ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر - پهريون

منظر - پهريون
(هڪ گرجا گهر جو ميدان)

(ٻه مسخرا هٿن ۾ ٽيڪم ۽ بيلچا کڻي اچن ٿا)

پهريون مسخرو: ڇا هن کي عيسائي مذهب جي مطابق دفن ڪيو ويندو جڏهن ته هن خودڪشي ڪئي آهي.
ٻيو مسخرو: ها هن کي ايئن ئي ڪيو ويندو ۽ هن جي قبر به ٺاهي ويندي. ڇو ته هي بادشاهه جو معاملو آهي ۽ هو هن کي مذهبي رسمن جي مطابق دفن ڪرائيندو.
پهريون مسخرو: هي ته ان وقت ٿي پئي سگهيو جڏهن هن پنهنجي حفاظت جي لاءِ پاڻ کي غرق ڪري ڇڏي ها؟
ٻيو مسخرو: اهو ڪيئن ٿي سگهي ها.
پهريون مسخرو: ايئن ٿي سگهي ٿو. اڇا هي ڳالهه مڃ پر مان پنهنجو پاڻ کان ٻُڏي وڃان ۽ هتي پاڻي آهي ته منهنجو ڪم ارادي وارو هوندو ۽ ڪنهن به ڪم کي ڪرڻ لاءِ ٽي ڳالهيون هجڻ گهرجن. خود اهو جيڪو ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان کي ڪرڻ جو طريقو هوءَ ڃاڻي واڻي ٻُڏي آهي.
ٻيو مسخرو: پر تنهنجي خيال ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي؟
پهريون مسخرو: مون کي ڳالهائڻ ڏي. هتي پاڻي آهي ۽ هتي هو ماڻهو بيٺو آهي. اڇا جيڪڏهن هو ماڻهو ان پاڻي جي ڀرسان وڃي. ان ۾ ٻڏي وڃي ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو. ڇا هو هوڏانهن ويندو. ان کي ڏس ته پاڻي خود اچي هن کي ٻوڙيو آهي. تڏهن ته هن پنهنجو پاڻ کي ناهي ٻوڙيو. اهڙي ماڻهو کي خودڪشي جو الزام نٿو لڳي سگهي.
ٻيو مسخرو: پر هي قانون آهي.
پهريون مسخرو: مان قسم کڻي چوان ٿو. هي بادشاهه جو پنهنجو ٺاهيل قانون آهي.
ٻيو مسخرو: ڇا تون ان کي سچ ٿو سمجهين. جيڪڏهن هيءَ هڪ وڏي خاندان جي عورت نه هجي ها ته ڪڏهن به هيءَ مذهبي طريقي سان نه دفنائي وڃي ها.
پهريون مسخرو: بس هاڻي تو ڳالهه ڪئي آهي. هي وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته وڏن ماڻهن کي ڦاسي ڏيڻ ۾. پاڻي ۾ ٻڏڻ ۾ هر طرح جي آزادي آهي. هلو اسان پنهنجو ڪم ڪيون. هن دنيا ۾ مالين ۽ قبرن کوٽڻ وارن جو ڪم اهڙو آهي، جيڪو ڏاڏا آدم جي وقت کان هلندو ٿو اچي.
ٻيو مسخرو: ڇا هو ڪو شريف ماڻهو هو؟
پهريون مسخرو: ها هو سڀني کان پهرين پيدا ٿيو هيو ۽ ان جي جسم تي هٿيار ٻڌل هيا.
ٻيو مسخرو: ڇو ڇا ان وٽ ٻيو ڪجهه به نه هيو؟
پهريون مسخرو: ڇا تون عيسائي نه آهين؟ ڇا تنهنجو انجيل تي يقين نه آهي؟ انجيل ۾ لکيل آهي ته ماڻهو مٽي کوٽيندا هيا. ڇا ڪنهن هٿيار کان بغير مٽي کوٽي ويندي هئي. هاڻي مان توکان ٻيو سوال ڪندس. جيڪڏهن تون ان جو جواب نه ڏئي سگهين ته پاڻ کي بي وقوف مڃجان.
ٻيو مسخرو: ڳالهائيندو وڃ.
پهريون مسخرو: اهو ڪير آهي، جيڪو جهاز ۽ رازي کان به وڌيڪ مضبوط شيون ٺاهيندو آهي؟
ٻيو مسخرو: جيل ٺاهڻ وارو، ڏاڍيون مضبوط شيون ٺاهيندو آهي. ڇو ته قيد خاني ۾ هزارين ڪرائيدار رهندا آهن.
پهريون مسخرو: مان تنهنجي عقلمندي جي تعريف ٿو ڪيان. قيد خانو ته ڏاڍو مضبوط ٺهندو آهي پر هي ٺهي ڪيئن ويندو آهي. هي انهن ماڻهن لاءِ ٺهندو آهي جيڪي بُرائي ڪندا آهن ۽ پنهنجي بُرن ڪمن لاءِ قيد خاني ۾ ويندا آهن. اهو گرجا گهر کان به مضبوط ٺاهيو ويندو آهي ته تنهنجي خيال ۾ قيد خانو سڀني کان وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. اڇا هل پنهنجو ڪم ڪر.
ٻيو مسخرو: هڪ معمار جهاز ٺاهڻ وارو هڪ رازي کان وڌيڪ مضبوط شيون ٺاهيندو آهي.
پهريون مسخرو: ها مون کي ان جو جواب ڏي.
ٻيو مسخرو: مقدس مريم جو قسم هاڻي مان اهو ٻڌائيندس.
پهريون مسخرو: ٻڌائي.
ٻيو مسخرو: نه نه مون کي معلوم نه آهي.
(هيملٽ ۽ هُريشيو پريان ايندا آهن)
پهريون مسخرو: پنهنجي گڏهه جهڙي دماغ تي وڌيڪ زور نه ڏي. هاڻي توکان جيڪڏهن ٻيو ڪجهه پڇيو ويو ته تون پٽجندو رهجي ويندين ۽ اهو ئي جواب ڏيندين ته هڪ قبر کوٽڻ وارو سڀ کان وڌيڪ مضبوط شيءِ ٺاهيندو آهي ڇو ته هن جون ٺاهيل قبرون قيامت جي ڏينهن تائين قائم رهنديون آهن. اڇا وڃ منهنجي لاءِ شراب جو پيالو کڻي اڄ.
(ٻيو مسخرو هليو وڃي ٿو ۽ پهريون قبر کوٽيندي ڳائي ٿو)
“نوجواني ۾ جڏهن محبت ڪندو هيس ته مان ان کي ڏاڍو حسين تصور ڪندو هيس. وقت گذرڻ سان ايترو پريشان ڪيو جو مان پنهنجي محبوب سان ملي نه سگهيس”.
هيملٽ: هن شخص کي پنهنجي ڪم جي متلق ڪو فڪر ناهي جو اهڙي طرح قبر ٺاهيندي ڳائي رهيو آهي.
هُريشيو: روز اهو ئي ڪم ڪندي ڪندي هو انهن ڳالهين جو عادي ٿي ويو آهي.
هيملٽ: تون صحيح ٿو چوين. دنيا ۾ ڪنهن ڪم کي ڪڏهن ڪڏهن ڪرڻ وارو ايترو سخت دل نه هوندو آهي.
پهريون مسخرو: (ڳائي ٿو) وقت پنهنجي خاموش پيرن سان گذري ويو ۽ ان مون کي پنهنجي ڄار ۾ سختيءَ سان ڦسائي ڇڏيو ۽ پنهنجي زمين جي طرف مون کي وٺي ويو. ڪاش هي سڀ مون ڇو نه ڪيو هو. (هڪ کوپڙي کڻي اڇلائي ٿو)
هيملٽ: ان کوپڙي ۾ ڪڏهن زبان هئي ۽ ڪنهن وقت ۾ ڏاڍا حسين گانا ڳائيندي هئي. هي ڪين جي کوپڙي آهي. جنهن قتل ڪيو هيو يا پوءِ هي ڪنهن سياسي شخص جي کوپڙي ٿي سگهي ٿي. جيڪا هن گڏهه جي هٿن ۾ پهچي وئي آهي. ڪمبخت خدا کي به ڌوڪو ڏئي سگهي ٿو. ڇا مان غلط چئي رهيو آهيان.
هُريشيو: ايئن ٿي سگهي ٿو سرڪار.
هيملٽ: ٿي سگهي ٿو ته هي ڪنهن درٻاري جو سِر هجي. جيڪو بادشاهه جي قدمن تي جهڪيل ۽ هر وقت حضور جي رَٽ لڳائي رهندو هو. هي به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن امير جو سر هجي جيڪو ٻئي امير جي گهوڙي جي تعريف ڪري رهيو هجي ۽ پو تعريف ڪري ان کان اهو گهوڙو گهريو هجي.
هُريشيو: ٺيڪ آهي شهزاده.
هيملٽ: ها! ايئن ٿي سگهي ٿو هي ڪنهن عورت جو چهرو هجي. جنهن جي گوشت ۽ ماس کي ڪيڙا کائي ويا هجن. هي عجيب انقلاب آهي تون هن جي هڏن کي ڏسي رهيو آهين ته هاڻي انهن جي ڪابه قيمت ناهي ۽ هيڏانهن هوڏانهن اڇلايو پيو وڃي. منهنجي دل هي سوچي ڪڙهي رهي آهي.
پهريون مسخرو: (ڳائي ٿو) هڪ ڪٻاڙي جو کڙڪو.. هاڻي انهن کي منتشر ڪري رهيو آهي جي مٽي جا پتلا آهن ڪجهه ڏينهن لاءِ دنيا ۾ بطور مهمان آيا هئا.
(ٻي کوپڙي اڇلائي ٿو)
هيملٽ: هي ٻي کوپڙي آهي. شايد هي ڪنهن وڪيل جي کوپڙي آهي. ڏسو هي ڪهڙي نه طرح چُپ آهي، ان جا جرحي بحث مقدما ۽ سڀ چالبازيون ختم ٿي ويون. ڏسو هو ڪمبخت ٽيڪم سان ان کي ماري رهيو آهي. هاڻي آخر ان جي مٿان حملي جو مقدمو ڇو داخل نٿو ڪري. ها هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيتري ئي زمين خريد ڪئي هوندي ڪيتري ئي دولت جمع ڪئي هوندي. ڪيترا پيسا وصول ڪيا هوندا پر سڀ ڪجهه ڇڏي مٽي جي خاڪ ۾ ملي وئي. ان جا ٺاهيل جملي دستاويز ان جي خريد ڪيل زمين ۽ وصول ڪيل دولت سڀ قبر جي ٻاهران رهجي وئي ۽ هو پاڻ سان گڏ پنهنجي خاڪي جسم جي علاوه ڪجهه به نه کڻي ويو. افسوس!
هُريشيو: ان کان وڌيڪ ڇا کڻي سگهي ها شهزاده؟
هيملٽ: ڪاغذ نه شايد رڍ جي کَل مان ٺهندو آهي؟
هُريشيو: ها حضور - گابي جي کَل مان ٺهندو آهي.
هيملٽ: هي سڀئي به رڍون ۽ گابا آهن. جن کي پنهنجي زندگي تي ايترو اعتماد آهي. مان هن شخص سان ڳالهائيندس. (پهرين مسطري سان) ٻڌو هي قبر ڪنهن جي آهي؟
پهريون مسخرو: منهنجي حضور. (ڳائي ٿو) هڪ مُٺ ڀر خاڪ جيڪا هتي بطور مهمان ايندي آهي پوءِ خاڪ ۾ ملي ويندي.
هيملٽ: ڇو ته تون هن وقت هن ۾ ليٽيل آهين ان لاءِ ممڪن آهي ته تنهنجي قبر هجي.
پهريون مسخرو: جناب توهان هن کان ٻاهر آهيو. تڏهن به هي توهان جي نه آهي ۽ مان هن جي اندر ليٽيل آهيان. ان لاءِ منهنجي آهي.
هيملٽ: ڪوڙ نه ڳالهائي. هي تنهنجي قبر نه آهي. قبر مردن جي لاءِ هوندي آهي. شايد اڃان ڪجهه دير آهي. انهي لاءِ تون هتي ليٽي پيو آهين.
پهريون مسخرو: هي بلڪل ڪوڙ آهي سرڪار. هي مون کان پوءِ توهان وٽ هلي ايندي.
هيملٽ: توهان ڪنهن جي لاءِ هي قبر کوٽي رهيا آهيو؟
پهريون مسخرو: ڪنهن مرده جي لاءِ جناب.
هيملٽ: ڇا ڪنهن عورت جي لاءِ؟
پهريون مسخرو: ڪنهن جي لاءِ به نه.
هيملٽ: هن ۾ ڪنهن کي دفن ٿيڻو آهي؟
پهريون مسخرو: هڪ عورت هئي. ويچاري روح کي سڪون ملي مري وئي آهي.
هيملٽ: ڪيترو نه بدماش شخص آهي. هاڻي اسان هن سان اهڙيون ڳالهيون ڪنداسين ڪيئن هُريشيو. مان ٽن سالن کان ڏسي رهيو آهيان ته اهڙو زمانو اچي ويو آهي ته جاهل به هاڻي شاهي درٻاري ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن جي برابر ٿي هلڻ لڳا آهن. (پهريون مسخري سان) تون ڪڏهن کان قبر کوٽن جو ڪم ڪري رهيو آهين؟
پهيون مسخرو: ان ڏينهن کان جڏهن اسان جي مرحوم بادشاهه هيملٽ فارٽن براس کي هارايو هيو.
هيملٽ: ان کي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟
پهريون مسخرو: توهان کي معلوم نه آهي هر بي وقوف ان کي ڄاڻي ٿو هي ان ڏينهن جو قصو آهي جڏهن اسان جو نوجوان شهزادو هيملٽ پيدا ٿيو هيو. اهو هاڻي چريو ٿي ويو آهي ۽ انگلستان موڪليو ويو آهي.
هيملٽ: توکي قسم آهي هي ٻڌائي ته هو انگلستان ڇو موڪليو ويو آهي؟
پهريون مسخرو: ڇو! ان لاءِ جو هو پاڳل هيو. ان کي اتي عقل ملي ويندو ۽ جيڪڏهن عقل نه مليس تڏهن به هو اتي ئي رهندو. ڪا فڪر جي ڳالهه نه آهي.
هيملٽ: ڇو؟
پهريون مسخرو: ان جي لاءِ جو هو اتان لاءِ ڪا عجيب ڳالهه نه آهي. اتي هن جهڙا گهڻا پاڳل رهدا آهن.
هيملٽ: هو پاڳل ڪيئن ٿيو هيو؟
پهريون مسخرو: ماڻهو هن جي باري ۾ عجيب ڳالهيون ڪندا آهن.
هيملٽ: ڪهڙيون عجيب ڳالهيون؟
پهريون مسخرو: يقين ڪيو ان جو عقل بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
هيملٽ: ان جو سبب ڪهڙو هيو؟
پهريون مسخرو: سبب؟ ڊينمارڪ ۾ ٻار کان وٺي، جوان ٿيندي ٿيندي ٽيهن سالن کان قبرون کوٽي رهيو آهيان.
هيملٽ: هل ماڻهو جي لاش کي مٽي ۾ ملي وڃڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي؟
پهريون مسخرو: مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ان جو جسم مرڻ کان پهرين سڙي نه ويو هجي ته اٺ نَو سال لڳندا آهن ۽ هڪ چمڙو ٺاهڻ وارو نَو سال وٺندو آهي.
هيملٽ: ڇو؟ هو ٻين کان وڌيڪ وقت ڇو وٺندو آهي؟
پهريون مسخرو: پنهنجي پيشي جي سبب کان ان جو جسم ايترو سخت ٿي ويندو آهي جو پاڻي جو اثر ناهي ٿيندو ۽ توهان کي خبر آهي ته پاڻي سان ئي مرده جسم ڳري ويندو آهي توهان هيڏانهن ڏسو هي هڪ کوپڙي آهي. هي کوپڙي ٽيويهه سالن کان زمين ۾ پئي آهي.
هيملٽ: هي ڪنهن جي کپڙي آهي؟
پهريون مسخرو: هي ان پاڳل بدمعاش جي کوپڙي آهي، جنهن هڪ دفعي شراب جو پيالو منهنجي مٿي تي هنيو هو. هي اها ئي کوپڙي آهي. هي انهيءُ يورڪ جي کوپڙي آهي جيڪو شاهي مسخرو هو.
هيملٽ: مون کي ڏسڻ ڏي (کوپڙي هٿ ۾ کڻندي آهي) افسوس يورڪ! هُريشيو مان هن کي سُڃاڻيندو هيس. هي وڏو مسخرو ۽ حاضر دماغ هو. هن هزارين دفعا مون کي پنهنجي پٺي تي کڻي گهمايو هو. هاڻي هتي ڪهڙي شڪل ٺاهي سوچي رهيو آهي. منهنجي دل ڏڪي رهي آهي. تنهنجا اهي چپ ڪٿي آهن؟ تنهنجي کِل ڪٿي آهي؟ تنهنجا گانا ڪٿي آهن؟ تنهنجي گوشت پوست جو ڇا ٿيو؟ تنهنجي مسخري پڻي جي ڳالهين جو ڇا ٿيو ٿيو جن کي ميز تي ويٺل ماڻهون ٻڌي کلي کلي اٿندا هئا ۽ هاڻي تون خود پنهنجي مٿان کلي رهيو آهين. تنهنجي کِل مٽجي وئي آهي. هاڻي تون هن عورت جي ڪمري طرف وڃ ۽ هن کي چئو ته هو پنهنجي چهري تي چاهي چمڪندڙ هڪ انچ جو رنگ لڳائي ڇڏي، پر هن جو حال اهو ئي ٿيندو ۽ هن جي چمڪ ڌمڪ جي به ايئن مذاق اڏائي ويندي. هُريشيو مان توسان هڪ ڳالهه جي التجا ڪيان ٿو.
هُريشيو: اها ڪهڙي ڳالهه آهي حضور؟
هيملٽ: ڇا موت کان پوءِ قبر جي اندر سڪندر جي به اها ئي حالت ٿي هوندي؟
هُريشيو: بلڪل اهڙي ئي.
هيملٽ: ڇا هُن مان به اهڙي ئي بدبو ايندي هوندي؟ (کوپڙي کي هيٺ رکي ڇڏي ٿو)
هُريشيو: بلڪل اهڙي ئي شهزاده.
هيملٽ: هُريشيو! پوءِ اسان جي مرڻ کان پوءِ ڪهڙي حالت ٿيندي؟ تون سڪندر جي مقدس خاڪ جي باري ۾ ڇو ايئن سوچي رهيو آهين. ڇا هن جي خاڪ به ڪنهن پاڻي جي نالي کي روڪي رهي هوندي؟
هُريشيو: انهن ڳالهين جي متعلق سوچڻ ۾ اڃان به بي چيني وڌندي ويندي.
هيملٽ: ڪنهن ڳالهه جو به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. بلڪه هي ئي سوچڻو پوندو آهي ته سڪندر مئل هوندو. هن کي دفن ڪيو ويو هوندو ۽ مٽي بڻجي ويو هوندو. ان مٽي سان اسان گارو ٺاهيندا آهيون ۽ گارو ئي ڇو؟ اسان ته ناليون روڪڻ ۾ ان کي استعمال ڪندا آهيون. روم جو شهنشاهه سيزر به وڏي شان سان حڪومت ڪندو هيو، مري هو به مٽي ۾ ملي ويو. شايد ديوار جي سوراخ ۾ هوا کي روڪڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. پر(هوڏانهن آواز اچي ٿو) هٽو هٽو هڪ طرف ٿي وڃو، بادشاهه اچي رهيو آهي.
(درٻاري اچن ٿا ۽ اوفيليا جي جنازي جي جلوس ۾ لائرٽس ۽ ٻيا شخص روئيندي اچن ٿا. بادشاهه ۽ راڻي انهن جا ٻيا خادم گڏ آهن)
هيملٽ: (هُريشيو سان) درٻاري هي سڀ ڪنهن سان گڏ اچي رهيا آهن، پر هن جنازي سان ڪابه مذهبي رسم ادا نه ڪري رهيا آهن.ايئن لڳي رهيو آهي مرڻ واري خودڪشي ڪئي آهي، معلوم ٿئي ٿو ته ڪو اعليٰ خاندان جو فرد مري ويو آهي. اچ هُريشيو لڪي ڏسون ڇا ٿو ٿئي؟
(هُريشيو سان گڏ لڪي وڃي ٿو)
هيملٽ: اڙي! هي ته لائرٽس آهي. ڏسو هي ته ڏاڍو بهادر جوان آهي.
لائرٽس: اڃا ڪهڙي رسم رهجي وئي آهي؟
پادري: جيستائين مذهب جي دائري جو اختيار هيو، اسان ايترو ڪري ڇڏيو. اسان کي اڃان تائين هن جي موت جي باري ۾ شڪ آهي. هي شاهي حڪم هيو نه ته ڪنهن رسم جي بغير هن کي قبر ۾ ليٽايو وڃي ها ۽ قيامت تائين روح کي ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ها. هن جي رُوح جي لاءِ ڪا دعا نه گهرڻ گهرجي بلڪه ان کي سنگسار ڪرڻ گهرجي. حالانڪه مان هاڻي به ڏسي رهيو آهيان ته ڪنواري ڇوڪري وانگر ان تي گل هاريا وڃن ٿا ۽ عزت ۽ ادب سان ان جي جنازي کي قبرستان آندو پيو وڃي.!
لائرٽس: ته اڃان ڪا رسم رهيل ناهي؟
پادري: هاڻي ڪجهه نه ڪيو ويندو. اسان هن جي روح جي سڪون جي لاءِ ڪو گانو نه ڳائينداسين.
لائرٽس: ته هاڻي اسان هن کي قبر ۾ ليٽايون ٿا. ان جي حسين جسم جي خاڪ مان بنفشني جا گل ٽڙندا. مڪار پادري مان توکي چوان ٿو ته منهنجي ڀيڻ کي نيڪ فرشتن وٽ جڳهه ملندي ۽ تون جهنم ۾ سڙندو رهندي.
هيملٽ: ڇا! حسين اوفيليا (الڳ ڪنڊ ۾ چوي ٿو)
راڻي: خدا حافظ حسين ڇوڪري (گل اڇلائيندي) مون سوچيو هيو ته منهنجي هيملٽ جي زال ٿيندي ۽ هنن گلن سان مان تنهنجي شادي جي سيج سجائيندس. پياري ڇوڪري هاڻي مان هنن کي تنهنجي قبر تي اڇلائي رهي آهيان.
لائرٽس: خدا ڪري ان تي ڏهه دفعا وڌيڪ مصيبت اچي، جيڪو تنهنجي موت جو سبب بڻيو آهي. جنهن جي سبب کان تون پاڳل ٿي وئين. اهو ڪڏهن دنيا ۾ خوش نه رهي. بيهي رهو. مان هڪ دفعو ٻيهر هن کي ڳلي لڳائيان. (قبر ۾ ٽپو ڏئي لهندو آهي) هاڻي اسان ٻنهي تي ايتري مٽي وجهو ته جيئن ببلن جي چوٽين جي برابر اوچي ٿي وڃي.
هيملٽ: (اڳتي اچي ٿو) هي ڪنهن تي غم جو جبل اچي ڪريو آهي. هي ڪير آه جنهن جي غم کي ٻڌي ستارا به تڙپي اٿيا آهن. هو بيهي هن مصيبت ۽ رنج کي ڏسي رهيا آهن. مان ڊينمارڪ جو هيملٽ آهيان. (قبر ۾ لهي پوي ٿو)
لائرٽس: شل عزرائيل تنهنجو رُوح ڪڍي. (هيملٽ سان چنبڙي وڃي ٿو)
هيملٽ: اي! ڇڏ مون کي منهنجي ڳچي مان آڱريون هٽاءِ. مان تيز مزاج نه آهيان پر غصي جي وقت ڏاڍو خطرناڪ ٿي ويندو آهيان. پري ڪر پنهنجو هٿ.
بادشاهه: هنن کي الڳ ڪيو راڻي.
راڻي: هيملٽ هيملٽ.
سڀ ماڻهو: اي شريف انسانو!
هُريشيو: ڇڏي ڏيو. شهزاده خاموش ٿي وڃو. (شاهي خادم انهن کي الڳ ڪن ٿا) ۽ اهي قبر کان ٻاهر اچن ٿا.
هيملٽ: مان ڇو بغير ڪنهن سبب سان هن سان وڙهان ها، پر هن جي بدتميزي سان مان هميشه وڙهندو رهندس.
راڻي: ڇا ڳالهه آهي منهنجا پُٽ؟
هيملٽ: مان اوفيليا سان محبت ڪندو هيس. چاليهه هزار ڀائرن جي محبت جو وزن منهنجي محبت کان گهٽ آهي. توهان هن لاءِ ڇا ڪندو؟
بادشاهه: لائرٽس هي پاڳل آهي.
راڻي: خدا جي واسطي هن کي وڃڻ ڏيو.
هيملٽ: تون مونکي ڏيکاري سگهين ٿو ته تنهنجا ڪيترا زخم آهن. تون هن لاءِ روئيندي، وڙهندي خاتمو ڪندي يا پنهنجي دل کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي. ويهي شراب پيئندي. واڳونءِ جو گوشت کائيندي ۽ ڏس مان ڇا ڪندس. تون هن سان گڏ قبر ۾ دفن ٿي سگهين ٿو ته فورن ٿي وڃ. مان ايئن ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن تون جبلن ۾ ان جو نالو وٺي پُڪاري سگهين ٿو ته مان ڪروڙين ايڪڙ زمين جي مٽي گڏ ڪري ٻرندڙ سج تائين پهچائي سگهان ٿو. اوسا جبل به هڪ ٽُٻڪي وانگي ننڍڙو لڳڻ لڳندو، نه تون صرف منهن ڏسڻ ڄاڻيندو آهين.
راڻي: هي هن جو پاڳل پڻو آهي. جڏهن هي پاڳل پڻي ۾ ڪم ڪندو آهي، تڏهن ايئن ئي چرائپ ڏيکاريندو آهي ۽ پاڳل پڻو لهي وڃڻ کان پوءِ آرام سان چُپ چاپ ويهي رهندو آهي، جيئن ڪبوتري انڊو ڏيڻ کان پوءِ چپ چاپ ويهي رهندي آهي.
هيملٽ: هاڻي توهان ئي ٻڌايو جناب. هي توهان جو منهنجي مٿان جهڙپڻ ڇا هيو؟ مان توکي ڏاڍو چاهيندو آهيان پر هَرڪيوليس جهڙو بهادر به ڪُتي ۽ ٻلي جي ڀونڪڻ کي نه روڪي سگهندو هيو ته تون ڇا انسان جي عدالت بدلائڻ هليو آهين. (هيملٽ هليو وڃي ٿو)
بادشاهه: سُٺا هُريشيو مان توکي التجا ٿو ڪيان ته تون هن جي نگراني ڪر (هُريشيو هليو وڃي ٿو) - (لائرٽس سان) تون پنهنجي صبر کي قابو ۾ رک. اسان اڄ رات جي ڳالهه تي غور ڪنداسين. پياري گِرٽيوڊ پنهنجي پُٽ جي نگراني ڪر. هن کي اسان يادگار بڻائينداسين ۽ هڪ ڪلاڪ خاموش رهڻ کان بعد اسان پنهنجو منصوبو پورو ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائينداسين.

(رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ سڀ هليا وڃن ٿا)