ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر – چوٿون

[b] چوٿون – منظر
(ڊينمارڪ جو هڪ ميدان)[/b]

(فارٽن براس هڪ ڪپتان ۽ سپاهي مارچ ڪندي داخل ٿين ٿا)


فارٽن براس: وڃو ڪپتان - منهنجي طرف کان ڊينمارڪ جي بادشاه کي سلام ڪيو ۽ ان کي عرض ڪيو ته فارٽن براس اوهان جي اجازت سان پنهنجي فوج اوهان جي سلطنت جي حدن مان گذارڻ ڇاهي ٿو. تون ڄاڻين ٿو ته مان ڪٿي رهندس ۽ عاليجناب مون کي طلب ڪري ته مان ضرور حاضر ٿي ويندس. ان کي هن ڳالهه کان آگاهه ڪري ڇڏجو.
ڪپتان: مان ايئن ئي ڪندس حضور - (وڃي ٿو)
فارٽن براس: وڃو حفاظت سان وڃجو.
(هيملٽ، روزين، گِلڊن ۽ ٻيا شخص ايندا آهن)
هيملٽ: جناب ڇا مان معلوم ڪري سگهان ٿو ته هي ڪنهن جون فوجون آهن؟
ڪپتان: هي ناروي جي فوج آهي جناب.
هيملٽ: مان ڄاڻي سگهان ٿو ته انهن جو ڇا مقصد آهي؟
ڪپتان: پولينڊ جي ڪجهه حصن تي حملو ڪيو ويندو.
هيملٽ: ڇو جناب - هي ڪنهن جي قيادت ۾ آهي؟
ڪپتان: هي پوڙي بادشاهه جي ڀائٽي فارٽن براس جي قيادت ۾ آهي.
هيملٽ: هي پولينڊ جي ڪجهه حصي تي حملو ڪندا يا پوري ملڪ تي؟
ڪپتان: اصل ۾ ته سوال هتي اسان جي عزت ۽ وقار جو آهي. اسان پولينڊ جي صرف ان حصي تي حملو ڪنداسين جنهن جو نفعو پنج ڊيوڪٽ کان زياده نه آهي. صرف پنهنجي ڳالهه رکڻي آهي. اسان کي پوري ملڪ تي حملو نه ڪرڻو آهي. عزت ۽ مان جي ڳالهه ۾ ڪير نفعي ۽ نقصان کي ڏسندو آهي؟
هيملٽ: ناروي صرف پولينڊ کان خراج وصول ڪرڻ چاهي ٿو؟
ڪپتان: ها اهو به پنهنجي جڳهه تيار آهي.
هيملٽ: ان پنج ڊيوڪٽ جي لاءِ ٻه هزار حياتيون ضايع ٿينديون ۽ تڏهن به هي مسئلو حل نه ٿيندو. انسان دولت جي لالچ ۾ چڙهيو پيو آهي. انهيءَ سبب کان ته انسان جي وچ ۾ گناهه وڌي رهيو آهي. جيڪو زهر ڦهلائي انسان کي موت جي ننڊ سمهاريندو رهيو آهي. مان ان معلومات جي لاءِ جناب جو شڪريو ادا ڪيان ٿو.
ڪپتان: خدا اوهان تي برڪتون نازل ڪري جناب.
روزين: ڇا اوهان اسان سان گڏ هلي سگهو ٿا شهزاده؟
هيملٽ: مان سڌو ئي توهان وٽ ايندس. توهان ٿوري دير جي لاءِ وڃي سگهو ٿا.
(هيملٽ کان علاوه سڀ هليا وڃن ٿا)
(هيملٽ پنهنجو پاڻ سان) هن گذرندڙ لمحي جو هڪ هڪ وقفو منهنجي ڪاوڙ ۽ بدلو کي ڀڙڪائي رهيو آهي. لعنت آهي مون تي ته منهنجي زندگي صرف اڻ پوري خواب تائين محدود رهجي وئي آهي. اهڙو انسان صرف هڪ جانور آهي. جنهن خدا ان کي پيدا ڪيو. سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت عطا ڪئي. ان ڪڏهن به هي نه سوچيو هوندو ته هي احمق پنهنجي عقل جو ذري برابر به استعمال نه ڪندو. انسانيت جي طاقت حيوانيت جي عقل ۾ زنده رهندي. مون ۾ طاقت آهي ۽ مڪمل ذريعا هجڻ جي باوجود مان پنهنجي بدلي جي جذبي کي پورو نه ڪري سگهيس. انهيءَ جي لاءِ ته مان پنهنجو تمام عقل حيوان جي عقل کي نذرانو ڏئي چڪو آهيان يا مان ان جي انعام کي سوچي خوف کاوان ٿو. مان بزدل آهيان ڇو ته اهڙو انجام سوچڻ ٽي حصا بزدلي ۽ هڪ حصو عقلمندي آهي. ڇا ڪيان سڀ واقعه پيش نظر آهن ۽ منهنجي اندر ۾ سازش ڪري رهيا آهن ۽ مون کي بدلي وٺڻ تي بيدار ڪري رهيا آهن. منهنجي ڪم کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ پوري فوج مون وٽ آهي. ڏسو هو نوجوانن جي فوج بڻجي سپاهين جي چهري تي مسڪراهٽ ۽ دشمن سان مقابلي جو حوصلو آهي پر انجام کي سوچي ڪير پنهنجي مردانه جوهر کي پشيمان ڪرڻ ناهي چاهيندو. ان جي سامهون انجام جو خيال ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. هي حسين شهزادو پنهنجي ننڍڙي ئي ڳالهه جي شان تي پنهنجي دولت زندگي ۽ جان جي بازي لڳائي ويٺو آهي. انسان پنهنجي عزت جي معاملي ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي انهن جي وچ ۾ ڪهڙي هستي آهي.! منهنجي پيءُ جي قاتل منهنجي ماءُ جي عزت برباد ڪئي ۽ مان اڃان به سوچي رهيو آهيان. جڏهن ته منهنجو ضمير ان جو بدلو وٺڻ لاءِ بيچين آهي. مان هڪ جانور جيان انهن ويهه هزار انسانن کي موت جي طرف ويندي ڏسي رهيو آهيان جيڪي صرف شهرت جي خاطر جان ڏيڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. پنهنجو بسترو ڇڏي پنهنجي قبر جي طرف پير رکي رهيا آهن. ها! هاڻي مان به بدلو وٺندس. منهنجا خيالات خوني ٿي ويا آهن ۽ جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته اڄ کان مان پاڻ کي بلڪل نيچ ۽ ذليل سمجهندس.

(هليو وڃي ٿو)