منظر - چوٿون
(قلعي جو چبوترو)[/b]
(هيملٽ، هُريشيو ۽ مارسليس داخل ٿين ٿا)
هيملٽ: ٿڌي هوا ته ڪٽي کائي ٿي. ڏاڍي ٿڌ آهي.
هُريشيو: حضور هوا نهايت ٿڌي ۽ تيز آهي ۽ جسم ۾ گهڙندي وڃي ٿي.
هيملٽ: ڇا وقت ٿيو هوندو؟
هُريشيو: مان سمجهان ٿو ته ٻارنهن ٿيڻ ۾ ڪجهه ئي وقت هوندو.
مارسليس: نه ٻارنهن ته ٿي ويا آهن.
هُريشيو: مان گهڙيان جو آواز نه ٻڌو. اهو وقت ويجهو ايندو وڃي ٿو. جنهن ۾ روح هلندو ڦرندو نظر آيو هو.
(اندر باجا وڄڻ ۽ توبُن جا آواز اچن ٿا)
هي گوڙ ڪهڙو آهي. ڪجهه حضور کي معلوم آهي؟
هيملٽ: بادشاهه سلامت شب بيداري ملهائي رهيا آهن. محفل باده نوش گرم آهي. جام ۽ ساگر گردش ۾ آهن ۽ جڏهن بادشاهه شراب پيئندو آهي ته نغارا ۽ تُوتارا ڪنهن جي جام صحبت پيئڻ جو اعلان ڪندا آهن.
هُريشيو: گهڻو ڪري اُهو هتان جو دستور هوندو.
هيملٽ: جيتوڻيڪ مان هتان جو رهواسي آهيان ۽ انهن ئي ڳالهين ۾ پرورش پاتي آهي. پر منهنجو خيال ته هي آهي جو هنن رسمن جي پابندي نه هئڻ هنن جي پابندي هئڻ کان وڌيڪ قابل عزت سمجهيو وڃي ٿو. هي مسانا نوشي مشرق کان وٺي مغرب تائين ٻين قومن ۾ اسان کي بدنام ڪندي آهي. اهي اسان کي رند، شراب خور بلڪه خنزير به چوندا آهن ۽ انهيءُ طرح اسان جي نالي کي داغ لڳندو آهي. پوءِ اسان چاهي ڪيڏا به بلند رُتبي وارا ڪم ڪريون. پر انهن جي خوبي ۽ اعتبار ضايع ٿي ويندا آهن. اڪثر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ڪي ماڻهو قدرتي نُقص رکندا آهن. اهي نُقص يا ته ڪا جسماني بدنامي يا ته ڪنهن ذليل گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي ٿيندا آهن. جيڪو انسان جو ڏوهه نه آهي ڇو ته ان کي ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ جي سگهه ناهي يا جي نُقص ان قسم جو هوندو آهي جو اهي قيادتون جيڪي عقل ۽ ادارڪ تي مشتعمل هيون اهي ٽٽي پيون يا هي نُقص ڪنهن جي زيادتي جي سبب پيدا ٿيندو آهي. جيڪو هن جي تمام گردش ۽ مضبوط کي بدنام ڪري ڇڏيندو آهي. چاهي ان جي ٻيون خوبيون خدا جي رحمت جو ڪيترو ئي عمده انعام هجن. جيئن ته ماڻهو عام طور تي اهڙن ماڻهن کي نُقص کي ناپاڪ ۽ بُرو سمجهندا آهن ۽ ان خاص ان جو سڀ کان وڏو عيب سمجهندا آهن. ٿوري به کوٽ سڄي چڱائي کي ضايع ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ذلت بدنامي ان جي حق ۾ نتيجي طور تي ظاهر ٿيندي آهي.
هُريشيو: حضور نهاريو. هُو اچي رهيو آهي.
(روح داخل ٿيندو آهي)
هيملٽ: آسمان جا فرشتو ۽ رحمت الاهي جا مُبشر اسان کي پنهنجي پناهه ۾ رکو. اي! رُوح تون چاهي نيڪ هجين يا بَدِ تون جنتي هجين يا دوزخي. چاهي تون پاڻ سان گڏ جنت جي ٿڏي هوا آندي هجي. چاهي توسان گڏ دوزخ ۾ ساڙيندڙ هوائون هجن. چاهي تنهنجو ارادو سٺو هجي يا غلط. تون هڪ اهڙي فهم ۽ ادراڪ کان پوءِ شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهين. ته مان توسان گفتگو ضرور ڪندس. مان توکي هيملٽ جي نالي سڏيندس. توکي بابا يا بادشاهه يا ڊينمارڪ جي بزرگ جي لقب سان سڏيندس. جيئن ته جيڪو ڪجهه پُڇا ڪندس اهو ٻڌائڻ تنهنجي لاءِ ضروري هوندو. ۽ منهنجي اُن خواهش ۾ ته ڪنهن به طرح لاعملي ختم ٿئي. منهنجي اندر ۾ چير نه ٿيڻ ڏئي. بلڪه ٻڌا ته تنهنجا هڏا جيڪي قبر ۾ دفن ٿي چُڪا هئا ۽ انهن تي دعائون پڙهيون ويون هيون. ڇو پنهنجي قيد کي ٽوڙي ٻاهر نڪتو آهين ۽ ڇو سنگ مرمر جي وزني تابوت پنهنجو مُنهن کولي توکي ٻاهر ڪري ڇڏيو. هن جو ڇا مطلب آهي. جو هڪ مُرده جسم فولادي پوشاڪ مٿي کان پيرن تائين پاتل اهڙين راتين ۾ جڏهن ته چنڊ ڪڪرن جي پُٺ مان نڪري ڪري دنيا کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. ڇو ظاهر ٿيو آهي. ۽ اسان انسانن جي دل ۽ دماغ کي جيڪي فطرت جي هڪ راند آهن. اهڙن خيالن سان سيراب ڪندا آهن، جنهن کي برداشت ڪرڻ اسان جي وَس کان ٻاهر آهي. اسان تنهنجي لاءِ ڪهڙي ڀلائي ڪري سگهون ٿا.؟
(روح هيملٽ جي طرف اشارو ڪري ٿو)
هُريشيو: حضور- رُوح توهان کي اشارو ڪري سڏ ٿو ڪري ته توهان هن سان گڏ وڃو. جيتوڻيڪ هو ڪا ڳالهه حضور سان اڪيلي ۾ چوڻ ڇاهي ٿو.
مارسليس: ڌيان ڏيو ته ڪيتري محبت ۽ اخلاق سان الڳ جڳهه تي هلڻ لاءِ هُو توهان کي اشارو ڪري رهيو آهي. پر حضور توهان اُن سان گڏ هرگز نه وڃجو.
هيملٽ: مان ضرور ويندس. پر هن هتي نه ڳالهايو ته جيڏانهن هو اشارو ڪري رهيو آهي. مان اوڏانهن ويندس.
هُريشيو: حضور هرگز نه وڃجو.
هيملٽ: اِن ۾ ڪهڙو نقصان آهي مان ڇو ڊڄان. پنهنجي جسم جي قيمت ته مان هڪ ذري جي برابر ٿو سمجهان. اي! رُوح منهنجي رُوح جو ڇا ٿو وڃائي سگهين؟ ڇو ته تو وانگر منهنجو رُوح به غير فاني آهي. ڏسو هُو مون ڏانهن وري اشارو ٿو ڪري. مان هُن جي پويان وڃان ٿو.
هُريشيو: نه حضور ڪٿي ايئن نه ٿئي جو هو توهان کي سمنڊ جي طرف وٺي وڃي. ۽ اُن جبل جي چوٽي تي پهچي ڪري جيڪا سمنڊ جي طرف جهڪي بيٺي آهي ۽ ڊيڄاريندڙ شڪل اختيار ڪري وٺي جيڪا توهان جي عقل ۽ حواس کي گم ڪري ڇڏي. ۽ توهان پاڳل ٿي وڃو. پهرين اِنهن ڳالهين کي سوچي وٺو. جڳهه ايتري ته بلند آهي جو اتي پُهچي ڪري خواه مخواهه هيٺ هيٺ ڪرڻ جو دل ۾ خيال پيدا ٿيندو آهي. ٿورو ڌيان سان ڏسو ته جبل جي چوٽي کان سمنڊ ڪيترو هيٺ آهي. ۽ سمنڊ جو گوڙ ۽ هُل مٿي تائين پوهچندو.
هيملٽ: روح منهنجي طرف اشارو ڪري رهيو آهي. اي! رُوح اڳتي هَل مان تنهنجي پويان پويان اچان ٿو.
مارسليس: حضور هرگز هن جي پويان نه وڃو.
هيملٽ: پنهنجو هٿ پري ڪر، مونکي ڪوئي به نه روڪي.
هُريشيو: چيو مڃيو – گڏ نه وڃونس.
هيملٽ: نه - تقدير سڏي سڏي چئي رهي آهي ۽ منهنجي جسم جون تنتُون شينهن جي تنتُن وانگر سخت ٿي ويون آهن. ڏسو هُو مون کي هينئر تائين سڏ ڪري رهيو آهي. هُريشيو، مارسليس ڇڏيو مون کي نه ته قسم آ مون کي جيڪو مون کي روڪيندو اُن کي جان سان ماري ڇڏيندس.
هُريشيو: خيال ۽ تصورين کي ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي.
مارسليس: اسان کي به هن سان وڃڻ گهرجي. اِن ۾ هُن جو حڪم مڃڻ صحيح نه آهي.
هُريشيو: اڇا! هَل خدا ڄاڻي اِن جو انجام ڪهڙو ٿيڻ وارو آهي.
مارسليس: هِن رياست جي ڪا حڪمت ضرور ڦِٽي آهي.
هُريشيو: خدا سڀني کي پنهنجي اَمانَ ۾ رکي.
مارسليس: اچ اسان به شهزادي جي پويان پويان هلُون.