منظر - چوٿون
(راڻي جو ڪمرو)[/b]
(راڻي، گِرٽيوڊ ۽ پولونيس داخل ٿين ٿا)
پولونيس: راڻي صاحبه! هو (هيملٽ) سڌو هيڏانهن ئي اچي رهيو آهي. توهان هن کان پڇو ته هي ڇا آهي. هن کي چئجو ته هن جون ناقابل ذڪر حرڪتون وڌي رهيون آهن. توهان چئي ڇڏجو ته توهان ان کي بادشاهه جي عتاب کان بچائي ڇڏيو آهي. مان خاموشيءَ سان هتي لڪيل رهندس. مان التجا ڪيان ٿو ته توهان هن کان سٺي طرح پُڇا ڳڇا ڪجو.
هيملٽ: (اندر اچي ٿو.) امان! امان! امان!
راڻي: ٺيڪ آ. توهان وڃو ۽ فڪر نه ڪيو. هُو شايد اچي رهيو آهي. مان هن جو آواز ٻڌي رهي آهيان.
(پولونيس پردي جي پويان لڪي وڃي ٿو)
هيملٽ: ڇو امان ڇا ڳالهه آهي؟
راڻي: هيملٽ! تون پنهنجي حرڪتن سان پنهنجي پيءُ کي ڏاڍو پريشان ڪري رکيو آهي.
هيملٽ: امان! توهان به منهنجي پيءُ کي سخت پريشان ڪري رکيو آهي.
راڻي: پنهنجي زبان کي درست ڪري ٺيڪ سان جواب ڏي.
هيملٽ: توهان به مون سان ٺيڪ طرح سان ڳالهايو.
راڻي: اهو تون ڇا چئي رهيو آهين هيملٽ؟
هيملٽ: هاڻي ڇا معملو آهي راڻي؟
راڻي: ڇا تون مون کي وساري ڇڏيو آهي؟
هيملٽ: نه ... مان مقدس صليب جو قسم کڻي چوان ٿو ته تون راڻي آهين. پنهنجي مڙس جي ڀاءُ جي زال آهين پر ڪاش تون ايئن نه هجين ها. تون منهنجي ماءُ آهين.
راڻي: جيڪڏهن تون نه مڃيندي ته مان توکي ان جي حوالي ڪندس، جنهن جي ڳالهه تون چڱي طرح مڃيندي.
هيملٽ: اڇا ويهي رهه. ان وقت تائين هتان نه اُٿجان، جيستائين پنهنجي صورت آئيني ۾ نه ڏسي وٺين. تو پنهنجو چهرو ڏٺو ئي ڪٿي آهي؟
راڻي: تون مون سان ڇا ڪندي. منهنجو قتل ڪندين؟ بچايو مون کي – منهنجي مدد ڪيو.
پولونيس: (پردي جي پويان) ڇا ٿيو؟ مدد ڪيو! مدد ڪيو!
هيملٽ: (تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي) ڪير آهي؟ هڪ ڪُئو. تنهنجي موت اچي وئي آهي ته ڏسون ڪير ٿو توکي بچائي.
پولونيس: (پويان کان) هاڻي مان مري ويس. (ڪري مري وڃي ٿو)
راڻي: هي تو ڇا ڪري ڇڏيو.
هيملٽ: نه - مون کي خبر نه آهي. ڇا هي بادشاهه آهي؟
راڻي: اُف - هي ڪيڏو سنگين قتل آهي.
هيملٽ: ڪيترو سنگين قتل؟ ڏاڍو بدترين! پر نيڪ ماءُ هي بادشاهه کي قتل ڪري ان جي ڀاءُ سان شادي ڪري ڇڏڻ کان به بدتر آهي؟
راڻي: بادشاهه کي قتل ڪري؟
هيملٽ: جي ها راڻي صاحبه! مان اهو ئي چئي رهيو آهيان.
(پردو پري ٿئي ٿو ۽ پولونيس جو لاش نظر اچي ٿو)
وچ ۾ دخل ڏيڻ وارا بي وقوف رخصت ٿي وڃن. مان توکي بدي جي نتيجي واري ڪردار تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هاڻي توکي خبر پئي ته تون ڪيڏي خطرناڪ راند ۾ شامل هئين. هاڻي خبر پئجي وئي ته ٻين جي معاملي ۾ پئجي عقل مندي ڏيکارڻ ڪيڏي وڏي بي وقوفي هوندي آهي ۽ تون (ماءُ) چُپ چاپ ويٺي رهه! مان پنهنجي تلوار جهڙا زهريلا لفظ تنهنجي سيني ۾ لاهڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن تنهنجي دل هاڻي سچائي ۽ ايمان کي مڃي ٿي ته ٻڌي ڇڏ ته تنهنجي اندر ڪارو زهر ايڏو ته گهر ڪري ويو آهي جوتنهنجي عقل تي پردو چڙهي ويو آهي.
راڻي: مون ڇا ڪيو آهي جو ايترا سخت لفظ چئي رهيو آهين؟
هيملٽ: جهڙو تهڙو ڪم! ايتري قدر ذليل جو عورت ذات جو شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ۽ تون ان کي خوب سمجهين ٿي. تون معصوم محبت جي پيشاني مان گلاب ڇني ان جي جڳهه تي هڪ ڇوڏو بڻائي ڇڏيو آهي. تو ازدواجي عهد کي داغ لڳائي ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ڪم جنهن تنهنجي رُوح کي ذليل جسم ۾ قيد ڪري رکيو آهي. تون انسان جي دين ۽ ايمان کي صرف لفظي سمجهين ٿي. هن گناهه سان زمين ۽ آسمان ڏڪي اٿندا آهن ۽ تون خود به پاڻ کي بيمار محسوس ڪري رهي آهين.
راڻي: منهنجا خدا! مان اهڙو به ڪهڙو ڪم ڪيو آهي جو تون منهنجي مٿان ايتري تيز آواز گجي رهيو آهين ۽ ايترو ڀيانڪ بهتان لڳائي رهيو آهين.
هيملٽ: ڏس! هيڏانهن هن تصور کي ڏس ٻنهي ڀائرن ۾ ڪير سٺو آهي.ڏس ڪمان وانگر هن جي پيچدار پيشاني ۾ ڪيڏو وقار آهي. هن جو گلاب جهڙو چهرو ۽ پارس جي طرح اکيون محبت ۽ رحم سان ڀريل آهن. خدائن پنهنجي هر صفت جو حُسن هن کي عطا ڪيو آهي. جيئن هو مرڪري جي پهار جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي ۽ جنت جي نيڪي هن کي چمي رهي آهي. خدا دنيا ۾ هن هڪ مڪمل انسان بڻائي موڪليو هيو. هي تنهنجو مڙس هيو.
هاڻي هن کي ڏس جيڪو تنهنجو موجوده مڙس آهي. هڪ سينور لڳل داڻي وانگر. هي پنهنجي ڀاءُ ي سامهون بي عقل ۽ بي وقوف لڳي رهيو آهي. ڇا تو وٽ اکيون آهن؟ تون هن اوچي پهاڙ کان لهي هيٺ اچي ويٺي آهين. واهه تون اهي ئي اکيون رکين ٿي؟ تون هن کي محبت نه ٿي چئي سگهين. ڇا تنهنجي عمر جي عورت کي به پنهنجي نفس جي باهه وسائڻ لاءِ ان ئي انتها تي لهي اچڻو پوندو آهي. ڇا بدلي جي ديوي تنهنجي هن فيصلي لاءِ توسان سخت ترين پڇا ڳاڇا نه ڪندي؟ توکي خدا عقل ڏنو آهي پر تنهن هوندي به تون ان مان ڪم نه وٺي سگهينَ. تو پنهنجي عقل کي چرين وانگر ذيان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ڪنهن ۾ به سمجهڻ جي صلاحيت هجي ته اهو هنن تصويرن ۾ فرق ٻڌائي سگهي ٿو. پر هن شيطان تنهنجن اکين تي ڦٽي ٻڌي توکي پنهنجي حوس جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو. تنهنجي دل جيڪڏهن جذبات کان خالي هئي ته اکين سان ڏسي ڪري صحيح غلط کي سمجهين ها. يا ڪاش! تون اکين جي روشني وڃائي جذبات سان پرکي سگهين ها ته ايڏي وڏي غلطي نه ڪرين ها. شرم ڪر پر توکي زرو به ان ڳالهه جي پشيماني نه آهي. دوزخ جا ديوتا! جيڪڏهن تون هن عورت جي قتل ۾ هن عمر ۾ به گناهه حوس کي ڏسي سگهين ٿو ته پوءِ نوجواني ۾ جيڪڏهن مرد ۽ عورت اخلاق کان ڪري پنهنجي زندگي کي گناهه جي رستي تي موڙيندا آهن ته ان مان انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي ته انهن بي شرمن کي پنهنجي باهه ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏ.
راڻي: هيملٽ! ان کان وڌيڪ نه ڳالهائجان. تو منهنجو رُوح زرا زرا ڪري ڇڏيو آهي. منهنجا گنهگار دل جا ڪارا ڌٻا منهنجي اکين جي آڏو رکي ڇڏيا. هاڻي مونسان وڌيڪ نه ڳالهاءِ. هي لفظ خنجر وانگر منهنجي ڪنن ۾ لهي ويا آهن. بس وڌيڪ نه پيارا هيملٽ.
هيملٽ: هڪ قاتل، خوني ۽ غلام جيڪو تنهنجي مڙس جي ٻارنهين حصي تي به نه آهي. جو بادشاهه جي لاءِ بي عزتي ۽ حڪومت لاءِ نفرت آهي. تون ڪيئن هن سان گڏ زندگي گذاري رهي آهين.
راڻي: هاڻي وڌيڪ نه.
هيملٽ: هي بادشاهه جي نالي تي ڌاغ آهي. جنهن پنهنجي ڀاءُ جو تاج چورائي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيو. (رُوح اچي ٿو) بهشت جا فرشتو! مون کي پنهنجي ٻانهن جو سهارو ڏيو.
راڻي: افسوس! هي پاڳل ٿي ويو آهي.
هيملٽ: (رُوح سان) ڇا تون پنهنجي بيڪار پُٽ کي تاڪيد ڪرڻ آيو آهين ته مان اڃان تائين تنهنجي حڪم جي تعميل ناهي ڪئي. مون کي جيڪو ڪرڻو هيو مان ان ۾ لاپرواهي ڪئي. ڳالهائي مون کي چيو.
رُوح: ها - منهنجي ڳالهه نه وسار ۽ ان تي پوري طرح عمل ڪر. تنهنجي ماءُ بي انتها خوف زده ٿي وئي آهي. ڏس هاڻي هن جي رُوح کي وڌيڪ صدمو نه پهچاءِ ته تڪليف سان هن جي دل ڦاٽي نه پوي. هن سان ٺيڪ طرح سان ڳالهيون ڪر هيملٽ.
هيملٽ: توکي ڇا ٿيو امان؟
راڻي: توکي ڇا ٿيو هيو جو تون آسمان جي طرف ڏسي هوا سان ڳالهيون ڪري رهيو هئين؟ تنهنجي اکين ۾ غصي جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. جيئن ڪي سُتل سپاهي خطري جي گهنٽي ٻڌي اٿي پوندا آهن. تنهنجي جسم جا وار اُڀا ٿي ويا هئا. جيئن جوش ۾ ڀريل سپاهي بيهي ررهندا آهن. منهنجا پيارا پُٽ! تون پنهنجي بيچيني ختم ڪر. تون هوڏانهن ڪنهن کي ڏسي رهيو آهين؟
هيملٽ: هن کي .... هن کي .... تون ڏس هن جو چهرو ڪيئن نه زرد ٿي ويو آهي ۽ هو ڪيئن بي وسي سان ڏسي رهيا آهن. هي درد ڀريل داسان ۽ اداس چهرو پٿر کي به روئاري تنهنجي رحم جي خيرات وٺندڙ اکيون منهنجو ارادو بدلائي ڇڏينديون 0رُوح سان) مون ڏانهن ايئن نه ڏس مان تهنجي قتل جو بدلو وٺڻ جي بجاءِ روئڻ لڳندس.
راڻي: تون ڪنهن جي طرف ڏسي ڳالهائي رهيو آهين؟
هيملٽ: ڇا توکي ڪجهه ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي؟
راڻي: بلڪل نه – مان تنهنجي آواز کان سواءِ ڪجهه ناهي ٻڌو.
هيملٽ: ڇو هيڏانهن ڏس. ڏس منهنجي پيءُ وانگر ان جي ئي لباس ۾ هو هوڏانهن وڃي رهيو آهي. هو دروازي ڏانهن وڃي رهيو آهي.
راڻي: هي صرف تنهنجي دماغ جي خرابي آهي ته هوا ۾ انساني شڪل ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڇا ان ۾ به ڪا چال آهي؟
هيملٽ: پاڳل پن؟ منهنجي نبض تو وانگر ٺيڪ طرح ئي هلي رهي آهي. منهنجون ڳالهيون پاڳل پڻو ۽ بڪواس نه آهن. جيڪڏهن توکي ان ڳالهه جو اعتبار نه آهي ته مان ان کي ٻيهر دهرائي سگهان ٿو امان! گنهگار رُوح کي ان دوکي ۾ نه وجهه ته مان چريو آهيان. هي هڪ پردو آهي. جنهن تي تنهنجي گناهه جي تصوير ڏسڻ ۾ اچي هي آهي. پنهنجي گناهن جو اقرار ڪر ۽ ان کان توبهه ڪر ڇاڪاڻ ته تون بخشي وڃي. مون کي منهنجي زهريلي لفظن جي لاءِ معاف ڪجان. اڄ ڪلهه دنيا ۾ هر نيڪي کي بدي سان معافي وٺڻي پوي ٿي ڇو ته مان هي چُڀندڙ ڳالهيون ڪري توکي گناهن مان مٽائي نيڪي جي رستي تي وٺي وڃڻ جي سزا ڪئي آهي.
راڻي: هيملٽ! تو منهنجي دل ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي آهي.
هيملٽ: پنهنجي اندر جي غلاظت ڪڍي ڇڏ ۽ پاڪيزگي سان زندگي گذار. رات جو سلام. پر اڄ منهنجي چاچي جي بستري تي نه وڃ. ان طرح جي عادت وجهي ڇڏ ڇو ته هي تو ۾ نه آهي. هو شيطان تنهنجي سڄي عقل کي هضم ڪري کڻي وڃي رهيو آهيو پر هاڻي به صحيح ۽ نيڪ ڪم ڪري پنهنجي زندگي کي سنوار پرهيز کان هن کان پرهيز ڪر ۽ پوءِ آئينده توکي هي آسان معلوم ٿيندو يا پوءِ هُن ڀوت کي هميشه لاءِ نا اهل بڻائي ڇڏ. هڪ دفعو وري الوداع رات جو سلام ۽ جڏهن به توکي پنهنجي گناهن جي لاءِ بخشش جي لاءِ طلب ٿيندي مان تنهنجي لاءِ دعا ڪندس ۽ امُر جي لاءِ (پولونيس جي طرف اشارو ڪندي) مون کي افسوس آهي پر مان ڇا ڪيان هن جي سزا منهنجي ئي هٿان لکيل هئي. مان هن کي لڪائي ڇڏيندس ۽ سڀني جي سوالن جا صحيح جواب ڏيندس ته مان هن جو قتل ڪيو آهي.اڇا الوداع رات جو سلام. مان رحمدل بڻجڻ لاءِ ظالم بڻجي ويندس ڇو ته بُرائي شروع ٿي پنهنجي پويان بُرايون ڇڏي ويندي آهي.
راڻي: مان ڇا ڪيان؟
هيملٽ: اهڙي طرح جيئن مون توکي چيو آهي. بادشاهه کي انهيءَ طرح بستري تي رهڻ ڏي. پر تون اتي پهچي وينديءَ ۽ پنهنجا رُخسار هن کي پيش ڪنديءَ. تون ان کي محبت چوندي آهين ۽ هن کي چمڻ ڏيندي آهين. هن جون ناپاڪ آڱريون تنهنجي گردن کي ڇهنديون آهن. ڇا تنهنجون اهي حرڪتون ذليل نه آهن. جن کي سوچي ڪري مان واقعي پاڳل ٿي ويندو آهيان پر تون هن کي هي نه چئجان ته مان پاڳل نه آهيان. تنهنجي دل جيڪو چاهي اهو ڪجان. پر جيڪڏهن منهنجو راز نه ٻڌائجان. هي مان ان کي چئي رهيو آهيان. جيڪا راڻي آهي. حسين سنجيده ۽ عقلمند آهي. خبر ناهي توکان هي ڳالهه لڪائي ويندي يا نه؟ تنهنجو عقل ته ايئن ئي آهي. جيئن هڪ ڀولو پکين سان ڀريل ٽوڪري کڻي گهر جي ڇت چڙهي وڃي ۽ ان کي کولي سڀ پکي اُڏائي ڇڏي ۽ ٻيهر انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ڇت تان ڪري مري وڃي.
راڻي: تون يقين رک. جيڪڏهن هي لفظ منهنجو ساهه بڻجي ويندا ۽ ان ئي ساهه سان منهنجي زندگي هوندي. مان پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيندس پر تنهنجون چيل ڳالهيون ڪنهن سان نه ڪندس.
هيملٽ: توکي معلوم آهي مون کي انگلستان موڪليو پيو وڃي.
راڻي: ها! اُف مون کان وسري ويو ته سڀاڻي لاءِ پروگرام بڻجي چڪو آهي.
هيملٽ: حڪم نامي تي مُهر لڳي چُڪي آهي ۽ منهنجا ٻه ساٿي مون سان گڏ موڪليا پيا وڃن. جنهن کي مان زهريلي نانگ وانگر سمجهندو آهيان. هُو هنن جي ذريعي سازش ڪري مون کي رستي ۾ ئي ختم ڪرائي ڇڏيندو. خير ٿيڻ ڏيو مون کي يقين آحي ته کڏو کوٽڻ وارو خود ان ۾ ڪرندو. حالنڪه هي ڏکيو آهي. مان هن جي مقابلي ۾ ٻي سازش ڪندس جيڪا هن جي سازش کي جهنم ۾ ملائي ڇڏيندي. هو مون کي خطرناڪ سمجهي ٻاهر موڪلي رهيو آهي. مون کي خبر آهي. هن لاش کي برابر واري ڪمري ۾ رکي ٿو ڇڏيان. هاڻي هي درٻاري امير ڪيترو خوش آهي ۽ پوءِ ڪنهن ٻي بي وقوفائي سازش ڪرڻ لاءِ سوڇي رهيو آهي. اچ مان توکي آخري منزل تي پهچائي ڇڏيان ٿو. رات جو سلام امان.
(پولونيس جي لاش کي ٻي ڪمري ۾ گهلي وڃي ٿو)