منظر- پهريون
(شاهي محل جي سامهون هڪ وڏي چبُوتري جتي فرانسڪو پهرو ڏيئي رهيو آهي. برنارڊو سامهون اچي ٿو)[/b]
برنارڊو: ڪير آهي؟
فرانسيسڪو: اها ڳالهه ته منهنجي پڇڻ جي آهي، خبردار اڳتي نه وڌ ۽ جواب ڏي ته تون ڪير آهين؟
برنارڊو: “بادشاهه زندهه آباد”
فرانسيسڪو: اڇا! برنارڊو تون آهين ڇا؟
برنارڊو: ها مان آهيان برنارڊو.
فرانسيسڪو: واهه واهه صفا ٺيڪ وقت تي آئين.
برنارڊو: (12) پيا ٿين، فرانسڪو تنهنجي پهري جو وقت ختم ٿيو ۽ وڃ آرام ڪر.
فرانسيسڪو: پهري تان فارغ ڪرڻ لاءِ وڏي مهرباني. غضب جي سردي آهي ۽ مان ٿڪي ٽٽي پيو آهيان.
برنارڊو: ٻُڌاءِ پهري ۾ سڀ چُپ چاپ رهيو؟
فرانسيسڪو: ڪا ڀُڻڪ ئي نه ٿي.
برنارڊو: اڇا! رات جو سلام. جيڪڏهن رستي ۾ هُريشو ۽ مارسيليس ملي وڃن، جيڪي مونسان گڏ پهرو ڏئڻ وارا آهن ته انهن کي چئجان، جلدي هتي اچن.
(هُريشو ۽ مارسيليس داخل ٿين ٿا)
فرانسيسڪو: منهنجي خيال ۾ مان انهن جو آواز ٻڌان پيو. بيهي رهو! ڪير آ - اوڏانهن؟
(هُريشو ۽ مارسيليس اندر اچن ٿا)
هُريشو: هن ملڪ جا خيرخواهه ۽ جانثار.
مارسيليس: ۽ بادشاهه ڊينمارڪ جا وفادار محڪوم
فرانسيسڪو: ٻنهي صاحبن کي سلام
مارسليس: الوداع! توهان کي پهري تان ڪنهن فارغ ڪيو؟
فرانسيسڪو: برنارڊو منهنجي جڳهه تي پهرو ڏيئي رهيو آهي.
مارسيليس: اڇا، سلام
فرانسڪو: اڇا، رات جو سلام
(فرانسڪو هلو وڃي ٿو)
مارسيليس: برنارڊو؟
برنارڊو: چئو، ڇا ٿو چوين، ڇا هُريشو به گڏ آهي؟
هُريشو: سڀ نه پر ڪجهه ته آهيون.
برنارڊو: شاباس هُريشو شاباس، مارسيليس ڀلي ڪري آيَوَ.
مارسيليس: ڇا اڄ رات به اها شيءِ نظر آئي هئي؟
برنارڊو: مونکي ته اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو
مارسيليس: هُريشو چئي رهيو آهي ته اهو صرف اسان جو وهم ۽ خيال آهي. اسان جيڪا خوفناڪ شڪل ٻه دفا ڏٺي آهي، ان جو يقين اُن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو اچي. مان وڏين منٿن ۽ التجائن سان هُن کي پاڻ سان گڏ هيستائين آندو آهي، ته هُو رات جو اسان سان گڏ پهرو ڏئي ۽ جيڪر وري اها ساڳي شيءِ نظر اچي ته اسان جيڪو ڪجهه پهرين ڏسي چُڪا آهيون. هُو ان جي تصديق ڪري ۽ ان سان ڳالهائي به.
هُريشو: رفعا دفعا ڪيو ان ڳالهه کي ڪهڙي وهم ۾ پيا آهيو، اُها هاڻي هرگز نه ايندي.
برنارڊو: ڪجهه گهڙي لاءِ خاموش ويهي رهه! ۽ اجازت ڏي ته اسان توکي اها ئي واردات ٻُڌايون، جيڪو ڪجهه تون ٻُڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهين. اهو اسان کان ٻُڌ ته اسان گذريل ٻن راتين ۾ ڇا ڏٺو.
هُريشو: اڇا صحيح آ، اچو ويهو ۽ برنارڊو کي سڄو قصو ٻُڌائڻ ڏيو.
برنارڊو: ٻُڌو....! ڪالهه جڏهن اڌ رات جو سامهون وارو تارو، قُطب تاري کان پُورب جي طرف گردش ڪري اچي اُتي اچي پهتو، جتي هاڻي اهو آسمان جي انهيءَ حصي کي روشن ڪري رهيو آهي ۽ گهڙيال تي هڪ 00؛1 (اي ايم) جو وقت ٿيو ته مارسيليس ۽ مان....
(روح هڪ مٽيءَ جي رنگ واري شڪل ۾ نظر ايندو آهي)
مارسيليس: ماٺ ڪيو، ڪوئي به نه ڳالهائي. ڏسو هوڏانهن هُو وري نظر آئي.
برنارڊو: شڪل ۽ صورت ته اها ئي اٿس، جيڪا ڊينمارڪ جي بادشاهه مرحوم جي هئي.
مارسيليس: تون ته پڙهيو لکيو ماڻهو آهين، هُريشيو! هُن کان ڪجهه پڇيو ته،
برنارڊو: ڇا هو بادشاهه وانگيان نه آهي ؟ هُريشيو ٿورو غور سان ڏسينس.
هُريشيو: هُوبهُو بادشاهه جي شڪل آهي. خوف ۽ حيرت ۾ مان ته ٿڌو ٿيندو ٿو وڃان!
برنارڊو: جيڪو ڪجهه به هجي، ان سان ضرور ڳالهائڻ گهرجي.
مارسيليس: هُريشيو هن کان ڪجهه پُڇو ته،
هُريشيو: توهان ڪير آهيو؟ ۽ ڇو اڌ رات جي وقت توهان اختيار (تعرف) ڪيو آهي، ۽ ڇو اهڙي حسين ۽ جنگجو شڪل ۾ توهان ظاهر ٿيا آهيو. جنهن ۾ ڊينمارڪ جو بادشاهه (جنهن کي اسان هاڻي مٽيءَ جي حوالي ڪري چُڪا آهيون) نڪرندا هئا؟ خدا جو قسم ڏيئي پُڇانوَ ٿو ته توهان ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو؟
مارسيليس: لڳي ٿو ته رُوح رنج ٿي ويو.
برنارڊو: ڏسو ماٺ ميٺ ۾ هڪ طرف کان لڪي سُرڪي ويو.
هُريشيو: ترسو ترسو منهنجو سوال آهي ته توهان ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندا وڃو.
(رُوح هليو وڃي ٿو)
مارسيليس: رُوح ته هليو ويو ۽ ڪنهن سان به هُن ڳالهائڻ نه چاهيو.
برنارڊو: هُريشيو توکي ايتري ڏڪڻي ڇو آهي، چهرو ايترو ڇو ڦڪو ٿي ويو اٿئي، تون ته اِن کي اسان جو وهم وهم ۽ خيال ئي سمجهندو هيئن نه! هاڻي ڏٺئي ته اِهو وهم ۽ خيال کان ڪيترو وڌيڪ آهي. هاڻي تون ئي ٻُڌائي ته تنهنجو ڇا خيال آهي؟
هُريشيو: خدا شاهد آهي جيستائين مان پنهنجي اکين سان نه ڏسان ها ڪڏهن به ان جو يقين نه ڪيان ها.
مارسليس: ڇا هُوبهُو بادشاهه وانگر نه آهي؟
هُريشيو: اهڙي ئي مثل آهي. جيئن تنهنجي صورت توسان مشاهبيت رکي ٿي، اهڙي ئي لوهي پوشاڪ جيڪا هُن ان ڏينهن پاتي جنهن ڏينهن هو مفرور ۽ لوڀي بادشاهه ناروي سان وڙهيو هو ۽ نِرڙ تي اِهي ئي ڪاوڙ وارا گُهنجَ هيس، جڏهن ته هو پنهنجي ڏاڍَ ۽ ڪاوڙ واري حالت ۾ پولستان جي بهادرن کي جيڪي برف تي هلندڙ گاڏي تي سوار هيا. انهن کي هڪ دم قتل ڪري انهن جا لاش برف ۾ پوري ڇڏيا هيائين. حيرت جو مقام آهي.
مارسليس: ٻه دفعا اڳ ۾ ۽ اڄ هن وقت اونداهه رات ۾ اسان جي پهري ۾ جنگلي لباس ۽ فوجي انداز ۾ گشت ڪندي نظر آئي آهي.
هُريشيو: سمجهه ۾ نه ٿو اڇي ته هِن خيال لاءِ ڪهڙو پهلُو اختيار ڪجي، جو هي معاملو حل ٿئي. پر جيستائين منهنجي راءِ آهي ته ايترو ضرور چوندس ته اسان جي رياست ۾ ڪو فتنو ۽ فساد اُٿڻ وارو آهي.
مارسليس: ٺيڪ آ، سڀ دوست ويهي رهو ۽ جنهن کي به خبر هجي اهو ٻڌائي ته اڄ ڪلهه رياست ۾ جيڪا پهريداري ايتري شدت وڌي آهي جو ملڪ جي محڪومن کي ڏينهن ته ڏينهن پر راتين جو به محنت ۽ مزدوري ۾ مشغول رهڻو ٿو پوي. اِن جو سبب ڇا آهي؟ هي ٽامائي توبون ڇو آنديون وڃنن ٿيون ۽ ٻاهرين ملڪن مان ويڙهه جو سامان ايتري جهجهي تعداد ۾ ڇو گهرايو وڃي ٿو؟ جهاز ٺاهڻ وارن ۾ ڇو ايتري تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي جو هو هفتي ۾ آچر واري ڏينهن به ڪم کي نه ٿا ڇڏين؟ محنت ۽ لگن ان ۾ ڏينهن ۽ رات هڪ ڪري ڇڏيو اٿن جيڪو به ڪير ڄاڻي ٿو ته اهو ٻڌائي ته هي سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟
هُريشيو: اهو سڀ ڪجهه ته مان ٻڌائي سگهان ٿو گهٽ ۾ گهٽ جيتري قدر افواهه آهي ايتري ته توهان کي خبر هوندي ته اسان جي آّخري بادشاهه سان جنهن جي صورت هينئر ظاهر ٿي هئي. ڪنهن زماني ۾ ناروي جي بادشاهه (فورتن براس) تڪبر ۽ غرور کان متاثر ٿي ڪري جنگ ڪئي هئي. انهيءَ جنگ ۾ اسان جي بادشاهه (هيملٽ) جنهن جي بهادري ۽ مردانگي جي شهرت دنيا جي اُن پاسي ٿي چڪي هئي. (فورٽن براس) کي قتل ڪري ڇڏيو.
جنگ کان پهرين هڪ معاعدي واري قانوني ملڪ ۽ نصب نامي جي قاعدن جي مطابق تصديق ٿي. ان مضمون جو معاعدو ترتيب ٿيو ته جيڪڏهن بادشاهه ناروي جو جنگ ۾ هارايو ته اُن جي جاءِ ۽ ان وقت اُن وٽ جيترو ملڪ هوندو، اهو سڀ اسان جي بادشاهه جو ٿي ويندو. پر اسان جي بادشاهه فتح ڪيل ملڪ ۽ ايراضي جو تقريبن اڌ ان نيت سان ڇڏي ڏنو ته جيئن مقتول بادشاهه فورٽن براس جي اولاد کي اهو ملي وڃي. جيڪڏهن فورٽن براس ان جنگ ۾ ڪامياب ٿي وڇي ٿو ته انهيءَ تصديق ٿيل قانون ۽ معاعدي جي تحت جنهن جي تحت بادشاهه هيملٽ کي فورٽن براس جو ملڪ مليو. اسان جي بادشاهه هيملٽ جو ملڪ فورٽن براس کي ملي وڃيها. اڇا! هاڻي فورٽن براس جو جوان پُٽ بهادر ۽ دلير پر غير تجريبڪار جواني جي غرور ۾ مست ٿي ناروي جي سرحدن ۾ ڏاڍن بدماشن ۽ آوارا ماڻهن کي صرف خوراڪ جي لالچ تي ان ڪم لاءِ گڏ ڪري رهيو آهي جنهن مان هن کي ڪجهه ملي وڃي ۽ اهو ئي ڪم آهي جنهن جون علامتون اسان جي رياست ۾ نروار آهن ته اُن شهزادي جو پيءُ اسان جي بادشاهه سان وڙهيو جنهن ملڪ هارايو هيو ان تي ظلم ۽ ڏاڍ جي زور تي وري پنهنجو قبضو قائم ڪري.مان سمجهان ٿو ته اڄڪلهه جنهن زور شور سان تياريون اسان جي رياست ۾ تيزي ۽ سرگرمي سان ٿي رهيون آهن ۽ تمام رياست ۾ هڪ هُل هنگامو آهي اُن جي وجهه صرف اها ئي آهي.
برنارڊو: مان به ان جو اهو ئي سبب سمجهان ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هي بڇڙي ۽ بدشڪل صورت بلڪل بادشاهه جي صورت ۾ اسان جي پهري تي بار بار نظر آئي آهي. چاڪاڻ ته اسان جو بادشاهه ئي ان جنگ جو موضوع ۽ مضمون هيو.
هُريشيو: دل ۽ دماغ جي اک لاءِ هي هڪ مسئلو آهي، هي واقعو روم جي سلطنت جي شروعاتي زماني م ڪجهه ئي پهريان اتان جي فوج جو سپهه سالار جوليس سيزر قتل ٿيو. قبرون مردن کان خالي ٿي ويون ۽ ڪفن پهريل مُردا شهر جي گهٽين ۽ چونڪن تي ڪچ ڪچ ڪندي ۽ عجيب و غريب ٻوليون ٻوليندي ڦرڻ لڳا! آسمان تي پُچڙ تارا ظاهر ٿيا جن جي تراکڙي روشني ٻرندڙ شعلن جي هئي. رت جي رنگين ماڪَ زمين تي ڪري. آسمان ۾ ڪاري رنگ جا داغ ظاهر ٿيا ۽ اسان جو هي مرتوب گرهه يعني چنڊ جنهن جي ڪري سمنڊ جي خدا نيپچون جي سلطنت قائم آهي ان ۾ اهڙو گرهڻ لڳو جو معلوم ٿو ٿئي ته اهو قيامت تائين نه لهندو ۽ اهڙي طرح غضب ۽ ناحق جي خبر ڏيڻ واري تقدير جي بزرگ آفتن جو مقدمو ٿي ڪري ظاهر ٿيو. زمين ۽ آسمانن ٻنهي ملي ڪري ملڪ ۽ ملڪ وارن کي خبردار ڪيو. پر خاموش ڏسو هُو صورت وري هلي آئي آهي.
(روح وري اچي وڃي ٿو)
مان ته هن روح جي غبار ۾ گهڙان ٿو، ڀلي هُو مون کي ساڙي ئي ڇو نه ڇڏي. اڄ روح ترس جيڪڏهن تو ۾ آواز آهي ۽ تون ڳالهائي سگهين ٿو ته مونسان ڳالهاءِ، جيڪڏهن توسان ڪا ڀلائي ڪرڻ ممڪن هجي ته چئو. جيئن توکي راحت ۽ مون کي سعادت نصيب ٿئي. مونسان ڳالهاءِ (ڪُڪِڙ ٻانگ ڏيئي ٿو) جيڪڏهن توکي پنهنجي ملڪ جي تقدير جو حال خبر آهي ته، ٻڌاءِ جيئن پهريان ئي ڄاڻ ملڻ سان اچڻ واريون مصيبتون ٽري سگهن. ڪجهه ته زبان کول جيڪڏهن زندگي ۾ تو دولت جمع ڪئي هئي ۽ ان کي زمين ۾ اندر دفن ڪري ڇڏيو هُيئي جنهن جي سبب سان چيو وڃي ٿو ته مرڻ کان پوءِ اڪثر روح ڀٽڪندا رهن ٿا ته ٻڌاءِ ٿورو ته ساهه کڻ ڪجهه زبان سان چئو مارسليس ان کي روڪ.
مارسليس: ڇا مان پنهنجي سوٽي سان روڪيانس؟
هُريشيو: جيڪڏهن هو نه بيهي ته پوءِ ايئن ئي ڪر.
برنارڊو: ڏسو اهو ته هتي آهي.
هُريشيو: نه هتي آهي.
مارسليس: هُو ته هليو ويو. جنهن جي صورت اهڙي شاهي هجي اُن تي سوٽي اولارڻ (روح هليو وڃي ٿو) وڏي بدسُلوڪي هئي. هو ته هوا جي مٿل هيو، جنهن تي هٿ کڻڻ بلڪل فضول هيو.
برنارڊو: هو ڪجهه چوڻ وارو ئي هيو ته ڪُڪِڙ ٻانگ ڏني.
هُريشيو: ۽ ٻانگ ٻڌڻ سان ئي هو اهڙي طرح هليو ويو ڄڻ ته ڪو ڏوهي ڳولي جي آواز ٻڌندي ئي خوفزده ٿي ڪري هليو وڃي. مون ٻڌو آهي ته ڪُڪِڙ صبح جو گهنڊ آهي. اهو پنهنجي اوچي ۽ تيز آواز سان ڏينهن جي خدا کي بيدار ڪندو آهي ۽ ان جي ٻانگ ٻڌي ڪري آواره گرد روح توڙي جو سمنڊ ۾ هجن يا باهه ۾ هجن. زمين تي هجن يا آسمان تي يا هوا ۾ هجن. نهايت ئي تيزي سان پنهنجي پنهنجي بندي خاني ڏانهن واپس ٿي ويندو آهي. ۽ ان جو ثبوت هن شيءِ جو هاڻي نظر آيو هُيو. چڱي طرح ڏٺو آهي.
مارسليس: هوڏانهن ڪُڪِڙ ٻانگ ڏني ۽ هوڏانهن روح غائب ٿيو. ڪجهه ماڻهو چوندا آهن ته جڏهن اهو وقت ۽ موسم ايندي آهي ته اسان جي نجات ڏيڻ واري جي جنم تي جشن مبارڪ ٿيندو آهي ته ڪُڪِڙ صبح ذات ڪُڪِڙُو ڪُو ڪندو رهندو آهي. چيو وڃي ٿو ته اُن رات جو ڪوبه رُوح آواره ناهي ڦرندو. راتيون نهايت ئي خوشين واريون هونديون آهن. ستارا ناهن ڪِرندا ڪنهن به پَري يا دِيوَ جو عمل دخل ناهي هوندو ۽ نه ئي ڪو جادوگر جادُو ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اُهو وقت نهايت ئي پاڪ ۽ مقدس هوندو آهي.
هُريشيو: ها مان به ايئن ئي ٻُڌو آهي ۽ مان اُن تي ڪنهن قدر يقين به رکندو آهيان پر ڏسو سحر نور جو لباس پاتل سامهون واري جابلو سلسلي کان ماڪَ تي پيرَ رکندو هليو ايندو آهي. هاڻي پاڻ کي پنهنجو پهرو ختم ڪرڻ گهرجي ۽ منهنجي صلاح اِها ئي آهي ته هن وقت جيڪو ڪجهه اسان ڏٺو آهي ان کان نوجوان شهزادي هيملٽ کي خبردار ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ ته پنهنجي جان جي قسم هي روح جيڪو اسان جي سامهون بي زبان ٿي ويو هو، شهزادي هيملٽ کي جڏهن ڏسندو ته اُن سان ضرور ڳالهائيندو. ڇا توهان به آماده آهيو ته اسان پنهنجو فرض عادل ۽ رضامندي ۽ وفاداري سمجهي ڪري شهزادي سان رُوح جي واقعي جو عرض ڪريون؟
مارسيليس: اسان اهو ضرور ظاهر ڪيون. اها منهنجي درخواست آهي ۽ اڄ صبح مون کي معلوم آهي ته اسان آساني سان هيملٽ سان ڪٿي ملي سگهون ٿا.
(سڀ هليا وڃن ٿا)