25
”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب عبدالرحيم کان پڇيو، ته عابد عليءَ کان ڇرڪ نڪري ويو.
”قبول آهي.“ عبدالرحيم وراڻيو، ته عابد عليءَ جي دل اندر ڌماڪو ٿيو.
”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب ٻيهر پڇيو.
”قبول آهي.“ عبدالرحيم جي جواب سان عابد عليءَ جي دماغ ۾ ڌماڪو ٿيو.
”توکي خديجه بنت الله بخش زال قبول آهي؟“ مولوي صاحب قانون موجب ٽيهر پڇيو ته عابد عليءَ جي دل چاهيو، جيڪر عبدالرحيم انڪار ڪري ڇڏي ۽ خديجه نه ڪنهن ٻئي جي ٿي سگهي ۽ نه ئي هن گهر مان هلي وڃي.
”قبول آهي.“ عبدالرحيم جي ٽيهر اقرار سان عابد عليءَ جي اندر ۾ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو. سندس سڄي دنيا تاراج ٿي وئي ۽ هن پنهنجي دل ۾ درد کي پاسا ورائندي محسوس ڪيو.
مولوي صاحب، عبدالرحيم جو خديجه سان نڪاح پڙهائڻ شروع ڪيو ته عابد علي جي دل جي دنيا ۾ زلزلو اچي ويو. کيس لڳو، ڄڻ سندس وجود وکري رهيو هجي، اندر ئي اندر ٽڪرا ٿي رهيو هجي. پنهنجي وجود ۾ باهه ڀڙڪندي محسوس ڪيائين ۽ سڄو جسم پگهرجي ويس. هن پنهنجي ئي گهر جي ڪمري مان اٿي وڃڻ چاهيو، پر نڪاح خاطر پڙهجندڙ قرآني آيت سبب ائين نه ڪري سگهيو، جو الله جو ڪلام ٻڌڻ ڇڏي اٿي وڃڻ جو گناهه هن نٿي ڪرڻ چاهيو. هو خاموشيءَ ۽ احترام سان ويٺو رهيو، پر سندس دل مان سور جي هڪ شديد سٽ اڀري ته هن ڊگهو ساهه کڻي پنهنجي دل مٿان هٿ رکي ڇڏيو. سندس ڪياڙيءَ مان پگهر لڙڪن جيان لار ڪري وهي پيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته نڪاح خاطر پڙهجندڙ آيت پوري ٿيڻ کان پهرين ئي سندس دل ٽٽي پوندي ۽ هو مري ويندو. کيس يقين ٿي ويو ته خديجه جو ٻيو مڙس عبدالرحيم اڳ ۾ سندس جنازي کي ڪلهو ڏيندو ۽ پوءِ خديجه کي پاڻ سان وٺي ويندو. انهن سوچن ۾ هن کان اهو به وسري ويو ته ڪمري اندر قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي رهي آهي ۽ سندس ڌيان هٽي ويو آهي. اوچتو کيس احساس ٿيو ته مولوي صاحب نڪاح پڙهائي پورو ڪري چڪو آهي ۽ مولوي صاحب سميت نڪاح جي گواهن دعا لاءِ هٿ کنيا آهن. هن پنهنجي دل مٿان رکيل هٿ کنيو ۽ پنهنجا ٻئي ڏڪندڙ هٿ دعا لاءِ کنيائين ته سندس اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي اچي سندس هٿن ۾ پيا. پنهنجي هٿن ۾ پيل لڙڪن کي ڏسندو هو خديجه جي خوشين لاءِ دعا گهرندو رهيو.
مولوي صاحب دعا پوري ڪري عبدالرحيم کي شاديءَ جي مبارڪ ڏني ته عابد عليءَ جي وجود اندر ايٽم بم جو ٻيو زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ سندس دل جي دنيا هيروشيما بڻجي وئي. مولوي صاحب کان پوءِ ڪمري ۾ موجوده نڪاح جي چئني گواهن گهوٽ کي واري واري سان مبارڪ ڏني. عابد علي، خديجه جي نئين گهوٽ کي مبارڪ ته نه ڏئي سگهيو، پر هن پنهنجو جهڪيل ڪنڌ کڻي فقط گهوٽ طرف ڏٺو. گهوٽ جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪي رهيو هو، سندس چپن تي مرڪ هئي ۽ هو هڪ دوست جي هٿ ۾ جهليل پليٽ مان مٺائي کڻي رهيو هو. عابد عليءَ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ مان چپ ڀيڪوڙي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ٻئي لمحي هن پنهنجي جهڪيل چهري هيٺان مٺائيءَ جي پليٽ ڏٺي ۽ مٺائي کارائيندڙ ساڳئي شخص جو آواز سندس ڪنن تي پيو، ”وات مٺو ڪيو!“ پر عابد عليءَ جو سڄو وجود زهر سان ڀرجي ويو. جهڪيل چهري سان ئي هن جي اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي وڃي مٺائيءَ مٿان ڪريا. کيس لڳو، هو ڦاٽي پوندو ۽ سندس جسم جا ٽڪرا ۽ رت ڪمري جي ديوارن ۽ ڇت کي وڃي لڳندو. هو اوچتو اٿيو ۽ تيزي سان ڪمري جي در طرف وڌيو، پر ڪمري جي در تائين پهچڻ کان اڳ ئي سندس اندر ڦاٽي پيو ۽ هو هڪ دردناڪ سڏڪي سان گڏ در کان ٻاهر نڪري ويو.