منظر - ستون
(شاهي محل جو هڪ ٻيو ڪمرو)[/b]
(بادشاهه ۽ لائرٽس اچن ٿا)
بادشاهه: هاڻي مان سڀ ڳالهيون توکي ٻڌائي ڇڏيون آهن. هاڻي مان چاهيان ٿو ته مون کي تون پنهنجو سچو دوست ۽ همدرد سمجهه ۽ غور سان ٻڌ! جنهن شخص تنهنجي پيءَ جي جان ورتي آهي اهو منهنجي جان جو به دشمن ٿي رهيو آهي.
لائرٽس: هي ته مان سمجهي ويس، پر توهان ان ڏوهه جي سنگين سزا ڇو نه ٿا ڏيو. ان ۾ توهان جي حفاظت جو به مسئلو درپيش آهي. توهان عقلمند هوندي به هن معاملي کي ٽاري رهيا آهيو.
بادشاهه: ان ۾ ٻه خاص ڳالهيون آهن. شايد تنهنجي نظر ۾ هن جي ڪا اهميت نه هجي پر بهرحال اهي ڪا حيثيت رکن ٿيون. ان جي ماءُ راڻي هن کي ڏاڍو چاهيندي آهي ۽ جتي منهنجو تعلق آهي راڻي منهنجي زندگي ۽ منهنجو رُوح آهي. چاهي دنيا جون سڀ نعمتون منهنجي لاءِ مهيا ڪيون وڃن پر راڻي کان بغير منهنجي زندگي محال آهي. ٻي ڳالهه اها آهي ته هو رعايا ۾ هر دل عزيز آهي. اسان هن کي ڪابه سزا ڏئي پريشاني ۾ اچي سگهون ٿا. انهيءَ عقيدت جي وجهه سان ان جا پير زنجيرن جي زيورات ۾ بدلائي سگهجن ٿا ۽ رعايا جي طرف کان آيل تيرن جو مقابلو آسا نه آهي. اسان هن جي سزا تجويز ڪيون ۽ عوام هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏي. تون ئي ٻڌائي اسان اهڙي صورت ۾ ڇا ٿا ڪري سگهون.
لائرٽس: ته ان جي لاءِ مون کي پنهنجي پياري پيءُ کي وڃائڻو پيو ۽ منهنجي ڀيڻ پاڳل ٿي وئي آهي. منهنجي ڀيڻ جيڪا هڪ حسين مجسمو هئي. مان ڇا ڪيان. منهنجي اندر بدلي جي باهه زماني جي روش نه ٿي وسائي سگهي ۽ مان پنهنجي پيءُ جي قتل جو بدلو وٺندس.
بادشاهه: تون ان جو فڪر نه ڪر. اسان ان بي عزتي کي چُپ چاپ نه برداشت ڪنداسين. اسان توکي ٻڌائينداسين ته اسان جو آئينده منصوبو ڇا آهي. مان تنهنجي پيءُ کي ڏاڍو چاهيندو هيس ۽ پوءِ هي ته اسان جي ذاتي عزت جو سوال آهي. اسان خود ڪنهن به صورت ۾ خاموش رهڻ وارا نه آهيون. (هڪ قاصد ايندو آهي) بڌائي هاڻي ڇا خبر آهي؟
قاصد: هيملٽ هي خط موڪليو آهي حضور. هي عاليجناب جو آهي ۽ هي راڻي صاحبه جو آهي.
بادشاهه: هيملٽ موڪليو آهي؟ ڪير هي کڻي آيو آهي؟
قاصد: عاليجناب! هي ملاح کڻي آيا آهن. مان انهن کي ناهي ڏٺو. مون کي هي ڪِلاڊيس کان مليا آهن. هن انهن کان وٺي هتي پهچايا آهن.
بادشاهه: لائرٽس! (قاصد سان) ٻُڌ! تون وڃي سگهين ٿو. (قاصس وڃي ٿو) ۽ (خط پڙهي ٿو)
جناب اعليٰ!
مان اڪيلو هيملٽ جي سلطنت ۾ اچي ويو آهيان. سڀاڻي مان توهان جي شاهي ذات ۾ حاضر ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ پهرين توهان کان معافي جو طلبگار ٿي پنهنجي اچانڪ آمد جو اطلاع ڏيندس.
هيملٽ!
ان جي ڇا معنيٰ آهي؟ ڇا هن جا سڀ ساٿي واپس اچي ويا يا پوءِ هي خط ئي ڌوڪو آهي؟
لائرٽس: ڇا توهان لکڻي سڃاڻيندا آهيو؟
بادشاهه: لکيل ته هي هيملٽ جو ئي معلوم ٿئي ٿو. هي لکي رهيو آهي. مان اڪيلو ئي آيو آهيان. تون هن جي متعلق مون کي ڪجهه راءِ ڏي.
لائرٽس: منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه نه اچي رهيو آهي، پر هن کي اچڻ ڏيو. منهنجي دل عجيب رفتار سان حرڪت ڪندي رهي آهي. مان هن جي حرڪتن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندس.
بادشاهه: جيڪڏهن ايئن ئي ٿيو لائرٽس .... پر ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي. خير جيئن به هجي ته ڇا هن وقت تون منهنجي چوڻ تي عمل ڪندين؟
لائرٽس: پر حضور توهان منهنجي بدلي جي فيصلي کي رد ڪري مون کي ڪنهن قسم جي سمجهاڻي تي مجبور نه ڪجو.
بادشاهه: نه اسان تنهنجي صبر ۽ سُڪون لاءِ سڀ ڪجهه ڪنداسين. جيڪڏهن هو سڀاڻي پنهنجي سفر کان واپس اچي ويندو ته اسان ان سان تنهنجو تلوار بازي جو مقابلو ڪرائينداسين. جيئن هو پنهنجي موت کان ڪنهن به صورت ۾ نه بچي سگهي. ان جي موت جو ڪو ڏوهه به نه سمجهو ويندو ۽ ان جي ماءُ به ان کي اتفاقي حادثو سمجهي صبر ڪري ويندي.
لائرٽس: حضور مان حڪم جي تعميل ڪندس، پر مون کي خوشي ان ڳالهه ۾ ٿيندي ته مان پنهنجو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان ان کي قتل ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهان.
بادشاهه: بلڪل درست آهي. تون جڏهن کان هتان ويو آهين. تنهنجي هڪ صفت جي ماڻهو ڏاڍي تعريف ڪندا آهن. هو خود به تنهنجي ان صفت جي وڏي تعريف ڪندو هيو. چاهي اندر ئي اندر ۾ حسد رکندو هجي. حالانڪه اسان کي هي ڳالهه پسند نه آهي. بهرحال هو تعريف ڪندو هيو.
لائرٽس: اها ڪهڙي صفت آهي حضور؟
بادشاهه: اها ئي جيڪا نوجوانن لاءِ انهن جي رنگين ڀڙڪيل پوشاڪن وانگر ضروري آهي يا پوڙهن لاءِ اچي ڪپڙن جيتري ضرورت آهي. ايترو ئي ضروري آهي ٻه مهينا ٿيا آهن هڪ شخص نارمنڊي مان هتي آيو هيو. مان فرانسيسين کي ايترو ڪمال درجي جو جنگي سوار نه ڏٺو آهي پر هن بهادر انسان ۾ ته ڄڻ جادو ڀريل هيو. هو ايئن گهوڙو ڊوڙائيندو هيو، جيئن ان جي پٺي تي چمبڙي ويو هجي، گهوڙي جي پٺي تي ئي هو وڏا ڪرتب ڏيکاريندو هو جو اسان جو عقل به ان تائين نه پهچي سگهي. سڀني جو عقل هن جي ڪرتبن کي ڏسي حيران ٿي ويندو هو
لائرٽس: ڇا هو ڪو نارمن هيو؟
بادشاهه: ها نارمن.
لائرٽس: ان جو نالو ليمرڊ هوندو.
بادشاهه: ها اهو.
لائرٽس: ها مان ان کي چڱي طرح سڃاڻيان ٿو. هو پنهنجي قوم جو چمڪندڙ تارو آهي.
بادشاهه: هو تنهنجي ان خوبي جي تعريف ڪري رهيو هو. چئي رهيو هيو ته تلوار بازي ۾ ڪير به هن کان وڌيڪ ماهر شخص نه آهي. هو ته هي به چئي رهيو هو ته ان جي ملڪ جي تمام بهادر هن جي مقابلي ۾ ايئن آهن سمجهو ته انهن کي تلوار پڪڙڻ به نه ٿي اچي ۽ توسان مقابلو ڪري پنهنجي حفاظت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. خود هيملٽ به ان جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون هيون. انهيءَ وقت کان هو سڙي مري رهيو هو ۽ هر وقت تنهنجي اچڻ جي انتظار ۾ رهندو هيو ته مقابلو ڪري توکي شڪست ڏئي. هاڻي انهيءَ سان ....
لائرٽس: هاڻي انهيءَ سان، ڇا مطلب آهي عاليجناب؟
بادشاهه: لائرٽس! ڇا توکي پنهنجي پيءُ سان واقعي ئي محبت هئي؟ يا صرف غم جو ڏيکاءُ ڪري رهيو آهين ۽ بغير دل جي جسم رکين ٿو.
لائرٽس: توهان هي ڇو پڇيو؟
بادشاهه: نه، مان سوچي رهيو آهيان ته تون پنهنجي پيءُ کي نه چاهيندو هئين بلڪه هي حالات سان گڏ محبت آهي. بدلجندڙ حالات سان پيار گهٽ ۽ وڌ ٿيندو رهندو آهي. وقت جي باهه جا شولا محبت کي به فنا ڪري ڇڏيندا آهن، ڪابه شيءِ ڪڏهن به هڪ جهڙي ناهي رهندي. ايتري تائين جو خوبيون به هڪ حد تائين. هڪ وقفي تائين ختم ٿي وينديون آهن. ان لاءِ بدلجندڙ وقت سان گڏ اسان کي ڪنهن فرمان جو وڌيڪ انتظار نه ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ڪم جي خيال ۾ ڪيترائي نامعلوم سبب ارادن جي تڪميل ۾ خلل وجهندا آهن ۽ ان دولت جي وڃائجي وڃڻ کان پوءِ اسان مٿي تي هٿ رکي روئيندا آهيون. هيملٽ هاڻي جلدي ئي تنهنجي سامهون اچي رهيو آهي. هاڻي تون اهو ثابت ڪري ڇڏيندي ته تون صرف لفظ ئي بيان ڪرڻ نه ٿو ڄاڻين بلڪه پنهنجي پيءُ جو پُٽ آهين.
لائرٽس: چاهي هو گرجا ۾ ئي ڇو نه ملي. مان هن جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندس.
بادشاهه: توکي پنهنجي بدلي لاءِ ڪنهن جڳهه جي ڪهڙي ضرورت آهي. چاهي هو ڪا عام جڳهه هجي يا خدا جو گهر هجي، پر ڇا تون ايئن ڪندين لائرٽس؟ تون ايستائين پنهنجي گهر جي اندر ئي رهه جيستائين هي ڪم ٿي نه وڃي. هيملٽ کي ايندي ئي تنهنجي واپسي جو علم ٿي ويندو. اسان پنهنجي ماڻهن کي چئي ڇڏينداسين ته تنهنجي خوب تعريف ڪن. ايتري ئي تعريف جيتري هو فرانسيسي شخص ڪري ويو آهي. ان مان ايئن ٿيندو جو هو خود توسان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ته پوءِ تون پنهنجي لاءِ هڪ تيز ۽ تکي نوق واري تلوار وٺي ڇڏجان ۽ هن کي هڪ عام تلوار ڏني ويندي ۽ پوءِ تون هن جو سِر آسانيءَ سان اُڏائي سگهين ٿو ۽ هو خود تنهنجو ڪجهه نه وڃائي سگهندو.
لائرٽس: مان ايئن ئي ڪندس. پنهنجي تلوار جي نوق ۾ زهر لڳائي ڇڏيندس. مان هڪ اهڙو زهر آندو آهي جو جيڪڏهن اهو انسان جي رت ۾ ڪنهن صورت ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي مرڻ کان ڪابه دوا بچائي نه ٿي سگهي. ان زهر لڳل نوق کي جتي به هن جي جسم تي لڳائيندس ته هو فورن ئي ختم ٿي ويندو ۽ اهڙي طرح مان هن کي ختم ڪري بدلو وٺندس.
بادشاهه: مونکي ان جي باري وڌيڪ سوچڻ ڏي. ٿي سگهي ٿو ته اسان ڪنهن غلطي جي سبب کان ناڪام ٿيون ته اسان وٽ ٻيو منصوبو به موجود هجي، جو هو ان کان بچي نڪري نه وڃي. هاڻي اسان کي هي سوچڻو آهي. ٿورو اسان ان تي غور ڪريون. اڇا جڏهن تون پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهي گهڻو ٿڪجي پوندي ته شراب طلبينددين اسان توهان ٻنهي لاءِ پيالي ۾ شراب رکي ڇڏينداسين. هيملٽ جي پيالي ۾ زهر هوندو. جيڪڏهن هو ڪنهن صورت ۾ تنهنجي وار کان بچي نڪرندو ته هي زهر هن کي دنيا کان رخصت ڪري ڇڏيندو ۽ اسان جو مقصد پورو ٿي ويندو.
(راڻي اچي ٿي)
بادشاهه: (راڻي سان) ڇا ڳالهه آهي. منهنجي پياري راڻي؟
راڻي: هڪ جي مٿان هڪ مصيبت اچي رهي آهي. تنهنجي ڀيڻ ٻڏي وئي لائرٽس.
لائرٽس: ٻڏي وئي. ڪٿي؟
راڻي: هڪ وڻ جهرڻي جي مٿان اهڙي طرح جهڪيل آهي جو ان جي پنن جو عڪس پاڻ ۾ نظر ايندو آهي. هوءَ مختلف قسم جي گلن جو هڪ هار وٺي آئي هئي ۽ وڻ جي ٽاري تي لڙڪائڻ لاءِ هوءَ ان وڻ تي چڙهي وئي، جيئن ئي هن هار لڙڪائڻ چاهيو سنهڙي شاخ هن جي وزن سان ٽٽي پاڻي ۾ ڪري پئي! ٿوري دير پاڻي جي سطح تي اکيون ڦاڙي وڏا وڏا ساهه کڻندي رهي پر جڏهن ڪپڙا ڀڄي ڳرا ٿي ويا ته ويچاري پاڻي جي تَري ۾ هلي وئي.
لائرٽس: هاءِ! پوءِ ڇا هوءَ ٻڏي وئي؟
راڻي: هوءَ ٻڏي وئي .... ٻڏي وئي!
لائرٽس: ويچاري اوفيليا .... هاءِ! تون ڪيڏو پاڻي پِي وئين. هاءِ! هاڻي مان صرف تنهنجي لاءِ لڙڪ وهائيندس ته هي فطري آهي جو مان لڙڪن کي روڪي نه ٿو سگهان. تنهنجي لاءِ مان غم جي انتها تائين روئيندس. اڇا رخصت حضور. منهنجي لفظن ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي. ان تي لڙڪ اهو ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ٻرندڙ باهه ۾ تيل ڪم ڪندو آهي.
بادشاهه: اسان کي به هلڻ گهرجي. گِرٽريوڊ اسان کي هن کي وڌيڪ به سمجهائڻو آهي. هن جي باهه وڌيڪ ڀڙڪڻ جو انديشو آهي. هلو هاڻي اسان کي هلڻ گهرجي.
(هليا وڃن ٿا)