منظر - ٽيون
(وزير پولونيس جي گهر جو هڪ ڪمرو)[/b]
(لائرٽيس ۽ اوفيليا اندر ايندا آهن)
لائرٽيس: منهنجو تمام ضروري سامان جهاز تي رکيو ويو آهي. الوداع! ۽ پياري ڀيڻ جيڪر ڪڏهن به ڀانءِ پَوئي ۽ خط پهچائڻ لاءِ جهاز موجود هجي ته سُمهي نه پوجائين. پنهنجي خيريت هميشه لکندي رهجانءِ.
اوفيليا: ڇا توهان کي منهنجي خط موڪلڻ ۾ شڪ آهي؟
لائرٽيس: رهي هيملٽ جي محبت جيڪا اڄڪلهه توسان گڏ ظاهر ڪري رهيو آهي. ته اِن کي صرف حالات جي پابندي ۽ اُمنگ سمجهو. هي محبت ته ايئن ئي آهي جيئن بهار جي شروعات ۾ نرگس جا گل وقت کان اڳ ٽڙيا ۽ جنهن سان مضبوطيءَ نه هجي. حسين ۽ خوشنما هجي پر ٽڪاءُ نه هجي. هڪ لمهي جي لاءِ سرهو هجي ۽ ان کان وڌيڪ نه هجي.
اوفيليا: ها مان ان کان وڌيڪ نه ٿي سمجهان.
لائرٽيس: هن جي محبت جو خيال ختم ڪيو. ڇاڪاڻ ته فطرت جڏهن واڌاري تي هوندي آهي ته اها صرف ماس ۽ چمڙي ۾ ئي ناهي وڌندي. راڻي هي خاڪ جي پيدائش جهڙو جسم واڌ واري حالت وٺندو آهي. ته ان جي اندر طبيعت ۽ عقل به ترقي وٺندي ويندي آهي. ممڪن آهي ته ان وقت هن کي توسان عشق هجي ۽ هن جي پڪي ارادي ۾ ڪوئي ڊپَ ۽ روڪيندڙ ڳالهه ناهي پر هن جي اعليٰ گهراڻي جو خيال ڪري توکي ڊڄڻ گهرجي. هو پنهنجي اٽل ارادي تي وس وارو ناهي. هو پنهنجي اوچي گهراڻي ۽ نالي جي ماتحت آهي. هو عام طبقي جي ماڻهو وانگر نه آهي. جو جيڪو پنهنجي لاءِ طريقو چاهي اختيار ڪري ڇاڪاڻ ته هن جي پسند ۽ چونڊ تي تمام سلطنت جي سلامتي جو دارومدار آهي. ان ئي سبب سان ان جي چونڊ ان جماعت جي راءِ سان گڏ مشروط آهي جنهن جو هو سردار ۽ حاڪم آهي. پٺيان جيڪڏهن هو توکي چوي ته هن کي توسان عشق آهي ته ان ڳالهه جو يقين انهيءَ حد تائين ڪجو. جنهن حد تائين هن کي پنهنجي ڪنهن پڪي ارادي کي عمل ۾ آڻڻ جي طاقت هجي. هي فرمان تمام ڊينمارڪ جي صلاه مشوري تي مشتمل آهي پر جيڪڏهن تو هن جي مٺي مٺي ڳالهين تي يقين ڪيو ۽ پنهنجي دل هن کي ڏئي ويٺو ته پوءِ جنهن حالت ۾ جو خود اُن جي پنهنجي افعال تي سگهه ناهي ۽ تون پنهنجي پاڪ دامني جي دولت به هن تي قربان ڪري ڇڏين ته سمجهي وڃ ته اهڙي صورت ۾ تون پنهنجي عزت ۽ عضمت کي ڪيتري حد تائين نقصان پهچائيندين. منهنجي پياري ڀيڻ تون ان کان ڊڄ ۽ خوف ڪر ۽ پنهنجي محبت کي ايترو پوئتي رک جو بدحواسي جي ضد ۽ خطري کان بچل رهين. اها خبردار کا خبردار ڇوڪري به بيشرم آهي. جيڪا پنهنجو حسن کليل آسمان کي به ڏيکاري. ڇو ته نيڪي ۽ پاڪائي به خراب ۽ الزامن جي ڪوڙي تحمتن جي صدمن کان خالي نه آهن. مکڙين ۾ به جيڪي اڃا ڦٽي پورا گل نه ٿيون آهن. انهن ۾ به ڪيڙو لڳي ويندو آ. جوانيءَ جو گل پرهه ڦٽي مهل ماڪ جي ڦڙن ۾ تازو ۽ مرطوب نظر ايندو آهي. پر گرم هوا جا جهولا ان کي اُجاڙي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. نقصان ڪار هوائون لڳڻ ضروري آهن. بس هوشيار رهو ۽ سڀ کان وڏو احتياط اهو آهي جو ڊڄندي رهه! جوانيءَ جا جوش ذاتي طبيعت تي ضابطو رکڻ ۾ روڪيندڙ هوندا آهن. چاهي ورغلائڻ، بهلائڻ وارو ڪو موجود هجي يا نه.
اوفيليا: توهان جي نصيعت جو اثر پنهنجي دل ۾ محفوظ بڻائي رکندس. پر پيارا ڀاءُ ڪٿي ايئن نه آهي جو هڪ نصيحت ڪندڙ ۽ نامهربان وانگيان جيڪو سڀني کي ته نصيحت ۽ نيڪ هدايت ڪندو آهي. پر خود نيڪ ناهي هوندو. مون کي ته عرش تي پهچڻ جا بلند ۽ خاردار رستا ٻڌائين ٿو. پر پاڻ ڪٿي ڪنهن اڻ موٽ نتيجن کان بي پرواهه ٿي عيشو عشرت جي تڪبر ۾ اچي غلط راهه تي جنهن ۾ گل وکريل پيا آهن. بغير سوچي سمجهي نه هلڻ لڳجانءِ.
لائرٽيس: ڀيڻ توهان منهنجو فڪر نه ڪيو.
ڳالهين ڳالهين ۾ ڏاڍي دير ٿي وئي ۽ ڏس بابا جان به اچي رهيا آهن.
(پولونيس داخل ٿئي ٿو)
ٻيهر وڃڻ خير و برڪت جي دعا جو ملڻ خوشيءَ جو باعث هوندو آهي.
پولونيس: تون اڃا تائين هتي آهين لائرٽيس؟ وڃ؛ جلد جهاز تي ويهه. ڏسو هوا سان نڀائيندڙ گل ويا آهن. پر تون اڃا تائين هتي آهين. اڇا! الوداع مان تنهنجي حق ۾ خير جي دعا ڪيان ٿو ۽ ٿوريون نصحتيون به ٻڌي پنهنجي لوح دل تي اُڪري ڇڏ.
ڪڏهن به پنهنجي دل جي ڳالهه کي زبان تي نه آڻجانءِ. ۽ جنهن ارادي کي چکي طرح چڪاس نه ڪيو اٿئي ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪجانءِ. ماڻهن سان بي حجاب ٿي وڃ پر بي عقل جي حد تائين نه جن دوستن جي دوستي کي آزمائي چڪو آهين انهن کي پنهنجي روح روان سان گڏ فولاد جي ٻنڌڻ سان پڪڙي رکو. پر هي پسنديده ۽ ناپسنديده سان گڏ جن جو تجربو نه آهي ته اهي ڪهڙا ماڻهو نڪرندا انهن سان عافيت ڪندي ڪندي هٿ سُنِ نه ڪيو. ڪنهن به فسادي جهيڙي ۾ پوڻ مان جيترو ممڪن هجي پرهيز ڪيو. پر جڏهن شامل ٿي وڃو ته پوءِ اهو طريقو اختيار ڪيو جو مخالف تو مان خوف کائي. هر ماڻهو جي ڳالهه ٻڌو پر ٿورا ماڻهو اهڙا هجن جنهن سان پنهنجي ڳالهه ڪيو. هر شخص کان اهو ٻڌو جيڪو ڪجهه هو توهان جي نسبت چوڻ چاهي ٿو. پر جيڪو ڪجهه هن جي نسبت تنهنجي راءِ آهي. ان کي پاڻ تائين رکو. لباس حسب معمول قيمتي پايو صاف سُٿرو ۽ سٺو سِبيل هجي. پر ان ۾ ڀَڙڪ نه پوي. لباس سان انسان جي حيثيت معلوم ٿيندي آهي. فرانس جا معزز ۽ اونچا گهراڻا اِن معملي ۾ خاص طور تي شوقين ۽ اخلاقي سليقي وارا آهن. نه ڪنهن کي قرض ڏيو ۽ نه ئي ڪنهن کان وٺو. ڇو ته قرض ۾ پئسن سان گڏ دوست به هٿن مان هليا ويندا آهن. قرض وٺڻ جو شوق ڪفايت شعاري ۾ ڪمي پيدا ڪندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي آهي جو پنهنجي ذات سان ايمانداري سان هلو پر ايئن ڪَيوَ ته پوءِ جيئن ڏينهن ۽ رات جو هڪٻئي پٺيان اچڻ لازمي آهي. تون به ايئن ٻين سان بد ديانتي نه ڪندين.
الوداغ لائرٽيس ....
تنهنجي لاءِ منهنجي نيڪ دعا هنن نصيحتن کي تنهنجي دل ۾ وڌيڪ پُختو ۽ مضبوط ڪري.
لائرٽيس: نهايت ادب ۽ تعظيم سان بابا جان مان توهان کان رخصتي جي اجازت چاهيان ٿو.
پولونيس: هينئر وقت ٿي ويو آهي. تون جلد روانو ٿي جهاز تي تنهنجا خادم انتظار ڪري رهيا آهن.
لائرٽيس: اوفيليا ڀيڻ الوداع جيڪي ڳالهيون مون توکي چيون آهن انهن جو خيال رکجانءِ.
اوفيليا: ها ڀاءُ توهان جون نصيحتون منهنجي حافظي ۾ محفوظ ۽ تالي سان بند آهن ۽ هن تالي جي چاٻي بهتر آهي جو توهان پاڻ وٽ ئي رکو.
لائرٽيس: اڇا الوداع!
(لائرٽيس هليو وڃي ٿو)
پولونيس: اوفيليا، لائرٽيس توکي ڪهڙيون ڳالهيون چيون آهن؟
اوفيليا: جي ها شهزادي هيملٽ جي باري ۾ ڪجهه چيو اٿس.
پولونيس: او! اهو ته تو خوب ياد ڏياريو. مونکي چيو ويو آهي ته هن تنهائي ۾ پنهنجو وقت اڪثر تنهنجي صحبت ۾ گذاريو آهي. ۽ تون به اڪثر ملاقاتون ڪري وڏي آزادي ۽ فراخ دل سان ڪم ورتو آهي. پر اهو صحيح آهي ۽ احتياط واري نيت سان مونسان ايئن ئي بيان ڪيو ويو آهي. ته مون کي به چوڻو پوي ٿو جو تون پنهنجي حالت ۽ عزت مان ايتري بي خبر نه آهين. جيئن منهنجي ڌيءُ کي هجڻ گهرجي توهان ٻنهي ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي؟ سچ سچ مونکي حال ڏي.
اوفيليا: اُن زماني ۾ شهزادي ڪيترائي دفعا محبت جو اظهار ڪيو.
پولونيس: محبت چيئي! ڌيءُ تون ته ڪچي آهين. توکي اِن خطرناڪ معاملن جو ڪو به تجربو ناهي. ڇا توکي اُن جي محبت ۽ الفت جي ڳالهين جو جيئن تون چوين ٿي يقين اٿئي؟
اوفيليا: بابا جان مون کي خبر ناهي ته ان جي ڳالهين کي مان ڇا سمجهان.
پولونيس: ٻُڌ مان ٿو ٻُڌائيائين تون کير پياڪ ٻارڙي ٿي وڃ ۽ ڄاڻي وٺ ته ان جي ڪوڙي محبت جي ڳالهين کي تو نج چاندي سمجهو آهي. پر ڄاڻي رک ته اها شيءِ نِجي ۽ سچي ناهي. تون پاڻ کي انمول بڻائي ڇڏ نه ته سمجهي وٺ ته تون مون کي ٻين اڳيان بي وقوف ثابت ڪندينءَ.
اوفيليا: بابا جان شهزادي مونسان عشق نهايت معزز طريقي سان ظاهر ڪيو.
پولونيس: تون ان کي معزز طريقو سمجهندي هوندينءَ اڙي اهمق.!
اوفيليا: بابا جان جيڪو ڪجهه هو پنهنجي زبان سان چوندو هيو ان تي سچي دل سان آسمان ۽ خدا جا قسم به کڻنندو ويندو هو.
پولونيس: اهي قسم ۽ وعده ته جهرڪين کي پڪڙڻ جا ڦندا هوندا آهن. مان ڄاڻان ٿو ته جڏهن انسان جو رت گرم هوندو آهي ته ان جي دل زبان تي وڏا وڏا وعده ۽ اقرار آڻڻ ۾ نهايت ئي فيض پهچائيندي آهي. ڌيءُ عشق ۽ محبت جي انهن ڳالهين کي تون صرف هڪ ڀَڙڪ ئي سمجهه. ان ۾ چمڪ ئي چمڪ آهي ۽ گرمي ناهي. بلڪه سچ پچ ته چمڪ ۽ گرمي ٻئي ڪورا آهن. پنهنجي قدر ۽ قيمت کي ڌيءُ ايترو گهٽ نه ڪر، جو جڏهن هو ڳالهه ٻولهه جي دوخواست ڪري ته تون ان کي حڪم سمجهي ان جي تعميل کان انڪار نه ڪري سگهين. شهزادي هيملٽ کي بس ايترو سمجهي وٺ ته هو هڪ نوجوان آهي. شوق ۽ تبديلي ٻئي شيون هن ۾ موجود آهن. ان کي عشق ڪرڻ لاءِ ايترو وسيع ميدان حاصل آهي جو هو توکي عشق قبول ڪرڻ وارو ناهي. ان جي وعدن تي نه وڃ اِهي وعده اهڙا دلال آهن جيڪي تنهنجي اصلي رنگ ۾ نه آهن. بلڪه اهڙين ڳالهين جا حامي ۽ وڪيل بڻجندا آهن، جنهن جو نتيجو بي عزتي آهي. انهن وعدن کي صفيد پوش قوم سمجهه جيڪي واجب پر فريب آهن. هو تقرير ڪري وڌيڪ ڌوڪي ۾ آڻڻ چاهيندا آهن ۽ انهيءَ کي منهنجي هن سڄي تقرير جو حاصل سمجهه ۽ ٻُڌ اڄ کان مان اِن ڳالهه کي هرگز برداشت نه ڪندس ته تون پنهنجي فرصت جو وقت شهزادي هيملٽ سان ڳالهه ٻولهه ۽ ملاقاتن ۾ صَرف ڪرين. جيڪي بدنامي جو باعث هوندا آهن. بس توکي حڪم ٿو ڏيان ته ان جو خيال ۽ پنهنجي حال چلت جي اصلاح مدنظر رک.
اوفيليا: بابا جان مان اوهان جي حڪم جي تعميل ڪندس.
(هليا وڃن ٿا)