منظر - ٽيون
(شاهي محل جو هڪ ڪمرو)[/b]
(بادشاهه، ڪيلاڊيس، روزين، ڪِرٽس ۽ گِلڊنسٽرن اچن ٿا)
بادشاهه: مان هن کي (هيملٽ کي) بلڪل پسند نه ٿو ڪيان. هن ۾ مون کي خدشو نظر اچي ٿو ته هن جو پاڳل پن وڌي رهيو آهي. توهان تيار ٿيو ۽ اسان هن کي توهان سان گڏ انگلستان موڪليون. اسان اوڏانهن حڪومت جي نالي خط لکي ڇڏينداسين. هن کي اسان پنهنجي ويجهو رکي پنهنجي زندگي سان کيڏي نه ٿا سگهون.
گِلڊن: اسان ضرور وينداسين. توهان جو خيال ڏاڍو بلند آهي. عاليجناب جي زندگي سان لکين زندگيون وابسطا آهن.
روزين: اڪيلو شخص به پنهنجي زندگي جي حفاظت ڪندو آهي ۽ توهان ته بادشاهه آهيو. توهان جي زندگي ۾ رعايا جي زندگي ۽ رعايا جون اميدون آهن. بادشاهه جو موت هڪ وڏي طوفان مثل آهي. جيڪو سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندو آهي. آس پاس جا ڪنارا ٽٽي ويند آهن. بادشاهه جي حيثيت هڪ اوچي پهاڙ جي چوٽي تي لڳايل چڪر کان به وڌيڪ اهم آهن ڇو ته هن سان لاڳاپيل زندگيون تباهه ٿي سگهن ٿيون. هي بلڪل حقيقت آهي عالي جناب ته بادشاهه جو رنج ٿيڻ ۽ ان جي خوشي تمام رعايا جي رنج ۽ خوشي آهي.
بادشاهه: توهان تياري ڪيو. هاڻي اسان هنکي وڌيڪ آزادي سان پير ڄمائڻ جو موقعو نه ڏينداسين ۽ ان خوف جو خاتمو ڪنداسين.
روزين + گِلڊن: اسان جلد ئي تياري ڪنداسين.
(روزين ۽ گِلڊن وڃنن ٿا)
(پولونيس اچي ٿو)
پولونيس: عالي جناب! هُو پنهنجي ماءُ ڏانهن وڃي رهيو آهي مان چاهيان ٿو ته پردي جي پويان لڪي مان انهن جي گفتگو ٻڌان. مان توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته راڻي صاحبه هن پاڳل پڻي جو راز ضرور معلوم ڪري وٺندي. هُو هن کي هن حرڪت کي باز اچڻ لاءِ تنبيهه ڪندي. توهان جو خيال درست آهي ته ڪنهن ٻي کي انهن جي گفتگو ٻڌڻ گهرجي. خدا ماءُ پُٽ جو رشتو اهڙو ئي بڻايو آهي جو پُٽ ماءُ کان ڪابه ڳالهه لڪائي نٿو سگهي ۽ نه ئي ڪو فريب ڏئي سگهي ٿو. مان وڃي رهيو آهيان حضور. اتان کان وڃڻ کان پهرين سڀ ڳالهيون توهان کي ٻڌائيندو ويندس.
بادشاهه: مهرباني! منهنجي حڪومت جا پيارا ڪارڪن. (پولونيس وڃي ٿو.)
(بادشاهه پنهنجو پاڻ سان) آهه! مان ڪيڏي وڏي گناهه جو مُرتب آهيان. منهنجو زهريلو ساهه فضا کي ناس ڪري رهيو آهي. منهنجي مٿان منهنجي وڏي ڀاءُ جو قتل آهي. مان پنهنجي گناهه لاءِ توکان رحم جي خيرات گهران ٿو پر منهنجي روح کي گناهه جي ڪارن هٿن ماري ڇڏيو آهي. مون کي سُڪون نه ٿو ملي. منهنجي حالت ان گنهگار وانگر آهي. جيڪو خدا جي عذاب کان انتهائي خوف کائيندو آهي. ڪو به ڪم ثابت قدمي سان نه ٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي مان پوري طرح گناهه ڪري سگهان ٿو ۽ نه ئي ان تي شرمندو آهيان. هاڻي منهنجا هٿ منهنجي ڀاءُ جي قتل سان رڱيل آهن. اي منهنجا خدا! ڇا تنهنجي رحمت هن کي جنت جي پاڻي سان ڌوئي نه ٿي سگهي. آطر تنهنجو رحم ڇا جي لاءِ آهي. اسان پنهنجو گناهه پنهنجين اکين سان ڏسي رهيا آهيون. ڪاش ايئن هجي جو پنهنجي روحاني قوت جي ذريعي ان تي فتح حاصل ڪري سگهون. خدا کان گهرڻ وارين دعائن جو مطلب اهو هوندو آهي ته اسان ان گناهه جي طرف پيش قدمي نه ڪيون ۽ پوءِ به غلطي ٿئي ته بخشي وڃي. خدا جي رحمت ۾ وڏي قوت هوندي آهي. اها ئي منهنجي زندگي جي اميد آهي. منهنجي زندگي جو سهارو آهي. مون کي اميد آهي ته تون مون کي بخشي عذاب کان بچائيندي.
پر اُف اها دعا ڪهڙي آهي. اها ئي ته تون مون کي هن قتل لاءِ بخشي ڇڏ پر مون کي نه بخشيو ويندو. جنهن جي سبب سان مان هي ڏوهه ڪيو اهو اڃان تائين مون سان متعلق آهي. منهنجي مٿي تي شاهي تاج آهي. منهنجي راڻي ۽ منهنجو رُوح آهي. هاڻي ڇا هي ڪنهن صورت ۾ ممڪن آهي ته انسانن گناهن کان بچي نڪري ۽ اهو ئي چين ملي وڃي، نه دنيا ۾ انسان دولت جي ٻَل تي انصاف کي خريد ڪري سگهي ٿو. پر اي منهنجا خدا! ايئن ممڪن ناهي اتي ڪير انصاف جي سختي کان پناهه نه ٿو وٺي سگهي. اسان اتي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي گناهن جي نتيجن کان بچي نه ٿا سگهون. اتي زندگي جو ننڍي کان ننڍو عمل سامهون اچي پاڻ کي قبول ڪرائي وٺندو آهي. هاڻي مون کي سُڪون نه ٿو ملي سگهي. رحم جي خيرات نه ملي ته پو ڇا ٿيندو؟ آهه! منهنجو رُوح جيترو اوچو ٿيڻ چاهي ٿو، اوترو ئي هيٺ ڪرندو وڃي ٿو. منهنجا خدا منهنجي مدد ڪر. اي منهنجا بي راهي قدم جهڪي ڪري رحم جي معافي وٺ. پٿر جهڙي دل معصوم ٻارڙي وانگر دعا گُهر.. اي فرشتو! منهنجي مدد ڪيو ته جيئن مون کي سُڪون ملي.
(بادشاهه دعا جي لاءِ جهڪندو آهي)
(هيملٽ داخل ٿئي ٿو)
هيملٽ: هاڻي مان هن کي ڏاڍي آساني سان ختم ڪري سگهان ٿو. هينئر هي دعا گهري رهيو آهي پر جيڪڏهن هن کي هن وقت ماري ڇڏيو ته هي جنت ۾ ويندو ۽ مان پنهنجو بدلو نه وٺي سگهندس پر ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هن گنهگار منهنجي پيءُ جو قتل ڪيو ۽ مان پنهنجي پيءُ جو اڪيلو پُٽ ٿي ڪري ان قتل جي بدلي هن کي جنت ۾ وڃڻ ڏيان؟ نه ....! هيءَ جلاد واري حرڪت هوندي بدلو نه هوندو. هن منهنجي پيءُ جي جان ان وقت ورتي هئي جڏهن اهو سُتل هيو ۽ پنهنجي گناهن جي معافي به نه وٺي سگهيو. ته ايئن هن بدبخت کي ڇو ماريو وڃي. جڏهن ته هي پنهنجي گناهن جي معافي وٺي رهيو آهي. هن وقت هي شرمنده ٿي ڪري ٻي دنيا جي لاءِ بلڪل تيار آهي. (هيملٽ تلوار مياڻ ۾ وجهي ٿو.) منهنجي تلوار اُٿ ۽ هن جو قتل ڪر. جڏهن شراب پِي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ سمهندو آهي يا جڏهن پنهنجي هنڌ تي عيش ۽ عشرت ڪري رهيو هجي. گاريون ۽ بڪواس ڪري رهيو هجي يا جُوا کيڏي رهيو هجي ته جيئن مرڻ کان پوءِ هن کي به نجات نه ٿئي ۽ هميشه جهنم جي باهه ۾ سڙندو رهي جيڪو هن جو صحيح ٺڪاڻو آهي.
منهنجي ماءُ انتظار ڪري رهي هوندي. مان توکي هاڻي اڃان ڪجهه ڏينهن تائين هي مرض برداشت ڪرڻ لاءِ ڇڏي رهيو آهيان.
(هيملٽ هليو وڃي ٿو)
بادشاهه: (بادشاهه دعا گهري اٿي ٿو.) منهنجا لفظ مٿي وڃنن ٿا پر منهنجا خيال خسيس ۽ گُهٽجي رهيا آهن. لفظ خيالن جي بغير جنت جي طرف نه ٿا وڃي سگهن ۽ خدا تائين انهن جي رسائي ناممڪن آهي.
(وڃي ٿو)