7
شنڪر جي اوطاق جي ڊرائنگ روم ۾ سندس اڳيان دل مراد ويٺو هو. دل مراد، جيڪو تر جو سڀ کان وڏو ڏوهاري ۽ ڪرائي جو قاتل هيو، جنهن جي هٿان ئي شنڪر پنهنجي ننڍي ڀيڻ گيتا ۽ سندس مڙس رويءَ کي روڊ حادثي جو ڊرامو ڪري مارائي ڇڏيو هو. اڄ صبح سان اهو ئي دل مراد، شنڪر جي سامهون ويٺو هو.
شنڪر پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کڻي دل مراد طرف ڏٺو ۽ ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”سيتا نه ڪنهن ٽرين ۾ سوار ٿي آهي ۽ نه بس ۾.“
”انهيءَ جو مطلب ته توهان جي ڀيڻ هن ئي تر ۾ موجود آهي.“ دل مراد پنهنجي وڏين مُڇن مٿان هٿ ڦيرايو.
”ها دل مراد!“ شنڪر ڏند ڪرٽيندي وراڻيو، ”پر... ڪا خبر نٿي پوي ته آخر هُوءَ ڪٿي لڪل آهي.“
”موت ۽ دل مراد جي جهڙپ ۾ ڪوبه فرق ناهي شنڪر.“ دل مراد لفظن تي زور ڏئي ڳالهايو، ”منهنجا ماڻهو ڪتن جيان بوءِ سنگهندا شڪار تائين پهچي ويندا آهن!“
”ها دل مراد!“ شنڪر وراڻيو، ”تڏهن ئي ته هن ڪم لاءِ به توکي ئي سڏايو اٿم.“
”دل مراد جو ته ڪم ئي توهان جهڙن ماڻهن جي دل جون مرادون پوريون ڪرڻ آهي.“ دل مراد مرڪي چيو، ”بس اڳي جيان ئي پنهنجو هٿ کُليل رکجو شنڪر سيٺ!“
”فقط هٿ ئي نه، هن ڀيري مان پنهنجي ٽجوڙي به تنهنجي لاءِ کُليل رکندس دل مراد.“ شنڪر سڌو ٿي ويهي رهيو.
دل مراد مرڪي پيو. ”بس... ته پوءِ ائين سمجهو، دل مراد جو تير نشاني تي ئي آهي.“
”هن ڀيري فقط ڇورَي ۽ ڇورِيءَ کي نشانو ناهي بڻائڻو.“ شنڪر پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ باهه جي تپش کي شدت سان محسوس ڪندي چيو، ”پر جتي به سيتا هجي، انهي خاندان جو جڻ ٻچو رلائڻو آهي.“
”توهان جو حڪم کپي شنڪر سيٺ!“ دل مراد مرڪي چيو، ”هاڻي ٻاهر ويٺل ٻچڙن لاءِ ڪو داڻو پاڻي به آڻي ڏيو.“
شنڪر هاڪار سان ڪنڌ لوڏي اٿي کڙو ٿيو. ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪتو ته هال ۾ ويٺل شنڪر جا ڏهاڪو هٿيار بند اٿي بيهي رهيا. شنڪر هٿياربندن جي وچ مان گذرندو اوطاق جي ٻاهرئين در طرف هليو ويو.
پنهنجي حويليءَ واري بيڊروم ۾ رکيل ٽجوڙي کولي شنڪر نوٽن جون ڪجهه دستيون ڪڍيون ته سندس ماءُ جانڪي ٻائي بيڊ روم اندر هلي آئي، ”ڇو کنيا اٿئي ايترا پئسا!؟“
شنڪر ناراض نظرن سان ماءُ طرف ڏٺو، ”پنهنجي ئي ٽجوڙيءَ مان ڪجهه کڻڻ لاءِ به هاڻي ڇا مون کي توهان کان پڇڻو پوندو؟“
”ڪٿي... ڪٿي تون... سيتا لاءِ ته...“ پريشانين ۾ ورتل جانڪي ٻائي پنهنجي انديشن کي پنهنجي زبان تي آڻڻ جو سَتُ ساري نه سگهي.
”پئي ڪا خبر سيتا جي!؟“ شنڪر ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿيندي چيو،
”باقي اسان جي عزت جي اَرٿِي کڄڻ جي خبر سڄي دنيا کي پئجي وئي!“
جانڪي ٻائيءَ ٿڌو ساهه کڻي ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر شنڪر جي ڳالهه جو وٽس ڪوبه جواب نه هو.
”ڏٺيون اٿوَ اڄوڪيون اخبارون؟“ شنڪر زهر ڀريل آواز سان سوال ڪيو.
”ها.“ جانڪي ٻائيءَ جو ڪنڌ جهڪي ويو.
”ڪيڏي وڏي هيڊنگ سان خبر لڳي آهي!“ شنڪر جي اکين مان اُلا نڪرڻ لڳا، ”سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ مسلمان چاهيندڙ سان ڀڄي وئي!“
جانڪي ٻائيءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. ڊبل بيڊ جي ڪُنڊ تي ويهي مٿي تي هٿ رکي ڇڏيائين.
”مون توهان کي روڪيو هو نه، ته پوليس کي وچ ۾ نه آڻيو.“ شنڪر جا ڪاوڙ مان چَپَ ڪنبڻ لڳا، ”ڌوڙ ڪري ڇڏي توهان خاندان جي مريادا.“
”مون به سوچي سمجهي پوليس سان رابطو ڪيو هو.“ جانڪي ٻائيءَ مضبوط لهجي سان، ڪنڌ کڻي شنڪر ڏانهن ڏسندي چيو.
”نه ڪرڻ کپندو هو ائين توهان کي!“ شنڪر ذري گهٽ رڙ ڪئي، ”مان ڪو چُوڙيون پائي ويٺو آهيان!“
جانڪي ٻائي هڪدم اٿي بيهي رهي. سندس آواز ۾ رعب جي جهلڪ هئي، ”ته ڇا سيتا کي مان تنهنجي بي رحميءَ تي ڇڏي ڏيان ها!“
”ته ڇا ڳولي ورتو سيتا کي پوليس؟!“ شنڪر، نوٽن جون دستيون جهليل هٿ کي پنهنجي ڇاتيءَ تي هڻندي، لفظن تي زور ڏيندي چيو، ”مان ڳولي ڏيکاريندس سيتا کي... مان!“
مون کي پڪ آهي ته توکان پهرين پوليس سيتا کي ڳولي لهندي.“ جانڪي ٻائيءَ رعب ۽ اعتماد سان وراڻيو.
”اڃان تائين ته ڪا خبر ناهي پئي توهان جي ڌيءَ جي!“ شنڪر طنز ڪئي.
”توکي خبر آهي شنڪر،“ جانڪي ٻائيءَ جي آواز ۾ پورو اعتماد ۽ دٻدٻو هو، ”ته منهنجي هڪڙي فون ڪال سان انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويندو آهي. سڄي علائقي جي پوليس سيتا جي ڳولا ۾ آهي.“
”ڏسنداسين... ڏسنداسين ته سيتا منهنجي چنبي ۾ ٿي ڦاسي، يا توهان جي پوليس ٿي کيس ڳولي لهي.“ شنڪر نوٽن جون دستيون هٿ ۾ لوڏيندو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
مضبوط حواس هئڻ جي باوجود جانڪي ٻائيءَ جي دل ڏڪي وئي. هُوءَ وڏو ساهه کڻي ڊبل بيڊ جي ساڳي ڪُنڊ تي ويهي رهي. کيس سيتا جا فڪر ورائي ويا. چپن ئي چپن ۾ سيتا جي سلامتيءَ لاءِ پرارٿنا ڪندي، هن ڪنڌ جهڪائي پنهنجو هٿ مٿي تي رکي ڇڏيو.