منظر- ٻيو
(ايوانِ شاهي جو هڪ ڪمرو)[/b]
(بادشاهه ڪيلاڊيس، راڻي گِرٽريوڊ، روزين ڪِرٽس ۽ گلڊنسٽرن ۽ ٻين خادمين جو اچڻ)
بادشاهه: خوش آمديد!پيارا زوزي ڪرٽس ۽ گِلڊنسٽرن اسان توهان کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍا بي تاب هياسين. اسان توهان کي هڪ خاص ڪم لاءِ جلدي گهرايو آهي. توهان هيملٽ جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٻڌو هوندو ته هُو دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي. اسان اهو ٿا سمجهون ته هو پنهنجي صحيح حالت ۾ نه آهي. اسان ان جو سبب اُن جي پيءُ جي موت جو عظيم صدمو سمجهون ٿا. اسان اهو ٿا چاهيون ته توهان ٻئي اسان سان هتي رهو. ڇو ته ننڍپڻ کان ئي توهان هيملٽ جا دوست آهيو. ان جا هم مزاج ۽ هم عمر آهيو. توهان هن سان گڏ رهي اُن جو دماغي توازن درست ڪري سگهو ٿا. پوءِ هن جي زندگي جي حالات کي ڏسي ڪري ان جي ديوانگي جو سبب معلوم ڪريو. جيڪڏهن ڪو سبب اهڙو هجي ته جيڪو اسان کي به معلوم نه آهي ته ان کي معلوم ڪرڻ تي ان جو مناسب انتظام ڪيون. بس اسان توهان کان ايترو ئي چاهيون ٿا.
راڻي: اڪثر هو توهان جي باري ۾ ذڪر ڪندو آهي.ان لاءِ اسان خيال ڪيو ته هُو توهان کي عزيز سمجهي ٿو. پر توهان اسان جي درخواست تي مهرباني ڪري هتي رهو. ۽ اسان جي مدد ڪيو ٿه يقين ڄاڻو اسان تي توهان جا احسان ٿيندا. ۽ جئين ته بادشاهه پنهنجي وقت تي ساٿ ڏيڻ وارن سان سٺو سُلوڪ ڪندو آهي. اسان توهان کي اهڙي طرح بهترين تحفا ڏيئي توهان کي خوش ڪري ڇڏينداسين.
روزين ڪريٽس: اسان توهان جي خدمت ۾ حاضر آهيون. توهان جو فرمان اسان جو فرض آهي.
گِلڊنسٽرن: اسان توهان جو حڪم پورو ڪرڻ ۾ پوري تعميل ڪنداسين. توهان جي قدمن ۾ اسان جون سڀ خدمتون حاضر آهن.
بادشاهه؛ مهرباني روزين ڪريٽس ۽ گِلڊنسٽرن.
راڻي: مهرباني گِلڊنسٽرن ۽ روزين ڪريٽس. هاڻي اسان توهان کان درخواست ٿا ڪيون ته توهان فورن وڃي اسان جي هيملٽ سان ملو. جيڪو هن وقت مجنون وانگر ٿي رهيو آهي. (خادمين سان) وڃو هنن کي هيملٽ تائين پهچايو.
گِلڊنسٽرن: خدا ڪري اسان جون ڪوششون اسان جي دوست هيملٽ لاءِ مفيد ثابت ٿين.
راڻي: آمين ....
(روزين ڪريٽس، گِلڊنسٽرن ۽ خادم وڃنن ٿا. پولونيس اچي ٿو.)
پولونيس: جناب اعليٰ! اسان جا جيڪي قاصد ناروي ويا هئا. اهي خوشخبري کڻي واپس آيا آهن.
بادشاهه: پولونيس! تون هميشه سٺي خبر کڻي ايندو آهين.
پولونيس: مان ائين ڪندو آهيان؟ سرڪار مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان پنهنجي فرض کي سڀ کان وڌيڪ سمجهندو آهيان. منهنجو روح خدا ۽ بادشاهه جو تابعدار آهي. مون کي هيملٽ جي ديوانگي جو سبب به معلوم آهي. حضور! ۽ هي ايتري حد تائين صحيح معلوم آهي جيستائين مان هي سمجهي وٺان ه منهنجو دماغي فعل خود خراب ٿي ويو آهي.
بادشاهه: ڪهڙو سبب آهي. پولونيس اسان ان کي ڄاڻڻ لاءِ تمام گهڻا بيچين آهيون.
پولونيس: پهرين قاصدن کي اچڻ لاءِ ترجيح عطا ڪيو. ان کان پوءِ راز جون ڳالهيون ٻڌائيندس.
بادشاهه: تون وڃ انهن کي عزت سان وٺي اچ.
(پولونيس ويندو آهي.)
پياري گِرٽِريُوڊ پولونيس چوي ٿو ته اُن هيملٽ جي جُنون جو سبب معلوم ڪري ورتو آهي.
راڻي: منهنجي خيال ۾ ته اُن جي پيءُ جو موت ۽ اُن جي فورن بعد ئي اسان جي شادي اُن جو وڏو سبب ٿي سگهي ٿي.
بادشاهه: اُن کان سڀ ڪجهه معلوم ٿي سگهي ٿو.
(والٽي مينڊ ۽ ڪورنيليس سان گڏ پولونيس اچي ٿو)
خوش آمديد! عزيز دوستو! ڪئين والٽيمينڊ تون اسان جي ڀاءُ ناروي جي بادشاهه کان ڪهڙو پيغام کڻي آيو آهين؟
والٽي مينڊ: توهان جي خدمت نيڪ دعائن سان گڏ. ان وڏو تسلي بخش جواب ڏنو آهي. حضور توهان جو پيغام ٻڌندي ئي اُن پنهنجي ڀائٽي ۽ ان جي ساٿين جي گرفتاري جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هُو ان جي متعلق ناواقف هيو. اُهو هي ڄاڻي پيو ته هي فوج پولينڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ وڃي رهي آهي ۽ ان جي تياري آهي. هن اِن ڳالهه جي متعلق ڏاڍو افسوس ظاهر ڪيو ته فورٽن براس ان جي ضعيفي ۽ ناچاڪائي جو ناجائز فائدو ورتوآهي. ان لاءِ هن کي وڏي سخت سزا ڏني. مان توهان کي سڄو حال مختصر ٻڌائيندس فورٽن براس پنهنجي چاچي جي ڳالهه مڃي ۽ بادشاهه روبرو واعدو ڪيو آهي ته هُو آئينده توهان جي خلاف ڪابه سازش نه ڪندو. ان ڳالهه سان خوش ٿي. ناروي جي بادشاهه ٽي هزار ڪرائون سالانه ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي. ۽ ان پنهنجي فوج کي پولينڊ تي حملي جو حڪم ڏنو آهي. (خط ڏئي) هن خط ۾ هُن اعليٰ حضور کان درخواست ڪئي آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي سلطنت جي حدن کان پُرامن طريقي سان اُن جي فوج کي گذري وڃڻ ڏي.
بادشاهه: اسان کي اِهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. هاڻي اسان واندڪائي جي وقت هي خط پڙهنداسين. ۽ ان تي غور ڪنداسين. ۽ ان جو جواب ڏينداسين. اسان توهان جي تڪليف جو به شڪريو ادا ڪيون ٿا ۽ سفر جي ٿڪاوٽ کان پوءِ توهان کي آرام جو حڪم ڏيون ٿا. اسان وري خوشي سان توهان جي آجيان ڪيون ٿا. اڄ رات اسان گڏجي کاڌو کائينداسين.
(والٽي مينڊ ۽ ڪورليونيس وڃنن ٿا.)
پولونيس: منهنجو ڪم صحيح طرح ٿي ويو. منهنجا سرڪار ۽ راڻي توهان حضرات جي عزت و قدر منهنجي دل ۾ انتهائي گهڻي آهي. مان ڏينهن ۽ رات جي وڌيڪ وقت کي ضايع نه ڪندس. پر هن ڪم ۾ فقط اهو ئي تعلق آهي ۽ عقلمندي اها ئي آهي ته گهڻين ڳالهين کي گهٽ وقت ۾ مختصرن چئي ڇڏجي. ته توهان جو پيارو فرزند پاڳل ڇو ٿي رهيو آهي. مان ان کي پاڳل ئي چوندس ڇو ته بغير اهو چوڻ جي ته هو پاڳل آهي ان جي پاڳلپڻي جي تشريح ڪئين ٿي سگهر پر اِن کي رهڻ ڏيو.
راڻي: پنهنجي قابليت ڏيکارڻ کان وڌيڪ معاملي جي ڳالهه ڪريو.
پولونيس: مان اهو غلط نه چئي رهيو آهيان. راڻي صاهبه توهان ان کي بغير ڪنهن شڪ جي يقين ڪيو ته هو مجنون ٿي ويو آهي ته هو قابل رحم آهي ۽ ديوانگيءَ واري حالت ۾ آهي. ڇو ته هي ڳالهيون صرف اِن لاءِ آهن ته عقلمندي ۽ قابليت مان ڏيکاري رهيو آهيان ته اُن ڳالهه کي ڇڏيو ۽ صاف صاف پنهنجي ڳالهه ٻڌائيان ٿو. پر توهان اِهو ڄاڻو ٿا ته هُو ديوانو آهي ته هن جي جُنون جو ڪو نه ڪو سبب هجڻ گهرجي ۽ اُن سبب کي معلوم ڪرڻ گهرجي. ۽ ان سبب جي متعلق مون کي هي عرض ڪرڻو آهي ته منهنجي ڌيءُ ادب سان هي خط توهان جي خدمت ۾ موڪليا آهن. هاڻي مان ان کي پڙهي ٻڌائيان ٿو. هِن لکت مان توهان صحيح مطلب ڪڍي سگهو ٿا. (خط پڙهي ٿو)
منهنجي رُوح جي ديوي جي نانءُ - حسين ترين اوفيليا - هي ته ان جي حُسن جي تعريف آهي. پر توهان ان کان اڳتي ٻڌو. کير وانگر اڇي ۽ پاڪيزا سيني تي هي سٽون هميشه قائم رهن.
راڻي: ڇا هي خط هيملٽ لکيو آهي؟
پولونيس: ٿورو ترسو راڻي صاحبه! مان سڀ ڪجهه عرض ڪندس. ( خط اڳتي پڙهي ٿو)
تون تارن تي شڪ ڪري سگهين ٿي ته هُو شعلا آهن. سج جي بيحس هجڻ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. هر سچ تي شڪ ٿي سگهي ٿو ته هو ڪوڙ آهي. پر منهنجي محبت تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه ڪجان. منهنجي پياري اوفيليا! مون کي شاعري ڪرڻ ناهي ايندي ۽ نه ئي مون کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو فن ايندو آهي. مان صرف اهو ڄاڻان ٿو ته مان توکي بيحد چاهيان ٿو. يقين ڪر مون کي خُود اُن حد جي خبر ناهي. جيستائين منهنجي زندگي آهي. منهنجي محبوبا! آخري ساهه تائين صرف تنهنجو- “هيملٽ”
اهو ئي آهي منهنجي ڌي منهنجي حڪم جي تعميل ڪندين. هي خط مون کي ڏنو آهي. ان سان گڏ شهزادي جيڪي ان کي تحفا ڏنا انهن جي به دانهن ڏيندي رهي.
بادشاهه: پر ان محبت جو اثر اوفيليا تي ڪهڙو آهي؟
پولونيس: توهان منهنجي متعلق ڪهڙا خيال رکو ٿا؟
بادشاهه: هڪ وفادار ۽ قابل احترام انسان.
پولونيس: مان پاڻ کي ان جو اهل ثابت ڪرڻ جي وسَ آهر ڪوشش ڪندس پر حضور جيڪڏهن مان هن راز کي لڪائي ڇڏيان ها ته حضور ان جي متعلق ڇا سوچي ها. ڇو ته هي به حقيقت آهي ته پنهنجي ڌيءُ جي ٻڌائڻ کان پهريائين مان ان محبت محبت جي باري ۾ معلوم ڪري ڇڏيو هو. ۽ جيڪڏهن مان ان کي ائين ئي ڀڙڪڻ ڏيان ها ۽ خاموش رهان ته توهان منهنجي متعلق ڪهڙو خيال فرمايو ها؟ جناب اعليٰ ڇا اها منهنجي غلطي نه هجي ها؟ ان لاءِ مان سڌو سنئون ان ۾ مداخلت ڪئي ۽ پنهنجي ڇوڪري کي ملامت ڪئي ته شهزادو هيملٽ هڪ شاهي رُڪن آهي. هو خاندان ۽ عزت جي حوالي کان ڏاڍو وڌيڪ آهي. ان سان محبت ڪري ڪو سنهري خواب نه ڏسجان. اهو قطع ناممڪن آهي. ان سان گڏوگڏ مان اهو به چئي ڇڏيو ته ان جو ڪوبه خط ۽ تحفو نه وٺندي ڪر ۽ ان سان ملڻ جو خيال ختم ڪري ڇڏ. ان منهنجي ڳالهين کي ڌيان سان ٻڌندي ان جي تعميل ڪئي. ۽ شهزادو ان صدمي ۾ دماغي توازن وڃائي ويٺو ۽ ديوانن وانگر گهمي رهيو آهي. ان جي حالت ڪرندي وڃي ٿي. ۽ هاڻي ته هو بلڪل ئي ديوانن وانگ رڙيون ڪرڻ لڳو آهي. مون کي شهزادي جي اها حالت ڏسي بيحد صدمو پهتو آهي.
بادشاهه: ڇا توکي ان ڳالهه جو يقين آهي؟
راڻي: ٿي سگهي ٿو اِهو درست هجي.
پولونيس: حضور ڇا توهان کي ان ۾ شڪ آهي. توهان منهنجي زندگي جو ڪو اهڙو لمحو ٻڌائي سگهو ٿا ته جڏهن مان ڪنهن ڳالهه کي پختي يقين کان پوءِ غلط چيو هجي ۽ اهو غلط ثابت ٿيو هجي.
بادشاهه: نه – مان ڄاڻان ٿو ته ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو.
پولونيس: (پنهنجي ڳلي ۽ مٿي جي طرف اشارو ڪندين.) توهان هنن کي ڪپائي ڇڏجو. مون کي جڏهن ڪنهن معاملي جو ثبوت ملي ويو آهي ته مان اصليت ضرور ڳولي ڪڍي آهي.
بادشاهه: توهان ڄاڻيو ٿا ته هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هن وڏي ڪمري ۾ چڪر لڳائيندو رهيو آهي.
راڻي: ها ائين ته ٿيندو آهي.
پولونيس: اُن وقت اسان اوفيليا کي اوڏانهن موڪلي ڇڏينداسين اسان پردي جي پويان لڪي سڄو لقاءُ ڏسنداسين ته هو ڪهڙي طرح ان سان ملي ٿو. جيڪڏهن هو ان جي عشق ۾ ديوانو نه ٿيو آهي ته توهان مون کي شاهي درٻار جي امير بجاءِ هڪ فقير سمجهندا.
بادشاهه: ٺيڪ آهي. اسان اهو سڀ ضرور ڏسنداسين.
راڻي: پر هو غريب ڪيترو غمگين ڪتاب پڙهندين اچي رهيو آهي.
پولونيس: توهان ٻئي لڪي وڃو. مان ان سان ڳالهائيندس. (راڻي ۽ بادشاهه لڪي وڃنن ٿا.) – (هيملٽ ڪتاب پڙهندي اچي رهيو آهي.) ڇا مان حضور شهزادي هيملٽ کان مزاج پڇي سگهان ٿو. مزاج مبارڪ ئين آهي؟
هيملٽ: ٺيڪ آهيان. خدا جو شڪر آهي.
پولونيس: توهان مون کي سڃاڻيو ٿا شهزادا؟
هيملٽ: هميشه چڱي طرح تون مهاڻو آهين.
پولونيس: نه حضور ائين ته نه آهي.
هيملٽ: پوءِ ڪاش جو تون هڪ ايماندار شخص هجين ها.
پولونيس: مان ايماندار آهيان شهزادا.
هيملٽ: پر جناب توهان کي اهو به معلوم آهي ته هزار تلاش کانپوءِ هزار مان هڪ ئي سچو ۽ ايماندار ماڻهو نظر ايندو آهي.
پولونيس: درست ٿا فرمايو حضور.
هيملٽ: جڏهن ته سج هڪ موئل ڪتي جي جسم ۾ ڪيڙو وجهي ڇڏيندو آهي. ان جي گوشت ۽ چمڙي کي ساڙيندو آهي. اڙي ها ڪئين تنهنجي ڪا ڌيءُ به آهي؟ ان کي سج جي روشني ۾ نڪرڻ نه ڏجان. قدرت جو قانون هر عورت لاءِ هڪ جهڙو آهي. پر تنهنجي ڌيءُ ان کان بي خبر آهي. ۽ تون ان جو پورو خيال رکجان.
پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) هاڻي هن کان ٻيو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو جو اڃان تائين منهنجي ڌيءُ کي وساري ناهي سگهيو. حالانڪه مون کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي به نه سگهيو ۽ چوڻ لڳو ته مان هڪ مهاڻو آهيان. هي پنهنجي محبت جي پاڳل پڻي ۾ ڪافي ديوانو ٿي چڪو آهي. ۽ حقيقت ۾ ائين ٿيندو آهي. مان به پنهنجي شروعاتي جواني ۾ اهڙي طرح ئي عشق ۾ ديوانو ٿي ويو هيس. بلڪل ائين ئي. اڇا هاڻي شهزادي کان ٻه چار ڳالهيون ڄاڻڻ گهرجن. (شهزادي سان) توهان ڇا فرمائي رهيا آهيو حضور.
هيملٽ: الف ، الف ، الف ....
پولونيس: انهن جي وڄ ۾ معاملو ڪهڙو آهي؟
هيملٽ: ڪنهن جي وچ ۾؟
پولونيس: منهنجو مطلب توهان جي مطالعي سان آهي سرڪار.
هيملٽ: واهيات اهي. مصنف طنزيا طور تي پوڙهن جي باري ۾ لکيو آهي ته انهن جي ڏاڙهي اڇي هوندي آهي. چهري تي گهنج رهندا اٿن. اکيون ڪوڏ جي گول ٻير وانگر چيپ سان چمبڙيل رهنديون آهن. عقل مٿي مان گهٽجي ويندو آهي. مغز ۽ ٽنگن جون صلاحيتون ختم ٿي وينديون آهن. ائين ئي مان هي سڀ ڪجهه ٺيڪ سمجهان ٿو. پوءِ به سَري عام ان طرح لکڻ درست نه آهي. ڇو ته سرطان وانگر جيڪڏهن توهان اُبتي پير هلو ته توهان پوءِ مون وانگر جوان ٿي سگهو ٿا. ڇا هي درست ناهي؟
پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) حالانڪه ڳالهيون پاڳلن جي طرح ڪري ٿو. پر ان جي پويان ضرور ڪوئي گهرو راز آهي. (شهزادي سان) حضور توهان بلڪل کليل هوا ۾ هلڻ پسند ڪندوَ؟
هيملٽ: منهنجي قبر جي اندر ....
پولونيس: حقيقت ۾ هوا ته اتي هوندي آهي ئي ناهي (پاڻ سان) اها عجيب ڳالهه آهي. هي ته ائين ٿو معلو ٿئي ته جيڪي پاڳل انسان چئي ۽ سمجهي ويندا آهن. اهو هڪ صحيح دماغ رکندڙ شخص به سمجهي ناهي سگهندو. خير هاڻي اوفيليا جي ملاقات شهزادي سان ڪرائڻ گهرجي. (شهزادي سان) ٺيڪ آ حضور مون کي اجازت ڏيو.
هيملٽ: مون وٽ ٻي ڪا قيمتي شيءِ ڪونهي جو توکي ڏئي سگهان. علاوه منهنجي زندگي جي. منهنجي زندگي.! منهنجي زندگي.!
پولونيس: الوداع شهزادا.
هيملٽ: هي پاڳل بد دماغ پوڙهو.
(روزين، ڪريٽس ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)
پولونيس: (ويندي) توهان شهزادي هيملٽ کي تلاش ڪري رهيا آهيو. هو اتي ئي آهي.
روزين: خدا توهان جي حفاظت ڪري جناب.
گِلڊن: شان وارا شهزادا.
روزين: منهنجا پيارا شهزادا.
هيملٽ: او - منهنجا پيارا دوستو! روزين، گِلڊنسٽرن ٻڌايو ڪئين آيا آهيو توهان ٻئي؟
روزين: دنيا جي ٻين انسانن جيان.
گِلڊن: نه ڪا خاص خوشي آهي ۽ نه ئي ڪو خاص غم آهي. بس خدا جو شڪر آهي.
هيملٽ: ڇا تون بد بختيءَ جي حد تائين نه وڃي رهيو آهين؟
روزين: نه حضور.
هيملٽ: ڪئين توهان تي دنيا ۽ زندگيءَ جو عتاب آهي يا مهرباني! ڇا خبر آهي؟
روزين: ڪا به خبر ڪونهي. صرف اهو ته دنيا هاڻي پهرين کان ڪافي ايماندار ٿي وئي آهي.
هيملٽ: تڏهن ته قيامت ضرور ويجهو آهي. پر توهان جي اها خبر درست ناهي. ڇا هڪ ڳالهه ٿورو ٺيڪ طرح ٻڌايو ته توهان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هن قيد خاني ۾ موڪليا ويا آهيو؟
گِلڊن: قيد خانو؟ ڇا ٿا فرمايو شهزادا.
هيملٽ: ها! هي ڊينمارڪ جو هڪ قيد خانو آهي.
روزين: پوءِ ته سڄي دنيا هڪ قيد خانو ٿي سگهي ٿي.
هيملٽ: بلڪل درست آهي. هي هڪ اهڙو قيد خانو آهي. جنهن۾ تمام گهڻيون ڪاريون ڪوٺيون آهن. انڌا کوهه آهن جو اتي دم گهٽجندو آهي. ڊينمارڪ به انهن مان هڪ ڪاري ڪوٺي آهي.
روزين: پر اسان ته ائين نه ٿا سوچون شهزادا.
هيملٽ: درست آهي. توهان لاءِ هي ائين نه آهي. ڇو ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ چڱي يا بُري نه آهي. صرف خيال ان حد تائين پهچائيندو آهي. منهنجي لاءِ هي هڪ قيد خانو آهي.
روزين: ايتري خسيس ڳالهه سوچڻ توهان جي شان ۾ موضون نه آهي شهزادا.
هيملٽ: منهنجو خدا جيڪڏهن مون کي هڪ ناريل جي کوپي ۾ به بند ڪري ڇڏي ته مان انهيءَ حد تائين پاڻ کي بادشاهه سمجهان ها پر ڪا رات جو مون کي ايترا خوفناڪ خواب ته نه ڏسڻا پون ها.
روزين: خواب دراصل خيالن جا آئينا هوندا آهن. توهان جا خيالات پريشان آهن.
گِلڊن: خواب بَذات خود هڪ عڪس هوندا آهن.
روزين: هي صحيح آهي. هي هوا وانگر هلڪا ۽ بي ترتيب هوندا آهن. دراصل هي عڪس جو به پاڇو هوندا آهن.
هيملٽ: تڏهن ته جيترا پينار آهن. پنهنجي دل ۾ پنهنجو عڪس بادشاهه ۽ شهنشاهه جهڙو رکندا هوندا. هن وقت مان ڪنهن به ڳالهه جو صحيح جواب نه ٿو ڏي سگهان. اڇا هاڻي اسان شاهي دٻار ۾ هلون ٿا.
روزين + گِلڊن: اسين هتي توهان جي خدمت ۾ رهنداسين شهزادا.
هيملٽ: نه ، مان پنهنجي دوستن کي خادمين جي صورت ۾ پسند نه ڪندو آهيان. اڇا هاڻي ايمانداري سان اهو ٻڌايو ته منهنجي مٿان نگراني شروع ٿي وئي آهي؟ هاڻي ٻين ڳالهين کي ڇڏيو ۽ منهنجي سچن دوستن وانگر ٻڌايو ته توهان ڪهڙي مقصد لاءِ هتي موڪليا ويا آهيو. توهان اِنسي نور ۾ ڇا ڪندوَ؟
روزين: ڪوئي مقصد ناهي حضور. صرف توهان سان ملاقات جي خواهش سان آيا آهيون،
هيملٽ: مان هڪ فقير ٿيندو پيو وڃان ۽ توهان جو شڪريه به ادا نه ٿو ڪري سگهان. پيارا دوستو! هن تڪليف جي لاءِ منهنجو شڪريو قبول ڪيو. ڇا توهان هتي موڪليا ناهيو ويا؟ ڇا توهان جي پنهنجي مرضي هئي؟ ڇا هي هڪ دوستاڻي ملاقات آهي؟ اچو مون سان ڪجهه ڳالهيون ڪيو. اچو اچو توهان ڪجهه ڳالهايو ڇو نه ٿا؟
گِلڊن: اسان ڇا چئون شهزادا؟
هيملٽ: ڪجهه به جيڪو ان جي متعلق هجي. توهان هتي موڪليا ويا آهيو. توهان جون اکيون اقرار جرم ڪري رهيون آهن. توهان پنهنجي صاف دلي جي سبب سان ان کي لڪائي نه سگهيا آهيو. مون کي معلوم آهي. دوست ته اسان جي بادشاهه اعليٰ ۽ راڻي توهان کي هتي موڪليو آهي.
روزين: پر ڇا جي لاءِ حضور؟
هيملٽ: اِن جي لاءِ ته توهان ضرور ئي ڪجهه نه ڪجهه مون کي پڙهائيدوَ.پر پنهنجي دوستي ۽ هر عمر جي ناتي مان توهان کي لتجا ڪيان ٿو ته جيڪا به ڳالهه آهي اها صاف ٻڌايو ۽ ڪائي به ڳالهه دل ۾ نه رکو. مون کي ان سان ڪوئي مطلب ناهي ته توهان پاڻ آيا آهيو يا توهان کي ڪنهن موڪليو آهي.
روزين: (گِلدنسٽرن سان) هاڻي چئو ڇا ٿا چئو؟
هيملٽ: (پاڻ سان) نه اڇا هاڻي مون کي توهان تي به ڪڙي نگراني رکڻي پوندي. (ٻنهي سان ڳالهائي ٿو) اگر توهان کي مونسان محبت آهي ته مون کان ڪابه ڳالهه نه پُڇجو .
گِلڊن: شهزادا - اسان هتي گهرايا ويا آهيون.
هيملٽ: هاڻي مان توهان کي ٻڌايان توهان هتي ڇو گهرايا ويا آهيو. منهنجي هي ٻڌائڻ سان بادشاهه جو توهان سان ڪيل واعدو نه ٽٽندو ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجي زبان سان راز ناهي ٻڌايو. ڪجهه ڏينهن کان مان ايترو غمگين ٿي ويو آهيان جو مان سڄو ڪم ڪار ڇڏي ڏنو آهي. دل ايتري پٿر ٿي وئي آهي جو دنيا اجڙيل ۽ بيابان ٿي لڳي ۽ تارن سان ڀريل آسمان صرف هڪ سُنسان ۽ ويران نالي مقام نظر ايندو آهي. جئين ته هڪ مرض ڦهلائڻ وارو دونهون مٿي وڃي ڄمي رهيو آهي. خبر ناهي ته ڪهڙي سبب آهي جو مون کي خوبصورتي ۾ به ان طرح جي بدصورتي نظر ايندي آهي. خدا جي حسين ترين تخليق ۽ فن انسان آهي ان کي ڪيڏو وڏو فهم ۽ طاقت عطا ڪئي آهي. شڪل ۽ چال چلت ۾ هنرمندي استعمال ڪئي وئي آهي. هن ئي دنيا جي خاڪ سان انسان ٺاهيو ويو آهي. پر دوستو! انسان منهنجي لاءِ هڪ خاڪ مثل آهي مان ڪنهن به مرد ۽ عورت سان انساني همدردي نه ٿو رکان. دوستو توهان جا چپَ مسڪراهٽ ظاهر ڪري رهيا آهن ته توهان هِن موضوع تي ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا.
روزين: نه حضور اسان پنهنجي دل ۾ اهڙو ڪجهه به نه ٿا رکون.
هيملٽ: پر توهان کِليا ڇو هيو. جڏهن مان ائين چيو ته انسانن سان مون کي ڪوبه لڳاءُ ڪونهي؟
روزين: مان هي ٿو سوچان شهزادا ته جڏهن توهان کي انسانن سان ڪا انسانيت ئي نه رهي اٿوَ ته پوءِ جيڪي ويچارا هتي ناٽڪ کيڏڻ اچي رهيا آهن اهي توهان مان ڪهڙي اميد رکندا. اهي اسان کي رستي ۾ مليا هيا. نه ڄاڻ ته ڪهڙي اميد کڻي هو هتي اچي رهيا آهن.
هيملٽ: هو جيڪو بادشاهه جو ڪردار ادا ڪندو مان شهنشاهه جي خدمت ۾ خراج عقيدت پيش ڪندس بهادر سپاهي کي ان جي تلوار جا ڪرتب ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو ويندو. عاشق کي ان جي ڪردار لاءِ موزون انعام ڏنو ويندو. مسخرو بغير روڪ ٽوڪ جي پنهنجو جوهر ڏيکاريندو. ان کي هر طرح موقعو ڏنو ويندو ته ماڻهن کي محفوظ ڪري سگهي. زنانه ڪردار آزادي سان مقالو ادا ڪندا. هو ڪهڙو ڊرامو ڪرڻ وارا آهن؟
روزين: هو اهو ئي “الميا” ڊرامو ڪرڻ وارا آهن. جنهن کي توهان تمام، گهڻو پسند ڪندو.
هيملٽ: پر انهن جڳهه جڳهه گهمڻ ڇو شروع ڪيو آهي. هڪ جڳهه رهي ڪري اهي وڌيڪ عزت ۽ پئسن جا مالڪ ٿي سگهن ٿا.
روزين: اهي هاڻي ئي پاس ڪيل قانون جي مطابق شهر ڇڏي وڃي رهيا آهن.
هيملٽ: پر اهي هاڻي به ايترا ئي پسند ڪيا وڃنن ٿا. جيترو پهرين سڀني جا هر دل عزيز هيا.
روزين: نه هاڻي اهي ائين نه رهيا آهن.
هيملٽ: ڇو - ائين ڇو آهي؟ ڇا انهن جي اداڪاري خراب ٿيڻ لڳي.
روزين: ڪم ته اهي سٺو ئي ڪندا آهن. جناب انهن جي اداڪاري ۾ ڪوبه فرق نه آهي. پر انهن جي مقابلي ۾ هڪ نئين ٿيٽر ڪمپني ٺهي آهي. جن جا اداڪار ننڍڙا ٻار وڏي سٺي آواز ۾ مڪالمو چوندا آهن. ۽ پنهنجي سُريلي آواز جي سبب سان ڏاڍو پسند ڪيا وڃن ٿا. انهن جي ننڍن ننڍن اداڪارن پنهنجي سامهون پُراڻن اداڪارن کي به مات ڏئي ڇڏي آهي. ٻي ڳالهه مقالمه نويس عجيب طرح سان ڪجهه لکي به رهيا آهن ۽ معزز شهري پنهنجي دوستن ۽ هم مزاج ماڻهن جي طنز کان بچڻ لاءِ ڏسڻ نه ايندا آهن.
هيملٽ: هي ٻار ڪير آهن. انهن کي ملازم ڪنهن رکيو آهي. انهن جو ٻالڪ پڻو انهن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. جڏهن هي به وڏا ٿيندا ته انهن جو آواز به ائين ئي ڳورو ٿي ويندو ته انهن کي به نئين دور کان شڪايت ٿيندي ۽ ان پيشي کي ملامت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا.
روزين: دراصل ڇڪتاڻ ٻنهي طرفن کان ٿي رهي آهي. ٻيا شخص انهن کي اڃان به وڏيڪ وڙهائي رهيا آهن ۽ ڀڙڪائي رهيا آهن. هڪ زمانو اهو به هيو جڏهن ته ڪمپنين جا مالڪ انهن ڊرامن کي خريد ڪندا هيا جن ۾ ڊرامه نويس ۽ اداڪارن جي وچ ۾ وڙهڻ جو خدشو رهندو هيو.
هيملٽ: حقيقت ۾ ائين ئي آهي؟
گِلڊن: ها - جهيڙو ڪافي حد تائين جاري آهي.
هيملٽ: ڇا ڇوڪرن اهو جهڙو ڪري رکيو آهي؟
روزين: جي ها حضور انهن دٻاءُ سان لڳل گلوب ٿيٽر جو نشان به مٽائي ڇڏيو.
هيملٽ: ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي. ڏسو ته منهنجو چاچو اڄ ڪلهه ڊينمارڪ جا بادشاهه آهن. اهي ماڻهو جيڪي منهنجي پيءُ جي زماني ۾ ڪڏهن ان جي پرواهه نه ڪندا هيا. اڄ هن جي اشارن تي جان ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. هڪ ماهر نجومي ئي هي ٻڌائي سگهي ٿو ته انسان جي دل جو حال ڪيترو عجيب هوندو آهي.
(اندريان باجن جو آواز ايندو آهي)
گِلڊن: هو ڊرامو ڪرڻ وارا اچي رهيا آهن.
هيملٽ: معزز اداڪار! توهان کي السي نور ۾ ڀليڪار ڪيو وڃي ٿو. اچو مونسان هٿ ملايو. زبان ۽ اشارن سان ته سڀ استقبال ڪندا آهن. پر مون کي توهان جي شاندار نموني سان ڀليڪار ڪرڻ گرجي. جنهن سان توهان کي اهو احساس ٿه ٿئي ته توهان جي مناسب طور تي آجيان نه ٿي آهي. هي توهان جو استقبال پنهنجي مناسب حيثيت سان ڪري رهيو آهيان پر هڪ ڳالهه اها به ٻڌايان ٿو ته منهنجو چاچو هاڻي منهنجو پيءُ ٿي ويو آهي. ۽ منهنجي ماءُ منهنجي چاچي ٿي وئي آهي ۽ اهي منهنجي طرف کان مشڪوڪ آهن.
گِلڊن: اهو ڪهڙي طرح شهزاد؟
هيملٽ: مان ته ڪنهن خاص موقعي تي چريو ٿي ويندو آهيان. ڪجهه دير لاءِ پر جڏهن هوا اتر جي طرف گهلندي آهي ته منهنجو دماغ درست ٿي ويندو آهي.
(پولونيس ٻيهر اچي رهيو آهي.)
پولونيس: خدا توهان سڀني کي سلامت رکي.
هيملٽ: گِلڊنسٽرن ۽ تون به منهنجي ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏ ته هي وڏو بار اڃان تائين ننڍپڻ جي ڪپڙن کان به ناهي نڪتو.
روزين: شايد پوڙهن لاءِ اها چوڻي آهي ته ڪُراڙپ ٻيو ننڍپڻ آهي.
هيملٽ: مون کي يقين آهي ته هي ڊرامن ڪرڻ وارن جي متعلق اطلاع ڏيڻ اچي رهيو آهي. اڇا سومر جي صبح جو توهان جو ڊرامو ٿيندو. ڪئين صحيح آهي؟
پولونيس: حضور مون کي توهان کي هڪ پيغام ڏيڻو آهي.
هيملٽ: ۽ حضور مون کي به توهان کي هڪ پيغام ڏيڻو آهي. جڏهن روسس روم جو هڪ اداڪار هيو.
پولونيس: هتي ڊرامو کيڏڻ وارا آيا آهن حضور.
هيملٽ: بيهُودا بلڪل ڪوڙ آهي.
پولونيس: مان پنهنجي اعزاز جو قسم کڻان ٿو.
هيملٽ: پوءِ ته هر اداڪار گڏهه تي ويهي آيا هوندا.
پولونيس: هي دنيا جا بهترين اداڪار آهن. الميه، مزاحيه، تاريخي، مذهبي هر قسم جي ڊرامي لاءِ موزون آهن. غمناڪ ۽ خوفناڪ ڊرامن لاءِ به بهترين آهن. هي پنهنجي فن ۾ مشتاق آهن شهزادا.
هيملٽ: تو وٽ ڪهڙي شيءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي آهي؟
پولونيس: ڪهڙي قيمتي شيءِ شهزادا؟
هيملٽ: ڇو ٻڌائيان. هن وٽ صرف هڪ خوبصورت ڌيءُ آهي جنهن کي هي گهڻو چاهيندو آهي.
پولونيس: (پنهنجو پاڻ سان) اڃا تائين منهنجي ڌيءُ جو خيال.
هيملٽ: ڇو پوڙها. ڇا مان ٺيڪ نه چئي رهيو آهيان؟
پولونيس: جيڪڏهن توهان مون کي چئو ٿا ته بلڪل درست آهي. حضور ته منهنجي هڪ ڌيءُ آهي جنهن کي مان گهڻو چاهيندو آهيان.
هيملٽ: هي ڳالهه ڪجهه ٺهي نٿي.
پولونيس: ته ڪهڙي طرح ٺهندي آهي. حضور
هيملٽ: ڇو تون نه ٿو ڄاڻين ته مون کي ڪيترو صدمو آهي ته پنهنجي بربادي جو منظر اکين سان نه ٿو ڏٺو وڃي پر تقدير ڏيکاريندي سڀ ڪجهه ڏسندس.
(چار، پنج اداڪارن جو اچڻ)
اسان توهان کي خوش آمديد چئون ٿا. اداڪارو! توهان کي ڏسي ڪري اسان کي خوشي ٿي منهنجا دوستو. مان توهان جو اسقبال ڪيان ٿو. منهنجا پراڻا دوست توهانجي چهري تي ڏاڙهي اچي وئي آهي. ڇا ڊينمارڪ م توهان پنهنجي ڏاڙهي وڌائڻ آيا آهيو. نوجوان چوڪري! تون به آئي آهين، پر تون ڪيتري ڊگهي ٿي وئي آهين. شايد ڪاٺيءَ جي کڙيءَ واري چپل جي سبب سان آهي. پر تنهنجي آواز ۾ ڳرائي ته ناهي آئي. ڇاڪاڻ ته جهڙي طرح مُهر ٽٽڻ کانپوءِ سِڪي جي شڪل مٽجي ويندي آهي. اهڙي طرح آواز ڳرو ٿي وڃڻ سان سڀ ڪجهه بيڪار ٿي ويندو آهي. خير اڄ مان ڏاڍو خوش آهيان ۽ توهان جو استقبال ڪيان ٿو. اداڪارو! هاڻي توهان کي پنهنجو ڪم جلد ئي شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي. فرانس جي سُٺن رانديگرن وانگر توهان پنهنجي سامهون وارن ڪمن کي ته شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي. جنهن سان مڪالمي جو ڪم شروع ڪري ته اسان توهان جو فن ڏسي سگهون. اڇا هاڻي هوشياري سان ڪم شروع ڪيو. ۽ هڪ سٺي تقرير ڪيو.
پهريون اداڪار: ڪهڙو ڊرامو شهزادا.
هيملٽ: مان توهان جي تقرير هڪ دفعو ٻڌي هئي جيڪو شايد ڊرامو وري اسٽيج تي نه ڪيو ويو هيو. ۽ جيڪڏهن ٿيو به هيو ته شايد هڪ دفعي کان وڌيڪ نه. ڇاڪاڻ ته اهو عوام کي پسند نه هيو. پر ماڻهن جي پسند سان ڇا؟ منهنجي خيال ۾ اهو ڊرامو هر طرح سان بهترين هيو. ان جا منظر قابل قدر هيا. ڊراما نويس انتهائي محنت سان لکيو هيو. لُوڻ، مرچ لڳائڻ سان ماڻهن جي پسند، ناپسند ۾ بدلجي ويندي آهي. پر اهو ڊرامو سادگي سان لکيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته اهو لکڻ واري فن کي به تمام وڏو فن سمجهندو هيو.
“اينياس” جي داستان جو ڪجهه حصو مون کي بي حد پسند هيو. خاص ڪري ان جڳهه جتي اهو پرائم جي قتل جي متعلق چوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي پورو ياد آهي ته ٻڌايو ۽ پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هڪ دفعو ٻيهر ياد ڏياريانوَ ٿو ته آئرس چيتي وانگر پاٽرس ناهي. اهو مقالو هاٽپرس جي نالي سان شروع ٿئي ٿو. اهو ظالم هاٽپرس خراب جيڪو بدافعال گهوڙي تي لڪيل رهندو هيو. هن پنهنجي ڊيڄاريندڙ چهري کي ڳاڙهو رنگ ڪري اڃان به ان کي خوفناڪ بڻائي چڏيو هو. جئين هو مٿي کان پيرن تائين رت ۾ وهنتل هجي ۽ پوءِ اهو رت ان جي ماءُ پيءُ پُٽ ۽ ڌيئرن جو آهي. انهن رستن هن کي روشني ڏيکاري هئي. جيڪي چوءطرف ڀڳيل هئا. ان جي مالڪ جابر ۽ ظالم يونانين جي فسادن جا نشانه بڻجندا هيا. ان ڳاڙهي رت سان رڱيل پنهنجي خوفناڪ شڪل کڻي ۽ تمام گهرن کي باهه جي حوالي ڪندي ڌکيل باهه جو رنگ اهڙو هيو جئين ان جون خوفناڪ اکيون گهوري رهيون هيون ۽ ڪمزور ماڻهو ته ان کي ڏسڻ جو حوصلو ئي نه ڪري سگهندو هيو. اهڙين ئي خوفناڪ نظرن سان ڏسندي هو درندو پاٽرس پنهنجي ڏاڏي پِرائم جي تلاش ۾ ويندو آهي. ها! هاڻي توهان مقالمي کي اڳتي وڌائي سگهو ٿا.
پولونيس: واهه حضور - توهان هي مقالمو ڪيڏي نه سٺي طرح سان ادا ڪيو. ڪيترو سٺو لهجو ۽ سٺو آواز آهي.
پهريون اداڪار: پوءِ هو ٿوري دير کان پوءِ ڏسندو آهي ته پرائم يوناني سپاهين تي وڏا گولين جا حملا ڪري رهيو آهي. هن جي پراڻي تلوار هن جي مٿان سنڀالي نه ٿي وڃي. هڪ دفعو ڪِري مشڪل کڄي ٿي جتان هو کڻڻ چاهي ٿو اتي ئي ڪِري ٿي پوي. پاترس جو حالانڪه هن لڙائي ۾ ڪير به مقابلي وارو نه هيو پر پوءِ به هن پرائم جي طرف ڪاوڙ سان تير اڇلايو جيڪو نشانو گُسي ويو. حالانڪه قهر ۽ غضب جي حالت ۾ هو صحيح طرف اوڏانهن ڏسي نه سگهيو هيو. پر جئين ئي اهو تير هن جي ڀرسان گذريو هن جي تورو ئي ڇُهي وڃڻ سان ويچاري پوڙهي پرائم کي زخم لڳي ويو پوءِ جنگ جي اها سڌائي جهڙي سر زمين هن حملي سان لرزي اُٿي سڙندڙ گهر پنهنجي بنيادن سميت سڙي ويا. انهن جي ڪرڻ سان ان قهر جو شور ٿيو جو ٿوري دير لاءِ پاٽرس به پريشان ٿي ويو. هن کي ان آواز کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. ان جي تلوار جيڪا پرائم جي اڇن وارن تي پوي پئي هوا ۾ لٽڪي رهجي وئي. هڪ طرف جلاد وانگر تلوار کڻي فيصلو نه پيو ڪري سگهجي ته ڇا ڪري. اها ئي حالت ڊرامي ۾ پوري طرح ڏيکاري وئي آهي. پر اڪثر اسان ڏسندا آهيون ته طوفان جي اچڻ کان پهرين هڪ خاموشي طاري ٿي ويندي آهي ۽ زمين تي موت جهڙي خاموشي ڇائجي ويندي آهي. ان جي هڪ لحظي کان پوءِ طوفان ايندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته آسمان ڦاٽي پوندو. عين ان ئي وقت جلاد هڪ شولي وانگر بدلو وٺڻ لاءِ گجندو اچي اڳتي وڌندو آهي ان پرائم کي نهايت بي درديءَ سان ماري ڇڏيو. جئين خدا باهه معبود جنگ تي حملو ڪري رهيو هجي ۽ دنيا جي سامهون جنگ جو هڪ مثال قائم ڪندو. “تون هلي وڃ اي! قسمت جي ديوي تون ڪيڏي نه بد مزاج آهين ۽ ديوتائن توهان گڏجي انسانن جا حق ڇني دوزخ جي حوالي ڪري ڇڏيو.”
پولونيس: هي ته انتهائي طويل آهي.
هيملٽ: ته پوءِ توکي تنهنجي ڏاڙهي سان گڏ حجم ڏانهن موڪليو ويندو. ها ساٿيو! توهان ڳالهائيندا رهو. هن پوڙهي کي مزاحيه ۽ شهوتي ڪهاڻين ۾ مزو ايندو آهي. نه ته هي ننڊاکو ٿي ويندو آهي. اڇا هيڪوبا جي طرف هلو.
پهريون اداڪار: پر ڪنهن هن نقاب پوش راڻي کي ڏٺو آهي؟
هيملٽ: نقاب پوش راڻي؟
پولونيس: بلڪل درست. هي نقاب پوش راڻي بلڪل درست آهي.
پهريون اداڪار: هو جيڪا گهٻرايل پيرين اگهاڙي هيٺ مٿي شعلن جي وچ ۾ ڀڄي رهي آهي. پنهنجي ڳوڙهن سان وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان جڳهه تي ڪڏهن تاج سجندو هيو جتي اڄ مٿي تي چبوتري ويڙهيل آهي. خوف جي سبب سان هو پنهنجي شاهاڻي لباس جي بجاءِ هڪ ڪمبل ويڙهيو آهي. ان حالت ۾ جيڪڏهن ڪنهن راڻي کي ڏٺو هجي ها ته تقدير کي نه ڄاڻ ته ڪيترو پِٽي ها. ان وقت جڏهن ڀُوت هن جي پياري مڙس جو قتل ڪري ڇڏيو ته هوءِ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. جيڪڏهن ديوتائن کي انسانن سان همدردي هجي ها ته پوءِ اهي به روئي ڏين ها ۽ انهن جي دل جا ٽڪرا ٿي وڃن ها.
پولونيس: ڏسو - هي اداڪار مڪالمو ادا ڪندي ڪندي پاڻ به روئي ڏنو. بس ڪيو ان کان اڳتي مڪالمو نه چئو.
هيملٽ: ڏاڍو سٺو. باقي مڪالما مان پوءِ ٻڌندس. جناب ڇا توهان هنن اداڪارن جي قيام ۽ طعام جو انتظام ڪري ڇڏيندو؟ ان جو خاص خيال رهي ته انهن کي وٺي ڪري ڪابه لاپرواهي نه ٿئي. ڇو ته هي موجوده حالت جي تاريخ آهن. جيڪڏهن توهان انهن سان ڪا بدسلوڪي ڪئي ته مان تنهنجي قبر جي سرن کي ڪڍرائي ڇڏيندس.
پولونيس: منهنجا مالڪ! مان انهن جي حيثيت جي مطابق انتظام ڪري ڇڏيندس.
هيملٽ: ڏاڍو سٺو. هر ماڻهو جو ان جي حيثيت جا مطابق انتظام ڪيو ته جئين ڪوڙا کائڻ کان بچي وڃو. انهن جي قابليت جو خيال ترڪ ڪري انهن سان قرب ڪيو. هميشه هر ننڍي ۽ وڏي جي عزت ڪري پنهنجي فراخ دلي ڏيکاريو. انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃ.
پولونيس: (اداڪارن سان) اچو صاحبان.
هيملٽ: ساٿيو! هن سان گڏ وڃو. اسان سڀاڻي هڪ ڊرامو ڏسنداسين.
(پولونيس سان گڏ سڀ اداڪار هليا وڃنن ٿا. سواءِ پهرين اداڪار جي)
هيملٽ: (پهرين اداڪار سان) ٻڌو منهنجا دوست - ڇا توهان گونزيگو جو قتل نامو ڊرامو کيڏي سگهو ٿا؟
پهريون اداڪار: جي حضور .
هيملٽ: ته پوءِ سڀاڻي رات جي لاءِ هن ڊرامي جي تياري ڪر. توکي ان جي لاءِ ياد ڪرڻي پوندي ۽ انهيءَ مڪالمي ۾ ملائي ڇڏڻو پوندئي. هي سڀ ڪجهه مان ٺاهي ڇڏيندس.
پهريون اداڪار: ضرور شهزاده
هيملٽ: اڇا! پوءِ بهتر آهي ته تون هن امير سان گڏ وڃ پر ڏسو جو مذاق نه اڏائجان. (پهريون اداڪار هليو وڃي ٿو) منهنجا پيارا دوستو سڀاڻي رات تائين لاءِ الوداع! مان هڪ دفعو ٻيهر پيڙائي تخت ۾ توهان جو استقبال ڪيان ٿو.
روزين: منهنجا پيارا شهزادا.
هيملٽ: اڇا الوداع! خدا توهان کي هميشه خوش رکي.
(روزين ۽ گِلڊن وڃنن ٿا)
هاڻي مان بلڪل تنها آهيان. مان ڪيڏي نه ڊيٺ قسم جو غلام آهيان. ڇا اهو عجيب نه آهي ته اهو اداڪار جيڪو ٻين جي نقل ڪري رهيو آهي. ان جي موت تي روئڻ لڳو. ان جو چهرو ڦڪپ ٿي ويو. اکيون سچ ۾ آليون هيس. هن جي آواز ۾ ايترو ته غم غالب ٿي ويو هو جو ان جي حالت ڏسي ائين پيو لڳي ته ان جي گهر ۾ ڪنهن عزيز جو موت ٿي ويو آهي ۽ اسُوجه سان ايترو رنج آهي ۽ تعجب هي آهي ته سڄو رنج هن اداڪاريءَ جي صورت ۾ ڏيکاريو هيو. سڀ ڪجهه مصنوعي ئي هيو. جيڪڏهن هو مون وانگر شڪسته حالت ۾ هجي ها ته ڇا ڪري ها. پوري اسٽيج کي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏي ها. ان کي ڏسي تماشائين جي دل ڦاٽي پوي ها ۽ اهو روئي روئي پنهنجون اکيون ڳاهيون ڪري وجهي ها. هن کي ڏسي مجرم خوفزده ٿي ڀڄڻ لاءِ اٿي ها ۽ بيگناهه چُپ ٿي وڃي ۽ گهٽ عقل وارو بي چين ٿي وڃي ها. اهو ته يقين آهي ته هو اداڪاري سان ڏسڻ وارن جي دل خوفزده ڪري ڇڏي ها. ٻيو مان ڇا چوان؟ هڪ ڪمزور دماغ ۽ پريشان شخص مان هر وقت سونهري خواب ڏسندو رهندو آهيان. پر مقصد جي حاصلات لاءِ جيڪو ڪرڻ گهرجي اهو ناهيان ڪندو. ايتري تائين جو مرحوم بادشاهه لاءِ به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان. جنهن جي زندگي حڪومت ۽ عورت کي ڇنڻ لاءِ سازش جو شڪار ٿي وئي. مان اهو چوڻ ۾ ڇو ٿو ڊڄان؟ ڇا ڪير اهڙو شخص به آهي جيڪو مون کي بزدل چئي سگهي؟ ڪير مون سان اهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿو؟ ڪير منهنجي ڏاڙهي جا وارَ پٽي منهنجي منهن ۾ هڻي سگهي ٿو؟ ڪير منهنجو نڪ پڪڙي سگهي ٿو؟ ڪير مون کي گهٽو ڏئي سگهي ٿو؟ ڇا ڪير منهنجي اندر جي گهرائي تائين پهچي سگهي ٿو؟ ڪير مون سان ايئن ڪري سگهي ٿو؟ ها هڪ ڏينهن سڀني کي خبر پئجي ويندي ته مان بزدل آهيان. منهنجو شرم، حيا مري چڪو آهي. نه ته عرصو گذري چڪو هجي ها جو مان هن ذليل بادشاهه جون ٻوٽيون ڪٽي سرڻن جي اڳيان ڏئي ڇڏيان ها ۽ گهٽ ۾ گهٽ انهن جو پيٽ ته ڀرجي ها. ڇو ته هُو ڪيڏو نه بدترين بدماش ۽ ظالم شخص آهي. جو ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي. اي! جذبه انتقام توکي به پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ڪهڙو پٿر جهڙو بيوقوف مليو آهي. ڇا اهو قانون قدرت جي خلاف ناهي ته جنهن جي پيءُ کي دوکي سان ماريو ويو. ان جو پٽ ان جو بدلو به نه ٿو وٺي سگهي. ان روح مون کي ڪيڏو چيو هيو ته منهنجي موت جو پُورو بدلو وٺجان. پر مان هن مڪار عورت وانگر صرف ڳالهيون ٺاهيندو رهندو آهيان ۽ چاچي جا صرف ڏوراپا ۽ مهڻا ڪندو رهندو آهيان. آخر ۾ ڪو عمل ڇو نه ٿو ڪيان لعنت آهي. منهنجي صرف بناوٽي ڳالهين تي بس ختم ڪر. چوندا آهن عدالت ۾ ڏوهاري اکين سان اکيون ملڻ سان ئي ڏوهه قبول ڪري ڇڏيندا آهن. خوف کان ڏڪي اٿندا آهن ڇو ته خوف گهڻي دير تائين لڪي به ٿو سگهي ۽ وڌيڪ مٿانهون ٿي ڳالهائيندو آهي ۽ سڀ ان راز کان آگاهه ٿي ويندا آهن. مان انهن اداڪارن کان اهڙو ڊرامو ڪرائيندس جو منهنجي پيءُ جي قتل جو داستان منهنجي چاچي جي سامهون دهرائيندس. جيڪڏهن هو ان کي ڏسي ڇرڪي پيو ته پوءِ مان ڄاڻان ٿو ته مون کي ڇا ڪرڻو پوندو. ٿي سگهي ٿو اهو روح منهنجي پيءُ جي پوشاڪ ڪري مون کي دوکو ڏيڻ لاءِ آيو هجي. اهو ڪنهن به شڪل ۾ بدلجي سگهي ٿو. ان ۾ ايتري طاقت هوندي آهي جو هو مون جهڙي ڪمزور انسان کي قبضي ۾ ڪري ڪوبه ڪم ڪرائي سگهي ٿو. ايتري تائين جو دوزخ تائين وٺي وڃي سگهي ٿو. ان جي ڳالهين تي بلڪل يقين نه ڪري مون کي ان رُوح جو امتحان وٺڻو آهن. ان ڊرامي ۾ بادشاهه بڻيل شيطان جي پوري شيطاني سامهون اچي ويندي.
(پردو ڪري ٿو)