12
ڪجهه دير کان پوءِ خديجه جو هيڻو آواز سندس ڪَنن تي پيو، ”ڪير؟“
”مان آهيان...“ عابد عليءَ شڪست کاڌل لهجي ۾ چيو، ”در کول...“ پر در نه کُليو.
”در کول خديجه!“ عابد عليءَ پريشانيءَ مان چيو، ”مان آهيان...“
پر وري به در نه کُليو.
”خديجه !“ عابد عليءَ جو آواز روئڻهارڪو ٿي پيو، ”خدا جي واسطي در کول!“
خدا جو واسطو ڏيڻ سان در ته کُلي پيو، پر در ۾ اندر ڏسڻ سان ئي عابد عليءَ جي دماغ ۾ ڌماڪو ٿيو. خديجه جو چهرو رئي جي پلاند سان ڍڪيل هو ۽ در کولڻ کان پوءِ هُوءَ در مان هٽي وئي. انهيءَ احساس عابد عليءَ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ته هاڻي هُو ۽ خديجه هڪ ٻئي لاءِ نامحرم ٿي چڪا آهن. هن سُڏڪي جهڙو هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ اندر داخل ٿي در بند ڪيائين، ته ديوار طرف منهن ڪري بيٺل خديجه ڏانهن سندس نظر کڄي وئي. هن پٺيري بيٺل خديجه کان معافي وٺڻ چاهي، پر قسمت جيان زبان به سندس ساٿ نه ڏنو ۽ سندس ڪنڌ جهڪي ويو. بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي هُو جُهڪيل ڪنڌ سان بيحد ڳرا ٿي ويل قدم کڻندو ڪمري طرف هليو ويو.
ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان عابد علي ڇرڪي بيهي رهيو. ڪپڙن واري الماڙي کُليل هئي، بيڊ تي خديجه جا ڪجهه ڪپڙا ۽ خالي بيگ رکيل هئي. بيڊ تي وکريل ڪپڙن جيان عابد عليءَ کي پنهنجي سڄي دنيا وکريل محسوس ٿي. اڃا هُو پنهنجي وکريل دنيا تي سوچي ئي رهيو هو ته چهري تي نقاب اوڍيل خديجه ڪمري ۾ اندر آئي ۽ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي بيڊ تي پيل پنهنجا ڪپڙا بيگ ۾ وجهڻ لڳي. عابد علي خاموش بيٺو رهيو. هن چاهيو پئي ته خديجه کيس گهٽ وڌ ڳالهائي، شڪايت ڪري، پر خديجه چُپ چاپ پنهنجا ڪپڙا بيگ ۾ وجهي، بيگ جي زپ بند ڪئي ته عابد عليءَ جي پريشاني هڪدم وڌي وئي، ”هي... هي تون ڇا پئي ڪرين....!“
”طلاق ٿي چڪي آهي اسان جي!“ خديجه ڏکويل آواز سان ڳالهايو ۽ اٿي بيهي رهي.
”پر... تون ويندينءَ ڪيڏانهن!؟“ عابد عليءَ بيحد پريشانيءَ مان تڪڙو تڪڙو ڳالهايو، ”ڪير آهي تنهنجو هن دنيا ۾؟ ماءُ، پي، ڀاءُ، ڀيڻ، ڪو ويجهو مائٽ... ڪوئي به ته ناهي!“
”منهنجو الله ته آهي مون سان!“ خديجه جي آلين اکين مان ٻه لُڙڪ ڪِرِي سندس چهري جي نقاب ۾ جذب ٿي ويا.
”ها، بيشڪ... پر... پر تون ويندينءَ ڪيڏانهن!؟“ عابد عليءَ جي نڙي خشڪ ٿي وئي.
”الله جي زمين تمام وڏي آهي!“ خديجه بيگ کڻندي چيو.
”پر...“ عابد عليءَ خشڪ ٿي ويل نڙيءَ سان ڳيت ڏئي پڇيو، ”تون ويندينءَ ڪيڏانهن؟“
”خبر ناهي!“ خديجه هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ وک وڌائي.
عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ مان پنهنجون ٻئي ٻانهون سڌيون ڪري، خديجه جي گذرڻ جو رستو روڪي ورتو، ”تون... ڪيڏانهن به نه ويندينءَ تون....“
”ته ڇا...“ خديجه شديد ڏک ۽ ڪاوڙ مان وراڻيو، ”ته ڇا... حرام جي زندگي گذاريان هن گهر ۾!؟“
”توبهه نعوذبالله!“ عابد عليءَ پنهنجي ٻنهي ڪنن جي پاپڙين کي جهليندي چيو.
”پري ٿيو منهنجي رستي کان!“ خديجه ٻي وک اڳتي وڌائي.
”تون... تون ويهه ته سهي...“ عابد عليءَ جي پريشاني تهائين وڌي وئي، ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ!“
”پري ٿيو منهنجي اڳيان!“ خديجه وڌيڪ سختيءَ سان چيو.
”خدا جي واسطي...“ عابد عليءَ بيحد پريشانيءَ سان منٿ ڪئي،
”مان توکي الله جو واسطو ٿو ڏيان... تون ويهه، منهنجي ڳالهه ٻُڌي وٺ!“
خديجه الله جو واسطو ٻڌي پرتي پيل ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهي، ”جي!؟“
عابد علي ڪمري ۾ ٻئي طرف پيل بيڊ جي ڪُنڊ تي وڃي ويهي رهيو ۽ ندامت سان سندس ڪنڌ جُهڪي ويو.
”جي...“ خديجه ڏکويل لهجي سان چيو، ”ڇا چوڻو آهي توهان کي!؟“
”اهو ئي...“ عابد علي خشڪ چپن مٿان زبان ڦيرائي ڳالهايو، ”اهو ئي ته... نه وڃ ڪيڏانهن به تون... هتي ئي رهه!“
”نٿي رهي سگهان هاڻي مان هن گهر ۾!“ خديجه انڪار سان ڪنڌ لوڏيو، ”نه ڪيو اهڙي ڳالهه!“
”پر...“ عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
”نامحرم ٿي چڪا آهيون اسان هڪ ٻئي لاءِ!“ خديجه بيحد تلخيءَ سان ڳالهائي، پنهنجي چهري جي نقاب کي ٿورو وڌيڪ مٿي ڪري ڇڏيو.
”ها... لڪل... اسان نامحرم ٿي چڪا آهيون هڪ ٻئي لاءِ.“ عابد عليءَ درد مان هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو، سندس اکيون آليون ٿي ويون، ”۽ ... ۽ اسان هن هڪڙي ئي گهر ۾، ٻن اجنبين جيان... ڌار ڌار رهنداسين!“
”نه!“ خديجه بيحد سختيءَ سان چيو.
”منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر خديجه !“ عابد عليءَ، خديجه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هن گهر مان نڪرڻ تنهنجي لاءِ ٺيڪ ناهي!“
خديجه مُنهن ڦيري ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.
”خدا جي هن زمين تي بيشمار بدڪار ماڻهو به موجود آهن.“ عابد عليءَ بيحد فڪرمنديءَ سان چيو، ”نه چاهيندي به تون... گناهن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي سگهين ٿي!“
”پر...“ خديجه پريشان ٿي وئي، ”پر هاڻي... اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان هڪڙي گهر ۾ رهون.... !“
”ڇو ناهي ممڪن؟“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”توکي مون تي ڀروسو ناهي يا پاڻ تي!؟“
خديجه ڪو به جواب نه ڏنو، سوچ ۾ پئجي وئي.
”ٻڌاءِ خديجه؟“ عابد عليءَ ٿڌ ساهه کنيو، ”جواب ڏي!“
”پر... ڇو؟“ خديجه مُنجهي پيئي، ”آخر... ڪيسين مان هڪ نامحرم سان هن گهر ۾ رهنديس!؟“
”فقط ان وقت تائين...“ عابد عليءَ جو ساهه مُنجهڻ لڳو، ”جيسين... تنهنجي... تنهنجي عدت جا ڏينهن پورا ٿين!“
”۽... ۽ پوءِ؟“ خديجه بيچين ٿي وئي.
عابد عليءَ ڪو به جواب نه ڏنو. شديد ندامت ۽ ڏک کان سندس ڪنڌ جُهڪي ويو.
”ٻڌايو!“ خديجه بيحد پريشانيءَ مان پڇيو، ”ڪيڏانهن وينديس عدت جا ڏينهن هتي پورا ڪرڻ کان پوءِ مان!؟“
عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي، بيحد ندامت سان ڳالهايو، ”پوءِ ته تون... عدت کان پوءِ...“ هُو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو. سندس ڪنڌ وڌيڪ هيٺ ٿي ويو.
”ڇا عدت کان پوءِ!؟“ خديجه جي آواز ۾ وسوسا شامل ٿي ويا.
عابد علي چاهيندي به ڪنڌ مٿي ڪري نه سگهيو. هن جهڪيل ڪنڌ هوندي ئي وراڻيو، ”عدت کان پوءِ ته... تون ٻي شادي ڪري به... عزت جي زندگي گذاري سگهين ٿي!؟“
”ڇا!؟“ خديجه ڇرڪي پئي. سندس وجود اندر ڄڻ ڪو وڏو ڌماڪو ٿيو. هُوءَ اوچتو سُڏڪي پئي.
عابد عليءَ بيوسيءَ مان ڪنڌ کڻي خديجه ڏانهن ڏٺو. خديجه نقاب اوڍيل چهري مان ظاهر اکين تي هٿ رکي سُڏڪي رهي هئي.
”خديجه! ٻيو ڪو به رستو ناهي تو وٽ!“ عابد عليءَ ڏاڍي بيوسيءَ مان چيو.
خديجه ڪو به جواب نه ڏنو، ڪنڌ جُهڪائي روئندي رهي.
عابد عليءَ سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ”اسان ٻئي ڌار ڪمرن ۾ رهنداسين... پردو ڪندينءَ تون مون کان!“
خديجه جي هڪ وڏي درد ڀريل سُڏڪي عابد عليءَ کي ڇرڪائي وڌو.
”مان...“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ ڏک سان گڏ همدردي ۽ محبت به شامل ٿي وئي، ”مان نٿو چاهيان خديجه... ته... ته توکي ڪا تڪليف پهچي!“
خديجه پنهنجي چهري تي پيل نقاب کي جهلي ڪنڌ مٿي ڪيو. سُڏڪا ڀريندي چيائين، ”پر... پر ڇا... اهو جائز آهي... اسان جو ائين هڪ گهر ۾ رهڻ ۽ هتي ئي منهنجو عدت جا ڏينهن گذارڻ؟“
”اسان جي دين ۾ انسان لاءِ آسانيون آهن، مشڪلاتون نه.“ عابد عليءَ ڪجهه سوچيندي چيو، ”وري به مان ڪنهن عالمِ دين سان مشورو ضرور ڪندس.“
خديجه سُڏڪا ڀريندي به سوچ ۾ پئجي ويئي.
عابد عليءَ، خديجه ڏانهن ڏسندي هٿ جوڙي منٿ ڪئي، ”پر توکي الله جو واسطو آهي خديجه، نه ڇڏي وڃ اڄ هن گهر کي!“
سُڏڪا ڀريندڙ خديجه ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو. عابد علي خاموشيءَ سان اُٿي ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. پويان ڪمري ۾ رهجي وئي خديجه ۽ رات جي سانت ۾ گونجندڙ سندس سُڏڪا.