ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر - ٽيون

ٽيون - منظر
(شاهي محل جو هڪ ٻيو ڪمرو)

(بادشاهه سلطنت جي رُڪنن سان گڏ داخل ٿئي ٿو)

بادشاهه: مان هن جي لاش جي ڳولا ۾ ماڻهو موڪليا آهن. انسان پاڳل پڻي ۾ ڪيترو نه خطرناڪ آهي. اسان هن سان سختي ڪرڻ نه ٿا چاهيون ڇو ته عوام جي دل ۾ هن گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ عوام ۾ ڪنهن به فيصلي جي صلاحيت ناهي هوندي. جيڪڏهن اسان هن کي سزا ڏيون ٿا ته هر هڪ جي نظر هن جي ڏوهه کي ڇڏي. اسان جي ڏنل سزا تي تنقيد (نُقته چيني) ڪرڻ لڳندا. اسان جلد ئي هُن کي ٻاهر موڪلي رهيا آهيون ته پوءِ به اهو ئي چيو ويندو ته اسان ڪائي سازش ڪئي آهي، پر مان هاڻي هن جو علاج ڏاڍي سختي سان ڪندس. نه ته ٻيو ڪوئي چارو نه آهي.
(روزين داخل ٿئي ٿو)
بادشاهه: ڪهڙي خبر آهي، ڇا حال آهي؟
روزين: اسان کي لاش جو ڪوئي پتو نه لڳو. عالي جناب! هو اسان کي ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي
بادشاهه: پر هو ڪٿي آهي؟
روزين: عاليجناب! هو ٻاهر سپاهين سان گڏ بيٺا توهان جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهن.
بادشاهه: هن کي اسان جي سامهون وٺي اچو.
روزين: او! گِلڊن حضور کي عاليجناب وٽ وٺي اچو.
(شهزاده هيملٽ، گِلڊن سان گڏ داخل ٿين ٿا)
بادشاهه: هيملٽ - پولونيس ڪٿي آهي؟
هيملٽ: دعوت ۾.
بادشاهه: ڪٿي دعوت ۾؟
هيملٽ: ان جڳهه تي نه جتي هو کائي بلڪه هن کي کايو ويندو. سياسي ڪيڙا هن کي کائي چُڪا هوندا. ڪيڙا ئي دنيا تي حڪومت ڪندا آهن ۽ اسان ڪيڙن کي جانور کارائي ٿُلهو ڪندا آهيون. پر جنهن وقت هي پنهنجو ڪم ختم ڪري چڪندا آهن ته هڪ فقير کان به بدتر ٿي ويندا آهن. اهو ئي انهن جو نتيجو آهي ته خود اهي ڪيڙن جي خوراڪ بڻجي ويندا آهن.
بادشاهه: افسوس ... افسوس!
هيملٽ: هڪ شخص ڪيڙي سان مڇي پڪڙي پنهنجي بادشاهه کي خوراڪ جي لاءِ کڻي ايندو آهي ۽ ان ڪيڙي کي کائي ويل مڇي کي کائي تازو توانو ٿي ويندو آهي.
بادشاهه: ان مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟
هيملٽ: ڪجهه به نه صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته بادشاهه ڪهڙي طرح فقيرن جي ٽولي مان ترقي ڪري تخت حاصل ڪري ٿو.
بادشاهه: پولونيس ڪٿي آهي؟
هيملٽ: جنت ۾ آهي. چئو ته ان کي ڏسڻ لاءِ توهان کي به اتي موڪلي ڇڏيان. شايد توهان وٽ ڪو سفير ان جي خبر کڻي اچڻ وارو نه آهي پر شايد هو ٿوهان کي هن ئي مهيني ۾ ملي وڃي. جڏهن توهان ڏاڪڻ تي چڙهي مٿي ويندوَ ته فورن سڃاڻي ويندوَ.
بادشاهه: وڃو - هُن کي ڳولي وٺي اچو. (روزين سان) هي هتي ئي هوندو. جيستائين توهان واپس ايندوَ.
(روزين ۽ ڪجهه سپاهي هليا وڃن ٿا)
هيملٽ تنهنجي ان حرڪت جي لاءِ اسان کي تحفظي ڪاروائي عمل ۾ آڻڻي پوندي. اسان کي ان ڳالهه جو وڏو صدمو آهي جيڪو تو ڪيو آهي. اسان توکي ڪنهن ٻي جڳهه تي موڪلي ڇڏينداسين. تون جلدي تياري ڪر. جهاز تيار آهي ۽ هوا به مناسب آهي ۽ انگلستان وڃڻ لاءِ سڀ ڪجهه تيار آهي.
هيملٽ: انگلستان جي لاءِ؟
بادشاهه: ها هيملٽ.
هيملٽ: اڇا.
بادشاهه: انهيءَ طرح توکي اسان جو مقصد معلوم ٿي ويندو.
هيملٽ: انهيءَ ۾ هڪ خاص سازش به ڏيکارڻ ۾ اچي ٿي. پر هلو انگلستان جي لاءِ خدا حافظ پياري امان.
بادشاهه: ۽ پنهنجي پياري پيءُ کي هيملٽ؟
هيملٽ: منهنجي امان - پيءُ ۽ ماءُ هڪ شخص ۽ زال آهن. شخص ۽ زال هڪ گوشت نه آهن. انهيءَ جي لاءِ منهنجي صرف ماءُ آهي. هلو - انگلستان جي لاءِ (هيملٽ ٻاهر هليو وڃي ٿو.)
بادشاهه: (گِلڊن سان) هن جو پيڇو ڪيو. جلدي ئي هن کي روانو ڪري ڇڏيو. ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. مان اڄ ئي رات هن کي روانو ڪرڻ چاهيان ٿو. وڃو توهان سڀ جلدي ئي تياري ڪيو.
(گِلڊن ۽ ٻيا وڃن ٿا)
بادشاهه: (پنهنجو پاڻ سان) ۽ انگلستان تو ۾ تمام وڏي قوت آهي ته منهنجو غم وٺي مون ۾ عقل ڏئي ڇڏ. تو وٽ ڳاڙهيون تلوارن جي قطار موجود آهي. پر تڏهن به تون آزادي سان ڊينمارڪ جي تلوارن جي هيٺيان اسان جو خراج ادا ڪندا رهيا آهيو. تون ماٺ ۽ چُپ چاپ ٿي ڪري ناهين ويهندو. تو اسان جي ڀلائي جي لاءِ سڀ ڪجهه مُهيا ڪيو. خطن مان اهو يقين ڏياريوَ ته تون هيملٽ کي موت جي منزل پهچائي ڇڏيندي. انگلستان اهو ڪري ڇڏ. هي منهنجي رت ۾ زهر وانگي مليل آهي. تون ئي مون کي شفا ڏئي سگهين ٿو. جيستائين ايئن نه ٿيندو تيستائين منهنجي خوشي واپس نه ٿي ملي سگهي.

(پردو ڪري ٿو)