22
”ڇا!!“ شريف الدين ائين ڇرڪي پيو، ڄڻ هن جي سامهون ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو هجي. هو حيرت مان ڦاٽل ۽ ساڪت اکين سان عابد عليءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
عابد عليءَ، شريف الدين جي نظرن جي تير کان بچڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
ڪيتري دير تائين حيرت ۽ شرمندگي هڪ ٻئي جي اڳيان خاموش رهيون. نيٺ انهيءَ خاموشيءَ کي شريف الدين جي ئي حيرت ڀرئي آواز ٽوڙيو، ”پر.... پر تو ڇو ڪيو ائين!؟“
”بس.... غلطي ٿي وئي....!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ڏک ۽ شرمندگيءَ سان چيو.
”توکي اندازو آهي، ته تنهنجي انهيءَ غلطيءَ هُن ويچاريءَ جي ته زندگي برباد ڪري ڇڏي!“ شريف الدين ڪاوڙ مان چيو.
”ها.... آهي اندازو!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ندامت سان چيو.
”هُنَ ويچاريءَ جو ته دنيا ۾ ڪو مٽ مائٽ ئي ڪونهي! ڪيڏانهن هلي وئي؟“ شريف الدين انتهائي ڏک مان پڇيو.
”منهنجي ئي گهر ۾ آهي!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو.
”هوءَ ڪيڏانهن بَرُ مُنهن ڪري نڪري نه وڃي!“ شريف الدين انتهائي فڪرمنديءَ سان اٿندي چيو، ”مان.... مان پنهنجي گهرواريءَ کي هُن ڏانهن ٿو موڪليان!“
عابد عليءَ اٿي بيٺل شريف الدين جو هٿ پڪڙي ورتو، ”هوءَ ڪيڏانهن ڪونه ويندي. مون ڪو اڄ ناهي ڏني طلاق!“
شريف الدين جي مٿان حيرتن جو پهاڙ ڪريو. هو حيرتن جي وزن هيٺ دٻجي، پاڻيهي واپس ويهي رهيو، ”تڏهن.... تڏهن تو.... ڪڏهن ڏني آهي طلاق!؟“
عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، ”چار مهينا پورا ٿيڻ وارا آهن!“
”ڇا....!“ شريف الدين جي اڳيان ڄڻ ٻيهر ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو، ”پر.... پر.... طلاق کانپوءِ به.... اڄ تائين هوءَ تنهنجي گهر ۾ آهي.... توبهه نعوذ بالله.... توبهه نعوذ بالله....!!“ شريف الدين پنهنجي نڪ ۽ ڪنن جي پاپڙين تي آڱريون رکي توبهه تائب ٿيڻ لڳو، ڄڻ هن اها ڳالهه ٻڌي به ڪو گناهه ڪيو هجي.
عابد عليءَ هڪدم چيو، ”مون کي غلط نه سمجهجانءِ شريف الدين!“
شريف الدين ڪاوڙ مان چيو، ”زال کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ به گهر ۾ ويهاري ويٺو آهين ۽....“
”هڪڙو لفظ به وڌيڪ نه چئجانءِ!“ عابد عليءَ هڪدم شريف الدين جي ڳالهه ڪٽي، پنهنجو هٿ سندس وات تي رکي ڇڏيو،
”منهنجي يا خديجه جي ڪردار تي شڪ نه ڪجانءِ!“
شريف الدين، عابد عليءَ جو هٿ پنهنجي وات تان هٽائي خاموش ٿي ويهي رهيو، پر سندس اندر ۾ اڻتڻ مچي وئي.
”ٻڌ! غور سان منهنجي ڳالهه ٻڌ....!“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي چيو،
”طلاق کان پوءِ مون اڄ تائين هن جو چهرو به ناهي ڏٺو. هوءَ مون کان پردو ڪندي آهي ۽ اسان ٻئي ڌار ڪمرن ۾ رهندا آهيون. اسان ٻنهي کي احساس آهي ته اسان هڪ ٻئي لاءِ نامحرم بڻجي چڪا آهيون!“
شريف الدين کي حيرتون وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويون.
”طلاق کان پوءِ خديجه ۽ مان.... اسان ٻئي ثابت قدم رهيا آهيون!“ عابد عليءَ، شريف الدين جي اکين ۾ اکيون ملائي چيو، ”هوءَ فقط عدت جا ڏينهن پورا ڪرڻ لاءِ ئي منهنجي گهر ۾ رهيل آهي!“
”ته پوءِ.... پوءِ هوءَ ڪيڏانهن ويندي!؟“ شريف الدين انتهائي حيرت ۽ انتهائي فڪرمنديءَ سان پڇيو.
”مون کان ڪوبه سوال پڇڻ کان اڳ ۾، تون منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ڏي!“ عابد عليءَ لفظن تي زور ڏيندي چيو.
چپن ۾ ڪيئي سوال اٽڪيل هئڻ جي باوجود، شريف الدين سواليه نظرن سان عابد عليءَ ڏانهن ڏٺو.
”ايمانداريءَ سان جواب ڏجانءِ ته ڇا توکي منهنجي ڳالهه تي اعتبار آهي، ته خديجه ۽ مان طلاق کانپوءِ ثابت قدم رهيا آهيون!؟“
شريف الدين هڪ لمحو ٿڌيءَ دل سان سوچي، هڪ ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، ”ها.... مان توهان ٻنهي جي ڪردار تي شڪ نٿو ڪري سگهان. مون کي تنهنجي ڳالهه تي پورو ڀروسو آهي.“
عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي ڇڏي، ”هاڻي پڇ، توکي جيڪو به سوال پڇڻو آهي!“
”نه.... مون کي ڪوبه سوال ناهي پڇڻو.“ شريف الدين فڪرمنديءَ سان چيو، ”پر هوءَ عدت جا باقي ڏهاڪو ڏينهن گذاري ڪيڏانهن ويندي ويچاري!“
عابد عليءَ سڌو ٿي ويهندي چيو، ”انهيءَ مسئلي جي ڪري ته مان تو ڏانهن آيو آهيان يار!“
”مان ڇا ٿو ڪري سگهان انهيءَ سلسلي ۾!؟“ شريف الدين حيرت مان پڇيو.
عابد عليءَ ڪجهه گهڙيون خاموش رهي، پاڻ ۾ همت پيدا ڪري ڳالهايو، ”مان.... مان خديجه کي.... تنهنجي حوالي ٿو ڪرڻ چاهيان!“
شريف الدين پريشان ٿي ويو، ”ته ڇا.... هڪ نامحرم عورت کي سڄي زندگي مان پنهنجي گهر ۾ رهايان....! توبهه نعوذ بالله....!“
”نامحرم جي حيثيت سان نه.“ عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون، سندس دل ٻه ٽڪر ٿي پئي، پر هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو،
”خديجه کي مان.... تنهنجي نڪاح ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان!“
شريف الدين کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه آيو. جيڪڏهن کيس پنهنجي ڪنن تي اعتبار اچي ها، ته هو ڪو جواب ڏي ها، ان ڪري هو خاموش ته رهيو، پر حيرتن جي سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳو. کيس پنهنجي ڪنن سان ٻڌل ڳالهه تي اعتبار تڏهن آيو، جڏهن عابد عليءَ هٿ جوڙي کيس منٿ ڪئي، ”شريف الدين، تون منهنجو رازدار ۽ ويجهو دوست آهين، انڪار نه ڪجانءِ!“ ۽ پوءِ عابد علي ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي پيو.
پنهنجي بيحد عزيز دوست جي غم شريف الدين جي اندر ۾ گهاءُ ڏئي ڇڏيو ۽ هو سوچ ۾ پئجي ويو.
عابد علي ڪيتري دير تائين ڪنڌ جهڪائي سُڏڪندو رهيو. سندس وجود وڍبو ۽ ٽڪر ٿيندو رهيو. جڏهن سندس سڏڪا بند ٿيا، تڏهن به هو اندر ئي اندر ۾ گهُٽبو ۽ لُڇندو رهيو، پر هو ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي شريف الدين جي جواب جو انتظار ڪندو رهيو. عابد عليءَ کي اها ته پڪ هئي، ته سندس دل گهريو ۽ همدرد دوست انڪار نه ڪندو، پر تڏهن به هن ڪنڌ کڻي شريف الدين سان نظر ملائڻ جو سَتُ پاڻ ۾ نه پئي ساريو. جڏهن ڪافي دير تائين خاموشي ڇانيل رهي، تڏهن عابد عليءَ آهستي آهستي ڪنڌ کڻي شريف الدين ڏانهن ڏٺو.
شريف الدين ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم هو.
عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي، آلين اکين سان شريف الدين ڏانهن ڏسندي چيو، ”ڇا پيو سوچين شريف الدين!؟“
شريف الدين فقط هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ خاموش رهيو.
عابد عليءَ آس نراس واري نظر سان شريف الدين ڏانهن ڏسندي، بيحد هيڻي لهجي ۾ چيو، ”ڇا ٿو چئين شريف الدين، تون خديجه کي پنهنجي نڪاح ۾ قبول ڪندين نه!؟“
عابد عليءَ جي اميدن جي ابتڙ، شريف الدين انڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو!
عابد عليءَ، خديجه کي ڏنل طلاق جي درد سان گڏ پاڻ کي ذلتن جي اونهين کاهيءَ ۾ ڪرندي محسوس ڪيو. سندس ڪنڌ پاڻيهي جهڪي ويو، ڄڻ ذلتن جي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان سندس ڪنڌ ڀڄي پيو هجي.
”مان جوان نياڻين جو پيءُ آهيان، ٻي شادي نٿو ڪري سگهان عابد علي!“ شريف الدين جو آواز تير جيان عابد عليءَ جي ڪنن ۾ داخل ٿيو، ”تون ڪنهن ٻئي دوست سان ڳالهائي ڏس!“
شريف الدين جي جملي، ذلتن جي کاهيءَ ۾ ڪِري پيل عابد عليءَ جي وجود کي ڪنهن ڇِپَ جيان چچري ۽ چيڀاٽي ڇڏيو. هو ذلتن جي اونهين کاهيءَ جهڙي اونهين سوچ ۾ گم ٿي ويو. هن ۾ هاڻي دوست سان نظر ملائڻ جي ته ڇا، پر ايتري همت به باقي نه رهي هئي، جو هو اٿي اتان هليو وڃي، ان ڪري جهڪيل ڪنڌ سان چپ چاپ ويٺو رهيو. سندس دل چاهيو، جيڪر ڌرتي ڦاٽي پوي ۽ هو ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ ئي ڌرتيءَ جي سيني ۾ سمائجي وڃي.
مسجد مان سج لٿي جي ٻانگ جو آواز اچڻ لڳو، ”الله اڪبر.... الله اڪبر.... اشد ان لا اِلله اِلا الله....“
عابد عليءَ اذان کي ڌيان سان ٻڌڻ خاطر پاڻ کي سمورين سوچن کان آزاد ڪرڻ چاهيو، پر نه هو پاڻ کي انهن سوچن کان آزاد ڪري سگهيو ۽ نه ئي ذلتن جي کاهيءَ مان نڪري سگهيو.
اذان پوري ٿي ته شريف الدين پنهنجو هٿ عابد عليءَ جي ڪلهي تي رکندي، همدرديءَ ۽ پنهنجائپ سان چيو، ”هل ته نماز پڙهڻ هلون. الله وڏو ڪارساز آهي، سندس رحمت مان مايوس نه ٿي، هو ضرور ڪا بهتريءَ جي صورت پيدا ڪندو.“
عابد عليءَ نماز پڙهڻ خاطر ئي پاڻ ۾ ايتري همت پيدا ڪري سگهيو، جو هو فقط اٿي سگهيو، پر ڪنڌ مٿي ڪري نه سگهيو. هو جهڪيل ڪنڌ سان ئي دوست جي گهَرَ جي اوطاق مان گهٽيءَ ۾ نڪري ويو. جيتوڻيڪ عابد علي ۽ شريف الدين ساڳئي مسجد جا جماعتي هيا، پر جيسين شريف الدين اوطاق جو در اندران بند ڪري گهرَ جي دروازي کان ٻاهر نڪري، تيسين عابد علي ٻي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ، جهڪيل ڪنڌ سان ئي ڀرسان واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿي تڪڙو تڪڙو اڳتي هليو ويو.
سج لٿي جي نماز کان پوءِ آهستي آهستي سمورا نمازي مسجد مان هليا ويا. عابد علي مسجد ۾ ويٺو رهيو. جڏهن پيش امام به پنهنجي حجري طرف هليو ويو ته هو مسجد ۾ اڪيلو رهجي ويو. خديجه کي دربدر ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ هن همت ڪري پنهنجي عزيز ترين ۽ رازدار دوست کي خديجه سان شادي ڪرڻ لاءِ ته چيو هو، پر دوست جي انڪار کان پوءِ هو پنهنجي نظرن ۾ پاڻ ڪري پيو هو. هن ۾ همت نه رهي هئي ته هو مسجد مان نڪري پنهنجي گهر به وڃي سگهي، تنهن ڪري سمهڻيءَ جي نماز پڙهڻ تائين هن مسجد ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو. اڪيلائيءَ ۾ اهو سوچي هو وڌيڪ پريشان ٿي ويو، ته خديجه جي عدت جا باقي فقط نوَ ڏينهن وڃي بچيا هئا. هن بي اختيار دعا لاءِ هٿ کنيا ته سندس اکين مان لڙڪ وهي اچي سندس هٿن تي پيا. هو سڏڪا ڀريندو، خديجه جي زندگيءَ ۾ ڪنهن بهتريءَ لاءِ ٻاڏائيندو رهيو ۽ سندس چهري هيٺان جهليل دعا واري ٻُڪ ۾ سندس لڙڪ جمع ٿيندا رهيا. لڳاتار روئي دعا گهرندي هن آهستي آهستي پاڻ کي پرسڪون ٿيندي محسوس ڪيو. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن دعا لاءِ کنيل هٿ چهري تي ڦيريائين، ته خديجه جي زندگيءَ ۾ ڪنهن چڱائيءَ جو ڪو ٻيو رستو کيس سمجهه ۾ اچي ويو.