26
هي گهر ته خديجه ڇڏڻ ئي نٿي چاهيو. هي گهر، جنهن جي هوءَ ستن سالن تائين مالڪياڻي هئي، پر عدت وارا چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن هوءَ ساڳئي ئي گهر ۾ مهمان بڻجي رهي هئي. ساڳئي ئي گهر ۾ مالڪياڻيءَ مان مهمان بڻجي رهڻ جو درد هن هر ڏينهن جي هر پل ۾ محسوس ڪيو هو، تڏهن به هن گهر جي هر ڪنڊ ۾ سندس دل رکيل هئي ۽ هي گهر سندس دل ۾ پيل هو.... ۽ هاڻي، اڄوڪي ڏينهن جو هر گذرندڙ پل سندس دل کي ڏنڀ ڏئي رهيو هو. ننڍا ننڍا سڏڪا ڀريندي سندس اکين مان ته پاڻي ٿي ٽميو، پر عابد عليءَ جي اڪيلاين واري حالت تي سوچيندي سندس دل رت پئي رني. عابد علي، جيڪو سندس هٿ جي مانيءَ تي ايترو هريل هو، جو اڪثر دعوتن مان به رسمي طور تي ٻه گرهه کائي، گهر موٽي اچي سندس هٿ جي ماني کائيندو هو. سوچيائين، ”مون کانپوءِ ڪير خيال رکندو عابد عليءَ جو.... ڪنهن جي هٿ جي ماني کائيندو.... آفيس کان ٿڪجي موٽندو ته ڪير سندس مٿي کي زور ڏيندو.... ڪنهن سان ڳالهائيندو اڪيلاين ۽ اداسين ۾.... ڇا هو رات جو ٿڪل ٽٽل ڊيوٽيءَ تان موٽندو ۽ بک تي سمهي پوندو.... ننڊ نه ايندس، ته پنهنجي طلاق ڏيڻ واري غلطيءَ تي سوچي روئي پوندو....!“ عابد عليءَ جي اهڙي حالت جو تصور ڪري خديجه جي وجود ۾ وڍ پوڻ لڳا. اوچتو سندس دل ۾ خيال آيو ته عابد عليءَ کان طلاق ٿيڻ جي باوجود، هوءَ عدت وارن ڏينهن جيان جيڪر سدائين هن ئي گهر ۾ رهي. عدت وارن ڏينهن جيان ئي ڌار ڪمري ۾ رهي ۽ عابد عليءَ کان پردو به ڪري، پر سدائين سندس خدمت ڪري، جيئن عابد عليءَ کي ڪا تڪليف نه ٿئي، ڪڏهن هو بک تي نه سمهي پئي، پر.... هاڻي ته وقت سندس هٿن مان واريءَ جيان وهي ويو هو....
عابد عليءَ جي ايندڙ وقت جي اڪيلاين ۽ تڪليفن تي سوچيندي سندس ساهه منجهڻ لڳو. بيشڪ عابد عليءَ کيس طلاق ڏيڻ جي غلطي ڪري وڌي هئي، جنهن جي هو نڄاڻ ڪيترا دفعا روئي ۽ هٿ جوڙي کائنس معافي گهرندو رهيو هو، پر گڏ گهاريل ستن سالن ۾ عابد عليءَ کيس ايترو پيار ڏنو هو، جو جڏهن به هوءَ طلاق ۽ پيار جو حساب ڪندي هئي، ته وري به پاڻ کي ئي عابد عليءَ جي پيار جي قرضي محسوس ڪندي هئي. اهو عابد عليءَ جو پيار ئي هيو، جو طلاق جي باوجود اڄ به هن گهر جي هر ڪنڊ ۾ سندس دل رکيل هئي. عابد عليءَ جي مسلسل سوچ سندس دل کي وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وئي، ته سندس دماغ جون رڳون ڦاٽن لڳيون. هن سڏڪن هاڻا ساڻا ساڻا ساهه کڻندي، ويٺي ويٺي ئي پنهنجو مٿو بيڊ جي هيڊ بورڊ تي رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪا مهل گذري وئي. اوچتو در کڙڪيو ته هوءَ ڇرڪي پئي. سندس ساهه سڪي ويو. کيس لڳو، هي گهر ڇڏڻ جو موت جهڙو لمحو سندس مٿان لامارو ڏئي رهيو آهي.
”مان آهيان....“ در ٻاهران عابد عليءَ جو جيءَ کي جهير ڏيندڙ ڏکارو آواز آيو، ”مان.... فقط هڪڙي منٽ لاءِ اندر اچڻ ٿو چاهيان!“
خديجه پوتيءَ جي پلئه کي ڇڪي پنهنجو چهرو ڍڪيو ۽ سڌي ٿي ويهي رهي، ”جي....!“
در کليو ۽ عابد علي جهڪيل ڪنڌ سان ڪمري ۾ داخل ٿيو. هو بيڊ تي ويٺل خديجه جي ڀرسان آيو ۽ هڪ جيولري باڪس خديجه جي ڀرسان بيڊ تي رکندي چيائين، ”هي توهان ڇو ناهي کنيو!؟“
”مون کي انهيءَ جي ضرورت ناهي!“ خديجه ويٺي ويٺي ئي وراڻيو، سندس ڪنڌ به جهڪيل ئي هيو.
”ڇو ناهي ضرورت!“ عابد عليءَ پنهنجو چهرو ٿورو ٻئي پاسي ڪري ڳالهايو، ”زيور ته هر عورت جي ضرورت هوندو آ.“
”پر.... اهي زيور.... مون پنهنجي ڏاج ۾ ته نه آندا هيا!“ خديجه جي جهڪيل نظرن جي سامهون عابد عليءَ جا پير هئا، ”توهان ئي ٺهرائي ڏنا هيا اهي زيور!“
”توهان جي لاءِ ئي ٺهرايا هئم، کڻي وڃو پاڻ سان!“ عابد عليءَ بيحد ڏکاري ۽ منٿ واري لهجي سان چيو.
خديجه خاموش رهي، جيئن جو تيئن ويٺي رهي.
عابد عليءَ جون ڀنل اکيون ڀرجي آيون. ڳيت ڏئي چيائين، ”منهنجي طرفان.... آخري تحفو سمجهي قبول ڪري وٺو!“
عابد عليءَ سان آخري گڏجاڻيءَ واري آخري ملاقات ۾، خديجه جي هيٺ جهڪيل نظرن جي سامهون، ٻن پٽين واري اسپنج جي چپل مان عابد عليءَ جا پير نظر اچي رهيا هئا. خديجه جي اندر ڄڻ ڪنهن آخري خواهش جنم ورتو. هن پنهنجي چهري تان پوتيءَ جي پلئه کي ٿورو پاسي تي ڪيو ۽ ڪنهن پکيءَ جي جهڙپ جيان، هن اوچتو بيڊ تان لهي عابد عليءَ جي پيرن کي چمي ورتو. عابد عليءَ ڇرڪي پنهنجي پيرن طرف ڏٺو ۽ هڪدم پوئتي هٽي ويو. خديجه ذري گهٽ فرش تائين جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي، پنهنجي چپن کان پري ٿي ويل عابد عليءَ جي پيرن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ رئي جي پلئه کي ڇڪي، پنهنجو چهرو ڍڪي، فرش تي ئي سڌي ٿي ويهي رهي. عابد عليءَ جون اکيون وسي پيون. ڪي پل هو فرش تي ڪنڌ جهڪائي ويٺل خديجه ڏانهن بيحد ڏک، حيرت ۽ پيار سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي دل ۾ خديجه لاءِ پيدا ٿيندڙ نئين پيار کي گُهٽيندي چيائين، ”ويندي ويندي مون کي وڌيڪ گناهگار ته نه ڪيو!“
خديجه جهڪيل ڪنڌ سان فرش تي ئي ويٺي رهي. پاڻ تي جبر ڪرڻ جي باجود هڪ سڏڪو سندس بند چپن مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ سندس اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي ويون.
عابد علي پنهنجي دل خديجه جي پيرن وٽ ڇڏي، دل جي جاءِ تي پٿر رکي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
فرش تي ويٺل خديجه جي اکين اڳيان ڏينهن ڏٺي جو رات جهڙي اونداهي ڇانئجي وئي.