ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

6

پليٽ فارم جي پراسرار اونداهي ماحول ۾ اسٽيشن ماسٽر عابد علي هڪ بينچ تي ويٺي ويٺي، ڪنهن اونهي سوچ ۾ ائين گم ٿي ويو هو، ڄڻ هو ڪنهن ميوزيم جي بينچ تي ويٺل مجسمو هجي؛ پر مجسمي جيان ساڪت ويٺل عابد عليءَ جو ذهن ڏاڍو متحرڪ هو. اڄ هُو سيتا جي سلامتيءَ بابت ڏاڍو فڪرمند ٿي پيو هو، جو هن شنڪر جي هٿياربند ماڻهن کي شهر ۾ نُوس نُوس ڪندي ڏٺو هو. ڪجهه هٿياربندن کي هن ريلوي اسٽيشن جي اوسي پاسي ۽ پليٽ فارم تي به چڪر ڏيندي ڏٺو هو، پر هن اها ڳالهه ڄاڻي واڻي سيتا کي نه ٻڌائي هئي. هن ته اها ڳالهه پنهنجي زال خديجه کي به نه ٻڌائي هئي. هٿياربندن کي ڏسڻ کان پوءِ هن بيشمار دفعا سلمان سان رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي، پر سلمان جو نمبر بند ئي مليو هو. عابد عليءَ جي پريشاني وڌي وئي هئي. هن چاهيو ٿي ته سيتا جلدي هتان نڪري وڃي، جيئن سيتا جي زندگي محفوظ رهي. انهيءَ سوچ، انهيءَ فڪر ئي عابد عليءَ کي ڪنهن مجسمي جيان ساڪت ڪري ڇڏيو هو.
اڌ کان وڌيڪ رات گذري چڪي هئي. ريلوي پليٽ فارم تي پراڻي زماني جا ٻه ليمپ ٻري رهيا هئا، جن جي اڻ پوري هئڊي روشنيءَ اونداهيءَ کي ختم ڪرڻ بجاءِ، پليٽ فارم جي ماحول کي وڌيڪ پُراسرار بڻائي ڇڏيو هو. اڄ پليٽ فارم تي رات جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ڪوبه مسافر موجود ڪونه هو. پليٽ فارم تي هڪ ڪُتِي هيڏانهن هوڏانهن نُوس نُوس ڪري رهي هئي ۽ ٻه ڪتا سندس ڪڍ هلي رهيا هئا. ٻنهي ڪتن ٿوري ٿوري دير کان پوءِ هڪٻئي کي ڏند ڏيکاري ۽ ٿورو ڀؤنڪي، ڪُتِيءَ تي پنهنجو حق جتائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ڪتن جي هلڪي ڀؤنڪ سان گڏ پليٽ فارم تي تِڏن جا آواز به گونجي رهيا هئا. پليٽ فارم جي ٻاهران بيٺل برساتي پاڻيءَ مان ايندڙ ڏيڏرن جي آوازن ۽ رکي رکي هوا جي ڪنهن زوڪٽ پليٽ فارم جي پُراسراريت کي وڌائي ٿي ڇڏيو. ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم، بينچ تي ساڪت حالت ۾ ويٺل عابد علي به پليٽ فارم جي ماحول جو حصو لڳي رهيو هو.
مجسمي جيان ساڪت حالت ۾ ويٺل عابد عليءَ جي جسم ۾ اوچتو تحرڪ پيدا ٿيو ۽ هُن ڇرڪي پنهنجي پاسي ۾ نهاريو. بينچ تي عبدالله سندس ڀر سان ويهي چڪو هو.
”ڇا پيا سوچيو سر؟“ عبدالله پَنَ جي ٻيڙي دُکائيندي پڇيو.
عابد عليءَ هڪ تمام ڊگهو ساهه کنيو، “سيتا جي باري ۾ پئي سوچيم.“
”توهان ته هن جي زندگي بچائي آهي سر.“ عبدالله ڏاڍي عقيدت واري انداز سان عابد عليءَ جي هٿ مٿان پنهنجو هٿ رکيو، ”۽ توهان ايمان جي راهه تي آڻڻ ۾ به سيتا جي مدد ڪئي آهي. تمام وڏو ثواب ملندو توهان کي.“
”انهيءَ ثواب ۾ تون به مون سان شريڪ آهين عبدالله.“ عابد عليءَ پنهنجي هٿ مٿان پيل عبدالله جي هٿ کي زور ڏنو.
”مون ته ڪجهه ناهي ڪيو سر!“ عبدالله ناڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
”تمام وڏو ڪم ڪيو آهي تو عبدالله.“ عابد علي اٿي بيهي رهيو.
عبدالله اٿندي حيرت مان وراڻيو، ”مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي سر!“
”تو وڏي عقلمنديءَ جو ڪم ڪيو آهي عبدالله.“ عابد عليءَ سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”شنڪر کي سيتا جي باري ۾ ڪجهه به نه ٻڌائي، سيتا جي زندگي ته تو بچائي آهي.“
”شنڪر جهڙي بگهڙ کي ڪيئن ٻڌايان ها سيتا جي باري ۾!“ عبدالله سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو. سندس چهرو درد جي تصوير بڻجي ويو، ”سيتا کي ڏسي مون کي پنهنجي ڌيءَ زينب ياد اچي ويئي هئي سر!“
عابد عليءَ، عبدالله جي ڪلهي تي همدرديءَ سان زور ڏنو، ”زينب جو درد اڃا به تنهنجي دل ۾ موجود آهي؟“
”ها سر، مان ڀلا... ڪيئن ٿو وساري سگهان اهو منظر، جڏهن منهنجي ڌيءَ زينب ڪنوار بڻجي، پنهنجي گهوٽ سان هن ئي ريلوي اسٽيشن تان رخصت ٿي رهي هئي.“ عبدالله جون اکيون آليون ٿي ويون، هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو، ”۽... ۽ ٽرين تي چڙهندي زينب جو پير ترڪي ويو... ۽... هوءَ... ٽرين هيٺان اچي ٻه ٽڪر ٿي وئي... سندس شاديءَ وارو ڳاڙهو وڳو... سندس ئي رت سان ريٽو ٿي ويو...“ عبدالله پاڻ تي وڌيڪ جبر ڪري نه سگهيو. هُو پنهنجي چهري مٿان هٿ رکي سُڏڪي پيو ۽ واپس بينچ تي ويهي رهيو.
عابد علي همدرديءَ سان عبدالله جي ڀرسان ويهي رهيو، پر همدرديءَ جو ڪوبه لفظ سندس وات مان نه نڪتو. عبدالله جي درد اڳيان عابد عليءَ پنهنجي لفظن کي ڏاڍو هيڻو پئي محسوس ڪيو.
سُڏڪا ڀريندي عبدالله ڳوڙهن سان آلي ٿي ويل پنهنجي چهري تان هٿ هٽائي، پٽڙيءَ جي هڪ حصي طرف هٿ سان اشارو ڪري درد مان رڙ ڪئي، ”انهي... انهيءَ جاءِ تي منهنجي زينب ٻه ٽڪر ٿي وئي هئي!“ عبدالله پنهنجي مٿي تي ڌڪ هڻي، هٿ کي مٿي تي ئي رکيل ڇڏي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ سُڏڪن جي وچ ۾ ڳالهائيندو رهيو، ”۽ پوءِ زينب جي ماءُ به... انهيءَ صدمي ۾ ئي... مون کي... مون کي اڪيلو ڇڏي... الله کي پياري ٿي وئي.“
پليٽ فارم تي عبدالله جا سُڏڪا گونجندا رهيا. سندس سُڏڪن رات جي اونداهيءَ ۾ درد ڀري ڇڏيو هو. اهو درد، عابد عليءَ به پنهنجي اندر ۾ اوتجندي محسوس ڪيو. عابد عليءَ ڪيئي ڀيرا عبدالله کي دلاسو ڏيڻ چاهيو، پر عابد عليءَ جي زبان کان ڄڻ سمورا لفظ وڇڙي ويا هئا. ڪيتري دير کان پوءِ هُو فقط هڪڙو ئي مختصر جملو اُچاري سگهيو، ”صبر ڪر عبدالله، صبر کان ڪم وٺ.“ ۽ هن پنهنجو هٿ ڀرسان ويٺل عبدالله جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.
”ها سر!“ عبدالله پنهنجا سُڏڪا روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ڳوڙها اُگهندي ڳالهايو، ”صبر کان سواءِ... ڪا ٻي واٽ به ته ناهي سر... پر سر... منهنجي زينب....“ عبدالله خاموش ٿي ويو. ڄڻ سندس زبان زينب جي نالي کان پوءِ ٻئي ڪنهن لفظ کي اُچارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هجي.
”زينب!“ عابد عليءَ چپن ۾ زينب جو نالو اُچاري عبدالله ڏانهن ڏٺو، ”عبدالله!“
”جِي سر!“ عبدالله هڪ وڏو ٿڌو ساهه کنيو، ڄڻ پنهنجي اندر ۾ موجود درد جي تپش کي هن ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
”توکي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو جيڪڏهن...“ عابد عليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”جيڪڏهن سيتا جو اسلامي نالو زينب رکجي ته؟“
”نه سر، مون کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو.“ عبدالله جي غم منجهان ڄڻ ننڍڙي خوشي اُسرڻ لڳي، ”مون کي ته پاڻ خوشي ٿيندي سر، سيتا به ته... مون لاءِ منهنجي نياڻيءَ جهڙي ئي آهي.“
ٽرين جي هارون جي هلڪي آواز ٻنهي کي ڇرڪائي وڌو. درد جي وهڪري ۾ لڙهندي هو ٻئي وساري ويٺا هئا ته ٽرين جي اچڻ جو وقت ٿي ويو هو ۽ کين ڊيوٽي به ڪرڻي هئي. هنن ٻنهي هڪدم اٿي پٽڙيءَ ڏانهن ڏٺو. پري کان ٽرين جي انجڻ جي روشني نظر اچي رهي هئي. سامهون کان اها ئي ٽرين اچي رهي هئي، جنهن زينب کي ٻه ٽڪر ڪري موت جي وات ۾ وجهي ڇڏيو هو. اها ئي ساڳي ٽرين جنهن ۾ سلمان نه اچي، سيتا کي موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ڇڏي ڏنو هو.