15
”يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ به هن جي ذهن ۾ بغاوت ڀريل هئي.“ الماس سامهون ويٺل پنهنجي مڙس رفيق طرف ڏسندي چيو، ”پر... مون کي اندازو نه هو ته ڪڏهن عملي طور به سيتا ايڏي بغاوت جو مظاهرو ڪري سگهي ٿي!“
”هاڻي منهنجو نالو سيتا نه، زينب آهي!“ زينب ڄڻ احتجاج ڪندي هڪدم چيو، ”هاڻي مون کي زنيب جي نالي سان ئي سڏيو.“
رفيق، زينب جي احتجاج تي مرڪي پيو. هُن الماس طرف ڏسندي چيو، ”لڳي ٿو، تنهنجِي دوست پنهنجي بغاوت تي مضبوطيءَ سان بيهڻ جي همت به رکي ٿي!“
”اها همت ئي ته آهي، جيڪا مون کي هيستائين وٺي آئي آهي.“ زينب ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”ٻيو ته ڪجهه به ناهي مون وٽ!“
”جيڪڏهن تو وٽ همت آهي، ته باقي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو زينب.“ الماس پنهنجي هٿ ۾ جهليل زينب جي هٿ کي زور ڏيندي چيو، ”تون بلڪل صحيح جاءِ تي پهتي آهين.“
”ها زينب! الماس جو ته ڪم ئي عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. هن ته بيشمار عورتن کي پناهگاهن تائين پهچايو آهي.“ رفيق چيو، ”پر توهان ته سندس دوست به آهيو.“
”مان زينب کي پنهنجي گهر ۾ ئي رهائڻ ٿي چاهيان.“ الماس پنهنجي مڙس طرف ڏسندي چيو، ”مان قطعي اهو نه چاهينديس ته زينب ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري پناهگاهه ۾ وڃي رهي.“
”پر...“ زينب هڪدم چيو، ”مان... مان گهڻووقت توهان تي بار ٿيڻ نه چاهينديس.“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين زينب!؟“ الماس پنهنجائپ واري ٿوري ناراضگي ۽ ڏک سان زينب طرف ڏٺو.
”ها زينب!“ رفيق چيو، ”مون کي ته ڪواعتراض ناهي، پر هي گهر فقط منهنجو ناهي، الماس جو به آهي.“
زينب ٿڌو ساهه کنيو. احسانمنديءَ سبب سندس اکيون آليون ٿي ويون. هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”۽ مان هڪ وڪيل جي حيثيت سان به توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو زينب!“ رفيق همدرديءَ سان چيو.
مدد جو لفظ ٻڌي، زينب بي اختيار ڪنڌ کڻي رفيق طرف ڏٺو.
”جيڪڏهن توهان چاهيو...“ رفيق چيو، ”ته مان هڪڙي ڏينهن ۾ شنڪر کي گرفتار ڪرائي هٿڪڙيون لڳرائي سگهان ٿو.“
”نه، بلڪل نه!“ زينب ڄڻ ڇرڪي هڪدم وراڻيو.
”پر ڇو نه!؟“ رفيق حيرت مان پڇيو.
”بيشڪ... بيشڪ مان پنهنجو مذهب تبديل ڪري،سڀ ڪجهه ڇڏي چڪي آهيان، سيتا مان زينب بڻجي چڪي آهيان، پر... پر تڏهن به هُو... هُومنهنجو... ڀاءُ ته آهي نه!“
”اهو ڀاءُ، جيڪو تنهنجي رت جو پياسو آهي!“ الماس جي لهجي ۾ زهر ڀرجي آيو.
”ها....“ زينب ٿڌو ساهه کنيو، سندس اکين مان ٻه لڙڪ ڪرِي پيا، ”تڏهن به... تڏهن به... مان قطعي اهو نه چاهينديس ته... ته منهنجي ڀاءُ کي ڪا تڪليف پهچي!“
رفيق بنا ڪجهه چوڻ جي اٿي هليو ويو.
الماس پنهنجي ڀرسان صوفا تي ويٺل زينب جي آلين اکين کي پنهنجي هٿ سان اُگهيو ته زينب سُڏڪي پئي. الماس، زينب کي پنهنجي ڀاڪر۾ ڀريو ته کيس زينب جي جسم ۾ ڪنبڻي محسوس ٿي، ڄڻ زينب جو وجود اڃا به موت جي خوف ۾ ويڙهيل هو.
ٻئي ڏينهن تي الماس جي گهر ۾، ڊرائنگ روم جي انهيءَ ساڳئي صوفا تي شنڪر ويٺل هو، جنهن تي ڪالهه زينب ويٺي هئي. شنڪر جون اکيون ڪاوڙ مان ڳاڙهيون ٿيل هيون. شنڪر جي بوسڪيءَ جي قميض جي پاسي مان واضح طورتي، هيٺيان روالور جو ڀراءُ محسوس ٿي رهيو هو. هُو ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو.
”ادا شنڪر!“ الماس انتهائي افسوس ۽ حيرت جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”مون کي سخت حيرت ۽ ڏک ٿيو آهي، ته سيتا ائين گهر ڇڏي هلي وئي آهي.“
شنڪر گُهورَ وجهي الماس طرف ڏٺو، ”پر هُوءَآئي ته ڪراچيءَ ئي آهي!“
”اهو... اهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو!؟“ الماس ٿورو گهٻرائجي وئي.
”سؤ سيڪڙو يقين آهي مون کي!“ شنڪر جي لهجي ۾ يقين جي جهلڪ هئي، ”ڇو ته اسان جي سڄي تر ۾ هن جو ڪوبه نالو نشان ناهي مليو!“
”تڏهن به...“ الماس پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”تڏهن به... اهو توهان ڪيئن ٿا چئي سگهو ته، هُوءَ لازمي طور ڪراچيءَ ئي آئي هوندي!؟“
شنڪر ٿڌو ساهه کنيو، ”هڪ ته ڪراچي انسانن جو هڪ سمنڊ آهي، جتي آسانيءَ سان لِڪي سگهجي ٿو ۽ ٻيو...“ شنڪر خاموش ٿي ويو.
”ٻيو ڇا!؟“ الماس ٿورو اُتاولائيءَ سان پڇيو.
”ٻيو ته... ڪراچيءَ ۾ ئي هن جون وڌيڪ سهيليون به آهن.“ شنڪرهڪ پل سوچي وري ڳالهايو، ”۽ منهنجو خيال آهي ته... توهان کي ته سيتا جي باري ۾ ضرور ڪا خبر چار هوندي!“
الماس پنهنجي اندر ئي اندر ۾ ڇرڪي پئي. ڄڻ سندس چوري پڪڙجي پئي هجي. هُن پنهنجي پريشانيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر لفظن سندس ساٿ نه ڏنو.
شنڪر پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، ”اها ڳالهه مان ان ڪري ٿو چوان، ته هتي مان سيتا جي جن به سهيلين سان مليو آهيان، انهن سڀني جو چوڻ آهي ته يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ توهان ئي سيتا جي وڌيڪ ويجهو هُيَئو.“
زينب جي سلامتيءَ جي خيال، الماس جي دل ۾ ڄڻ اوچتو طاقت ڀري ڇڏي. هُن هڪدم پنهنجي پريشانيءَ تي قابو پائي ڏاڍي اعتماد سان چيو، ”نه ادا شنڪر، مون کي سيتا جي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.“
”مون سان ڪابه غلط بياني نه ڪجو!“ شنڪر جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي وئي.
”ڇو ڪنديس مان غلط بياني!“ الماس به ٿورو سخت لهجي سان جو اب ڏنو، ”مون بيشمار عورتن جي مدد ڪئي آهي. جيڪڏهن سيتا مون وٽ اچي ها، ته مان پهرئين ڏينهن ئي هُن کي ڪورٽ مان تحفظ ڏياريان ها ۽ سيتا سان گڏ پريس ڪانفرنس به ڪري چڪي هجان ها!“
پريس ڪانفرنس جو نالو ٻُڌي شنڪر چپ ٿي ويو. هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو.
”ادا شنڪر!“ الماس مصلحت جي تحت، پنهنجي طبيعت جي اُبتڙ ڳالهايو، ”جيڪڏهن سيتا کي ڳولڻ ۾ منهنجي ڪنهن مدد جي ضرورت پوي، ته مون کي ضرور ٻڌائجو.“
”جي نه. مان پاڻ هن کي ڳولي وٺندس.“ شنڪراٿندي چيو، ”هُوءَ پاتال ۾ وڃي به مون کان لِڪي نٿي سگهي!“
”توهان چانهن ته پِي وڃو.“ الماس اُٿندي چيو.
”نه.“ شنڪر هڪ وڏو ساه کڻي ڳالهايو، ”منهنجي اندر ۾ ته اڳ ۾ ئي باهه ٿي ٻري ...“ شنڪر جي آواز ۾ سختي اچي وئي، ”۽ اها باهه .... فقط سيتا جي رت سان ئي اجهامي سگهي ٿي!“
شنڪر تڪڙو تڪڙو هلندو ڊرائنگ روم کان ٻاهرنڪري ويو. الماس حيرت ۽ پريشانيءَ مان اُتي ئي بيٺل رهجي وئي.
ٻئي ڪمري ۾ در جي ڪُنڍِي اندران بند ڪري، در کي ٽيڪ ڏيئي بيٺل زينب، وڏي آواز ۾ ڳالهائيندڙ شنڪر جون سڀ ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون ۽ خوف کان سندس سڄو جسم ڪنبِي رهيو هو. اوچتو ڪمري جو در کڙڪيو، ته سندس ساهه سُڪي ويو. کيس پڪ ٿي وئي ته ڪمري جو ڪمزور دروازو، شنڪر هٿان مرڻ کان کيس نه بچائي سگهندو.
”در کول زينب!“ در کڙڪڻ جي آواز سان گڏ، الماس جو آواز سندس ڪنن تي پيو، پر زينب تڏهن به در نه کوليو ۽ نه ئي سندس جسم جي ڪنبڻي ختم ٿي.
”زينب در کول.“ الماس ٻيهر ڪجهه وڏي آواز سان چيو.
بند دروازي کي اندران پٺيءَ سان ٽيڪ ڏئي بيٺل زينب کي لڳو، در کولڻ سان ئي الماس جي پويان کيس شنڪر بيٺل نظر ايندو ۽ شنڪر جو هٿ، الماس جي ڪلهي مٿان ٽپي سندس ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. هوءَ اتي ئي بيٺي بيٺي شنڪر جي گهُٽي سان مري ويندي.
”نه ڊڄ زينب!“ الماس ٻاهران رڙ ڪئي، ”شنڪر هليو ويو آهي.“
بند دروازي کي ٽيڪ ڏئي بيٺل زينب هڪ ڊگهو ساهه کنيو، پر سندس جسم جي ڪنبڻي گهٽ نه ٿي.
”ٻڌين نه پئي ڇا.... در کول!“ الماس رڙ ڪئي.
زينب اڻڄاتي خوف مان ڳيت ڏئي، در ڏانهن منهن ڪري، در جي ڪنڍيءَ ڏانهن هٿ وڌايو ۽ ڏڪندڙ هٿ سان ڪنڍي کولي ته، ٻاهرين ڌڪي سان دروازو پاڻيهي کلي ويو. زينب بي اختيار ڇرڪي پوئتي هٽي وئي.
الماس اڳتي وڌي زينب جي ڪنبندڙ هٿ کي جهلي ورتو، ”ڇو ٿي ايڏو ڊڄين.... چري ٿي آهين ڇا!؟“
”تو.... تو شنڪر کي.... ڪجهه ٻڌايو ته ڪونه؟“ زينب خوف جي شدت سان ڳالهايو. ٿڙڪندڙ جسم سان گڏ سندس چَپَ به ڪنبي رهيا هئا.
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين زينب!“ الماس، زينب جي ٻنهي هٿن کي مضبوطيءَ سان پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو، ”گهٻراءِ نه، مون هن کي ڪجهه ناهي ٻڌايو.“
زينب اوچتو پنهنجا هٿَ ڇڏائي، الماس کي زور سان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ بي اختيار سڏڪا ڀري روئي پئي.
الماس پنهنجي ڀاڪر ۾ موجود زينب جي مٿي پويان هٿ ڦيريو، ”ايترا وڏا قدم کڻڻ جي همت به رکين ٿي ۽ وري هيئن ڪمزور به پئي ٿئين!“
زينب ڪو به جواب نه ڏنو، الماس جي ڀاڪر ۾ سندس ڪلهي تي مٿو رکي سڏڪندي رهي. ڪنهن ننڍڙي ٻارڙيءَ جيان سڏڪندي زينب کي الماس جو ڀاڪر ڪنهن مضبوط پناهه گاهه جيان محسوس ٿيو، جنهن ۾ ڄڻ ماءُ واري شفقت ۽ محبت به شامل هئي. ڀاڪر جي پناهه گاهه ۾ سڏڪندڙ زينب کي وري شنڪر ياد پيو ته کيس ائين لڳو، ڄڻ شنڪر اوچتو ڇڪ ڏئي کيس الماس جي ڀاڪر مان ڪڍي وٺندو ۽ اتي بيٺي بيٺي ئي گهٽو ڏئي سندس ساهه ڪڍي ڇڏيندو. اهڙو خيال اچڻ سان ئي هوءَ شدت سان ڇرڪي پئي. هن هڪدم پاڻ کي الماس جي ڀاڪر مان ڇڏائي ڪنڌ ورائي ڪمري جي در طرف ڏٺو.
”ڇا پئي ڏسين!؟“ الماس جي نراڙ تي حيرت جي ريکا ظاهر ٿي پئي.
”هو.... هو.... شنڪر....“ زينب ڪنبندڙ چپن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چهري کي ڳوڙهن ۽ پگهر پاڻي پاڻي ڪري ڇڏيو هو.
”پنهنجي وجود تان خوف جي اِها چادر لاهي ڇڏ زينب!“ الماس، زينب جو هٿ جهلي ورتو، ”ڪونهي شنڪر هتي. هليو ويو آ هو. نه ڊڄ هاڻي.“
”شنڪر جي هيستائين پهچڻ کان پوءِ....“ زينب ڳيت ڏئي خوف مان ڳالهايو، ”مان.... مان واقعي ڏاڍو ڊڄي ويئي آهيان!“
”همت کان ڪم وٺ، همت کان!“ الماس کيس مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ”بهادر ٿيءُ!“
زينب پاڻ کي ڏاڍو هيڻو محسوس ڪيو. هوءَ اڳتي وڌي ڊبل بيڊ جي ڪنڊ تي وڃي ويهي رهي. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”بهادريءَ لاءِ طاقت گهرجي. مون وٽ ڇا آهي الماس، ڪهڙي طاقت آهي!؟“
”بهادري ته پاڻ هڪ وڏي طاقت آهي زينب.“ الماس، زينب جي ڀرسان ويهندي چيو، ”جيڪڏهن تو ۾ همت نه هجي ها ته ڪيئن ايترا وڏا فيصلا ڪري تون پنهنجي سسٽم کي چيلينج ڪرين ها!؟“
زينب ڳيت ڏيئي ڳالهايو، ”خبر ناهي.... خبر ناهي ڪيئن ٿي ويو اهو سڀ ڪجهه مون کان!“ زينب پنهنجي لهجي ۾ پاڻ ئي حيرت محسوس ڪئي.
”توکي پنهنجي اندر جي طاقت جو پاڻ به اندازو ناهي زينب.“
الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”تنهنجو جنهن سماجي سيٽ اپ سان تعلق آهي، انهيءَ کي ٽوڙڻ ايترو آسان ڪم نه هيو، جيڪو تو ڪيو آهي!“
زينب هڪ ڊگهو ساهه کڻي پنهنجي چُنيءَ سان چهرو صاف ڪيو.
”تون سڀ سماجي زنجير ٽوڙي اڌ رات جو پنهنجي گهر جي چائنٺ اورانگهي ٻاهر نڪري سگهين ٿي. سيتا مان زينب ٿي سگهين ٿي. شنڪر ۽ سندس هٿياربند ماڻهن جي گهٽين ۾ موجودگيءَ باوجود، ساڳئي ننڍڙي شهر جي هڪ ننڍڙي گهر ۾ لڪل رهي سگهين ٿي. جنهن جي خاطر گهر ڇڏيئي، ان جي بي وفائي برداشت ڪري سگهين ٿي. وري پنهنجي پناهه گاهه مان اڌ رات جو نڪري، وک وک تي موجود خطرا پار ڪري، ڪراچيءَ ۾ منهنجي گهر تائين پهچي سگهين ٿي. انهيءَ کان وڌيڪ توکي پنهنجي همت ۽ بهادريءَ لاءِ ڪهڙو سرٽيفڪيٽ گهرجي!؟“ الماس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اهو.... اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کانپوءِ به....“ زينب جي لهجي ۾ پريشاني هئي، ”پو به.... ڊپ ٿو لڳي مون کي شنڪر کان. ماري ڇڏيندو هو مون کي.“
رفيق، زينب جو آخري جملو ٻڌندو اوچتو ڪمري ۾ داخل ٿيو،
”ڪير آيو هو اڄ هتي؟“ رفيق ٿورو حيرت مان الماس کان پڇيو.
”توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“ الماس اٿي بيهندي پڇيو.
”مان هاڻي جيئن گهر آيس ته اسان جي چوڪيدار ٻڌايو ته ڪو ماڻهو آيو هو، جيڪو وڃڻ مهل سخت ڪاوڙ ۾ هو.“ رفيق ڪجهه فڪرمنديءَ ۽ پريشانيءَ مان ڳالهايو.
”شنڪر آيو هو.“ الماس وڏو ساهه کڻي چيو.
”هن کي زينب جي باري ۾ خبر پئجي وئي ڇا!؟“ رفيق ڇرڪي پڇيو.
”نه.“ الماس سڪون سان چيو، ”مون زينب کي لڪائي ڇڏيو هو.“
”پر هاڻي انهيءَ ماڻهوءَ کي ايئن آزاد نه رهڻ گهرجي.“ رفيق فڪرمنديءَ سان ڪجهه سوچيندي چيو، ”هڪدم گرفتار ڪرائڻ کپي شنڪر کي!“
”اهڙو ڪجهه به نه ڪجو توهان!“ زينب هڪدم اٿي بيهي رهي،
”مان پنهنجي ڀاءُ کي ڪابه تڪليف پهچائڻ نه ڏينديس توهان کي!“
”پر زينب....“ رفيق ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو.
زينب هڪدم چيو، ”جيڪڏهن توهان اهڙو ڪجهه ڪندا، ته نه رهنديس مان توهان جي گهر ۾. هلي وينديس مان هتان!“ زينب جو سڄو جسم ڪنبڻ لڳو.
رفيق بنا ڪجهه چوڻ جي ڪمري مان هليو ويو.
”ٺيڪ آهي.... ڪجهه ڪونه ٿا ڪيون تنهنجي پياري دشمن ڀاءُ کي!“ الماس، زينب جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو، ”پر گهٽ ۾ گهٽ تون پنهنجي وجود تان خوف جي چادر ته لاهي ڦٽي ڪر!“
”انهيءَ.... انهيءَ خوف مان جان ڇڏائڻ ايترو آسان ناهي الماس!“
زينب خوف مان ڳيت ڏيندي، ڏڪندڙ چپن سان ڳالهايو، ”توکي.... ناهي اندازو ته.... ته شنڪر.... ڪيڏو خطرناڪ انسان آهي!“
”پنهنجي خطرناڪ دشمن ڀاءُ جا سڀ خطرا تون پوئتي ڇڏي آئي آهين زينب!“ الماس کيس آٿت ڏئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هاڻي تون پنهنجي ڀاءُ يا ڪنهن ڀوتار جي جاگير ۾ ناهين، جتي جهنگ جو قانون هلي!“
زينب ٿڌو ساهه کڻي ويهي رهي.
”تون هتي مڪمل طور تي محفوظ آهين زينب.“ الماس، زينب جي ڀرسان ويهندي چيو، ”۽ اسان سلمان سان به رابطو ڪنداسين، کيس سمجهائينداسين ته تون سندس پيار جي ڪري هن حال تائين پهتي آهين.“
زينب مايوسيءَ جو ڊگهو ساهه کنيو، ”ڪو فائدو ناهي سلمان سان ڳالهائڻ جو. شنڪر جي نالي کان هو ته مون کان به وڌيڪ ڊنل آهي.“
”تون مايوس نه ٿي زينب.“ الماس کيس آٿت ڏني، ”ڪوشش ڪرڻ ۾ ڇاهي!“
”ڪوشش ته عابد صاحب به ڪئي هئي.... عابد صاحب جو سلمان سان فون تي رابطو به ٿيو هو، پر....“ زينب وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
”روئين ڇو ٿي چري!“ الماس پيار ۽ پنهنجائپ مان زينب جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ ورتو.
”عابد علي صاحب انتهائي شريف ۽ همدرد انسان هيو. سندس.... سندس زال خديجه به ڏاڍي نيڪ عورت هئي.... پر.... پر منهنجي ڪري انهن جي وچ ۾ غلط فهمي پيدا ٿي پئي.“ زينب جي اکين مان لڙڪن جي زنجير ڪِرڻ لڳي، ”۽ .... ۽ منهنجي ڪري سندن گهر برباد ٿي ويو....!!“
زينب جي وات مان سڏڪو نڪتو، ته الماس کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.