منظر - پهريون
(پولونيس جو گهر)[/b]
(پولونيس ۽ رينالڊو داخل ٿين ٿا)
پولونيس: هي پيسا ۽ خط لائرٽيس کي ڏجانءِ.
رينالڊو: ضرور ڏيندس سرڪار
پولونيس: رينالڊو پهتي ته هي هوندو ته تون ان کان پهرين ٻين ماڻهن سان هُن جي ڪردار جي متعلق پوري طرح ڄاڻ حاصل ڪري وٺجانءِ.
رينالڊو: مان ايئن ئي ڪندُس سرڪار
پولونيس: ها ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ تون ڪافي هوشيار آهين. پهرين هي معلوم ڪجان. ڇا ڊينمارڪ جا ماڻهو به پئرس ۾ رهندا آهن. ۽ پوءِ انهن جي اخلاق رهڻي ڪهڻي ۽ مصروفيتن جي باري ۾ پوري وافقيت حاصل ڪجان. پهريان سڌو سنئون لائرٽيس کان نه پڇجان ته ڪهڙي حال ۾ آهي. بلڪه اهو معلوم ڪجان ته اهي اُن کي سڇاڻين ٿا يا نه. پوءِ اُن جي باري ۾ تحقيق ڪجان ۽ اهو به ظاهر ڪندين ته تون هن بابت ڪا معلومات رکين ٿو. صرف اهو ظاهر ڪجان ته هُن سان هُن جي والدين سان ٿوري گهڻي واقفيت آهي. رينالڊو منهنجي خيال ۾ سڀ ڪجهه سمجهي ويو هوندين.
رينالڊو: تمام سٺي نموني سرڪار.
پولونيس: تون اهو چئجان ته لائرٽيس سان تنهنجي ٿوري واقفيت آهي پر اُن کي پوري طرح نه ٿو سُڃاڻيان. پر اهو شخص لائرٽيس آهي جنهن جي طرف تنهنجو اشارو آهي ته اهو هڪ آواره مزاج ۽ عيش طبيعت نوجوان آهي. اهڙي قسم جو ڪوڙو الزام تون هُن تي لڳائي سگهين ٿو. پر ان جو خاص خيال رکجان ته ان جي وقار تي ڪنهن به قسم جو تاءُ نه اچي. تون نوجوانن جي اُن عام آلودگين جو ذڪر جيڪو زماني جي شباب ۾ نگراني نه رهڻ سان وڌي وينديون آهن.
رينالڊو: جيئن جُوا وغيره. اهو ئي توهان جو مطلب آهي نه؟
پولونيس: ها شراب نوشي جهيڙو جهڳڙو ڪرڻ، عورتن جي پويان گهمڻ ۽ ڪوڙو قسم کڻڻ جي عادت وغيره چئي سگهين ٿو.
رينالڊو: پر، حضور اهي الزام هُن کي چيڙائي سگهن ٿا.
پولونيس: نه جڏهن اهي الزام لڳائي رهيا هوندوَ. ظاهري طور تي نه چئجو ته هو انهن عادتن جو شڪار آهي. بلڪه ڪنهن به طرح ڳالهيون ٺاهي هي ظاهر ڪجو ته هي سڀ خاميون نوجواني جو شباب آهن ۽ ايئن ٿيڻ فطرتي آهي. ڇو ته نوجوانن جو دماغ پنهنجي منماني ڪرڻ وارو ۽ جلد باز هوندو آهي. انهن ۾ ڀلو، بُرو سوچڻ جي صلاحيت ناهي هوندي.
رينالڊو: پر حضور ....
پولونيس: توکي شايد خبر ناهي ته مان ايئن ڪرڻ لاءِ ڇو چئي رهيو آهيان.
رينالڊو: اهو ئي ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو حضور.
پولونيس: مان پاڪ مريم جو قسم کڻي چوان ٿو. رينالڊو اهو ئي منهنجو مقصد آهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو هي سڀ کان بهتر طريقو آهي. تون انهن الزامن کي ُهن جي مٿان ايترو ئي لڳائجان جو هي معلوم ٿي سگهي ته هُو انهن برين عادتن جي سبب خراب ٿي ويو آهي. ان مان توکي هي معلوم يندو ته تون جنهن شخص سان لائرٽيس جي بابت ڳالهائيون. پر اهو هن کي سُڃاڻيندو هوندو ته توکي ٻُڌائيندو ته تنهنجون ڳالهيون درست آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي رسم رواج جي مطابق ٻيون ڳالهيون به ٻڌائيندو ۽ تنهنجي ڳالهين سان اتفاق به ڪندو.
رينالڊو: ٺيڪ آ سمجهي ويس حضور
پولونيس: اڇا! ۽ جڏهن هُو هي چوي ته .... مون ڇا چيو هُيو؟ شايد مان هينئر ڪجهه چوڻ وارو هُيس ڳالهه کي مان ڪٿي ختم ڪيو هيو.
رينالڊو؛ توهان چئو پيا ته هو پنهنجي ملڪ جي رسم رواج کان آگاهه ڪندو.
پولونيس: ها - تڏهن هو اعتماد سان توکي ٻُڌائيندو مون ڪالهه يا ڪنهن ڏينهن هُن کي فِلاڻي جڳهه تي جُوا کيڏندي ڏٺو آهي يا شراب پيئندي ڏٺو آهي. هاڻي تون سمجهين ته منهنجو ڇا مطلب آهي؟ جيئن ڪُنڊي ۾ لڳل هڪ مُئل ڪيڙي کي ڏسي مڇي مُنهن وجهندي آهي ۽ ڦاسي ويندي آهي. اهڙي طرح اهي ماڻهو به تنهنجون ڳالهيون ٻڌي هن جي صديق ڪندا ۽ اهڙي طرح اسان تنهنجي دانشمندي جي ڪري پنهنجي مقصد کي حاصل وٺنداسين ۽ اهڙيون اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ٺاهڻ سان صحيح صورتحال سان واقفيت حاصل ٿي ويندي. بس ايئن ئي منهنجي چوڻ تي عمل ڪري تون منهنجي پُٽ جي متعلق سڀني ڳالهين جي خبر وٺي سگهين ٿو. هاڻي تون سمجهي وئين.
رينالڊو: ها حضور سمجهي ويس.
پولونيس: اڇا! الوداع خدا ڪري تون ڪامياب ٿيئن.
رينالڊو: بهتر آهي سرڪار
پولونيس: ۽ پوءِ خود پنهنجو اکين سان ڏسي اُن جي چال چلت ۽ مصروفيات جي متعلق پنهنجي تسلي ڪري ڇڏجان.
رينالڊو: مان ضرور ڪري وٺندس.
پولونيس: ۽ اُن جي موجوده طريقي تي هلڻ ڏجان.
رينالڊو: اڇا! الوداع حضور
(اوفيليا ايندي آهي .... رينالڊو وڃي ٿو.)
پولونيس: الوداع!
اوفيليا تون ڪيئن آهين. ڇا ڳالهه آهي. تون ايئن ڇو بيٺي آهين.
اوفيليا: محترم والد – مان ڊڄي وئي آهيان.
پولونيس: ڇو ڇا مسئلو آهي؟ مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو. خدا جي واسطي جلدي ٻڌايو.
اوفيليا: ابا حضور! جڏهن ته مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي سلائي ڪري رهي هيس ته شهزادو هيملٽ ديوانن وانگر مٿين ۽ پيرين اگهاڙو داخل ٿيو. هن جو چهرو هن جي قميص جي رنگ وانگر ڦڪو ٿي رهيو هو. هن جا گوڏا ڪمزوري کان وچڙندا ڏڪي رهيا هئا. هُو اهڙين نگائن سان گُهوري رهيو هو. جنهن کي ڏسي ڏاڍو رحم پئي آيو. خاموشي سان گهوري رهيو هو. ڄڻ ته هن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آحي.
پولونيس: ڇا هُو تنهنجي محبت ۾ ديوانو ٿي ويوآهي؟
اوفيليا: مون کي خبر ناهي حضور. پر خدا ڄاڻي ڇو. مون کي اُن کان خوف ٿيندو آهي.
پولونيس: اُن ڪجهه چيو به هيو؟
اوفيليا: پهرين ته هن سختي سان منهنجي ٻانهن پڪتي ۽ ٻيو هٿ پنهنجي پيشاني تي رکي منهنجي چهري کي گهورڻ لڳو. ايئن جيئن هو هينئر ئي جسم کان ڪڍي کڻي ويندو. اهڙي طرح هو ڪافي دير تائين بيٺو رهيو پوءِ اُن ٻه ٽي دفعا منهنجي هٿن کي جُنبش ۾ آندو. منهنجو مٿو لوڏي ڊگهو ساهه کنيائين ايئن پئي لڳو ڄڻ هُن جي دل هينئر ئي ٽڪرا ٿي ويندي ۽ ان جي زندگي پنهنجو آخري لمحو ختم ڪري ڇڏيندي. پوءِ اُن منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي طرف ڏسندي پوئين پير واپس هليو ويو. مان ڪيئن چوان هن جون اکيون رستي ڏانهن ڏسڻ جي بجاءِ مون کي ئي غور سان ڏسي رهيون هيون.
پولونيس: ٺيڪ آ. مون سان گڏ اچ مان بادشاهه سان وڃي ملندس. هي محبت جو جنون آهي جيڪو جوش جي حالت ۾ انسان کي قتل ۽ خون ڪرڻ تي آماده ڪري ڇڏيندو آهي. مون کي تنهنجي هن قابل رحم حالت کي ڏسي وڏي تڪليف ٿي رهي آهي. پر ها تو ڪا ڳالهه ان وقت سختي سان نه چئي هئي؟
اوسيليا: نه بابا حضور مان توهان جي حڪم موجب اُن جا خط وٺڻ بند ڪري ڇڏيا ۽ ان سان گڏ اِهو به چئي ڇڏيو هو ته مون سان ملڻ جي آئنده ڪوشش نه ڪجان.
پولونيس: اِنهيءَ صدمي هن کي چريو ڪري ڇڏيو آهي. مون کي وڏي تڪليف ٿي رهي آهي ته مون هُن سان اهڙو سُلوڪ ڇو ڪيو. ڇا مون کي هوشياري سان ان جو فيصلو ڪرڻ گهرجي ها؟
منهنجو خيال هيو ته هو آواره مزاج نوجوانن وانگر پنهنجي ڪوڙن واعدن سان توکي بي وقوف بڻائي رهيو آحي. ۽ ان جو نتيجو ڪنهن ڏينهن تنهنجي تباهي ٿي سگهي ها. لعنت آ منهنجي هن شڪ شبي تي اسان پوڙهن کي جلد بازي فطرتي هوندي آهي. جڏهن اسان بُري ڀلي جي ڪسوٽي کي پرکي نه سگهندا آهيون ته پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ چالاڪ سمجهي ڪو ٻيو ئي رستو اختيار ڪندا آهيون. جيڪو اسان جي خيال ۾ صحيح هوندو آهي. حالنڪه نوجوان ويچارا ان بُرائي کان پري هوندا آهن. اچ اسان بادشاهه ڏانهن هلون. ان کي هي تمام واقعو ٻڌايون. نه ته هُن جي جُنون کي لڪائڻ سان خدا ڄاڻي ڪهڙي آفت نازل ٿئي. اهو ظاهر ڪري ڇڏجان ته هُو توسانمحبت ڪندو آهي. ان جو نيجو اهو ٿيندو جو بادشاهه ڪجهه ناراض ضرور ٿيندو پر هي اُن وقت کان بهتر آهي.
(هليا ويندا آهن)