ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

9

عابد علي اڃان ورانڊي ۾ کٽ تي ويٺو مس، ته زينب اکين ۾ سوال کڻي اچي سندس سامهون بيٺي. هُو ڪنڌ جُهڪائي چُپ چاپ ويٺو رهيو. هن ۾ همت ئي نه هئي زينب سان نظر ملائڻ جي ۽ ڪجهه ڳالهائڻ جي، پر زينب سندس سامهون بيٺي ئي رهي. تڏهن هن نه چاهيندي به ڪنڌ مٿي ڪري زينب جي چهري ڏانهن ڏٺو. زينب جي اکين ۾ هڪڙو ئي سوال اٽيڪل هو، جنهن کي عابد عليءَ چڱي طرح سمجهيو ٿي، پر سوال کي سمجهندي به هن ڪجهه نه ڳالهايو. تڏهن زينب جي اکين ۾ اٽڪيل سوال سندس چپن تي اچي ويو، “سلمان سان... ڪو رابطو ٿيو؟“
عابد عليءَ هڪ ڊگهو ساهه کڻي، هڪڙي ئي لفظ جو ننڍڙو جواب ڏنو. ”ها.“
”ڇا!“ زينب جي اکين ۾ ڄڻ ڊگهي پنڌ کان پوءِ منزل تي نظر پوڻ واري جوت جرڪي پيئي، سندس چپن تي زندگيءَ جهڙي مرڪ ڦهلجي وئي، ”ڪڏهن ايندو سلمان مون کي وٺڻ!؟“
زينب کٽ جي ڀر سان رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. عابد عليءَ ڪوبه جواب نه ڏنو. ڪو جواب ڏئي هن زينب جي اکين کان جوت ۽ سندس چپن کان مرڪ ڦرڻ نٿي چاهي.
”ٻڌايو نه، ڇا چيو سلمان؟“ زينب اتاولي ٿي پئي.
”هن...“ عابد عليءَ وڏو ساهه کنيو، ”هن چيو ته... سندس والد اوچتو گذاري ويو، جنهن ڪري هُو نه اچي سگهيو.“
”اوهه... ويري سيڊ!“ زينب جي مرڪ تي غم جو پاڇو پئجي ويو ۽ سندس ڪنڌ جهڪي ويو.
عابد عليءَ کي موقعو ملي ويو اتان اٿي وڃڻ جو، پر اڃان هن اٿڻ لاءِ سوچيو مس ته زينب ڪنڌ مٿي ڪري ڏانهنس ڏٺو، ”مون چيو هو نه، هن جي ڪا مجبوري هوندي، جنهن ڪري نه اچي سگهيو هوندو.“
”ها. توهان ته... ائين ئي چيو هو.“ عابد عليءَ ائين جواب ڏنو، ڄڻ هُو انهيءَ موضوع تي ڳالهائڻ ئي نه چاهيندو هجي.
”ته پوءِ... ڪڏهن ٿو اچي سلمان؟“ زينب جي اکين ۾ اميد جاڳي پئي.
عابد عليءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيائين. سندس چهري جي سنجيدگيءَ تي، مايوسيءَ پَرَ ڦهلائڻ شروع ڪيا. سندس چهري طرف ڏسندي، زينب پنهنجي اندر جي ڪائنات ۾ اونداهي ڦهلجندي محسوس ڪئي. سندس دل وسامڻ لڳي. هن کان بي اختيار ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، ”توهان ٻڌايو ڇو نه ٿا، ڇا چيو سلمان؟“
عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو، پر زبان سندس ساٿ نه ڏنو. هن بيوسيءَ مان زينب ڏانهن ڏٺو ۽ منهن ڦيري ڇڏيو. انهيءَ لمحي عابد عليءَ جي زال خديجه ڪمري مان نڪري آئي ۽ زينب جي ڀر سان ٻي ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهي.
”پليز... پليز مون کي ٻڌايو.“ زينب روئڻهارڪي ٿي پئي، ”ڪڏهن وٺڻ ايندو سلمان مون کي!؟“
عابد عليءَ ڏاڍي بيوسيءَ مان ڪنڌ ورائي زينب طرف ڏٺو، ”هن... هن چيو ته... زينب کي چئجو ته مون کي معاف ڪري ڇڏي!“
”ڇا مطلب!؟“ زينب ڇرڪي پئي.
”هاڻي... هاڻي...“ عابد عليءَ نه چاهيندي به زينب کي چئي ڏنو،
”ڪڏهن به نه ايندو توهان کي وٺڻ.“
زينب پٿر جي مورتيءَ جيان چُپ ٿي وئي. سندس وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نه نڪتي، پر کيس لڳو ڄڻ سندس اندر جي ڪائنات ۾ ڪيئي ڌماڪا ٿيا هجن. سندس دل جي دنيا ۾ ڪا وڏي دهشتگردي ٿي هجي. ڪيئي پل گذري وڃڻ کان پوءِ به، زينب جيئن جو تئين ويٺي رهي، ته خديجه سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس لوڏيو، ”زينب!“ تڏهن زينب ڄڻ اوچتو آتش فشان جيان ڦاٽي پئي. دل ڏاريندڙ هڪ سُڏڪو هن جي وات مان نڪتو ۽ هن پنهنجا ٻئي هٿ پنهجي چهري جي مٿان رکي ڇڏيا. خديجه کيس دلاسا ڏيندي رهي، پر زينب جا سُڏڪا بند ئي نه پئي ٿيا. گهڻي دير کان پوءِ جڏهن زينب جا سُڏڪا گُهٽجڻ لڳا. تڏهن عابد عليءَ ڏک ۽ همدرديءَ سان زينب ڏانهن ڏٺو، ”ان شخص لاءِ ٿيون روئو، جنهن کي توهان جي درد جو ذري برابر به احساس ناهي!“
خديجه، زينب جي ڪلهي کي زور ڏئي وري کيس دلاسو ڏنو،
”صبر ڪر زينب ــ صبر ڪر.“
زينب اوچتو پنهنجو ڳوڙهن هاڻو چهرو پنهنجي هٿن مان ٻاهر ڪڍيو. سُڏڪن ڀريل آواز ۾ سندس اندر جو سمورو درد شامل ٿي ويو،
”جنهن جي ڪري پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنم، انهيءَ پنهنجو ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو... ۽... منهنجو پنهنجو ڀاءُ... موت جو روپ بڻجي ويو آهي منهنجي لاءِ... هاڻي... هاڻي مان ڪيڏانهن وينديس!“
”ڪيڏانهن ڪونه ويندئو توهان!“ عابد عليءَ هڪدم وراڻيو.
”پر... آخر ڪيسين!“ زينب سُڏڪندي، بيحد مايوسيءَ مان چيو،
”ڪيسين مان توهان تي بار بڻجي رهينديس!!“
”نه زينب نه.“ عابد عليءَ بيحد همدردي سان چيو، ”توهان بار نه، رحمت آهيو اسان لاءِ.“
زينب ته وري پنهنجي چهري مٿان هٿ رکي سُڏڪي پئي، پر خديجه جي چهري تي فڪرمنديءَ جو تاثر پڌرو ٿي پيو.