منظر – پنجون
(السي نور قلعي جو هڪ ڪمرو)[/b]
(راڻي ۽ هُريشيو ۽ معزز شخص جو اچڻ)
راڻي: مان ان سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندس.
معزز شخص: پنهنجي پيءُ جي موت سبب هوءَ چري ٿي وئي آهي. ان حالت رحم جي قابل آهي.
راڻي: هوءَ ڇا ٿي چاهي؟
معزز شخص: هوءَ پنهنجي پيءُ جو نالو بار بار دهرائي رهي آهي. چوي ٿي ان کي الائي ته ڪهڙيون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پيون. جيڪي ان جي دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيون آهين. جيڪو ڪجهه هوءَ ڳالهائي ٿي اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ٻڌڻ وارا ان جي ڳالهين جا ٽڪرا ٽڪرا ملائي ڳالهه جو مطلب سمجهن ٿا. ڪجهه ماڻهو ان جي چهري جي تاثرات کي ڏسي اهو سمجهن ٿا ته ان ۾ ڪو راز آهي ۽ ڪنهن ساهه سڪائيندڙ حادثي هن ڇوڪري کي پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي جو ڪڏهن پنهنجو سينو پٽي رهي آهي ته ڪڏهن وري ڪاوڙ ۾ پنهنجا هٿ پير اڇلائڻ لڳي ٿي.
هُريشيو: پوءِ ته ان جي حالت ۾ ماڻهن کي شڪ ٿيندو ۽ انهي طرح جا شڪ خطري کان خالي نه آهن. ماڻهو ان جي پويان سازشين جو خيال رکندا.
راڻي: اڇا ته پوءِ ان کي اندر اچڻ ڏيو (هُريشيو وڃي ٿو) منهنجي روح کي هن گناهه جو پيش خيمو نظر اچي ٿو. انسان گناهه ڪري پاڻ کي شڪ شبن ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ان کان بچڻ چاهيندو آهي. پر ڪوئي به فن هن کي بچائي نه ٿو سگهي ۽ اهو ئي خوف هن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو آهي.
(هُريشيو، اوفيلا سان گڏ وري داخل ٿئي ٿو)
اوفيليا: ڊينمارڪ جا عظيم بادشاهه ڪٿي آهن؟
راڻي: اوفيليا تون ڪيئن آهين؟
اوفيليا: (ڳائي ٿي) منهنجي توسان حقيقي محبت کي ٻين سان ڪيئن بيان ڪري سگهان ٿي ؟ مان هن سخت ترين زندگي ۾ به توکي ياد ڪيو آهي.
راڻي: افسوس! حسين ڇوڪري تنهنجي ان گاني جو مطلب ڇا آهي؟
اوفيليا: توهان چيو ته توهان ناهي سمجهيو ته ٻڌو (ڳائي ٿي) هو مري ويو محترمه! هو مري ويو .... ان جي مٿي تي سائو گاهه ڦٽي آيو آهي ۽ کڙيون پٿر ٿي ويون آهن.
راڻي: پر پر اوفيليا.
اوفيليا: مان توهان کي التجا ڪيان ٿي. ٻڌو (وري ڳائي ٿي) ۽ ان جا ڪپڙا پهاڙي برف وانگر سفيد آهن.
(بادشاهه اچي ٿو)
راڻي: افسوس! هن کي ڏسو منهنجا سرتاج.
اوفيليا: (ڳائي ٿي) سچي محبت ڪرڻ وارن جي قبر تي گلن جي برسات ٿيندي آهي. محبت حسين گل بڻجي وسي پوندي آهي.
بادشاهه: توکي ڇا ٿيو حسين ڇوڪري؟
اوفيليا: خدا توهان کي اعليٰ بڻايو آهي. ماڻهو چوندا آهن ته اَلو هڪ نانوائي جي ڇوڪري هئي. حضور اسان ڄاڻو ٿا ته اسان ڇا ٿا ٿي سگهون. خدا توهان سان گڏ ميز تي رهي.
بادشاهه: هن کي پنهنجي پيءُ جي موت جو صدمو آهي.
اوفيليا: مان توهان کي التجا ڪيان ٿي ان متعلق ڪجهه نه چئو ۽ جڏهن ڪوئي ان جو مطلب پُڇيو ته توهان هي چئي ڇڏي ڇڏجو (ڳائي ٿي) سڀاڻي ويلنٽائن جي ڏينهن صبح جي وقت هڪ ڇوڪري توهان جي کڙڪي کان توهان جي معشوقا بڻجڻ لاءِ بيٺي هوندي.
بادشاهه: (گِرٽيوڊ سان) هن جي هي حالت ڪڏهن کان آهي؟
اوفيليا: مون کي اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ سان ٿي ويندو. اسان صبر ڪنداسين (ڳائي ٿي) اسان جو انتخاب روئڻ کان علاوه ڪجهه نه آهي. جڏهن ته اسان هي سوچيندا آهيون ٿِڌي مٽي ۾ ليٽيل آهن. منهنجو ڀاءُ هيءُ ڄاڻيندو هوندو. توهان جي مشوري جي لاءِ شڪريه. ڪاهي اچو منهنجي گاڏي! رات جو سلام. بيگم رات جو سلام - رات جو سلام .
(هلي وڃي ٿي)
بادشاهه: (هُريشيو سان) هن سان گڏ وڃو. هن تي سخت نگراني رکو. مان توهان کي درخواست ٿو ڪيان.
(هُريشيو هليو وڃي ٿو)
اُف! هي وڏي صدمي جو زهر آهي. هُن کي پنهنجي پيءُ جي موت جو وڏو صدمو آهي. اي گِرٽريوڊ! گِرٽريوڊ مصيبت ڪڏهن اڪيلي ناهي ايندي، پر هڪ لشڪر وانگر نازل ٿيندي آهي. پهرين هُن جو پيءُ قتل ٿيو ٻيو تنهنجو پُٽ ويو. هن جو جلدي وڃڻ رعايا ۾ هلچل مچائڻ آهي. ويچاري پولونيس جي موت کان پوءِ اسان هن کي جلدي دفن ڪرائي ڇڏيو. ويچاري اوفيليا پاڳل ٿي وئي آهي. هن جي دل ۽ دماغ سڀ ڏکايل ۽ رنج ٿي ويا آهن. ٻي ڳالهه پريشان ڪندڙ هي آهي ته هن جو ڀاءُ ڳجهي طريقي سان فرانس کان اچي ويو آهي ۽ پنهنجي پيءُ جي پُراسرار موت جو پتو لڳائي رهيو آهي. هو نه ڄاڻ ته ڪهڙو منصوبو ٺاهي رهيو هوندو. ماڻهو هن جا ڪَن اڃان به زهريلي ڳالهين سان ڀريندا. منهنجي پياري گِرٽريوڊ! هي سڀ ڳالهيون مون کي ماري رهيون آهن ۽ مان زنده قبر جي در اچي ويو آهيان.
(اندران شور ايندو آهي)
راڻي: هاءِ! هي گوڙ ڇا جو آهي؟
بادشاهه: منهنجا محافظ ڪٿي آهن؟ انهن جو پهرو دروازي تي لڳائي ڇڏيو.
(هڪ معزز شخص داخل ٿيندو آهي)
ڇا معاملو آهي؟
معزز شخص: عالي جناب! پاڻ کي هن طوفان کان بچايو. سمنڊ جي طوفان کان وڌيڪ خوفناڪ تياري ڪري نوجوان لائرٽس هڪ جنگي دستو وٺي اچي رهيو آهي. توهان جي تمام حڪمن کي شڪست ڏئي چڪو آهي. عوام بغاوت ڪري ڇڏي آهي. عالي جناب! اهڙو هنگامو آهي جيئن دنيا جو نظم و نُسق وري قائم ٿيندو. هو نئون قانون جاري ڪري رهيو آهي. عوام شور مچائي رهيو آهي ته لائرٽس اسان جو بادشاهه آهي. ٽوپيون اڇلائي رهيا آهن ۽ تاڙيون وڄائي رهيا آهن ۽ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن ته لائرٽس بادشاهه ٿيندو. لائرٽس بادشاهه.
راڻي: او! ڊينمارڪ جا ڪُتئو! (آواز اندر ايندو آهي) توهان ڪيتري جلدي غلط ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهيو.
بادشاهه: دروازو ڀڄي پيو (لائرٽس هٿياربندن سان داخل ٿئي ٿو. ڊينس هن سان گڏ آهي)
لائرٽس: ڪٿي آهي بادشاهه؟ توهان سڀ ڇا ٻاهر بيٺا رهندوَ؟
ڊينس: نه توهان اسان کي اندر اچڻ ڏيو.
لائرٽس: توهان سڀ رخصت ٿي وڃو.
ڊينس: اسان ايئن ئي ڪنداسين.
(سڀ دروازي کان ٻاهر هليا ويندا آهن)
لائرٽس: مان سمجهان ٿو توهان دروازي تي بيهو. اي! ذليل بادشاهه منهنجو پيءُ مون کي واپس ڪر.
راڻي: خاموش رهو. لائرٽس
لائرٽس: هن جو رت منهنجي اندر جي باهه کي ڀڙڪائي رهيو آهي. منهنجي پيءُ جو رُوح مون کي سڏي رهيو آهي. منهنجي ماءُ جي نرڙ تي هُن جي وجهه سان گهنج اچي ويا آهن.
بادشاهه: ڪهڙو سبب آهي جو لائرٽس تون اونداهي طوفان جي طرح بغاوت ڪري ڇڏي آهي؟ گِرٽريُوڊ! هن کي وڃڻ ڏيو. اسان جي ماڻهن کي ڊڄڻ نه گهرجي. بادشاهه تي خدا جي رحمت هوندي آهي ۽ سڀ ڪجهه هن جي مرضي سان هوندو آهي. مون کي ٻڌائي لائرٽس تون ڇو ايئن بي عقل ٿي رهيو آهين. هن کي وڃڻ ڏيو گِرٽريُوڊ. ڳالهائي لائرٽس
لائرٽس: منهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟
بادشاهه: مري ويو.
راڻي: پر هن ناهي ماريو (لائرٽس سان)
لائرٽس: هُو ڪيئن مري ويو؟ مون سان فريب نه ڪيو، وفاداري وڃي جهنم ۾. چاهي منهنجو عقيدو هن ئي باهه ۾ سڙي پر مون کي پرواهه نه آهي. چاهي منهنجو دين ۽ دنيا ٻئي برباد ٿين. جيڪو ڪجهه ٿئي ٿيڻ ڏيو. مان پنهنجي پيءُ جي قتل جو ڀيانڪ بدلو وٺندس.
بادشاهه: ڪنهن توکي روڪيو آهي؟
لائرٽس: دنيا ۾ ڪا به طاقت ناهي جو مون کي پنهنجي ارادي کان باز رکي. مون وٽ پورا ذريعا آهن ۽ مان صحيح طرح بدلو وٺندس.
بادشاهه: صحيح لائرٽس. جيڪڏهن تون واقعي ئي ڄاڻڻ چاهين ٿو ته تنهنجي پياري پيءُ جي موت جو سبب ڇا آهي تون پنهنجي بدلي جي باهه ۾ دوست ۽ دشمن ٻنهي کي وجهڻ چاهين ٿو ته بهتر آهي ته تون صحيح صحيح پَتو لڳائي وٺ.
لائرٽس: صرف ان جي دشمن کان بدلو وٺندس.
بادشاهه: ته پوءِ تون ان کي سُڃاڻين ٿو؟
لائرٽس: ان جي دوستن کي ته مان ڏاڍو عزيز رکندو آهيان ۽ انهن جي لاءِ پنهنجو رت به ڏئي سگهان ٿو.
بادشاهه: ڇو؟ هاڻي تون ايئن ڇو چئي رهيو آهين. فرمانبردار ٻار ۽ شريف ماڻهو ايئن ئي چوندا اهن. تنهنجي پيءُ جي موت ۾ منهنجو هٿ نه آهي ۽ مون کي ان جو دلي صدمو آهي. هاڻي تون پنهنجي اکين سان ڏسي ان جو فيصلو ڪري سگهين ٿو.
(ٻاهر گوڙ ٿو ٿئي)
ڊينس: (اندر اچي ٿو) هن کي اندر اچڻ ڏيو.
لائرٽس: هاڻي ڇا آهي هي گوڙ ڇا جو آهي؟
(اوفيليا وري اچي ٿي)
آهه منهنجي گرمي! منهنجي دماغ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏ! منهنجا لڙڪ منهنجي عقل کي ضايع ڪري رهيا آهن. ڪاش منهنجو اکيون هي سڀ ڪجهه نه ڏسن ۽ ڦاٽي پون ها. خدا جو قسم مون کان تنهنجو پاڳل پڻو نه ٿو ڏٺو وڃي. مان قسم کڻي چوان ٿو ته ان جو بدلو وٺندس منهنجي ڀيڻ! منهنجي اوفيليا! تون هن شباب ۾ ايئن ديواني ٿي وئين. جهڙي طرح پريشانين ۾ گهٻرائي ضعيف دماغ بي سمجهه ٿي ويندو آهي. قدرت ۽ محبت جي راند عجيب آهي. اڌ زندگي ته پيار جي ڇڙڻ سان ضايع ٿي ويندي آهي.
اوفيليا: (ڳا.ئي ٿي) هاءِ! ان کي قبر ۾ بغير ڪپڙن جي ئي سمهاري ڇڏيو ۽ مان ان جي قبر تي ڳوڙها ڳاڙي اهو چوندي رهيس. خدا حافظ! پکي
لائرٽس: تون پنهنجي هوش حواس ۾ رهه شايد ايتري بدلي تي نه اڀران ها جيترو تنهنجي پاڳل پڻي کي ڏسي منهنجي اندر ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي.
اوفيليا: تون ويهي ڳائي. ويهي رهه مون سان گڏجي گانو ڳايو وڃي ته ڪيڏو سٺو ٿيندو. او - هو! هُو ڪيڏو نيمڪ حرام ملازم هيو جيڪو پنهنجي مالڪ جي ڌيءُ کي کڻي ويو.
لائرٽس: هن جون ڳالهيون ته ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿيون چن.
اوفيليا: ڏسو هي گلاب جون پتيون آهن. جيڪي يادگيري لاءِ هونديون آهن. مان التجا ڪريان ٿي ته مون کي ياد ڪرڻ لاءِ هي پتيون وٺو.
لائرٽس: هي سڀ پاڳل پڻي جي علامت آهي. خيالات ۽ ياداشت جو مونجهارو آهي.
اوفيليا: هي توهان لاءِ سرنهن جو گل آهي ۽ تنهنجو آهي جيڪو خوش آمديد جي علامت آهي. هونءَ هي آچر جي ڏينهن خوبصورتي جو ٻُوٽو بڻجي ويندو آهي. تون مختلف طريقي سان مڪاري ڏيکاريندو آهين. تنهنجي لاءِ ڪجهه گل بهار ۽ واڱڻائي گل آهن پر اهي ته منهنجي پيءُ جي قتل جي وقت ڪومائجي ويا هئا. هي چون ٿا ته ان جو انجام وڏي سُڪون سان ٿيو (ڳائي ٿي) تنهنجون تمام خوشيون پياري رومن جي لاءِ آهن.
لائرٽس: آهه! مون کي ڪيترو نه صدمو ٿي رهيو آهي. هي ويچاري قبل رحم آهي.
اوفيليا: (ڳائي ٿي) ۽ ڇا هُو وري نه ايندو. هو وري نه ايندو؟ نه نه هو مري ويو آهي. هن جي ڏاڙهي برف جي طرح اڇي هئي. هو رخصت ٿي ويو. هليو ويو ۽ اسان کي روئڻ جي لاءِ ڇڏي ويو. خدا هن جي روح تي رحم ڪري ۽ تمام عيسائي روحن تي رحم ڪري. اي خدا توهان کان دعا ٿي گهران ته هن تي رحم ڪر.
(اوفيليا ۽ گِرترٽيوڊ وڃن ٿا)
لائرٽس: پروردگار تون هي سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهين.
بادشاهه: مان به تنهنجي ڏک ۾ شريڪ آهيان. حالنڪه توکي ان تي يقين نه هوندو. وڃ پنهنجن دوستن کان پڇ منهنجو ان ڪم ۾ ڪيترو هٿ آهي. جيڪڏهن سڀ هي ڇون ته مان ان جو قتل ڪيو آهي ته پوءِ مان پنهنجي تمام حڪومت کان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو تاج تخت منهنجي زندگي ۽ منهنجون تمام عزيز شيون تون وٺي سگهين ٿو. تون پنهنجي اطميعان جي لاءِ وٺي سگهين ٿو پر جيڪڏهن منهنجو هٿ نه ٿيو ته مان سڀ ٻڌائي تمام شڪَ ختم ڪري ڇڏيندس.
لائرٽس: اهو به ٺيڪ آهي. پر هي اچانڪ موت ۽ فورن دفن ڪري ڇڏڻ ۽ نه قبر جو نشان رهڻ نه ان جي موت جون رسمون ٺيڪ سان ادا ڪرڻ. ان جي لاءِ منهنجو آواز دانهون دانهون ڪري زمين ۽ آسمان کان ان جو سبب پُڇندو.
بادشاهه: تون ضرور ايئن ڪر، پر جڏهن واقعو توکي معلوم ٿي ويندو ته ڏوهي جو ڪنڌ ڪهاڙي جي هيٺان هوندو. مان توکي پاڻ سان گڏ هلڻ جي درخواست ڪيان ٿو.
(سڀ هليا وڃنن ٿا)