8
”ڇا حال آ ماسٽر صاحب!“ اوچتي آواز تي عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کنيو، ته سندس سامهون ايس ايڇ او بيٺو هو. ايس ايڇ او کي ڏسي، هُو نفسياتي طور تي ٿورو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. هن اٿڻ چاهيو پر اُٿي نه سگهيو.
ايس ايڇ او ڪرسي ڇڪي ويهي رهيو. سندس چهري ۾ ڏسندي پڇيائين، ”توهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا؟“
”نه نه...“ عابد عليءَ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ”مان... مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان.“
”نه ماسٽر صاحب...“ ايس ايڇ او مُرڪي پيو، ”اڄ ڪا توهان کي پريشاني ضرور آهي!“
عابد عليءَ جي جسم مان سِيءَ جي سَٽ اڀري ويئي. سندس اندر ۾ شڪ جو ڪنڊو چُڀڻ لڳو، ’ڪٿي پوليس کي خبر ته نه پئجي ويئي آهي ته...‘ هُو ڪجهه وڌيڪ سوچڻ جوسَتُ نه ساري سگهيو.
”ڇو چُپ آهيو ماسٽر صاحب؟“ ايس ايڇ او غور سان عابد عليءَ جي چهري ۾ ڏٺو.
”نه نه...“ عابد علي پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ”توهان ٻڌايو ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
”مون کي توهان کان سيٺ گوپال داس جي ڌيءَ سيتا جي باري ۾ پڇڻو آهي.“
خوف کان عابد عليءَ جي ڪياڙي ٿڌي ٿي وئي، کيس پڪ ٿي وئي ته پاڙي جي ڪنهن عورت سيتا کي سندس گهر ۾ ڏسي ورتو هوندو ۽ ڳالهه پوليس تائين پهچي وئي هوندي.
”توهان چُپ ڇو آهيو ماسٽر صاحب؟“ ايس ايڇ او ٿورو حيرت مان پڇيو.
”نه.“ عابد عليءَ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، ”اهڙي... اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي سر!“
”توهان سڃاڻو ٿا سيتا کي؟“ ايس ايڇ او غور سان عابد عليءَ کي ڏٺو.
”جِي؟“ عابد علي وڌيڪ پريشان ٿي ويو، ”مان... مان ڇو سڃاڻندس سيتا کي!“
”چيو وڃي ٿو ته جڏهن هُوءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هئي، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ٽرين ۾ به ويندي هئي.“
ٿي سگهي ٿو... پر... مان نٿو سڃاڻان سيتا کي.“
”هيءَ آهي سيتا.“ ايس ايڇ او پنهنجي کيسي مان سيتا جو فوٽو ڪڍي عابد عليءَ جي اڳيان رکيو، ”توهان ڏٺو آهي هن کي؟“
عابد علي هڪ نظر پنهنجي سامهون پيل سيتا جي ننڍڙي تصوير ڏانهن ڏسي، ايس ايڇ او کي ڏٺو، ”نه... مون انهي ڇوڪريءَ کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو.“
”توهان يقين سان ٿا چئو؟“ ايس ايڇ او جي لهجي ۾ پروفيشنل شڪ جي جهلڪ هئي.
”جِي، بلڪل!“ عابد عليءَ ڳيت ڏئي وراڻيو، ”مان پوري يقين سان چوان ٿو.“
”اهو فوٽو توهان پاڻ وٽ رکي ڇڏيو.“ ايس ايڇ او چيو، ”جيڪڏهن توهان کي اها ڇوڪري اسٽيشن تي نظر اچي، ته هڪدم مون کي اطلاع ڪجو.“
”بلڪل.“ عابد عليءَ هلڪو سُڪون محسوس ڪيو، ”جيڪڏهن مون کي اها ڇوڪري نظر آئي ته مان بنا دير جي توهان کي اطلاع ڪندس.“ هن پنهنجي کيسي مان پرس ڪڍي سيتا جو فوٽو پرس ۾ رکي ڇڏيو.
ايس ايڇ او موڪلائي هليو ويو ته عابد عليءَ جي ڳڻتي وڌي وئي. شنڪر... دل مراد... پوليس... سڀ سيتا کي ڳولي رهيا هئا ۽ سيتا سندس گهر ۾ لڪل هئي! سيتا جي سلامتيءَ سان گڏ عابد عليءَ پنهنجي سلامتي به خطري ۾ محسوس ڪئي. ڪجهه سوچي هُو اٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي آفيس جي در مان ٻاهر نڪري، پليٽ فارم تي اچي ويو. پليٽ فارم بلڪل ويران هو، فقط ڪجهه ڪتا بڙ جي هڪ وڻ هيٺان ننڊ پيل هئا. هن اتي بيٺي بيٺي ئي کيسي مان موبائل فون ڪڍي، سلمان جو نمبر ٽچ ڪيو. اتفاق سان سلمان جو نمبر کيس کُليل ملي ويو ۽ ٻئي طرف بيل وڄڻ لڳي. عابد علي هڪ نظر وري به پليٽ فارم جي ٻنهي پاسي ڦيرائي ۽ هڪدم پنهنجي آفيس اندر هليو ويو. اڃا هُو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي مس ته هن موبائل تي ٻئي طرف جو آواز ٻڌو، ”هيلو!“
”توهان... توهان سلمان پيا ڳالهايو!؟“ عابد عليءَ هڪدم پڇيو.
”جِي ها“ سلمان وراڻيو، ”توهان ڪير؟“
عابد عليءَ مختصر طور پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ سلمان کي سيتا ۽ هتان جي حالتن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو ۽ کيس هڪدم اچڻ لاءِ چيو. جواب ۾ سلمان جون ڳالهيون ٻڌي، عابد عليءَ جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا. عابد علي انتهائي ڳڻتيءَ واري حالت مان چيو، ”پر سلمان صاحب، هوءَ ته مسلمان به ٿي چڪي آهي. توهان جو انتظار پئي ڪري!“
”مون چيو نه، منهنجو والد صاحب اوچتو وفات ڪري ويو، ان ڪري مان نه اچي سگهيس.“ سلمان وراڻيو.
”ته پوءِ...“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ” اڄ رات واري ٽرين ۾ هليا اچو توهان.“
”نه، هاڻي مان ڪڏهن به اچي نه سگهندس.“ سلمان وراڻيو.
”پر ڇو!؟“ عابد عليءَ ذري گهٽ رڙ ڪئي.
”اڄوڪي اخبار ڏٺي آهي توهان؟“ سلمان پڇيو.
”اها ڳالهه آهي!“ عابد عليءَ ڏک ۽ ڪاوڙ مان چيو، ”ڪيڏي نه بهادر آهي اها ڇوڪري... ۽ تون....“
”ڇا ڪيان مان!“ سلمان ڏک مان وراڻيو، ”بابا جي وفات کان پوءِ، هاڻي سڀ ذميداريون مون تي اچي ويون آهن!“
”ته ڇا... اها ڇوڪري... جنهن تنهنجي ڪري پنهنجو گهر ڇڏيو... پنهنجو مذهب ڇڏيو... اها تنهنجي ذميداري ناهي؟“
”هونءَ ته مان کيس وٺي، ڪيڏانهن نڪري وڃان ها.“ سلمان وڏو ساهه کڻي ڏک مان ڳالهايو، ”پر... هاڻي منهنجي پيرن ۾ پنهنجي بيوه ماءُ ۽ ڇهن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جون زنجيرون پئجي ويون آهن... هاڻي... هاڻي ته مان... ڀڄي به نٿو سگهان سيتا کي وٺي!“
عابد عليءَ هڪدم لفظن تي زور ڏئي ڳالهايو، ”زينب نالو آهي هاڻي هُن جو.“
”جِي!“ سلمان ندامت سان چيو، ”زينب کي چئجو ته... ڏاڍو مجبور ٿي پيو آهيان مان... معاف ڪري ڇڏي مون کي!“
ڪال ڊسڪنيڪٽ ٿي وئي. عابد عليءَ هڪدم وري نمبر ٽچ ڪيو، پر ڪال سلمان جي نمبر سان ڪنيڪٽ نه ٿي. عابد عليءَ جي ڪنن تائين پهتو رڪارڊ ٿيل ڪمپيوٽرائزڊ آواز، ”آپ ڪا مطلوبه نمبر اس وقت بند هَي...“ عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو.
رات جو نوين وڳي ريلوي اسٽيشن کان گهر ويندي، عابد عليءَ پنهنجي قدمن کي ڏاڍو ڳرو محسوس ڪيو. منجهند جو چئين وڳي سندس ڊيوٽي ختم ٿي هئي ۽ سندس اسسٽنٽ عبدالله به پوري چئين وڳي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي پهچي ويو هو، تڏهن به عابد علي گهر نه ويو هو. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته گهر وڃي هُو زينب کي ڇا ٻڌائيندو... ڇا چوندو کيس، ته جنهن جي ڪري تون سيتا مان زينب بڻجي وئينءَ، انهيءَ توکي پنهنجو ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي! هاڻي به نيم اونداهين ۽ ويران رستي تي هلندي عابد علي انهن ئي سوچن ۾ گم هو. گهر جو فاصلو گهٽ ٿيڻ سان سندس وکون وڌيڪ ڳريون ٿي رهيون هيون. هن جي دل ئي نه پئي چاهيو ته هُو گهر واپس وڃي، پر واپس گهر ته کيس وڃڻو ئي هو. رات جو ٽين وڳي واري ٽرين لاءِ وري کيس ڊيوٽيءَ تي واپس به اچڻو هو. هُو نه چاهيندي به ڳرا ڳرا قدم کڻندو، آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيو هو. اڃا هُو اڌ پنڌ تي ئي هو ته سومهڻيءَ جي اذان جو آواز سندس ڪنن سان ٽڪرايو، ” الله اڪبر... الله اڪبر...“ ٻانگ جي آواز تي هن جا ڳرا قدم اوچتو هلڪا ٿي ويا ۽ هن تڪڙو هلڻ شروع ڪيو.
اذان جي وقت تي سدائين عابد عليءَ جا پير پاڻهي مسجد طرف وڌڻ لڳندا هئا. کيس ياد نه هيو ته اٺن سالن جي عمر کان شروع ڪيل نماز، پنجٽيهن سالن جي عمر تي پهچڻ تائين، بنا ڪنهن مجبوريءَ جي هن قضا ڪئي هجي.
مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ ۽ اجتماعي دعا گهرڻ کان پوءِ به هُو ڪيتري دير تائين مسجد ۾ ئي ويٺو رهيو، زينب جي سلامتيءَ ۽ عزت لاءِ دعائون گهرندو رهيو. چڱي دير کان پوءِ جڏهن مسجد مان ٻاهر نڪتو ته سندس دل کي ڪافي حد تائين سڪون ملي چڪو هو.