18
”مان ڪيترا دفعا توکي سمجهايان، ته تون بار ناهين اسان تي.“ زينب جي ڀرسان بيڊ تي ويٺل الماس سندس هٿ پڪڙي پنهنجائپ سان چيو، ”دوست آهين تون منهنجي!“
”تڏهن به الماس تنهنجو مڙس رفيق.... ڇا سوچيندو ته....“
الماس، زينب جو جملو ڪٽي ورتو، ”زينب! توکي شايد اڃا اندازو ناهي ٿي سگهيو ته، رفيق ۽ منهنجي پاڻ ۾ ڪيتري انڊر اسٽينڊنگ آهي!“
زينب ٿڌو ساهه کنيو، ”انڊر اسٽينڊنگ ته خديجه ۽ عابد صاحب جي به هئي پاڻ ۾، پر....“ زينب خاموش ٿي وئي. ڄڻ سندس نڙيءَ ۾ ڪنڊو چڀي پيو هجي.
”پر ڇا؟ چئه.... پنهنجي ڳالهه پوري ڪر!“ الماس مصنوعي ڪاوڙ مان چيو.
”منهنجي ڪري خديجه ۽ سندس مڙس عابد علي جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي!“ زينب ڳيت ڏئي، پڇتاءَ سان چيو، ”هنن جي طلاق منهنجي ڪري ٿي ۽ سندن گهر برباد ٿي ويو!“
”ان ۾ تنهنجو ڪوبه قصور ناهي زينب!“ الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
زينب ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ گهري سوچ ۾ گم ٿي وئي. سندس اکيون آليون ٿي ويون. ڪي پل خاموشيءَ جا گذري ويا. جڏهن خاموشيءَ جا پل ڊگها ٿيڻ لڳا، ته الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل زينب جي هٿ کي لوڏيو، ”ڇا پئي سوچين زينب!؟“
”ڏس الماس!“ زينب هڪ لمحو سوچي، ڊگهو ساهه کڻي ڳالهايو، ”مان نٿي چاهيان ته.... متان.... منهنجي ڪري هن گهر ۾ به ڪا تلخي پيدا ٿئي!“
”چري آهين ڇا!“ الماس هلڪي ڪاوڙ سان هڪدم وراڻيو، ”نه ٿيندي هن گهر ۾ ڪابه تلخي. مون کي ۽ رفيق کي تون خديجه ۽ عابد علي جي بئڪ گرائونڊ سان ڀيٽڻ جي ڪوشش نه ڪر!“
”پر.... تڏهن به....“ زينب ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظن سندس زبان جو ساٿ نه ڏنو، ته هوءَ خاموش ٿي وئي.
”ڇا تڏهن به؟“ الماس لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين!؟“
”ڏس الماس!“ زينب هڪ لمحو سوچي پوءِ ڳالهايو، ”الماس.... مان توهان تي سدائين لاءِ بار ٿي نٿي رهڻ چاهيان!“
”وري ساڳئي ڳالهه!“ الماس، زينب تي چڙي پئي.
زينب ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”پليز الماس، مون کي ڪنهن شيلٽر هوم موڪلي ڇڏيو!“
”اوه ماءِ گاڊ!“ الماس پنهنجي مٿي تي هٿ هڻندي چيو، ”تون ڇا لاوارث آهين، جو ڪنهن شيلٽر هوم ۾ وڃي رهندينءَ!“
زينب وڌيڪ اداس ٿي وئي. هن هڪ بيحد ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”الماس.... تنهنجي دوستيءَ کان سواءِ.... باقي ته مان لاوارث ئي بڻجي وئي آهيان!“
”پليز، نه ڪر شيلٽر هوم وڃڻ جهڙيون ڳالهيون. مان ته اڃا آهيان نه تنهنجي لاءِ. هي گهر به تنهنجو ئي آهي زينب!“
”الماس، جيڪڏهن تون مون کي ڪنهن شيلٽر هوم تائين نه پهچائيندينءَ، ته مان پاڻ ڪوشش ڪنديس ته زندهه سلامت ڪنهن شيلٽر هوم تائين پهچي سگهان!“
”يا خدا.... ڇا ڪيان.... ڪيئن سمجهايان توکي!“ الماس پريشان ٿي وئي.
”ڪا ضرورت ناهي مون کي وڌيڪ سمجهائڻ جي!“ زينب جي لهجي ۾ ارادي جي پختگي هئي، ”آخري فيصلو آهي اهو منهنجو!“
الماس، زينب جي ارادي جي مضبوطيءَ کي محسوس ڪري ورتو. ڪجهه دير تائين سوچيندي رهي ۽ پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچي، هن ڪنڌ کڻي زينب طرف ڏٺو، ”زينب، جيڪڏهن تون هروڀرو به پاڻ کي اسان تي بار ٿي سمجهين، ته پوءِ تون ڪا جاب ڪر.“
”الماس، مان ته ڪنهن اهڙي ڪمزور پکيءَ جيان آهيان، جيڪو فقط پڃري جي قيد ۾ ئي محفوظ رهي سگهي ٿو ۽ پڃڙي مان نڪرڻ شرط ڪنهن باز جي شڪاري نظر سندس زندگيءَ جو آخري لمحو بڻجي سگهي ٿي.“ زينب ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”مان آزاد فضائن ۾ ٻاهر نڪرنديس ته شنڪر جو شڪار ٿي مري وينديس!“
زينب جي ڳالهه الماس جي دل کي تير جيان نشاني تي لڳي. الماس فڪرمند ٿي وئي، سوچ ۾ پئجي وئي.
”ڇا پئي سوچين الماس؟“ زينب، الماس کي اونهي سوچ ۾ گم ڏسي پڇيو.
”سوچيان پئي.... ته مان سلمان سان ڳالهايان، کيس فون ڪري سمجهايان ته....“
”عابد علي صاحب به سلمان سان ڳالهايو هو، پر سلمان انڪار ڪري ڇڏيو هو.“ زينب بيحد ڏک مان هڪدم چيو، ”هاڻي ڪابه ضرورت ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جي!“
”پر هڪڙو دفعو وري ڪوشش ڪري ڏسڻ ۾ ڇاهي زينب!“
الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”چيم نه، ته هاڻي ڪابه ضرورت ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جي.“
زينب سختيءَ سان چيو، ”مون کي خيرات جي طور تي ڪنهن جو ساٿ نٿو گهرجي!“
”جذباتي نه ٿي زينب. تون مون کي سلمان جو نمبر ته ڏي.“
زينب ڪوبه جواب نه ڏنو. منهن ڦيري ڇڏيائين. الماس، زينب جي ڀرسان رکيل موبائل فون کڻي ورتي. زينب، الماس جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ مايوس لهجي سان چيو، ”الماس، مون به هن نمبر تان سلمان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پهرين دفعي هن ڪال اٽينڊ ته ڪئي هئي، پر منهنجو آواز ٻڌڻ شرط فون بند ڪري ڇڏي هئائين. ان کان پوءِ به مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي هئي، پر هر دفعي هن منهنجي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي!“
”ته پوءِ مان پنهنجي فون تان ٿي سلمان کي ڪال ڪيان.“ الماس، زينب کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو.
”نه. ڪا ضرورت ناهي.“ زينب انڪار سان ڪنڌ لوڏيندي چيو.
”بحث نه ڪر. بس هڪڙو دفعو مون کي سلمان سان ڳالهائڻ ڏي!“ الماس ضد ڪيو.
زينب ٿڌو ساهه کڻي چپ ڪري ويهي رهي.
الماس ڀرسان پيل پنهنجي موبائل فون کڻي، زينب جي فون مان سلمان جو نمبر ڏسي، پنهنجي فون ۾ نمبر ٽچ ڪيو ۽ فون ڪن تي رکي. زينب، الماس جي ڪن تي رکيل فون هڪدم ڦري، فون جو اسپيڪر آن ڪري، الماس جي هٿ ۾ واپس ڏني ته ان مهل سلمان جو آواز موبائل فون جي اسپيڪر مان ٻڌڻ ۾ آيو، ”هيلو!“
الماس، هڪ نظر زينب ڏانهن ڏسي، موبائل فون کي پنهنجي چهري جي سامهون آڻي ڳالهايو، ”سلمان صاحب، مان الماس پئي ڳالهايان.“
”ڪير الماس؟ مون توهان کي سڃاتو ڪونه!“ سلمان جو آواز رات جي سانت ۾ ڪمري اندر گونجڻ لڳو، جنهن کي الماس سان گڏ زينب به چٽيءَ طرح ٻڌو پئي.
”مان يونيورسٽيءَ ۾ زينب....“ الماس وراڻيو، ”منهنجو مطلب آ، سيتا جي ڪلاس ميٽ ۽ دوست هيس.“
”جي جي.... بلڪل.... ياد آهيو مون کي توهان.“ سلمان جو آواز آيو.
”پر توهان زينب کي ته بلڪل وساري ڇڏيو آهي!“ الماس، سلمان کي ميار ڏني.
”ڏسو، ان سلسلي ۾ مان ڪجهه به ڳالهائڻ نٿو چاهيان.“
”توهان کي خبر به آهي ته سيتا توهان جي چوڻ سان گهر ڇڏيو هو ۽ هوءَ مسلمان ٿي، سيتا مان زينب بڻجي وئي آهي!“ الماس لفظن تي زور ڏيندي ڳالهايو.
”پر توهان ڇو ٿيون مون سان ان موضوع تي ڳالهايو!؟“ سلمان جو ٿورو حيرت ڀريو آواز ڪمري ۾ گونجيو.
”ان ڪري ته زينب هاڻي ڪراچيءَ ۾، منهنجي گهر ترسيل آهي.“ الماس چيو، ”۽ سندس حالت مون کان ڏٺي نٿي ٿئي!“
سلمان ڪوبه جواب نه ڏنو.
هڪ لمحو سوچي الماس وري ڳالهايو، ”زينب جي ڳولا ڪندو شنڪر منهنجي گهر تائين به اچي چڪو آهي. خطري ۾ آهي زينب جي زندگي، پر پوءِ به توهان کي ڪو احساس ئي ناهي زينب جو!“
”ته ڇا....“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو ڊنل آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”شنڪر کي خبر پئجي وئي آهي ته-“
”نه- مون لڪائي ڇڏيو هو زينب کي.“ الماس وراڻيو.
”اوه!“ سلمان جي سڪون واري ڊگهي ساهه جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”اهو توهان ڏاڍو سٺو ڪيو.“
”پر سلمان، هاڻي زينب منهنجي گهر ۾ رهڻ لاءِ به تيار ناهي!“
الماس فڪرمنديءَ سان چيو.
”ته پوءِ....“ سلمان پريشانيءَ مان پڇيو، ”ڪيڏانهن ويندي زينب!؟“
الماس هڪ نظر زينب طرف ڏٺو، جيڪا اداسي ۽ خاموشيءَ سان اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ۽ پوءِ الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل موبائل فون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”توهان اچو ۽ زينب سان نڪاح ڪري کيس منهنجي گهر مان وٺي وڃو.“
”نه.... بلڪل نه!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو ڇرڪيل آواز گونجيو، ”اهو قطعي ممڪن ناهي. ڏاڍو مجبور آهيان مان!“
”ته ڇا هوءَ شيلٽر هوم هلي وڃي!؟“ الماس ڪاوڙ مان چيو،
”لاوارثن واري زندگي وڃي گذاري!؟“
”ڏسو، مون چيو نه، ته مان ڪجهه به نٿو ڪري سگهان زينب لاءِ!“
”جنهن توهان جي ڪري پنهنجو گهر، ماءُ ۽ مذهب کي به ڇڏي ڏنو، ان لاءِ توهان ڪجهه به نٿا ڪري سگهو!“ الماس ڪاوڙ مان چيو، ”توهان جي ڌوڪي برباد ڪري ڇڏي آهي زينب جي زندگي!“
الماس، زينب طرف ڏٺو. زينب جي چهري تي لڙڪ لڙهيون بڻجي پيا هئا ۽ سندس چپ ڪنبي رهيا هئا. الماس ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪرڻ واري هئي، ته موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو آواز آيو، ”پليز ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻڌو.“
الماس ٿڌو ساهه کڻي، زينب تان نظرون هٽائي، موبائل فون طرف ڌيان ڏنو. هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ موبائل فون جي اسپيڪر مان وري سلمان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”شنڪر جي سختين سبب، پنهنجي گهر ۾ سيتا کي موبائل فون رکڻ جي اجازت نه هئي.“
”هاڻي هوءَ زينب اهي، سيتا نه!“ الماس هڪدم چيو.
”جي ها، خبر آهي مون کي!“ سلمان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”توهان نالن ۾ نه الجهو، پليز منهنجي ڳالهه ٻڌي وٺو.“
”جي، ٻڌان پئي!“ الماس سرد لهجي ۾ وراڻيو.
”مون توهان کي ٻڌايو پئي ته سيتا کي موبائل فون رکڻ جي اجازت نه هئي، ان ڪري سيتا سان منهنجو رابطو سندس گهرَ جي لينڊ لائين فون وسيلي ئي هيو.“ الماس جي هٿ ۾ جهليل موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جو آواز مسلسل ڪمري ۾ گونجندو رهيو، ”بيشڪ سيتا منهنجي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو هو، پر جيڪڏهن مان پنهنجي وعدي مطابق سيتا کي وٺڻ لاءِ نه پهچي سگهيو هوس، ته اهو منهنجو ڌوڪو نه، پر مجبوري هئي، جو منهنجو پيءُ اوچتو گذاري ويو هو!“
”گهٽ ۾ گهٽ توهان هن کي اطلاع ته ڪيو ها، ته هوءَ ان رات گهر نه ڇڏي ها!“ الماس شڪايت سان چيو.
”مون پنهنجي پيءُ جي لاش تان ڪيترائي دفعا پري ٿي سيتا لاءِ فون ڪئي هئي، پر هر دفعي شنڪر ئي فون اٽينڊ ڪئي هئي ۽ منهنجو سيتا سان رابطو نه ٿي سگهيو هو. منهنجي گهر ۾ منهنجي پيءُ جو لاش رکيل هو، ته مان ڪيئن گهر ڇڏي سيتا سان گڏ ڪيڏانهن ڀڄي وڃان ها!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان ايندڙ سلمان جو آواز بند ٿي ويو ۽ سندس ڊگهو ساهه ٻڌڻ ۾ آيو.
”توهان جو هن سان رابطو نه به ٿي سگهيو هو، تڏهن به اها توهان جي ذميداري هئي.“ الماس موبائل فون ڏانهن ڏسندي ڳالهايو، ”ڪجهه به ڪيو ها، پر هن کي ائين اڪيلو نه ڇڏيو ها!“
”شايد.... شايد توهان به صحيح ٿا چئو پر....“
”پر توهان ته ان کان پوءِ به هن جو ساٿ ناهي ڏنو!“ الماس هڪدم چيو، ”هوءَ مسلمان ٿي سيتا مان زينب بڻجي وئي پر....“
سلمان، الماس جو جملو اڌ مان ڪٽي ورتو، ”اسٽيشن ماسٽر عابد علي مون سان فون تي رابطو ڪري سڀ ڪجهه ٻڌايو هو مون کي، پر بابا جي اوچتي وفات کان پوءِ، پنهنجي ماءُ ۽ ڇهن ننڍن ڀينرن ڀائرن جي ذميداري منهنجي مٿان اچي وئي آهي!“
”ته ڇا زينب توهان جي ذميداري ناهي!؟“ الماس جي لهجي ۾ اڃا به ڪاوڙ موجود هئي.
موبائل فون جو اسپيڪر خاموش رهيو. سلمان جو ڪوبه آواز نه آيو. ڪي پل خاموشيءَ جا گذري ويا. خاموشيءَ جي انهن لمحن ۾ فقط هڪ هلڪو آواز ٿيو، زينب جي دٻيل دٻيل سڏڪي جو.
الماس هڪ نظر ڏک مان زينب طرف ڏٺو ۽ پوءِ موبائل فون طرف ڏسي ڳالهايو، ”توهان ڪو جواب ڇو نٿا ڏيو!؟“
”ڇا جواب ڏيان!“ موبائل فون جي اسپيڪر مان سلمان جي آواز سان گڏ سندس شوڪاري جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو.
”ڇا زينب توهان جي ذميداري ناهي!؟“ الماس پنهنجي سوال کي ورجايو.
هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ سلمان جو بي وسيءَ وارو آواز آيو، ”مجبوري آهي.... مان زينب جي ذميداري نٿو کڻي سگهان!“
”پيار ته انسان کي طاقت ڏيندو آهي سلمان. توهان جي مجبوري آهي يا شنڪر جي خوف ۾ مبتلا ٿي ڪمزور ٿي ويا آهيو توهان به!“
الماس طنز ۽ چڙ مان وراڻيو.
”ها.... اهو به درست آهي، ته اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي مان شنڪر جهڙي خطرناڪ ماڻهوءَ جي دشمنيءَ کان وڌيڪ ڊنل آهيان!“ سلمان جو آواز آيو، ”ڇو ته.... بابا جي وفات کان پوءِ.... مان.... مان پاڻ کي ڏاڍو ڪمزور محسوس ڪري رهيو آهيان!“
الماس ڪوبه جواب نه ڏنو، ٿڌو ساهه کڻي خاموش ٿي وئي. خاموشيءَ جا ڪيترائي لمحا گذري ويا ۽ انهن خاموش لمحن ۾ زينب اندر ئي اندر گهُٽجندي رهي. خاموشيءَ جي انهن لمحن جو انت، سلمان جي شڪست ڀرئي آواز سان ٿيو، ”زينب جي سلسلي ۾ وري ڪڏهن به مون سان رابطو نه ڪجو.... ۽.... زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان!“ ۽ پوءِ هڪدم لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي.
زينب کي ائين لڳو، ڄڻ فون جي نه، پر سندس زندگيءَ جي لائين ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي هجي. سلمان جي آخري جملي، گوليءَ جيان زينب کي اندر ئي اندر ماري ڇڏيو. اندر ۾ لڳاتار دٻيل سڏڪو، جڏهن زينب جي چپن جا بند ٽوڙي ٻاهر نڪتو، ته کيس ائين لڳو، ڄڻ هوءَ پنهنجي ئي لاش مٿان ماتم ڪندي هجي.
الماس رات جو دير تائين زينب سان گڏ ويٺي رهي، سندس دلجوئي ڪندي ۽ کيس سمجهائيندي رهي، پر زينب کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو. ڪافي دير تائين روئڻ کان پوءِ زينب خاموش ته ٿي وئي، پر ور ور ڪري سندس ذهن ۾ سلمان جو چيل آخري جملو گونجندو رهيو، ”زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان.... زينب کي چئي ڇڏجو ته....“ زينب جون اکيون روئي روئي سنڌ جيان خشڪ ٿي ويون. هاڻي سندس دل روئي رهي هئي. دل اندر ٿيندڙ بارش جي باوجود، بظاهر هوءَ خاموش ۽ پرسڪون نظر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر سندس ظاهري خاموشيءَ پويان هزارين طوفان اٿي رهيا هئا ۽ سوين سوناميون سانباها ڪري رهيون هيون.
زينب جيان ئي سندس پاسي ۾، ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ تي مٿو رکي، ٽيڪ ڏئي ويٺل الماس کي محسوس ٿيو ته زينب هاڻي گهڻي حد تائين پرسڪون ٿي وئي آهي. الماس ڪجهه سوچي، بيڊ تان اٿندي چيو، ”مان هڪڙي منٽ ۾ اچان ٿي زينب!“
الماس ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي ته زينب جي سيني ۾ پيدا ٿيندڙ سوناميءَ ۾ شدت اچي وئي، پر تڏهن به هن پنهنجي اندر جي طوفانن ۽ سونامين کي پنهنجي چهري جو رخ ڪرڻ کان روڪي رکيو. ڪجهه دير ۾ ئي الماس ڪمري ۾ واپس آئي ته سندس هٿ ۾ پاڻيءَ جو ڀريل گلاس هو. الماس، زينب جي پاسي ۾ ويهندي، ننڊ جي گوري هن ڏانهن وڌائيندي چيو، ”گوري کائي ڇڏ ته سڪون جي ننڊ اچي ويندئي.“
زينب ڪنهن روبوٽ جيان الماس جي ڳالهه تي عمل ڪيو ۽ گوري ڳهي ڇڏي.
”ليٽي پئه ۽ پنهنجي ذهن کي پرسڪون رک، ته جيئن ننڊ اچي وڃئي.“ الماس، زينب جي پٺيءَ تي هٿ رکي چيو.
زينب وري به ڪنهن روبوٽ جيان ئي الماس جي چوڻ تي عمل ڪيو ۽ سڌي ليٽي اکيون بند ڪري ڇڏيائين.
الماس بيڊ تي ليٽيل زينب جي پاسي ۾ ئي ويٺل رهي ۽ لڳاتار سندس چهري ۾ ڏسندي رهي. اڌ ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ جڏهن الماس محسوس ڪيو ته زينب کي گهري ننڊ وٺي وئي آهي، تڏهن الماس خاموشيءَ سان اٿي ڪمري جي لائيٽ بند ڪئي ۽ ڏاڍي احتياط سان در کولي، بي آواز قدمن سان ڪمري کان ٻاهر نڪري، ڪمري جو در بند ڪري ڇڏيو.
ڪمري جو در بند ٿيڻ شرط زينب اٿي ويهي رهي.
ڪمري جي اونداهيءَ ۾ زينب ڪيتري دير تائين ساڳئي حالت ۾ بيڊ تي خاموش ويٺي رهي. ور ور ڪري سندس دماغ ۾ سلمان جو چيل آخري جملو گونجندو رهيو، ”زينب کي چئي ڇڏجو ته مان هن لاءِ مري چڪو آهيان.... زينب کي چئي ڇڏجو ته....“ سلمان جو جملو ڪنهن نظر نه ايندڙ، نه نڪرندڙ ۽ سخت اذيت ڏيندڙ سنهڙي ڇيت جيان زينب جي دماغ ۾ چڀندو رهيو. دل جي ايوان ۾ لڳاتار هڪڙي ئي جملي جي پڙاڏي سبب کيس ڀنواٽيون اچڻ لڳيون. هوءَ سڄي پگهرجي وئي. اندر ئي اندر ۾ ڪنهن اڌ ڪٺل جانور جيان ڦٿڪندي ۽ تڙپندي رهي. سلمان جي جملي جي گوليءَ فقط سندس روح کي ئي گهائل نه ڪيو هو، پر سندس جسم به جلي رهيو هو. هن پنهنجي اندر ۾ گُهٽَ ۽ ٻوسٽ محسوس ڪيو. سندس ساهه منجهڻ لڳو. هن جي دل چاهيو، جيڪر سندس ساهه نڪري وڃي ته هوءَ سڄي عذاب مان آجي ٿي وڃي، پر سندس دل جون خواهشون ڪٿي پوريون ٿيون هيون! هن پاڻ کي ڏاڍو بيوس ۽ لاچار محسوس ڪيو، ته سندس زندگيءَ جي خواهشن تي سندس اختيار ڇو ناهي....! پنهنجي زندگيءَ جهڙي اونداهي رات ۾ هن حسرت جو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ته سندس دل جي اونداهين ايوان ۾، کيس هڪڙي خواهش جي پورائي جو ڪرڻو ته نظر اچي ويو. هن دل جي انهيءَ خواهش تي سوچيو، ته جيڪر ساهه نڪري وڃي ته هوءَ سڄي عذاب مان آجي ٿي وڃي.... هوءَ چاهيندي به دل جي اها خواهش رد ڪري نه سگهي ۽ بيد تان لهي، اونداهيءَ ۾ ڪمري جي دروازي طرف هلي وئي.
لائونج ۾ وڃي هن زيرو بلب جي هلڪي روشنيءَ ۾، خاموشيءَ سان ڊوائيڊر جي خاني ۾ پيل دوائن جي وچ مان ننڊ جي گورين جو ڀريل پئڪيٽ کنيو. ساڳئي خاموشيءَ سان وڃي فرج کوليائين ۽ پاڻيءَ جو گلاس ڀري، لائونج ۾ ئي گلاس کي ميز تي رکي هوءَ صوفا تي ويهي رهي. گورين جي پئڪيٽ مان سموريون گوريون ڪڍي، هڪ ئي وقت وات ۾ وجهي ڇڏيائين. پاڻيءَ جو گلاس کڻي وات ۾ اوتيائين ته ڪجهه گوريون سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيون. کيس اٻڙڪو اچڻ وارو هو، جو هن هڪدم گلاس ۾ بچيل پاڻي وات ۾ اوتي ڳيت ڏني. ڳيت ڏيڻ سان سموريون گوريون سندس نڙيءَ کان هيٺ لهي ويون ۽ اٻڙڪو ته رڪجي ويو، پر پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ۾، شيشي جو گلاس سندس هٿ مان ڇڏائجي، وڏي آواز سان فرش تي ڪري ٽڪرا ٿي ويو. زينب ٽٽي پيل گلاس جيان، پنهنجي اندر کي به ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي محسوس ڪيو. زندگيءَ جي آخري ساهن مان هڪ ڊگهو ساهه کڻي، صوفا کي ٽيڪ ڏئي، ڄنگهون سڌيون ڪري جسم کي ڍرو ڇڏي ڏنائين. هڪ لمحي لاءِ آخري دفعو سلمان کي تصور جي نظر سان ڏسي، سدائين لاءِ سلمان کان پري وڃڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيائين.