيو
(قلعي جو هڪ وڏو ڪمرو)[/b]

(هيملٽ ۽ ٻه ، ٽي اداڪار داخل ٿين ٿا)

هيملٽ: هاڻي مڪالما چوڻ شروع ڪيو. پر مان توهان کي التجا ڪيان ٿو ته جهڙي طرح مان چوان اهڙي طرح چئو. جيڪڏهن توهان انهيءَ طرح ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيندوَ جهڙي طرح ٻين اداڪارن جي عادت هوندي آهي ته پوءِ مان ڪنهن روڄ راڙو ڪرڻ واري شخص کي گهرائيندس جيڪو رڙيون ۽ دانهون ڪري ڳالهائيندو آهي. هٿ کي هيڏانهن هوڏانهن هوا ۾ اڇلائڻ جي به ضرورت نه آحي. بلڪه پيار سان ڪم ڪيو. جيڪڏهن ڪو مڪالمو اوچي آواز ۾ چوڻو آهي ته طوفان کڙو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بلڪه نرميءَ سان گڏ فنڪاري جو اعليٰ نمونو پيش ڪيو. جڏهن ڪوئي اداڪار مٿي تي نقلي وار لڳائي بُري طرح دانهون ۽ رڙيون ڪري مڪالما ادا ڪندو آهي ته اداڪاري جي هي بد شڪلي صورت ڏسي طبيعت گهٻرائڻ لڳندي آهي ۽ تماشائين جي معيار کي ڏسي ڪري طبيعت ۾ اڃان به چِڙ ايندي آهي. تماشائي عام قسم جي لهجي کي پسند ڪندا آهن ۽ اداڪار به پنهنجو پاڻ وڏو سمجهڻ لڳندا آهن ته پوءِ اهڙي شخص کي اگهاڙو ڪري ڪوڙا لڳرائڻ گهرجن.
پهريون اداڪار: حضور جي حڪم جي تعميل ٿيندي.
هيملٽ: پوءِ به منهنجي چوڻ جو هي مطلب ناهي ته ماڻهو پنهنجي چهري جي تاثرات کي به وساري ڇڏين. وقت جي جديد ۽ مُروج مڪالمن جي ادائگي جو پورو پورو خيال رکو ۽ فطري اداڪاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو. اداڪاري غير فطري هجڻ ڊرامي جي لاءِ سڀ کان وڏي ناڪامي آهي. ڊرامو انساني زندگي جو صحيح عڪس هوندو آهي. اداڪاري کي زندگي جو آئينو هجڻ گهرجي ته جيئن ڪو ڪردار ادا ڪيو وڃي اکين سان ايئن نظر اچي جيئن اسان روز مره جي زندگي ۾ ڏسندا آهيون. خوبيون ۽ نفرتون پنهنجي حقيقي صورت ۾ ناظرين جي سامهون اچڻ گهرجن. جيڪڏهن زندگي جا حق شور مچائي هٿرادو طريقي سان پيش ڪيا وڃنن ته اها اداڪاري صرف بي عقل ماڻهو پسند ڪندا پر فن جا صحيح قدردان ان کي قطعي پسند نه ڪندا. هتي اهميت فن کي پرکڻ وارن کي ڏني ويندي آهي. انهن جو فيصلو ئي اهم هوندو آهي. اسٽيج جي سامهون ويٺل بي عقلن کي خوش ٿي ڪري اهڙي اداڪاري جي تعريف ڪندي مون ٻڌو آهي. جڏهن اداڪار بُري طرح رڙيون ڪندي اسٽيج تي ايندا آهن ته ايئن معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ قدرت جي اعليٰ هٿن سان ٺهڻ جي بجاءِ سيکڙاٽ ڪاريگر ٺاهي ڇڏيو آهي. ڪنهن به صورت ۾ هُو انسان نظر نه ٿا اچن.
پهريون اداڪار: منهنجو خيال آهي ته هاڻي اسان پهريان کان ڪافي ترقي ڪري ورتي آهي حضور.
هيملٽ: ها پنهنجو معيار بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. پنهنجن مسخرن کي چئو ته جيترو مقالا نويس لکي ڏنو آهي. ان ۾ پنهنجي طرف کان گهٽائڻ يا وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ڊرامي جي سنجهيده موقعي تي بغير ضرورت جي کلڻ لڳندا آهن. ان لاءِ ته تماشائي به اداڪاري جي تعريف ڪري کلڻ لڳندا. بي وقوفي اداڪاريءَ جو تمام وڏو نقص آهي. اڇا وڃو هاڻي تيار ٿيو.
(اداڪار وڃنن ٿا)
(پولونيس، روزين ۽ گِلڊن اچن ٿا)
هيملٽ: (پولونيس سان) ٻڌايو ڪهڙي خبر آندي اٿوَ. ڇا بادشاهه سلامت ڊرامو ڏسڻ لاءِ اچي رهيو آحي؟
پولونيس: راڻي صاحبه به تشريف فرمان ٿيندي حضور.
هيملٽ: پوءِ اداڪارن کي چئو جلدي تياري ڪن. (پولونيس وڃي ٿو) – (روزين ۽ گِلڊن سان) ڇا توهان ٻئي انهن جي ڪجهه مدد ڪري سگهو ٿا؟ (هيملٽ هوڏانهن ڏسندي) اهو ڪير آهي. هُريشيو تون آهين.
(هُريشيو اندر اچي ٿو)
(روزين ۽ گلڊن وڃن ٿا)
هُريشيو: توهان جي خدمت ۾ حاضر آهيان سرڪار.
هيملٽ: مون سان تمام ملڻ وارن مان تون ئي بلند حوصلو آهين. هُريشيو.
هُريشيو: منهنجا عزيز شهزاده.
هيملٽ: تون هن کي خوشامد نه سمجهه. ڀلا مان هي ڪهري اميد تي ڪري سگهان ٿو. جڏهن ته تو وٽ سواءِ تنهنجي نيڪ خوبين جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. غريب ماڻهو جي خوشامد سان ڪو فائدو ناهي ٿيندو. خوشامد ته صرف رئيسن جو زيور آهي. ان جي ٻوجهه سان انهن جون ئي ڳچون دٻيل رهڻ ڏيو. جنهن کي عهدي جي لالچ آهي ۽ اهي ئي ٻين جي قدمن تي سر جهڪائيندا آهن. مان تنهنجي انسانيت کي سڃاتو آهي ۽ ان لاءِ ئي تنهنجي عزت ڪندو آهيان. تو ۾ مون کي مصيبتن کي للڪارڻ واريون صلاحيتون نظر اينديون آهن. تون زندگي جي لاهن چاڙهين کي صحيح طرح سمجهين ٿو ۽ سُڪون سان زندگي گذاريندو آهين. دنيا ۾ صرف اهي ئي خوش رهندا آهن. جيڪي خوشامدي کي قابو ڪري وٺندا آهن. تقدير کي بدلائڻ وارا هنن کي ڪڏهن به پنهنجي جڳهه تان هلائي به نٿا سگهن. جيڪڏهن توکي پاڻ جهڙو ڪو شخص ملي ته تون ان کي مون ڏانهن وٺي اچجان. مان ان جي به ايتري ئي عزت ڪندس ۽ پوري زندگي ان جي پوڄا ڪندس پر ٻڌو مان موضوع تان هٽي ويس. ڏسو اڄ رات بادشاهه جي سامهون جيڪو ڊرامو کيڏيو ويندو. ان جو هڪ منظر بلڪل مرحوم والد جي قتل جي متعلق هوندو. اسٽيج تي پوري سازش ڊرامي جي صورت ۾ پيش ڪئي ويندي. مان خاص طور تي توکي تاڪيد ٿو ڪيان ته ڊرامو ڏسڻ وقت منهنجي چاچي تي نظر رکجان. جيڪڏهن ڪنهن به مڪالمي ۾ هو بغير ڪنهن گهٻراهٽ جي پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو ته اسان سمجهنداسين ته اهو روح ڪو دوزخ جو شيطان هيو. جيڪو اسان کي دوزخ جي ترغيب ڏيارڻ لاءِ آيو هو. تڏهن مون کي يقين ٿي ويندو ته منهنجو سڄو اندازو گناهه ۽ معصوميت جي پيداوار آهي. ڏس پنهنجون اکيون صحيح طرح ان تي چمائي رکجان ۽ مان خود به ته نظر رکندس. ان کان پوءِ اسان رد عمل جي متعلق پاڻ ۾ تبادله خيال ڪنداسين.
هُريشيو: ڏاڍو سٺو شهزاده. مان حضور سان واعدو ٿو ڪريان ته ٿوري به دير لاءِ مان ان جي چهري تان نگائون نه هٽائيندس. جيڪڏهن ايئن نه ڪري سگهان ته توهان مون تي خيانت جو مقدمو هلائي سگهو ٿا.
هيملٽ: تمام سلطنت جا رُڪن ڊرامو ڏسڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مان ان وقت پاڳل بڻجي ويندس. تون پنهنجي لاءِ اهڙي جڳهه ڳولهه جتان بادشاهه کي صحيح نموني ڏسي سگهين.
(بادشاهه، ڪلاڊيس، راڻي، گِرٽيوڊ، پولونيس، اوفيليا، روزين، گِلڊن ۽ ٻيا اندر اچن ٿا)
بادشاهه: منهنجا عزيز هيملٽ تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟
هيملٽ: ڏاڍو بهتر آهيان. کاڌو کائيندو آهيان. وعدن سان ڀريل هوا پيئندو آهيان. توهان جهرڪين کي هوا پيئاري زندهه نه ٿا رکي سگهو.
بادشاهه: مان هن جواب مان ڪجهه نه سمجهم هيملٽ. هي لفظ منهنجا نه آهن.
هيملٽ: نه - هاڻي هي منهنجا به نه آهين. (پولونيس سان) جناب توهان چوندا هيو ته توهان يونيورسٽي ۾ هڪ دفعو ڊرامو ڪيو هيو؟
پولونيس: ها حضور - ۽ مون کي سڀني بهترين اداڪار تسليم ڪيو هيو.
هيملٽ: توهان ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو هيو؟
پولونيس: مان ‘جُوليس سيزر’ ٿيو هُيس. مون کي پنهنجي عزت تخت تي ‘بُرٽس’ قتل ڪيو هيو.
هيملٽ: اوه! هي ته ان ڏاڍو غلط ڪيو جو هڪ گابي کي عزت تخت تي ماري ڇڏيو. ڇا ڊرامي جي لاءِ سڀ اداڪار تيار آهن.
روزين: جي ها شهزاده! هو توهان جي حڪم جا منتظر آهن.
راڻي: اچ پيارا هيملٽ تون مون سان گڏ ويهه.
هيملٽ: نه محترم والده! هتي ان کان به چمڪدار شيءِ موجود آهي.
(اوفيليا جي ڀرسان ويهندو آهي)
پولونيس: حضور ڇا توهان هيڏانهن ڏسي رهيا آهيو. (ڀر ۾ پولونيس ويٺل آهي.)
اوفيليا: توهان خوش آهيو شهزاده.
هيملٽ: ڪير مان؟
اوفيليا: جي حضور توهان.
هيملٽ: اي خدا! تون ئي مون کي خوش رکي سگهين ٿو. انسان خوش ڪري ڇا ڪندو. ڏسو منهنجي ماءُ ڪيڏي خوش آهي. جڏهن ته منهنجي پيءُ کي مرندي صرف ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن.
اوفيليا: نه جناب - هن واقعي کي چار مهينا ٿي چڪا آهن.
هيملٽ: ايترا ڏينهن؟ نه .... پوءِ ته مان به هي ماتمي لباس لاهي خوبصورت ڪپڙا پائيندس. يا خدا جنهن جي موت کي ٻه مهينا ٿي چڪا آهن اهو وسري ڇو نه ٿو وڃي. اڃان به هڪ اميد آهي ته وڏي ماڻهو جي ياد ان جي موت کانپوءِ ماڻهن جي دل ۾ ڇهه مهينن تائين تازي رهندي آهي پر دوشيزا! تنهنجو قسم مان ان لاءِ گرجا گهر ٺهرائيندس نه ته ماڻهو ان جي موت کي پنهنجي راند جي گهوڙي جي موت وانگر وساري ڇڏيندا. راند جي گهوڙي جي قبر تي نقش اُڪريل هوندا آهن. ‘راند جو گهوڙو وسري چڪو آهي.’
(باجو وڄي ٿو ۽ خاموش ڊرامو شروع ٿي وڃي ٿو)
هڪ بادشاهه ۽ راڻي محبت ڪندي اچن ٿا. هُو هڪ ٻئي جي ڀاڪر ۾ هوندا آهن. راڻي گوڏن منجهه جهڪندي آهي ۽ پنهنجي محبت جو يقين ڏياري ٿي. بادشاهه ان کي مٿي اُٿاري ٿو ۽ ان جي ڪنڌ تي پنهنجو مٿو رکي ڇڏي ٿو. گُلن جي پلنگ جي ڀرسان پاڻ ليٽي پوي ٿو. راڻي ان کي سُتل ڇڏي پاڻ هلي وڃي ٿي. ايتري ۾ هڪ شخص اچي ٿو. بادشاهه جو تاج لاهي ڇڏي ٿو ۽ ان کي چمي ٿو ۽ بادشاهه جي ڪن ۾ زهر وجهي ڀڄي وڃي ٿو. راڻي پوءِ واپس اچي ٿي بادشاهه کي مرده ڏسي روئڻ لڳيندي آهي. زهر ڏيڻ وارو ٻن ٽن ماڻهن کي وٺي اچي ۽ ان سان گڏ روئڻ لڳندو آهي. لاش کڻائي وڃن ٿا. قاتل راڻي کي محبت جو تحفو پيش ڪري ٿو. هوءَ ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي پر آخر ۾ ان جي محبت قبول ڪري وٺي ٿي.
(اسٽيج تي پردو اچي وڃي ٿو)

اوفيليا: ان جو ڇا مطلب آهي حضور.
هيملٽ: ان جو مطلب بدڪاري ۽ ڪميڻو پن آهي.
اوفيليا: ڇا اهو ئي خاموش ڊرامو ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو؟
(پرولوگ داخل ٿئي ٿو)
هيملٽ: اسان کي هن شخص جي ذريعي سڀ ڪجهه معلوم ٿي ويندو. اداڪار ڪجهه لڪائيندا آهن. هُو سڀ ڪجهه ٻڌائيندو.
پرولوگ: اسان پنهنجي ۽ پنهنجي غمناڪ ڊرامي جي لاءِ توهان کان التجا ڪيون ٿا ته خاموشي سان ٻڌو.
هيملٽ: ڇا اها ئي پوري ڳالهه آهي. هي ته منڊي تي ٽڪ برابر آهي.
اوفيليا: هي مختصر آهي شهزاده.
هيملٽ: جيئن عورت جي محبت.
(ٻه اداڪار بادشاهه ۽ بيگم جي لباس ۾ اچن ٿا)
بادشاهه اداڪار: ٽيهه سالن کان سج جي آس پاس زمين چڪر ڪٽي رهي آهي. ان وقت کان جڏهن اسان هڪ ٻئي جا ٿيا آهيون. چنڊ سج کان روشني وٺي چانڊوڪي زمين تي وکيري رهيو آهي ۽ اسان ٽيهن سالن کان هڪ جان ۽ جسم آهيون.
راڻي اداڪاره: چنڊ، سج ۽ زمين جو چڪر ايئن ئي رهندو ۽ اسان جي محبت ڪڏهن به ختم نه ٿيندي پر مان توهان کي ڪجهه ڏينهن کان غمگين ڏسي پريشان آهيان. شايد توهان کي مون تي اعتماد نه آهي. حالنڪه اها ئي ڳالهه توهان کي به پريشان ڪري رهي آهي. حقيقت ۾ اهو ڪجهه به نه آهي. عورت جي دل ۾ محبت ۽ خوف گڏ گڏ رهندا آهن. ڪڏهن ڪو هڪ ٻئي کان وڌي به ويندو آهي. جذبات صرف هڪ ئي طرح جي نمائش آهي. اها ئي جذبات انسان جو دامن ۽ سُڪون تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. توهان ڄاڻو ٿا ته مان توهان سان ڪيتري محبت ڪندي آهيان ان مان ئي توهان منهنجي خوف جو به اندازو لڳائي سگهو ٿا. محبت جي شدت ۾ ٿورو شڪ خوف جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي. جتي محبت حقيقي هوندي آهي. هر طرح جا شڪ زندگي ۾ خوف پيدا ڪندا آهن.
بادشاهه اداڪار: اها ئي محبت منهنجي سيني ۾ گهري ٿي چڪي آهي. هاڻي مان ڏاڍو ڪمزور ٿي ڪري موت جي منزل تي پهچي چڪو آهيان. تون سلطنت جي راڻي بڻجي شايد ٻيو جيون ساٿي باقي زندگي گذارڻ جي لاءِ حاصل ڪري وٺنديءَ.
هيملٽ: (پاڻ سان) هي گرمجوشي.
راڻي اداڪاره: مان ٻي شادي ڪري سگهان ٿي. مان هاڻي ڪنهن سان به محبت نه ٿي ڪري سگهان. جيڪڏهن مان پنهنجو پاڻ ڪنهن ٻي جي حوالي ڪيو ته ايترو ئي وڏو گناهه ڪندس. جيترو مان پنهنجي مڙس جو قتل ڪري سگهان ٿي.
بادشاهه اداڪار: مان تنهنجي لفظن جو يقين ڪيان ٿو. انسان پنهنجي فيصلي تي تڏهن ئي قائم رهي سگهندو آهي. جڏهن ان کي پنهنجون پراڻيون ڳالهيون ياد هجن. ڪچو ميوو وڻ جي شاخ کي مضبوطي سان پڪڙي بيهندو آهي. پر پچڻ تي ٽٽي زمين تي ڪري پوندو آهي. اهڙي طرح اسان جا فيصلا پائيدار نظر ايندا آهن پر عمل جي وقت انهن جي پائيداري ختم ٿي ويندي آهي. زندگي جا واعدا اسان جي مٿان قرض رهندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن قرضن کي لاهڻ وساري ڇڏيندا آهيون. جذبات جي وهڪري ۾ وهي فيصلو ڪرڻ وارو عمل جي وقت جوش کي ٿڌو ڪري ڇڏيندا آهيون. زندگي ۾ خوشي ۽ غم جو چڪر گردش ڪندو رهندو آهي. انهن کي وڃائي انسان برباد ٿي ويندو آهي. آرام جي وقت مصيبت جو کٽڪو لڳل رهندو آهي ۽ ايئن ئي زندگي گذرندي رهي آهي. ڏک خوشي ۾ ۽ خوشي تڪليف ۾ بدلجندي آهي. دنيا جي هر شيءِ انهيءَ طرح بدلجندي رهندي آهي ۽ حالات جي تبديلي سان محبت جو بدلجي وڃڻ غير فطري نه آهي. انسان جي حالات کي ڏسندي اهو نه ٿو چئي سگهجي ته تقدير محبت کي بدلائيندي آهي يا محبت تقدير کي تو ڏٺو هوندو ته جڏهن انسان جا بُرا ڏينهن ايندا آهن ته ان جا دوست ان جو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪو غريب جڏهن رئيس ٿي ويندو آهي ته ان جا تمام دشمن به ان جي دوستي جو دم ڀرڻ لڳندا آهن. دنيا جون رسمون ڏسندي ايئن لڳندو آهي ته محبت ۽ تقدير نيت تي مبني آهن. جنهن انسان کي دولت جي لالچ ناهي هوندي ان کي دوست جي به ضرورت ناهي. ضرورت جي وقت ڪجهه وٺڻ دوست کي دشمن بڻائي ڇڏيندو آهي. خواهش ۽ تقدير هميشه هڪ ٻئي جي خلاف رهنديون آهن. سچائي تي قائم رهي هر ڪوشش برباد ٿيندي آهي. اميد جي ختم ٿيڻ تي تقدير جو وس ناهي هلندو. شايد تون جيڪا هينئر ٻي شادي جي نالي مان خفا ٿي رهين آهين. پهرين مڙس جي موت کان پوءِ هي سڀ ڪجهه وساري ڇڏين.
راڻي اداڪاره: ايئن ٿيڻ تي خدا ڪري زمين منهنجي تقدير جو هڪ داڻو به نه ڏئي ۽ سج جي روشني به مون کان کسي وڃي. ڏينهن ۽ رات منهنجي لاءِ بي چيني سان گذرن ۽ زندگي منهجي لاءِ هڪ اونداهو قيد خانو بڻجي وڃي. مان جنهن ڪاميابي جي اميد ۾ اڳتي وڌان اها ئي منهنجي مٿان مصيبت بڻجي ٽٽي پوي ۽ ان گناهه جي سزا ۾ زندگي ۽ موت ٻئي مون کي باهه ۾ ساڙيندا رهن جيڪڏهن مان بيواهه ٿيڻ کان پوءِ شاديءَ جو ارادو ڪيان.
هيملٽ: ۽ جيڪڏهن هي عورت پنهنجي واعدن کي ٽوڙي ڇڏي؟ (پنهنجو پاڻ سان دل ۾ چوي ٿو)
بادشاهه اداڪار: هي تو تمام ئي وڏو احد ڪيو آهي منهنجي محبوبا! هاڻي تون مونکي ٿوري دير لاءِ هتي ڇڏ. هاڻي مان هن اجڙيل ڏينهن کي ٿوري دير سمهي گذارڻ چاهيان ٿو.
راڻي اداڪاره: توهان سمهي رهو. توهان اهڙيون ڳالهيون نه سوچيندا ڪريو.
هيملٽ: (راڻي گِرٽيوڊ سان) توهان کي هي ڊرامو ڪيئن لڳي رهيو آهي راڻي صاهبه.؟
راڻي: مان سوچي رهي آهيان ته هي عورت ڌاڍو وڌائي ڳالهيون ڪري رهي آهي؟
هيملٽ: پر هوءَ پنهنجن لفظن تي قائم رهندي.
بادشاهه: تو ان ڊرامي کي ٻڌو. ان ۾ ڪو جُرم ته نه آهي.
هيملٽ: نه نه سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. زهر ڏيڻ به ٺيڪ آهي. دنيا ۾ ڪابه شيءِ جُرم نه آهي.
بادشاهه: هن ڊرامي جو نالو ڇا آهي؟
هيملٽ: “ڪُوئا مار” توهان کي پسند آيو؟ هي هڪ قتل جو واقعو آهي. جيڪو ‘ويانا’ ۾ ٿيو هو. ان ۾ جاگيردار جو نالو ‘گونگزيگو’ آهي ۽ ‘بيپٽسٽا’ اُن جي زال آهي. جيئن ته توهان ڏسي رهيا آهيو. هي هڪ گناهه جي داستان آهي. پر ان سان ڇا ٿيندو جناب عالي. اسان جو ضمير پاڪ آهي ته ان تي ڪوئي اثر نه ٿيندو. اسان کي هي سڀ واقعات ڏسڻ گهرجن.
(هڪ اداڪار ‘ليوسي اينس’ جي لباس ۾ اچي ٿو)
هيملٽ: هي بادشاهه جو ڀائٽو ليوسي اينس آهي.
اوفيليا: توهان کي هي بلڪل ياد آهي شهزاده.
هيملٽ: مان تنهنجي ۽ تنهنجي محبت جي وچ ۾ هڪ ترجمان جو ڪم ڪري سگهان ٿو ۽ هي به ڏسي پئي سگهيس ته پُتليون ڪهڙي طرح نچنديون آهن.
اپفيليا: توهان ابتيون سُبتيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.
هيملٽ: تون پنهنجي مڙس جي مٿعلق غلطي ڪئي. (ليوسي اينس سان) شروع ڪيو قاتل. آتشڪ ۽ انهيءَ طرح ڀيانڪ چهرا بڻايو اچو جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا. ان کي پنهنجي انتقام جي باهه سان ساڙي ڇڏيو.
اداڪار: منهنجي هٿن جي طاقت کي منهنجي ميرن ارادن جي ڪاميابي ۾ پوري طاقت حاصل آهي. حالات منهنجي مطابق آهن. ڪير ڏسڻ وارو نه آهي. زهر جيڪو مان جهنگل جي وڻن مان گڏ ڪيو آهي ۽ جادوگرن جي جادو سان وڌيڪ زهريلو بڻايو آهي. فورن ئي انسان جي زندگي تي هن جو اثر پهچي ويندو.
(اداڪار، بادشاهه اداڪار جي ڪن ۾ زهر وجهي ڇڏي ٿو)
هيملٽ: هن زهر ڏئي ڇڏيو. حڪومت جي لالچ ۾ انڌو ٿي ويو آهي. ان جو نالو گونزيگو آهي ۽ هي اٽلي جو مشهور ڊرامو آهي. هاڻي توهان ڏسندو ته ڪيئن گونگزيگو جي زال سان محبت جو اظهار ڪندو آهي ۽ ان کي هاصل ڪري وٺندو آهي.
اوفيليا: بادشاهه اٿي رهيا آهن.
هيملٽ: هن اداڪار کي ڏسي هيسائجي ويو آهي.
راڻي: ڇا ڳالهه آ منهنجا سرتاج.
پولونيس: بند ڪيو هي سڄو ڊرامو.
بادشاهه: مون کي روشني ڏيکاريو ۽ هي سڀ ختم ڪيو.
سڀئي: روشني .. روشني .. روشني
(هيملٽ ۽ هُريشيو کان سواءِ سڀ هليا وڃن ٿا.)
هيملٽ: وڃڻ ڏيو. هن کي زخمي هرڻ وانگر روئڻ ڏيو ۽ مان جي هڪ ٻچي وانگر خوش رهندس. دنيا ۾ ڪو سمهندو آهي ته ڪو جاڳندو آهي. ڇا تون ٽوپي ۾ لڳل پرن ۽ منهنجي جوتي تي ٻڌل گلاب جي گلن کي ڏسي اهو نه ٿا سمجهن ته جيڪڏهن قسمت منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو ته مان به اداڪا بڻجي ويندس.
هُريشيو: پنجاهه فيصد.
هيملٽ: پر مان سڀني لاءِ چوان ٿو ته هُو بادشاهه جيڪو محبت جو ديوتا هيو ان کان حڪومت ڇني هي ڪميڻو تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻجي ويٺو آهي.
هُريشيو: ان کي توهان وڌيڪ به چئي سگهو ٿا.
هيملٽ: هُريشيو مان هڪ هزار پائونڊ جي شرط لڳائي چوان ٿو ته رُوح جي چيل ڳالهه سچ هئي. ڇا ڊرامي جي آخر ۾ تو ڏٺو هيو؟
هُريشيو: صفا صحيح طرح سرڪار.
هيملٽ: ۽ زهر ڏيڻ وقت؟
هُريشيو: مان اهو به ڏاڍو چڱي طرح ڏٺو هو.
(روزين ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)
هيملٽ: آ ها اچو! گانو شروع ڪيو. ڳائڻ وارن کي گهرايو. جيڪڏهن بادشاهه کي ڊرامو پسند ناهي ته هن کي هي به پسند نه هوندو. اچو هاڻي گانو شروع ڪيو وڃي.
گِلڊن: منهنجا عزيز شهزاده! مون کي توهان سان اڪيلي ۾ ڪجهه ڳالهائڻو آهي.
هيملٽ: پورو داستان چئي ڇڏ.
گِلڊن: بادشاهه حضور.
هيملٽ: ها - ڇا بادشاهه؟
گِلڊن: هُو بُري طرح بي چين ٿي تنها پيا آهن.
هيملٽ: ڇو جناب. گهڻو پي ويا آهن ڇا؟
گِلڊن: نه حضور! هو ناراض ظاهر ٿين ٿا.
هيملٽ: توهان پنهنجي عقل جو زياده ثبوت ان طرح ڏئي سگهو ٿا ته ان کي ڪنهن ڊاڪٽر سان رُجوع ڪرائجي ۽ جيڪڏهن مان ان جو علاج شروع ڪيان ته اڃان به ناراض ٿي ويندا.
گِلڊن: حضور! مان التجا ڪيان ٿو ته توهان اهڙي قسم جا غير مهذب جواب نه ڏيو.
هيملٽ: مان بي عقل ٿيڻ کان گهڻو پري آهيان. چئو ڇا ٿو چوڻ چاهين؟
گِلڊن: راڻي صاحبه! توهان جي والده انتهائي پريشان ٿي ڪري. مون کي توهان ڏانهن موڪليو اٿس.
هيملٽ: مان تنهنجو استقبال ڪيان ٿو.
گِلڊن: توهان هي انصاف نه ڪري رهيا آهيو شهزاده! مان توهان کان پورو جواب چاهيان ٿو ۽ توهان جي والده جيڪو حڪم ڏيندي ان کي پورو ڪندس. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته معاف ڪجو. مون کي سڌو مطلب تي اچڻو پوندو.
هيملٽ: جناب مان نٿو ڪري سگهان.
گِلڊن: ڇا منهنجا حضور؟
هيملٽ: توکي ڪوئي جواب نٿو ڏئي سگهان. مان بيمار آهيان. پر جناب توهان جيڪو حڪم ڏيندوَ مان چوندس ۽ بهتر آهي ته جيئن اوهان چئي رهيو ته منهنجي ماءُ اوهان کي هي چيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه. منهنجي ماءُ .... تون چوين ٿو؟
روزين: هو چوي ٿي ته توهان جي ورتاءُ هُنن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو قدرت جي ان کيل تي حيران آهي.
هيملٽ: او عجيب پُٽ - تو پنهنجي ماءُ کي پنهنجي حرڪتن سان پاڳل ڪري رکيو آهي. پر ان کان علاوه به اڃان ڪا ڳالهه منهنجي ماءُ جي دماغ ۾ چڪر لڳائي رهي آهي ته اُها به ٻڌاءِ؟
روزين: ان کان پهرين ته توهان آرام ڪرڻ وڃو ته هو توهان سان اڪيلائي ۾ ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي.
هيملٽ: اسان ان جي تعميل ڪنداسين. جيڪڏهن هوءُ هن دفعي به پنهنجي جڳهه بدلائي منهنجي ماءُ آهي تڏهن به مان ان جو ايترو ئي حڪم مڃندس. ڇا توهان کي منهنجي ڪنهن پيءُ سان ڪو ڪم آحي؟
روزين: شهزاده توهان مون کي ڪڏهن پنهنجو ڏاڍو عزيز سمجهندا هيو.
هيملٽ: مان هاڻي به توکي انهيءُ درجي تائين عزيز سمجهندو آهيان. مان هنن سڀني هٿيارن جو قسم کڻي چوان ٿو.
روزين: عزيز شهزاده پوءَ توهان جي مونجهاري جو ڪهڙو سبب آهي؟ توهان منهنجي دوستن سان پنهنجو غم لڪاءِ منهنجي آزادي محدود ڪري رهيا آهيو.
هيملٽ: مان پنهنجي اميدن کان ڦري ويو آهيان.
روزين: پر ڇو؟ جڏهن ته بادشاهه خود توهان کي ڊينمارڪ جو جانشين بنائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هيملٽ: جي ها! جيستائين گاهه ڦٽندو آهي گهوڙو ختم ٿي ويندو آهي. پر هي پراڻو محاورو آهي.
(اداڪار باجي وارن سان گڏ اچن ٿا)
هيملٽ: اي باجا وڄائڻ واروَ. مون کي به وڄائڻ ڏيو. ڇو دوستو توهان پنهنجي ڀلي لاءِ ڇو مون کي بادشاهه چمبي ۾ ڦاسائي رهيا آهيو؟
گِلڊن: حضور منهنجو فرض مون کي مجبور ڪري رهيو آهي نه ته مان توهان سان ڏاڍي محبت ڪندو آهيان.
هيملٽ: مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇا تون بانسري پڄائيندين؟
گِلڊن: مان وڃائڻ نه ٿو ڄاڻيان شهزاده.
هيملٽ: مان توکي التجا ڪيان ٿو.
گِلڊن: يقين ڪيو مان نه ڪري سگهندس.
هيملٽ: مان وري توکي درخواست ڪندس.
گِلدن: مان هن کي ڪڏهن ڇُهيو به ناهي حضور.
هيملٽ: هي ڪوڙ ڳالهائڻ وانگر بلڪل آسان آهي. هن جي سوراخن تي آڱريون رکو ۽ وات مان ڦوڪ ڏيو. تون ڏسندي ته ڪيتري سُريلي موسيقي نڪري ٿي. ڏسو هي سوراخ آهن.
گِلڊن: پر مان هن کي بلڪل به وڄائڻ نه ٿو ڄاڻيان ۽ نه ئي ڪو سُر ئي ڪڍي سگهان ٿو.
هيملٽ: ڇو؟ هاڻي تون ڏسي رهيو آهين ته تو مون کي ڪيترو قابل بڻايو آهي. تون مون سان مذاق ڪري رهيو آهين ۽ ان مان منهنجي دل جي تڙپ ڄاڻڻ چاهين ٿو. ان مان هڪ رنجيده ۽ غمگين آلاپ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان ۾ گهڻي موسيقي آهي. ڏاڍو حسين آواز هن ننڍڙي باجي ۾ آهي پر تون هن کي وڄائي نه ٿو سگهين ۽ تون اهو سمجهين ٿو ته مون کي هن بانسري جي نسبت وڄائڻ وڌيڪ آسان آهي؟ مونکي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙو باجو آهين. تون مون کي وڄائي نه ٿو سگهين چاهي تون ڪيترو به چالاڪ نه هجين.
(پولونيس اچي ٿو)
گِلڊن: خدا تنهنجي حفاظت ڪري حضور.
پولونيس: شهزاده! راڻي صاحبه توهان سان هينئر ڪجهه ڳالهائڻ چاهي ٿي.
هيملٽ: هُو ڏسو. هن بادل جي شڪل ڪيئن اُٺ جهڙي بڻجي وئي آهي.
پولونيس: سچ پچ هي ته بلڪل اُٺ جهڙو لڳي رهيو آهي.
هيملٽ: پر مون کي ته هاڻي نُور لڳي رهيو آهي.
پولونيس: ها پُٺي نور جهڙي ئي لڳي رهي آهي.
هيملٽ: يا وهيل مڇي جهڙي.
پولونيس: ها گهڻو ڪجهه وهيل مڇي جهڙو آهي.
هيملٽ: اڇا! مان پنهنجي ماءُ ڏانهن آهستا آهستا اچي رهيو آهيان (پنهنجو پاڻ سان) مون کي بي وقوف بڻايو ٿو وڃي. مان به آهستا آهستا پهچندس.
پولونيس: مان ايئن ئي چئي ڇڏيندس.
هيملٽ: آهسته آهسته چئي ڏيڻ آسان آهي.
(پولونيس هليو وڃي ٿو)
هيملٽ: اڇا دوسو الوداع (هيملٽ کي ڇڏي هليا وڃنن ٿا.) هي رات جي نهايت ڊيڄاريندڙ ساعت آهي. گرجا گهر جي زمين خاموش جهنم وانگر ساهه کڻي رهي آهي. دوزخ پنهنجو گرم ساهه دنيا جي طرف اڇلائي رهي آهي. منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪنهن کي قتل ڪري ان رت پِي وڃان! اهڙو ڄار وڇائي ڇڏيان جو جنهن کي ڏسي رُوح ڏڪي اُٿي هي پرهه ڦٽي نڪري اچي صَبُر ڪر. مونکي منهنجي ماءُ ڏانهن وڃڻو آهي. منهنجي دل منهنجي فطرت کي وڃائي نه ڇڏجان ۽ نيرو وانگر پريشان نه ٿيڻ لڳان. منهنجي عقل تي اهڙو پردو نه پئجي وڃي جو مان پنهنجي فرض کي وساري ڇڏيان ۽ سنگدل بڻجي وڃان. مان لفظن جي تلوار هڻڻ ڇاهيان ٿو پر ان کي ڇهڻ نه ٿو چاهيان. منهنجا لفظ اهڙا هجن جو مان پاڻ تي قابو رکان. پر منهنجو هٿ اُن تي نه اُٿي منهنجي رُوح کي ايڏو وڏو حوصلو عطا ٿئي.

(هليو وڃي ٿو)