ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر – پهريون

پهريون – منظر

(بادشاهه ڪلاڊيس، راڻي گِرٽيوڊ، پولونيس، اوفيليا، روزين ۽ گلڊنسٽرن اچن ٿا)

بادشاهه: (روزين ۽ گِلڊن سان) ڇا توهان ڪنهن به طرح معلوم نه ڪري سگهيوَ ته هُو ڇو پنهنجو سُڪون ختم ڪري پاڳل ٿي رهيو آهي؟
روزين: هُو اهو ته مڃي ٿو ته هن جي پاڳلن واري حالت ٿي وئي آهي پر ان جو سبب قطعي به نه ٿو ٻڌائي.
گِلڊن: هُو ان متعلق ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿو ڪري ته هُن جي دل جو حال معلوم ٿي سگهي. اسان جڏهن به اهو چاهيو ته هن جي دل جي بيچيني معلوم ڪرائي سگهون. تڏهن به هو جنوني ڳالهيون ڪري نٽائي وڃي ٿو.
راڻي: ڇا هو توهان سان ٺيڪ طرح مليو هيو؟
روزين: بلڪل هڪ عام ماڻهو وانگر.
گِلڊن: پر ڪجهه ائين لڳو ته جئين هو پنهنجو پاڻ ائين ڪرڻ جي مرضي نه هجي.
روزين: هُو سوال ته گهٽ ئي ڪندا هيا پر جواب ڏيڻ ۾ ڏاڍو اڳيان هيا.
راڻي: ڇا توهان ڪنهن به صورت هن جي دل ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟
روزين: راڻي صاحبه! ڳالهه ائين شروع ٿي ته اسان کي رستي ۾ چند ڊرامو ڪرڻ وارا اداڪار مليا هئا جيڪي سلطنت طرف اچي رهيا هيا. جڏهن اسان انهن جي باري ۾ ٻڌايو ته هن چهرو خوشي مان ٻهڪي پيو. اهي سڀ هتي آهن ۽ اڄ رات شهزادي انهن کي ڊرامو کيڏڻ لاءِ چيو آهي.
پولونيس: هي بلڪل درست آهي حضور! شهزادي راڻي ۽ بادشاهه کي به ڊرامي ڏسڻ جي درخواست ڪئي آهي.
بادشاهه: اسان کي دلي خوشي آهي ته هيملٽ جي دل اتي لڳي ويئي آهي.اسان هن جي درخواست ضرور قبول ڪنداسين ۽ ان سان گڏ و گڏ شريف انسانو! توهان ان جي طبيعت ان طرف مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
روزين: اسان ضرور ڪنداسين حضور.
(روزين ۽ گِلڊن وڃن ٿا)
بادشاهه: پياري گِرٽيوڊ! تون به ٿوري دير لاءِ اسان کي تنها ڇڏي ڏي. اسان بغير ڪجهه ٻڏاءِ هيملٽ کي هتي سڏايو آهي ته جئين اوچتو هو اوفيليا سان ملي ۽ پولونيس ۽ مان لڪي اهو ڏسنداسين ته هو ان سان ڪئين پيش اچي ٿو. ان مان خبر پئجي ويندي ته واقعي ئي ان کي محبت جو جنون ته ناهي.
راڻي: مان حڪم جي تعميل ڪندس ۽ اوفيليا تون منهنجي پُٽ جي پاڳل پڻي جو سبب آهين. پوءِ به مان تو مان اميد ٿي ڪيان ته تنهنجو حُسن ۽ خوبي هيملٽ کي ضرور ان پراڻي حالت ۾ آڻينديون. ان کان پوءِ مان توکي اعزاز بخشيندس.
اوفيليا: راڻي صاحبه مان خود ائين ئي چاهيان ٿي.
(راڻي وڃي ٿي)
پولونيس: اوفيليا تون هيڏانهن اچ (بادشاهه سان) حضور ! جيڪڏهن حڪم هجي ته اسان لڪي وڃون. (اوفيليا سان) وٺ هي ڪتاب پڙهندي رهه ڇو ته جڏهن تون هيملٽ سان پنهنجي محبت جون ڳالهيون ڪندينءَ ته هي نامناسب ته هوندو. اڪثر انسان پنهنجين غلط ارادن کي مذهب جي پردي جي آڙ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن ڪتاب کي ڏسي هو سمجهي ويندو ته تنهنجي دل نفرت ۽ برائي کي ختم ڪري پاڪيزگي ڏانهن مائل آهي.
پولونيس: شهزادا اچي رهيا آهن. حضور اسان هڪ طرف لڪي وڃون.
(بادشاهه ۽ پولونيس لڪي وڃن ٿا)
(هيملٽ داخل ٿئي ٿو)
هيملٽ: زندگي ۽ موت جو سوال بار بار منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري ٿو. آهه! ڇا بدقسمتي جون ٺوڪرون منهنجي لاءِ ئي ٺاهيون ويون هيون؟ ڇا قسمت جي انهن تمام چڪرن جي گردش ختم ڪري ڇڏڻ ئي اصل مردانگي آهي؟ ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ڇا موت صرف هڪ گهري ننڊ جو ڪم آهي؟ ۽ هي ننڊ اسان جي زندگي جي سڀني خوشين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي ته اسان هن گهري ننڊ سان ڇو نه ٿا سمهون. پر هن ننڊ ۾ عجيب عجيب خواب اسان جو سُڪون ڇني وٺندا آهن ۽ پوءِ اسان کي ان ننڊ کان گهٻرائڻ گهرجي ته نه ڄاڻ اها ننڊ ڪهڙي هجي ۽ ان جا خواب ڪيترا ڊيڄاريندڙ هجن. ان ئي ڪشمڪش ۾ پئجي اسان تقدير جي تمام حملن کي برداشت ڪندا رهندا آهيون. جيڪڏهن انسان خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو طاتمو ڪري سگهي ها ته، زندگي جي تپش، ظالم جي ظلمن، شيطانن جون شيطانيون انسانن جي نا انصافي، سختي ۽ تشدد کي گرگز برداشت نه ڪري ها. ڪير زندگي جا ڌڪا کائي تڙپندو نه رهي ها. پر هڪ اهڙو خوف آهي. جيڪو اسان کي اهڙي زندگي گزارڻ تي مجبور ڪندو آهي. اسان اهو نه ٿا ڄاڻون ته موت کان پوءِ اسان جي حالت ڪهڙي هوندي ۽ اهو ئي خوف اسان کي زندگي سان لڳاءُ ختم ڪرڻ کان روڪيندو آهي. اسان جو هي خوف اسان کي بزدل بڻائي ڇڏيندو آهي. ان سان اسان پنهنجي قوت وڃائي ويهندا آهيون. شڪ ۽ وهم جو زهر هن ۾ ملي ويندو آهي ۽ اسان عملن موت جي طرف قدم ناهيون کڻي سگهندا. پياري اوفيليا جڏهن تون دعا گهرين ته منهنجي گناهن جي بخشش جي طلب ڪجان.
اوفيليا: منهنجا پيارا شهزاده. ايترن ڏينهن کان حضور جي طبيعت ڪئين رهي؟
هيملٽ: ان لاءِ تمام وڏي مهرباني. صحيح آهيان. بهتر آهيان.
اوفيليا: منهنجا شهزاده.پنهنجي ياد لاءِ توهان جيڪي تحفا ڏنا هيا. انهن کي واپس ڪرڻ جي متعلق مان اڪثر سوچو. هاڻي توهان سان التجا ٿي ڪريان ته اهي واپس وٺو.
هيملٽ: نه مان توکي ڪجهه به ناهي ڏنو.
اوفيليا: مانَ وارا شهزاده! توهان ڄاڻو ٿا جيڪو ڪجهه توهان ڏنو آهي ۽ انهن تحفن سان گڏ ڪجهه پيارا نظم به لڪي مون کي ڏنا آهن. پر هاڻي هنن گلن جي خوشبو ختم ٿي چڪي آهي. ان لاءِ توهان انهن کي واپس وٺو. جڏهن ڏيڻ واري جي دل ۾ محبت جي بجاءِ نفرت پيدا ٿي وڃي ته وٺڻ واري جي دل ان انصاف تي روئي اٿندي آهي. مان انهن تحفن کي ڪئين ٿي رکي سگهان. حضور! توهان هنن کي واپس ئي وٺو ته بهتر آهي.
هيملٽ: آ ها!ڇا تون ايتري ئي ڀلي آهين اوفيليا؟
اوفيليا: شهزاده!
هيملٽ: ڇا تون خوبصورت آهين؟
اوفيليا: ان مان حضور جو ڇا مطلب آهي؟
هيملٽ:جيڪڏهن واقعي ئي تون خوبصورت ۽ ايماندار آهين ته پنهنجي ايمانداري سان چئي ڏي ته تنهنجي حُسن سان ڪير مطلب نه رکي.
اوفيليا: شهزاده! ڇا حُسن ايمانداريءَ سان جي تعلق ٿي ڪنهن ٻي سان متعلق ٿي سگهي ٿو؟
هيملٽ: ها سچ آهي. ڇا توکي خبر ناهي ته ان ڪجل جي ڪوٺي ۾ چهري تي داغ لڳائڻ بغير نه رهندو آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪير اهو سوچي ته خوبصورتي سچائي ۽ ايمانداري جي اثر سان پنهنجو زهر ختم ڪري ڇڏي ته اهو قطعي ناممڪن آهي. چاهي هي سڀ ڪوڙ ئي هجي. پر اوفيليا! مان ته اهو ئي چوندس ته موجوده انساني زندگي ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي. مان توسان ڪڏهن تمام گهڻي محبت ڪندو هيس.
اوفيليا: ضرور شهزاده! مان به ائين ئي سمجهندي هيس.
هيملٽ: پر اهڙو يقين ڪرڻ تنهنجي لاءِ ٺيڪ نه هيو. اسان جي سٺائي سان گڏ اسان جي فطري برائي جو حصو به اسان جي اندر موجود آهي. مان توسان محبت نه ڪندو هيس.
اوفيليا: تڏهن ته مون کي وڌيڪ وهم هيو.
هيملٽ: وڃ هڪ گوشي نشيني واري زندگي اختيار ڪري ڪنهن گرجا گهر ۾ ويهي رهه. اتي تون گناهن کان بچي سگهين ٿي. وڃ مان ڏاڍو سٺو آهيان پر منهنجي اندر ۾ به ڪجهه اهڙيون برايون آهن. جنهن کي ڏسي مونکي جنم ڏيڻ واري منهنجي ماءُ به مون کان نفرت ڪرڻ لڳندي. انهن بُراين جي سبب سان ان جي عزت تي داغ اچي سگهي ٿو. اوفيليا! مان بي انتها مغرور آهيان. انتقام جو جذبو منهنجي اندر ڪاوڙ سان ڀريل آهي. سڀ کان وڌيڪ عهدي ۽ وقار جي لالچ منهنجي اندر موجود آهي. انهن ڳالهين کان علاوه منهنجي ذات ايترن گناهن سان آلوده آهي جو مان ان جي ڳڻپ به نه ٿو ڪري سگهان. مون جهڙي گنهگار ۽ ذليل شخص کي دنيا ۾ زنده رهڻ نه گهرجي. اسان سڀئي گنهگار ۽ ڪمبخت آهيون. اسان مان ڪنهن تي به ڪڏهن به اعتبار نه ڪجان. وڃ تون ڪنهن گرجا گهر ۾ گوشا نشيني واري زندگي گذار. ان جڳهه تي تون اهڙن گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهين ٿي. پر تنهنجو پيءُ ڪڏانهن مري ويو؟ ڪٿي آ تنهنجو پيءُ؟
اوفيليا: گهر ۾ حضور.
هيملٽ: گهر جا تمام دروازا بند ڪري ڇڏ. ڇو ته ٻاهر گنهگارن سان ملي هو برباد نه ٿي وڃي. اڇا الوداع!
اوفيليا: اي بزرگ ديوتا شهزادي جي مدد ڪر.
هيملٽ: جيڪڏهن تون شادي ڪندين ته مان ڏاج ۾ توکي هڪ بد دعا ڏيندس ته تون چاهي ڪيتري ئي با عصمت هجين جيئن اڇي برف وانگر ڇاهي ڪيتري ئي پاڪيزا رهين پر تون ڪوڙي بدنامي کان پناهه نه وٺي سگهندينءَ. بهتر آهي ته تون گوشا نشيني ٿي وڃ – وڃ الوداع ۽ جيڪڏهن توکي شادي جي ضرورت هجي ته ڪنهن بي وقوف سان شادي ڪري ڇڏجان. ڇو ته عقلمند ضحيح طرح ڄاڻيندا آهن ته توهان انهن کي ڪيئن جانور بڻائي ڇڏينديون آهيو. تون جلد ئي گوشا نشيني واري زندگي اختيار ڪري ڇڏ. جلدي وڃ. خدا تنهنجي مدد ڪري.
اوفيليا: اي خدا! تون هن کي پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻ.
هيملٽ: مان تنهنجون گهڻيون ئي مٺيون ڳالهيون ٻڌيون آهن ۽ اهو به ڏاڍو صحيح طرح سان. پر خدا توکي هڪ ئي رنگ جو چهرو ڏنو آهي ۽ تون ان کي ٻيو روپ ڏئي ڇڏيندي آهين. تنهنجي صورت، تنهنجا چپَ سڀ خدا جا ٺاهيل آهن ته پوءِ تون پنهنجي مٿان هي غرور جو ٻوجهه کڻي ڇو ڦرندي آهين ۽ جڳهه جڳهه تي نالو بدلائيندي آهين. تون مون کي قطعي پاڳل بڻائي ڇڏيو. مان چوان ٿو ته اسان ڪڏهن شادي نه ڪنداسين ۽ جيڪو ڪجهه به رهجي ويو آهي. هي دنيا مٽائي ڇڏيندي. تون گوشا نشين ٿي وڃ.
(هيملٽ هليو وڃي ٿو)
اوفيليا: آهه! ڪيڏو اعليٰ دماغ برباد ٿي ويو. جيڪو پنهنجي جڳهه تي سلطنت جو هڪ رڪن هيو. سپاهي ۽ عالم اکين ۾ زبان ۽ تلوار جو ڪم ڪندو هيو. جيڪو سلطنت جي اميدوار رعايا جي سرپرستي جو مرڪز هيو. سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو. ان جي جُنون ماريو. سڀ تباهه ڪري ڇڏيو. مان سڀ کان وڌيڪ رنج آهيان. ڇو ته مان ان کي ترقيءَ جي معراج تي ڏسڻ پئي چاهيو ۽ اڄ هن حالت ۾ ڏسانس ٿي پئي. مان سڀ ڇو برداش ڪيان. اهو ذهين ۽ حسين چهرو جنون بلڪل مٽائي ڇڏيو. هاءِ! مان به ان سبب آهيان منهنجي دل ڦاٽي پوندي ته مان ڇا ڏٺو هيو ۽ هاڻي ڇا ٿي ڏسان.
(بادشاهه ۽ پولونيس داخل ٿين ٿا)
بادشاهه: ڇا تون ان کي محبت چوين ٿو؟ مون کي پورو يقين آهي ته محبت ان جي جنون جي سبب نه آهي. هينئر هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن. انهن کي فضول نه ٿو چئي سگهجي. ها ڪجهه فاش غلطي ضرور آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته هن تي ڪنهن شديد غم جو پاڇو آهي. ڪنهن عظيم صدمي هن جي دماغ جي قوت کسي ڇڏي آهي ۽ جنهن وقت به هي معاملو کلندو ته مون تي حرارت ضرور ايندي. ان کان بچڻ لاءِ مان هڪ ترڪيب سوچي آهي ته اسان ان کي پنهنجي خراج عقيدت وصول ڪرڻ لاءِ انگلستان موڪلي ڇڏيون. شايد سمنڊ ۽ ٻين ملڪن جا دلڪش نظارا ان تي سٺو اثر وجهن. ان جو غم ختم ڪري ڇڏين. ان جو ڌيان مٽجي وڃي ۽ هي پنهنجي پهرين حالت تي وري اچي وڃي. ٻڌاءِ تون ان جي باري ۾ ڇا ٿو سوچين؟
پولونيس: ان سان ڏاڍو سٺو اثر ٿيندو. پر مونکي اڃان به يقين آهي ته شهزادي جي جنون جو سبب عشق ۾ ناڪامي آهي. ڪيئن اوفليا! مان درست چئي رهيو آهيان نه ؟ توسان جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي اسان چپ ڪري ٻڌيون هيون. جناب اعليٰ! جيڪا حضور جي هجي اهو ڪن. پر منهنجي راءِ اها آهي ته ڊرامي کان پوءِ راڻي صاحبه ڪمري ۾ شهزادي کي اڪيلو سڏائي ان جي جنون جو سبب پڇي ته شايد ڪجهه راز کُلن. حضور! راڻي پيار ۽ محبت سان پيش اچيس مان انهن جون ڳالهيون ٻڌندو رهندس. جيڪڏهن ماءُ کي هو هي راز نه ٻڌائي ته پوءِ ضرور انگلستان موڪليو وڃي يا جيڪا جڳهه مناسب سمجهو باندي ڪري ڇڏجوس.
بادشاهه: درست آهي. مون کي هي منظور آهي. معزز ماڻهن لاءِ ايئن پاڳلن وانگر گهمڻ سوڀيا نه ٿو لڳي. ان جي نگراني هجڻ گهرجي.

(سڀ هليا وڃن ٿا)