ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

2

ننڍڙي شهر جي اها ريلوي اسٽيشن انگريزن جي زماني جي ٺهيل هئي. رات جي اونداهيءَ ۾ پليٽ فارم تي فقط ٻه پراڻي زماني جا ليمپ ٻري رهيا هيا. اڌ اونداهي پليٽ فارم جي هڪ بينچ تي ميرا ڪپڙا پهريل هڪ جُهور پوڙهو ۽ سندس پوڙهي زال ريل جي انتظار ۾ ويٺل هيا. ٻنهي جي وچ ۾ بينچ تي سامان جي هڪ وڏي هڙ رکيل هئي. بينچ جي ڀرسان ڪجهه ڪتا فرش تي منهن رکيو سُتا پيا هئا. پليٽ فارم کان ٻاهر بيٺل برسات جي پاڻيءَ مان ايندڙ ڏيڏرن ۽ جيتن جا آواز پليٽ فارم تي به گونجي رهيا هئا. پليٽ فارم جي پاسي تي بڙ جي قديم وڻن جي هڪ ڊگهي قطار هئي. بڙ جي انهن قديم ۽ بيحد وڏن وڻن پليٽ فارم جي ماحول کي رات جي اونداهيءَ ۾ ڏاڍو پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. سيتا هڪ بڙ جي ئي ويڪري ٿُڙ پويان لڪل هئي. بڙ جي وڻ هيٺان ڦهليل پراسرار اونداهيءَ ۽ بڙ جي انهيءَ ويڪري ٿُڙ، ڊنل هرڻيءَ جهڙي سيتا کي ڪيتري دير کان دنيا جي شڪاري نظرن کان بچائي رکيو هو. خوف ۾ ورتل هئڻ جي باوجود سيتا جي اندر ۾ ان وقت خوشي ڪَرَ موڙي جاڳي پيئي، جڏهن پليٽ فارم تي گهنٽي وڄائي ريل جي اچڻ جو اعلان ڪيو ويو. سيتا، بڙجي ٿُڙ پويان ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ريل جي پٽڙين طرف ڏٺو، ته سلمان جا فون تي چيل جملا سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا، ”تون ڪا به ڳڻتي نه ڪجانءِ سيتا... مان پنهنجي شهر کان ٽرين ۾ سوار ٿي ايندس، ان ڪري اڳ ۾ ئي ٽرين ۾ موجود هوندس. ٽرين جي پهچڻ سان تون پليٽ فارم تي سامهون اچي وڃجانءِ، مان پاڻيهي توکي سڏي وٺندس.“
سيتا مرڪي اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ آئيندي جي اميدن جا هٿ جهلي ورتا. سندس بند نيڻن ۾ وصل جا ڪيئي منظر هڪ ٻئي پويان ايندا رهيا... پري کان ايندڙ ريل جي هارون جي آواز کيس اکيون کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن وري ريل جي پٽڙين طرف ڏٺو. پٽڙين تي پري کان ايندڙ ٽرين جي انجڻ جي هلڪي هلڪي روشني هئي ۽ ٽرين جو آواز ويجهو ايندو پئي ويو. ريل جي ويجهو ايندڙ آواز سان سيتا جي دل جو دهڪو وڌندو پئي ويو. جيئن ئي ٽرين جي انجڻ نظر آئي، سيتا بيگ کڻي، پنهنجو سڄو خوف بڙ جي ٿڙ وٽ ڦٽي ڪري ڊوڙندي ٻاهر نڪري آئي ۽ پليٽ فارم تي ليمپ جي روشنيءَ ۾ وڃي بيهي رهي، جيئن ريل جي بيهڻ کان اڳ ئي ريل ۾ موجود سلمان کيس ڏسي وٺي.
ريل پليٽ فارم تي اچي بيهي رهي، پر سيتا کي ڪٿان به ڪو سڏ نه ٿيو. ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺل سيتا کي وسوسا ورائي ويا. هن ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺي ئي ريل کي ٻنهي پاسي آخر تائين ڏٺو، پر ريل جي ڪنهن به کڙڪيءَ يا دروازي مان سلمان جو چهرو ظاهرنه ٿيو. ليمپ جي روشنيءَ ۾ بيٺل سيتا جي اندر ۾ اونداهي ڀرجي وئي. هن هڪ دفعو وري ٻنهي پاسي واجهايو ۽ پوءِ ٽرين جي ڀرسان اچي، انجڻ واري طرف ڊوڙندي هن پاڻ ئي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا، ”سلمان.... سلمان...!“ هوءَ ٽرين جي انجڻ پويان لڳل پهرين بوگيءَ تائين ڊوڙندي هلي وئي، پر کيس سلمان جي وراڻي نه ملي. هن بيحد مايوسيءَ مان، شدت سان سهڪندي پوئتي نهار ڪئي. کيس احساس ٿيو، ته هن جنهن ليمپ جي هيٺان بيهي سلمان جو انتظار ڪيو هو، اهو ٽرين جي وچ واري فاصلي تي هو. ٽرين جا اڌ گاڏا ان ليمپ جي ٻئي طرف بيٺل هيا. هن وري تيزيءَ سان پوئتي ڊوڙڻ شروع ڪيو. ڊوڙندي وڏي آواز سان رڙيون ڪري سلمان کي سَڏڪندي رهي. اڃا هوءَ بيٺل ٽرين جي اڌ فاصلي تائين مس پهتي ته ٽرين جي هارون جي آواز سان گڏ آهستي آهستي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ريل جي اڳتي وڌڻ سان پوئتي ڊوڙندڙ سيتا جي قدمن ۾ تيزي اچي وئي، هوءَ سلمان لاءِ رڙيون ڪندي ٽرين جي آخري گاڏي تائين پهچي وئي، پر سلمان جي وراڻي کيس نه ملي. هن مايوسيءَ مان ڪنڌ ورائي، ويندڙ ٽرين طرف ڏٺو،جنهن جي رفتار وڌي وئي هئي. اوچتو سيتا جي ذهن ۾ پنهنجي ڀاءُ شنڪر جو چهرو ڦري آيو. سيتا کي يقين ٿي ويو ته هاڻي فقط اها ويندڙ ريل ئي کيس شنڪر جي هٿان مرڻ کان بچائي سگهي ٿي. اهو خيال ايندي ئي ڊنل هرڻيءَ جهڙي سيتا، ٽرين ۾ سوار ٿيڻ خاطر، پنهنجي پوري قوت سان ٽرين جي پويان ڊوڙڻ شروع ڪيو، پر ٽرين ۽ سيتا جي وچ ۾ فاصلو وڌندو ئي ويو. ٽرين جي پويان ڊوڙندڙ سيتا کي احساس ٿيو ته سندس پويان موت ڊوڙي رهيو آهي. موت کان بچڻ لاءِ سيتا وڌيڪ تيزيءَ سان ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس پير ٿڙي ويا. هن منهن ڀر پليٽ فارم تي اچي ڦهڪو ڪيو ۽ بيگ سندس هٿن مان نڪري ڏهاڪو فُٽ پري هليو ويو. گوڏن، ٺونٺين ۽ کاڏيءَ تي آيل زخمن جي درد سبب هن زور سان اکيون بند ڪري نرڙ کي فرش تي رکي ڇڏيو. اونڌي منهن پئي هن هڪ وڏو ساهه کنيو، ته سندس سڄي جسم مان سُور جون سَٽون اڀري ويون، پر ٻئي لمحي ئي سموري سُور تي موت جو خوف حاوي ٿيندي محسوس ڪيائين. موت کان بچڻ لاءِ، اٿڻ خاطر هن پنهنجي جسم جي سڄي قوت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اٿڻ کان اڳ ئي ويجهو ايندڙ ڪنهن جي قدمن جي آواز سندس سڄي طاقت ڦري ورتي. کيس پڪ ٿي وئي ته اهو سندس ڀاءُ شنڪر ئي هوندو، جيڪو رات جي پوئين پهر جاڳي پوندو هو. سيتا کي يقين ٿي ويو ته شنڪر کيس گهر ۾ نه ڏسي ڳوليندو پليٽ فارم تائين پهچي ويو هوندو ۽ هن ئي پليٽ فارم تي، کيس ليٽيل حالت ۾ ئي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. هر ويجهو ايندڙ قدم جي آواز سان سيتا موت کي پنهنجي ويجهو ايندي محسوس ڪيو. سندس نڙي خشڪ ٿي وئي ۽ سڄو جسم نستو ٿي ويو. اوچتو سندس ٻانهن ۾ ڪو هٿ پيو، ته هن جي وات مان زندگيءَ جي آخري آواز جهڙي دهشت واري رڙ نڪري وئي. سيتا پاڻيءَ کان ٻاهر پيل مڇيءَ جيان ڦٿڪي پاسو ورائي هٿ وجهندڙ طرف ڏٺو، پر اهو شنڪر نه هو. شنڪر جي عمر جيترو ئي هڪ اوپرو شخص سندس مٿان جُهڪيل هو، جنهن جي چهري تي ننڍڙي ڏاڙهي هئي ۽ کيس اڇي رنگ جو يونيفارم پاتل هيو. ان شخص سيتا کي هوش ۾ ڏسي سندس ٻانهن ڇڏي ڏني. هلڪي سڪون سان گڏ سيتا جي اندر ۾ هڪ نئون خوف واسو ڪري ويو. اهو اوپرو شخص پليٽ فارم تي پيل سيتا جي ڀرسان اوڪڙون ويهي رهيو.
”توهان پاڻ اٿي سگهندئو، يا مان توهان جي مدد ڪيان؟“ اوپري شخص نرم لهجي سان پڇيو.
سيتا ڪو به جواب نه ڏنو. نرم لهجو به سندس اندر مان خوف جي شدت کي نه گهٽائي سگهيو، تڏهن به هن پنهنجي جسم جي پوري طاقت گڏ ڪئي ۽ اٿي گوڏن ڀر ويهي رهي. خوف کان سندس سڄو جسم ڪنبي رهيو هو. هن ڊنل نظرن سان اوپري شخص جي چهري ۾ ڏٺو.
”ڪير آهيو توهان؟“ اوپري شخص انتهائي نرم لهجي ۾ پڇيو.
سيتا ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، سندس چَپَ ڪنبيا، پر لفظَ چپن کان ٻاهر نه نڪتا. ڄڻ لفظن به خوف سبب چپن جي پويان پناهه وٺي ڇڏي هجي.
جواب نه ملڻ تي اوپرو شخص اٿي ڪجهه فاصلي تي پيل سيتا جي ٽريول بيگ طرف هليو ويو.
سيتا خشڪ ٿي ويل نڙيءَ سان ڳيت ڏئي، اٿي ڀڄي وڃڻ لاءِ سوچيو، پر خوف جي شدت سبب، ڪوشش جي باوجود اٿي نه سگهي. کيس لڳو، ڌرتيءَ جي هِن گولي تي، هُن لاءِ ڪا به پناهه گاهه ناهي. چئني پاسن کان فقط موت جا قدم ئي هن طرف وڌي رهيا آهن، تڏهن هن مايوسيءَ مان ڪنڌ جهڪائي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
”ٻڌايو، ڪير آهيو توهان؟“ اوچتي آواز سيتا کي ڇرڪائي وڌو.
سيتا ڪنڌ مٿي ڪرڻ بنا اکيون کوليون ته پنهنجي ڀرسان ٻن پيرن کي بيٺل ڏٺائين. کيس لڳو، ڄڻ رات جي سانت ۾ موت جا قدم سندس ڀرسان اچي بيٺا هجن.
اوپري شخص سيتا جو ٽريول بيگ فرش تي رکيو ۽ سيتا جي ڀرسان اوڪڙون ويهي رهيو، ”ٻڌايو ڇو نٿا ڪير آهيو توهان؟“
نه سيتا ۾ ڪنڌ کڻي اوپري شخص طرف ڏسڻ جي طاقت هئي ۽ نه اهو ٻڌائڻ جي همت، ته هوءَ ڪير آهي. سندس دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هوءَ ان ۾ سمائجي، مستقبل جي سمورين مصيبتن کان بچي وڃي، پر نه ڌرتي ڦاٽي ۽ نه سيتا پاڻ کي محفوظ ڀانيو. سندس اندر ۾ قتل ٿيڻ جو خوف ٻيهر ڪَرَ کڻي جاڳي پيو.
”توهان ڪو جواب ڇو نٿيون ڏيو!؟“ اوپري شخص جي آواز ۾ ٿوري بيزاري شامل ٿي وئي.
سيتا خوف مان ڪنڌ کنڌ مٿي ڪري، اوپري شخص جي چهري ۾ ڏٺو. ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر لفظن سندس چپن جي پناهگاهه مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي اندر ۾ گهُٽَ محسوس ڪئي. هڪ ڊگهو ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سندس اهو ساهه اڌ ۾ ئي ٽُٽي پيو ۽ هوءَ اوچتو سُڏڪي پيئي. ٻئي هٿ چهري تي رکي، مٿو پنهنجي گوڏن تي رکي ڇڏيائين. سندس گهُٽيل سُڏڪن ۾ موت جي دهشت شامل ٿي وئي.
”ڇو پيون روئو توهان!؟“ اوپري شخص ٿوري حيرت ۽ همدرديءَ مان پڇيو.
سيتا جو چهرو سندس هٿن ۾، گوڏن مٿان ئي پيل رهيو، پر سندس سڏڪن جو آواز وڌي ويو. رات جي پراسرار خاموشيءَ ۾ سندس سڏڪن جو آواز سڄي ريلوي پليٽ فارم تي گونجڻ لڳو. سندس سڏڪن ۾ اهڙي دهشت هئي، جو اوپرو شخص ڪجهه چوڻ چاهيندي به ڳالهائي نه سگهيو، تڏهن هن پنهنجو هٿ سيتا جي مٿي تي رکي ڇڏيو.
سيتا پنهنجي مٿي تي همدرديءَ وارو ڇهاءُ محسوس ڪري ڪنڌ کنيو، ته لفظ سڏڪن سان گڏ سندس چپن مان اوچتو ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪري آيا، ”مان... مارجي وينديس... مارجي ويندس مان اڄوڪي رات ۾ ...!!“
”پر ڇو!؟“ اوپري شخص انتهائي حيرت ۽ پريشانيءَ مان پڇيو.
”هُو... هُو مون کي...“ سيتا سڏڪن جي وچ مان ڳالهايو، ”هو قتل ڪري ڇڏيندو مون کي... ماري ڇڏيندو مون کي!!“
”پر ڇو؟“ اوپري شخص جي پريشاني وڌي وئي، ”ڪير قتل ڪري ڇڏيندو توهان کي!؟“
”خدا جي واسطي... پليز....“ سيتا پنهنجا ڪنبندڙ هٿَ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي، دهشت مان روئندي ڳالهايو، ”مون کي بچايو... پليز... منهنجي زندگي بچايو!!!“ سيتا ڪوشش جي باوجود به پنهنجا هٿ جوڙي نه پئي سگهي ۽ سندس هٿ بار بار جدا پئي ٿي ويا.
”هٿ نه جوڙيو.“ اوپري شخص چيو، ”اٿو ۽ هلو مون سان گڏ.“
”جي!!“ هوءَ ڇرڪي پيئي. سندس اندر جي عورت ۾ هڪ نئون خوف جاڳي پيو. سندس اندر ۾ به رات لهي آئي. هڪ دفعو ٻيهر سيتا جي دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هوءَ ان ۾ سمائجي وڃي.
”اٿو جلدي ڪيو.“ اوپرو شخص اٿي بيهي رهيو.
سيتا فرش تي ويٺي ويٺي ئي ڏاڍي بي وسيءَ مان اوپري شخص جي چهري طرف ڏٺو. پليٽ فارم جي ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾، اوپري شخص جو چهرو به کيس رات جهڙو ئي پرسرار لڳو ۽ سيتا جي لڱن مان ڌُرڙي نڪري وئي.
اوپري شخص، سيتا جي چهري جي تاثر مان سندس اندر جي عورت جي وسوسن کي محسوس ڪري ورتو، ”نه ڊڄو توهان. مان اسٽيشن ماسٽر آهيان ۽ هن پليٽ فارم تي ئي منهنجي آفيس آهي.“
سيتا هڪ ٿڌو ساهه کنيو، هٿ فرش تي رکي، پنهنجي نستي جسم کي زور ڏئي مٿي ڪيائين ۽ اٿي بيهي رهي.
اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ فرش تي پيل سيتا جو ٽريول بيگ کڻي ورتو. پليٽ فارم تي پکڙيل ليمپ جي هلڪي روشنيءَ ۾، رات جي آخري پهر ۾ اسٽيشن ماسٽر جي پويان هلندي، سيتا بار بار خوف مان اوسي پاسي ۽ پوئتي پئي نهاريو. هوءَ فيصلو نه پئي ڪري سگهي ته خطرو سندس پٺيان آهي، يا هُوءَ پاڻ هڪ ٻئي خطري جي پويان وڃي رهي آهي.

اسٽيشن ماسٽر جي آفيس ۾ ويٺي سيتا کي چڱيرڙي دير گذري چڪي هئي، پر نه سندس جسم جي ڪنبڻي ختم ٿي هئي ۽ نه ئي سندس خوف ۾ ذري برابر به ڪا گهٽتائي ٿي هئي. هن بار بار پوئتي منهن ورائي خوف مان آفيس جي در طرف ٿي ڏٺو. کيس يقين هو ته ڪنهن به وقت سندس ڀاءُ شنڪر موت بڻجي اچي سندس مٿان ڪڙڪندو.
”ها...“ اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ ڪجهه سوچيندي، فڪرمنديءَ ۽ افسوس سان چيو، ”ته توهان... گهران ڀڄي نڪتيون آهيو!“
سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو. ٽيبل تي پيل پاڻيءَ جي باٽل کڻي، پاڻيءَ جا ڪجهه ڍڪ وات ۾ اوتي ڇڏيائين.
”ڪٿان جون رهندڙ آهيو توهان؟“ عابد عليءَ پڇيو.
سيتا ڳيت ڏئي، ڪنبندڙ آواز سان ڳالهايو، ”هو... هو جيڪو... روڊ جي پريان وارو پاڙو آهي...“
”جتي هندو آباديءَ جي اڪثريت آهي؟“
”ها، هندو آهيان مان به. سيتا نالو آهي منهنجو.“
”توهان جي والد صاحب جو نالو ڇاهي؟“
سيتا ڪوبه جواب نه ڏنو. خوف مان پوئتي ڪنڌ ورائي در طرف ڏٺائين. آفيس جي در کان ٻاهر پليٽ فارم تي رات جي آخري پهر جي اونداهي ڦهليل هئي.
”ٻڌايو!“ اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ ٽيبل جي ٻئي طرف ويٺل سيتا کان وري پڇيو، ”ڇا نالو آهي توهان جي والد صاحب جو؟“
”سيٺ...“ سيتا ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو، ”سيٺ گوپال داس...“
”توهان...“ عابد انتهائي حيرت سان ڳالهايو، ”توهان سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ آهيو!“
”جي.“ سيتا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ڄڻ سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ جي گهران ڀڄڻ تي کيس افسوس ٿيو هجي، ”سيٺ گوپال داس ته ڏاڍو شريف ماڻهو هيو.“
سيتا پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي نه کنيو.
”سيٺ گوپال داس ته رنگ، نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ سڄي زندگي يتيمن ۽ بيواهه عورتن جي مدد ڪئي هئي.“ عابد عليءَ پنهنجي ننڍڙي ڏاڙهيءَ مٿان هٿ ڦيري ڳالهايو، ”۽ سيٺ صاحب پنهنجي سياسي اثر سان به هن علائقي جي ماڻهن کي ڪافي فائدو پهچايو.“
سيتا ڪو به جواب نه ڏنو، هن ڪنڌ ورائي دروازي طرف ڏٺو.
عابد عليءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”۽ ٻڌو اٿم ته انهيءَ نيڪيءَ واري ڪم کي هاڻي توهان جي ماءُ جاري رکيو پئي اچي.“
”پر...“ سيتا خشڪ ٿي ويل چپن سان ڳالهايو، ”منهنجو ڀاءُ شنڪر... امان ۽ بابا جي بلڪل ابتڙ آهي!“
”سڀ خبر آهي مون کي.“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي تلخيءَ مان چيو، ”چڱيءَ طرح واقف آهيان مان شنڪر جي ڪارنامن کان!“
”هُو... هُو شنڪر...“ سيتا اوچتو خوف مان ڪنبي ويئي، ”گهر کان ڀڄڻ جي ڏوهه ۾ ... قتل به ڪري سگهي ٿو مون کي!“ سيتا پنهنجي پويان ڪنهن جي پيرن جو آواز ٻڌي، دهشت مان ڇرڪي پوئتي نهاريو.
سيتا جي پويان اڌ اڇي ٿي ويل ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو بيٺل هو، جنهن جي چهري تي هلڪي پراسرار مرڪ هئي.
”ڪير... ڪير آهي هي!؟“ سيتا دهشت ڀريل آواز سان اسٽيشن ماسٽر عابد ڏانهن نهاريو.
”عبدالله نالو آهي هن جو.“ عابد عليءَ سڪون سان وراڻيو،
”منهنجو اسسٽنٽ آهي. ڏاڍو نيڪ ماڻهو آهي.“
”نيڪي ته سائين الله ٿو ڏئي، منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي!“ عبدالله نرم لهجي ۾ چيو.
سيتا پنهنجو رئو مٿي تي ٺاهي رکيو.
”عبدالله!“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ فڪرمندي هئي.
”جي... جي سر؟“ عبدالله ادب سان وراڻيو.
”ٻاهر خيال ڪجانءِ، جيڪڏهن پليٽ فارم تي ڪو شڪي ماڻهو نظر اچي ته هڪدم اچي مون کي ٻڌائجانءِ.“ عابد عليءَ جي آواز ۾ فڪرمنديءَ سان گڏ ڪجهه پريشاني به شامل هئي.
”جي سر!“ عبدالله واپس ٻاهر هليو ويو.
سيتا جي چهري تي خوف جا پاڇا وڌيڪ گهرا ٿي ويا. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ ڇا چوي ۽ ڇا ڪري.
اسٽيشن ماسٽر عابد عليءَ پنهنجي ٽيبل جي خاني مان تسبيح ڪڍي ورتي ۽ تسبيح جي داڻن کي ڦيرائيندي ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. ڪمري ۾ پراسرار خاموش ڇانئجي وئي. انهيءَ پراسراريت کي رات جي اونداهيءَ ۽ پري کان ايندڙ ڏيڏرن جي آوازن وڌيڪ پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. اوچتو پليٽ فارم تي وڏي آواز سان گڏ ڀؤنڪندڙ ڪتي جي آواز تي سيتا ڇرڪي پيئي، سندس لڱ ڪانڊارجي ويا، چپ ڏڪڻ لڳس، چهرو هيڊو ٿي ويس، ڪجهه ڳالهائڻ چاهيائين پر آواز سندس وات مان نه نڪري سگهيو.
”مان سمجهان ٿو توهان جي حالت کي.“ عابد ڪجهه سوچيندي، همدرديءَ ۽ سمجهائڻ واري انداز سان ڳالهايو، ”ڏسو، جيڪڏهن توهان کي پنهنجي ڀاءُ شنڪر مان جان جو خطرو آهي، ته مان توهان جي والده سان رابطو ٿو ڪيان، ته جيئن هوءَ پاڻ اچي توهان کي عزت ۽ حفاظت سان واپس وٺي وڃي.“
”نه، بلڪل نه!؟“ سيتا هڪدم وراڻيو.
”پر ڇو نه!؟“ عابد عليءَ حيرت مان پڇيو.
”ان ڪري ته...“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”مون واپس وڃڻ لاءِ گهر ناهي ڇڏيو!“
”پر جنهن جي ڪري توهان گهر ڇڏيو، اُهو به ته ڪو نه آيو!“ عابد عليءَ ڪنڌ ڌوڻي چيو، ”واپس پنهنجي گهر نه ويندئو ته ڪيڏانهن ويندئو!؟“
سيتا جو چهرو درد جي تصوير بڻجي پيو، ڪو به جواب نه ڏئي سگهي.
”ٻڌايو!“ عابد عليءَ لفظن تي زور ڏيندي پڇيو، ”ڪيڏانهن ويندئو هاڻي توهان!؟“
سيتا ميز تي ٺونٺ رکي پنهنجي نرڙ تي هٿ رکي ڇڏيو.
هڪ لمحو سوچي عابد عليءَ غور سان سيتا ڏانهن ڏٺو. نرم لهجي ۾ پڇيائين، ”توهان... ڪنهن جي وعدي تي پنهنجو گهر ڇڏيو؟“
سيتا جي دل ڄڻ ٻه ٽڪر ٿي پيئي. هن ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نرڙ تي رکيل هٿ ڄڻ نستو ٿي وڃي ٽيبل تي ڪِريو. سندس اکين ۾ درد لهي آيو. ڪو به جواب نه ڏيئي سگهي.
”ڪير آهي اُهو، جيڪو نه آيو اڄ؟“ عابد عليءَ پڇيو.
”هُو...“ ڪنهن تير جيان هڪ ڊگهو ساهه سيتا جي اندر ۾ لهي ويو، ”هُو مون سان... يونيورسٽيءَ ۾ گڏ پڙهندو هو.“
”ڪير آهي اُهو؟“ عابد عليءَ لفظن تي زور تي ڏيئي پڇيو.
”مسلمان آهي... سلمان نالو اٿس!“ سيتا سُڏڪي جهڙي آواز سان ڳالهايو.
”ڇا!!“ عابد علي ڇرڪي پيو، ”توهان هڪ مسلمان جي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو آهي!“
”ها!“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو، ”مون... مسلمان ٿي هُن سان شادي پئي ڪرڻ چاهي!“
عابد عليءَ پنهنجو تسبيح وارو هٿ ٽيبل جي مٿان رکي ڇڏيو، ڪنڌ جهڪائي سوچ ۾ پئجي ويو.
سيتا پنهنجي اک مان نڪتل هڪ لڙڪ کي آڱر سان اُگهي ورتو.
عابد علي پنهنجي جهڪيل ڪنڌ سان وارن ۾ هٿ ڦيري ڪي لمحا سوچيندو رهيو ۽ پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري، سيتا ڏانهن حيرت ۽ فڪرمنديءَ سان ڏٺائين، ”ڇا توهان... فقط هڪ مسلمان سان شادي ڪرڻ لاءِ پنهنجو مذهب ڇڏڻ ٿيون چاهيو!؟“
”اهڙي ڳالهه بلڪل ناهي.“ سيتا پهريون ڀيرو سڪون سان ڳالهايو.
”ته پوءِ!؟“ عابد عليءَ وڌيڪ حيرت سان هڪدم پڇيو.
”اهو سچ آهي ته هُن جي محبت جي ڪري مون کي اسلام سان دلچسپي پيدا ٿي هئي.“ سيتا نهايت اعتماد سان ڳالهايو، ”۽ پوءِ ... پنهنجي گهر وارن کان لڪائي مون ڪيترائي اسلامي ڪتاب به پڙهيا.“
عابد علي غور سان سيتا جي ڳالهه ٻڌندو رهيو.
سيتا هڪ لمحي کان پوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”۽ هاڻي... مان دل سان اسلام کي سچو مذهب مڃيان ٿي.“
”سبحان الله!“ عابد عليءَ جي چهري تي هلڪي مرڪ ڦهلجي وئي.
سيتا کي ٿورڙي دير لاءِ ڏاڍي سڪون جو احساس ٿيو ۽ هن پهريون ڀيرو ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏني.
عابد عليءَ جي چهري تان اوچتو مرڪ اڏامي ويئي. هو بيحد فڪرمند ٿي ويو، ”پر... توهان کي چاهيندڙ ته... آيو ئي ڪو نه!“
”شايد...“ سيتا جي دل وسامي ويئي، ”متان هُن کي ڪا مجبوري ٿي پيئي هجي!“
عابد عليءَ بيحد افسوس سان ڳالهايو، ”پر هُن توهان جي مجبوريءَ کي بلڪل نه سمجهيو، ته سندس نه اچڻ جي ڪري توهان ڪيڏي مشڪل ۾ ڦاسي پونديون!“
سيتا اوچتو ڇرڪي سڌي ٿي ويهي رهي، سندس آواز ۾ دهشت ڀرجي وئي، ”ها! شايد... شايد مان قتل ٿي وڃان اڄ رات ئي!!“ خوف کان سيتا جو سڄو جسم ٿڌو ٿي ويو، هڪ دفعو ٻيهر سندس جسم کي ڪنبڻي ورائي وئي.
سيتا جي ڳالهه تي عابد عليءَ کي به پريشاني ورائي وئي. انهيءَ لمحي ئي اوچتو ڪٿان گوليءَ جو آواز آيو. سيتا ڇرڪي اٿي بيهي رهي، سندس چهري تي موت جو رنگ ڇانئجي ويو، ”شايد... شايد شنڪر پيو اچي!“
”ضروري ناهي ته شنڪر ئي هجي!“ عابد علي به اٿي بيهي رهيو، ”ڪڏهن ڪڏهن رات جو هونءَ به گولين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.“
دهشت کان سيتا جو سڄو جسم زور زور سان ڪنبڻ لڳو، هن لاءِ بيهڻ مشڪل ٿي پيو، ”ڇا توهان... توهان منهنجي مدد نٿا ڪري سگهو!؟“ سيتا جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
عابد علي سوچ ۾ پئجي ويو، سندس هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا تيزيءَ سان هلڻ لڳا.
دهشت سبب سيتا جي جسم سان گڏ سندس آواز به ڏڪڻ لڳو، ”ڇا... ڇا توهان... اهو چاهيندئو ته... هڪ ڇوڪري... جيڪا اسلام قبول ڪرڻ ٿي چاهي... پر... پر اُها... مسلمان ٿيڻ کان پهرين ئي قتل ٿي وڃي!؟“
عابد عليءَ جي هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا وڌيڪ تيزيءَ سان هلڻ لڳا.
”ٻڌايو... پليز جواب ڏيو...“ سيتا ڪنبندڙ چپن سان ٻيهر ڳالهايو، ”ڇا توهان چاهيو ٿا... ته... ته مان مسلمان ٿيڻ کان اڳ ئي مارجي وڃان!؟“
”هون!“ عابد علي ڇرڪي پيو، ”نه... بلڪل نه!“
”ته پوءِ...“ سيتا ڏڪندڙ هٿ جوڙيا، ”خدا جي واسطي... منهنجي مدد ڪيو... مون کي بچايو!“ سيتا جي اکين مان تيزيءَ سان ڳوڙها وهڻ لڳا.
”عبدالله!“ عابد عليءَ دروازي طرف ڏسي رڙ ڪئي.
عبدالله پن جي ٻيڙي پيئندو ۽ کنگهندو آفيس ۾ اندر لنگهي آيو، ”جِي سر؟“
”ٿوري دير ۾ لگيج گذرندي، خيال رکجانءِ“. عابد عليءَ، عبدالله طرف ڏسندي چيو.
”جي سر! پر ڇا توهان وڃو پيا؟“ عبدالله ٿورو حيرت سان پڇيو.
”ها.“ عابد عليءَ مختصر جواب ڏنو، ڄڻ هو وڌيڪ ڳالهائڻ نه چاهيندو هجي.
”پر سر، هيءَ ڇوڪري ڪير آهي؟“ عبدالله هڪ نظر سيتا ڏانهن ڏسي، حيرت مان پڇيو.
عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”مان هن ڇوڪريءَ جي ڪري ئي پيو وڃان، هن جي زندگي خطري ۾ آهي!“
عبدالله ڇرڪي پيو، ”ڇا سر!؟“
”مان فجر جي نماز کان پوءِ موٽي ٿو اچان.“ عابد عليءَ وراڻيو، ”موٽي اچي توکي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.“
”جي سر!“ عبدالله چاهيندي به ڪجهه وڌيڪ پڇي نه سگهيو.
”پنهنجو اجرڪ مون کي لاهي ڏي عبدالله!“عابد عليءَ هٿ وڌايو.
”جي... جي سر!“ عبدالله پنهنجي جسم تي ويڙهيل اجرڪ لاهي عابد عليءَ کي ڏئي ڇڏيو.
عابد عليءَ اڳتي وڌي اجرڪ سيتا جي مٿي تي وجهندي چيو، ”نقاب لڳائي ڇڏيو، جيئن توهان کي ڪو سڃاڻي نه وٺي.“
سيتا اجرڪ کي پنهنجي جسم تي ويڙهي، اجرڪ جي هڪ پلئه سان منهن ڍڪي ڇڏيو، فقط سندس اکيون ٻاهر نظر اچي رهيون هيون.
”جلدي هلو.“ عابد عليءَ ٽيبل تي رکيل سيتا جو ٽريول بيگ کنيو ۽ آفيس جي دروازي ڏانهن وڌيو. سيتا سندس ڪڍ آفيس کان ٻاهر هلي وئي. عبدالله حيرت مان اتي ئي بيٺل رهجي ويو.