ڊراما

هيملٽ (ڊرامو)

انگريز ليکڪ وليم شيڪسپيئر جو ڊرامو ”هيملٽ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هن مشهور ڊرامي جو سنڌيڪار وحيد لاشاري صاحب آهي.
وليم شيڪسپئر جي ڊرامن مان هيءُ ڊرامو ”هيملٽ“ هڪ زبردست ۽ وڏو ڊرامو آهي ۽ هيءَ تخليق شيڪسپيئر جي تخليقي پورهيي جو روشن سج آهي. هيملٽ! جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو سچ ته هڪ خوشخبري آهي ۽ اها خوشخبري اسان کي نوجوان سنڌي شاگرد وحيد لاشاري ٻڌائي آهي.
Title Cover of book هيملٽ  (ڊرامو)

منظر - پنجون

[b] منظر - پنجون
(چبُوتري جو ٻيو حصو)[/b]

(رُوح ۽ شهزادو هيملٽ نظر ايندا آهن)

هيملٽ: اي! رُوح تون مون کي ڪيستائين وٺي ويندين. مان اڳتي نه هلندس.
رُوح: مون کي غور سان ڏس.
هيملٽ: ضرور
رُوح: منهنجي واپسي جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته مان باهه ۽ گندڪ جي شعلن ۾ پئجي عذاب کڻان.
هيملٽ: اي! رُوح مون کي سخت صدمو آهي ۽ توتي رحم ٿو اچي.
رُوح: مون تي رحم نه ڪر. پر جيڪو ڪجهه مان چوان ان کي غور سان ٻُڌ.
هيملٽ: ٻڌايو، غور سان ٻُڌڻ منهنجو فرض آهي.
رُوح: جيڪڏهن تون منهنجو حال ٻُڌندي ته توکي بدلو وٺڻو پوندو.
هيملٽ: هيءُ ڇا چيئي؟
رُوح: هيملٽ مان تنهنجي پيءُ جو روح آهيان. مون کي هڪ مقرر ڪيل وقت تائين راتين جو آواراگرد رهڻ ۽ ڏينهن جو باهه ۾ سڙڻ جو حڪم آهي. ايستائين جو زندگي ۾ جنهن گناهن جو مان خطادار رهيو آهيان. اهي سڀ باهه ۾ تپي پاڪ نه ٿي وڃنن. جنهن قيد ۾ مان هن وقت آهيان. اتان جا راز کولڻ لاءِ مون کي سخت منع ڪيل آهي. اتي جيڪا ڪجهه گذرندي آهي. پر ان جو هڪ ذَرو به مان توکي ٻُڌايان ته تنهنجي رُوح کي اهڙي اذيت پهچي جو خوف کان تنهنجو رت ڄمي وڃي. ۽ تنهنجون اکيون پنهنجي هنڌان ايئن نڪري اچن، جيئن آسمان تي ٻه تارا ٽُٽندي نظر ايندا آهن. ۽ تنهنجا هي صاف سُٿرا ۽ گهنڊيدار وارَ کُلي هڪ هڪ ٿي اهڙي طرح اُڀا ٿين جيئن سِيڙهه کي ڪاوڙ اچڻ تي اُن جا ڪنڊا ان جي پُٺي تي اُڀا ٿي بيهندا آهن. پر عالم نفساني ڳالهيون فاني انسانن کي ٻڌائڻ جائز نه آهن. ٻُڌ ٻُڌ جيڪڏهن توکي پنهنجي پيءُ سان محبت هئي.؟
هيملٽ: اي! خدايا.
رُوح: ٻُڌ منهنجو قتل ٿيو آهي. جيڪو فهم ۽ فطرت جي خلاف هڪ فعل هُيو. هاڻي توکي منهنجي قتل جو بدلو وٺڻو آهي.
هيملٽ: قتل .... ؟
رُوح: ها قتل! ڪنهن کي جان سان مارڻ هڪ بُرو فعل آهي. پر، منهنجو قتل ٿيڻ ان کان به بدتر ۽ انساني فطرت جي خلاف هيو.
هيملٽ: اي! رُوح جلد ٻُڌاءِ ته هي ڇا ماجرا آهي. ته جيئن مان اهڙا پَرَ لکائي جو تصور ۽ جادو جي خيالن کان به تيز رهان بدلي وٺڻ لاءِ اُڏي وڃان.
رُوح: مان تو ۾ عزم ۽ ارادو ڏسان ٿو. پر تو اُن فرمان جي ڪوشش نه ڪئي ته پوءِ تنهنجو مثال اُن ٿُلهي ۽ پُسيل گاهه جهڙو ئي ٿيندو جيڪو دوزخ جي درياهه ليٿي جي ڪناري تي آساني سان ڦٽي ايندو آهي ۽ جنهن درياهه جو پاڻي پيئڻ سان انسان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو آهي. ڇا بدلي جي تحريڪ تو ۾ پيدا نه ٿيندي. مشهور هي ڪيو ويو آهي ته مان پنهنجي باغ ۾ سُمهندو هيس. هڪ نانگ مون کي ڏنگيو. اُن جي زهر ۾ مري ويس. مطلب هڪ ڪوڙي خبر مشهور ڪري ڊينمارڪ جي ڪنن کي صدمو پهچايو ويو. اي! شريف ۽ خانداني نوجوان ٻڌي ڇڏ ته جنهن نانگ تنهنجي پيءُ کي ڏنگيو هيو. اڄ اُن جي مٿي تي ڊينمارڪ جو تاج آهي.
هيملٽ: اي! منهنجا پيغمبري رُوح منهنجي چاچي؟
رُوح: هن وهشي خوشامد سان منهنجي راڻي جي دل کٽي ورتي. اها راڻي جيڪا بظاهر ته مڙس جي پوڄا ڪندڙ ۽ پاڪ دامن لڳندي هئي هُن جي خواهش جي پوري طرح غلام ٿي ويٺي. هيملٽ! هي ڪيڏي نه تڪليف جي ڳالهه آهي جو هڪ ماڻهو جو عقل ۽ خوبيون ايتري حد تائين ذلت جي درجي تائين پهچي وڃن ۽ هڪ عورت کي ذلالت جي ڄار ۾ ڦاسائي وٺي. اها عورت جيڪا تنهنجي ماءُ آهي. محبت جي پاڳل پڻي ۾ ڇو ڦاسجي پئي. تعجب آهي جو منهنجي پاڪيزه محبت جي پاڇي مان نڪري هُن شيطان جي نفساني خواهشن کي پورو ڪري رهي آهي. جيڪو ذرو به منهنجي برابر نه آهي. پر سچائي جي سڀ کان وڏي خوبي هي آهي جو معمولي خواهشون چاهي جيڪا به صورت اختيار ڪري وٺن. انهن کي رستي کا هٽائڻ جي ڪوشش ڪيون پر، اهي پنهنجي جڳهه تان چُرنديون به نه آهن پر، احسان فراموشي ۽ بي حيائي چاهي شادي جي پاڪيزا پردي سان نفاست ڇو نه هجن. جلد ئي گناهه جي چادر ڦهلجي ويندي آهي. ۽ پنهنجي اصليت کي اُجرو نه ٿي ڪري سگهي. هيملٽ اها نيڪي شيطاني سيرت انسانن جي خسيس خواهشن تي پنهنجي هستي وڃائي ويهندي آهي. پرهه ڦُٽڻ واري آهي. ان لاءِ مختصر ڳالهه کي پورو ڪيان ٿو. جڏهن ته مان عادت موجب پنهنجي باغ ۾ ٽيپهريءَ جو آرامي هيس ته ان حالت ۾ تنهنجو چاچو چوري چوري منهنجي ويجهو آيو اُن جي هٿ ۾ هڪ شيشي هئي. جنهن ۾ زهر ڀريل هيو. جيڪو ان منهنجي ڪَن ۾ وجهي ڇڏيو. هي زهر رت کي اهڙي طرح ڄمائي ڇڏيندو آهي. جنهن کير، ڏهي بڻجي ويندو آهي ۽ انسانن جي زندگي بچڻ نامڪڪن ٿي ويندي آهي. ان زهر جي جسم ۾ اثر ٿيڻ سان مان تڙپي پَيُس ۽ جسم ڪوڙهه وانگر ڦاٽي پيو. اهڙي طرح منهنجو قتل ڪيو ويو. هيملٽ! منهنجو ڀاءُ سڏرائڻ واري انسان منهنجي سلطنت، منهنجي راڻي ايتري قدر جو منهنجي زندگي به مون کان کسي ورتي ۽ مان اهڙي طرح بي سمجهي طور تي ڪيل گناهن جو ڪُفارو به ادا نه ڪري سگهيس ۽ گناهن جو بار سِر تي کڻي دنيا مان هليو ويُس. هڪ انسان جو ٻئي انسان تي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تشدد ٿي سگهي ٿو. پر تنهنجو ضمير موئل ناهي ته هيملٽ هن ظلم کي خاموشيءَ سان برداشت نه ڪري وڃجانءِ. ڊينمارڪ جي پاڪ تخت کي گناهه ۽ احسان فارموشي جي آلودگيءَ کان بچاءِ. اُن شيطان کي ان جي خوهشين جي راند کيڏڻ کان روڪ ان کان ڀرپور بدلو وٺ. ها پنهنجي ماءُ سان ڪنهن به طرح جي دشمني نه رکجان. ۽ نه ئي اُن تي هٿ کڻجان. تنهنجي بدلي جي باهه هُن جي جسم کي نه ساڙي سگهي هن جو خيال ضرور رکجان. هُن جي گناهن لاءِ هُن جو ضمير خود اُن کي سُڪون جي ننڊ نه ڪرڻ ڏيندو. خدا هُن کي سمجهائيندو. بس اهو ئي مون کي چوڻو هيو. ٽانڊاڻي جي روشني هلڪي ٿي رهي آهي. جنهن مان معلوم پيو ٿي ته صبح ٿيڻ وارو آهي. هيملٽ! الوداع مون کي ياد رکجان.
(رُوح هليو وڃي ٿو)
هيملٽ: اي! عرش جا فرشتو ۽ زمين جا انسانو توهان سان فرياد آهي. هاڻي ٻيو ڪنهن کي شاهد بڻائي سگهجي ٿو. ڇا دوزخ کي به؟ هي ڪم ڪيترو نه نفرت جي قابل ۽ بدترين آهي. ڪٿي منهنجي دل جون مضبوط ديوارون ڊهي نه پون. منهنجي جسم جون رڳُون اهو ٻُڌي ڄمي نه وڃنن. مون کي اها طاقت بخش جو مان پنهنجي وعدن تي قائم رهي سگهان. تو چيو آهي ته مون کي منهنجي ڳالهين کي وساري نه ڇڏجان. اي! غم ۾ ورتل رُوح جيستائين تنهنجي ياد منهنجي دماغ ۾ زندهه رهندي. تيستائين تنهنجي ڳالهين کي وساري نه ٿو سگهان. مان پنهنجي دماغ مان هر فلسفي کي گندگي وانگر ڪڍي اڇلائي ڇڏيندس. پر تنهنجون ڳالهيون هڪ قيمتي خزاني وانگي محفوظ رهنديون. مان ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهان. مان اهو واعدو ٿو ڪيان هُوءَ ناپاڪ سڀاءُ بدڪار ۽ خوبصورت چهري واري احسان فراموش عورت .... هي سڀ ڇا آهي. پنهنجي ڪتاب جي پهرين صفحي تي لکي ٿو ڇڏيان ته چپن تي مُسڪراهٽ کڻي انسان پنهنجي دل ۾ گناهه جو خنجر لڪائي رکندو آهي. ۽ ان کي ٻين جي سيني ۾ هڻي سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ ڊينمارڪ جي سر زمين تي ته هي بلڪل صحيح آهي. (لکي ٿو) اي چاچا مان انهن لفظن ۾ تنهنجي سيرت کي مڪمل طور نُمايان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي مان وري رُوح جي انهن لفظن کي ورجائيان ٿو.
“الوداع مون کي نه وسارجان.”
ڪڏهن به نه مون واعدو ڪيو آهي ته مان ڪڏهن به نه وساريندس.
هُريشيو+مارسليس: (اندران سڏيندا آهن) شهزاده شهزاده .
مارسليس: (اندران) شهزاده هيملت.
هُريشيو: خدا هر بلا کان هُن کي محفوظ رکي.
هيملٽ: خدا ايئن ئي ڪري.
هُريشيو: (اندران آواز ڏي ٿو) هلو! هو - هو شهزاده.
هيملٽ: هلو، هو – هو هيڏانهن اچو منهنجا دوست.
(هُريشيو، مارسليس اندر اچن ٿا)
مارسليس: فرمايو شهزاده ڪيئن گذري ڪا خبر؟
هُريشيو: حضور ڪهڙي خبر آهي؟
هيملٽ: حيرت انگيز!
هُريشيو: ڏاڍو سٺو حضور ڪجهه ٻُڌايو ته؛
هيملٽ: نه، توهان ٻڌائي ڇڏيندوَ.
هُريشيو: خدا جو قسم مان ڪنهن کي به نه ٻڌائيندس.
مارسليس: ۽ نه ئي مان ٻڌائيندس.
هيملٽ: ته غور ڪيو هي سڀ ڇا آهي. ڇا اهڙي طرح ڪڏهن تصور به ڪري سگهجي ٿو. پر ڏسو هي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي به ڪَنن تائين نه پهچي.
هُريشيو + مارسليس: اسان خدا جو قسم کڻي وعدو ٿا ڪيون.
هيملٽ: ڊينمارڪ ۾ ڪو به بدمعاش اهڙو ڪونهي جيڪو پڪو شيطان نه هجي.
هُريشيو: صرف اها ڳالهه چوڻ لاءِ هڪ رُوح کي قبر مان نڪرڻ جي ضرورت نه هئي.
هيملٽ: ها صحيح بلڪل ٺيڪ ٿا چئو ۽ هاڻي وڌيڪ ڪجهه چوڻ ۽ ٻڌڻ کان بغير هٿ ملايو ۽ جنهن کي ڪم هجي اهو ان لاءِ وڃي. ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي ڪوئي نه ڪوئي ڪم ته هوندو آهي ۽ مون غريب کي به ڪوئي ڪم آهي. اُن لاءِ وڃان ٿو. ڏسو مان ته ويندي ئي خدا کان گهرندس.
هُريشيو: توهان جا گهٻرايل لفظ وڌيڪ ڏکيائي پيدا ڪري رهيا آهن شهزاده!
هيملٽ: مون کي ان جو افسوس آهي جو منهنجي جواب سان توکي تَسلي نه ٿي سگهندي.
هُريشيو: نه حضور ان ۾ افسوس جي ڪهڙي ڳالهه آهي.
هيملٽ: ٺيڪ آهي هُريشيو؛ پر مون کي وڏي بيچيني آهي. بزرگ پيٽرڪ جو قسم کڻي چوان ٿو ته هاڻي مون کي صبُر نه ٿو اڇي سگهي. هن رُوح جي باري ۾ چئي سگهان ٿو ته اهو حقيقت هيو ۽ ڪو بُرو رُوح نه هيو. اسان جي وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي؛ ان کي ڄاڻڻ لاءِ توهان صبُر ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڳالهه ٻي آهي. توهان ٻئي منهنجا دوست سپاهي ۽ دانشمند آهيو. توهان مون سان هڪ واعدو ڪري سگهو ٿا؟
هُريشيو: ضرور؛ اهو ڪهڙو واعدو آهي شهزاده.
هيملٽ: جنهن رُوح کي توهان هينئر ڏٺو آهي، ان جي متعلق ڪنهن سان به ذڪر نه ڪجو.
هُريشيو + مارسليس: اسان واعدو ٿا ڪريون ته ڪنهن سان ڪوبه ذڪر نه ڪنداسين.
هيملٽ: نه؛ توهان قسم کڻو.
هُريشيو: مان قسم کڻي چوان ٿو ته ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندس.
مارسليس: مان به قسم کڻي، ايمان سان چوان ٿو ته ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندس.
هيملٽ: منهنجي تلوار تي هٿ رکي قسم کڻو.
مارسليس: حضور اسان ته قسم کڻي چُڪا آهيون.
هيملٽ: نه؛ تلوار تي هٿ رکي وري هڪ دفعو قسم کڻو.
رُوح: (زمين جي هيٺان چوي ٿو) قسم کڻو.
هيملٽ: او! تون به اهو چوڻ لڳين، ڇا زمين جي هيٺان ايستائين پهچي وئين؟ هُريشيو، مارسليس ڇا توهان زمين جي اندران آواز ٻُڌو؟
هُريشيو: حضور قسم جن الفاظن ۾ کنيو وڃي اهي ٻُڌايو؟
هيملٽ: بس لفظ اهي آهن ته؛ جيڪو ڪجهه توهان ڏٺو آهي. اهو ڪنهن کي به نه ٻُڌائيندوَ.
رُوح: ( رُوح! زمين جي اندران آواز ايندو آهي) قسم کڻو.
هيملٽ: اي! رُوح توکي ڪٿي قرار به آهي. اچا اسان مٿان هٽي پري بيهي ٿا رهون. ۽ منهنجي تلوار تي پنهنجو هٿ رکو ته جيڪو ڪجهه ڏٺو اٿوَ. ان جو ذڪر ڪڏهن به نه ڪندوَ.
رُوح: (زمين جي اندران چوي ٿو) قسم کڻو.
هيملٽ: خُوب چيئي؛ اي! زمينجي اندر ئي اندر کوٽي هلڻ وارا ڇا تون زمين جي اندر رهي ايترو پري پهچي سگهين ٿو؟ اچو دوستو! هتان به هلي پري ٿي بيهون ٿا.
هُريشيو: اي! رات ۽ ڏينهن توهان شاهد رهجو ته هي ڪهڙيون عجيب ڳالهيون پيش ٿي رهيون آهن.
هيملٽ: انهن ڳالهيون کي اجنبي سمجهي انهن جي متعلق پنهنجي بي تابي ظاهر نه ڪيو. هُريشيو زمين ۽ آسمان ۾ گهڻيون شيون اهڙيون آهن. جنهن جو وهم ۽ گُمان به اسان جي فلسفي ۾ ناهي گذريو. اچو جيڪڏهن خدا جو فضل چاهيو ٿا ته آئنده مان ڪنهن عجيب و غريب شڪل يا حالت ۾ جنهن جو اختيار ڪرڻ مان ضروري سمجهان. ظاهر ٿيان ته توهان اهو نه ڪجو ته پنهنجا هٿ قابُو ڪري بيهي رهو. مٿو اهڙي طرح لوڏيو (هيملٽ مٿي کي لوڏائي ٿو) يا ڪا شڪ واري ڳالهه زبان ي آڻيو ۽ چئو ها اسان کي سڄو احوال معلوم آهي ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته ٻڌائي به سگهون ٿا. مطلب اهڙا شڪي جملن ۾ جنهن مان اهو معلوم ٿئي ته توهان منهنجي حال کان واقف آهيو اهڙي گفتگو نه ڪجو. بس خدا رحمت ۽ برڪت توهان جي حال ۾ شامل رهي ۽ خدا توهان جي مدد ڪري. قسم کڻو
رُوح: (اندران چوي ٿو) قسم کڻو
هيملٽ: اي! رُوح ٿورو ته سُڪون سان ويهه؛ (هُريشيو ۽ مارسليس قسم کڻن ٿا) منهنجا شريف دوستو هن تعلق ۽ محبت جي سبب سان جيڪا مان توهان سان رکان ٿو. مان پنهنجو تقرُر توهان جي سُپرد ڪيان ٿو. هي عاجز هيملٽ جيڪو ڪجهه توهان جي محبت ۾ توهان لاءَ ڪري سگهي ٿو. اهو مان ضرور ڪندس. اچو گڏ هلون ۽ منهنجي اها ئي التجا آهي ته توهان ٻئي بلڪل خاموش رهجو. وقت وڏو نازڪ آهي. افسوس ان جو ناهي ته هن بگڙيل دنيا کي سنواريو وڃي. بلڪه غم اِن جو آهي ته مان اُن جي سنوارڻ لاءِ دنيا ۾ ڇو پيدا ٿيس. اچو اسان سڀ گڏ هلون.

(سڀ هليا وڃن ٿا)