5
”جي!“ خديجه جي ڀر سان ويٺل سيتا، مرڪي پنهنجي رئي جي پلئه کي مٿي تي ٺاهي رکيو.
عابد عليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”پر... حيرت آهي ته جنهن نوجوان جي ڪري توهان پنهنجو گهر ڇڏيو، انهيءَ جي گهر جي ايڊريس به ناهي توهان وٽ!“
”اسان ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ هياسين ته اتي ئي ملندا هياسين.“ سيتا وراڻيو، ”ان کان پوءِ اسان جو فقط فون تي ئي رابطو رهيو آهي. مون وٽ ته بس، سلمان جو موبائل نمبر ئي آهي.“
”سندس نمبر به ته لڳاتار بند ٿو ملي نه!“ عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان چيو، ”توهان وٽ موبائل فون ڪونهي؟“
”هئي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ شنڪر ڦري ورتي هئي.“ سيتا وراڻيو، ”کيس شڪ پئجي ويو هو ته مان ڪنهن ڇوڪري سان ڳالهايان ٿي.“
عابد عليءَ پنهنجي کيسي مان، پنهنجي موبائل فون ڪڍي سيتا طرف وڌائي، ”هي توهان رکي ڇڏيو پاڻ وٽ.“
”نه“. سيتا وراڻيو، ”بس توهان ڪوشش ڪندا رهجو سلمان جي نمبر تي.“
عابد عليءَ چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪپ ٽيبل تي رکيو. هڪ لمحو سوچي هن سيتا جي ڀرسان ويٺل پنهنجي زال خديجه طرف ڏٺو، ”خيال رکجانءِ، پاڙي اوڙي ۾ ڪنهن کي به خبر نه پوي، ته سيتا اسان جي گهر ۾ آهي.“
”ها، توهان انهيءَ ڳالهه جو فڪر نه ڪيو.“ خديجه وراڻيو.
”جيڪڏهن ڪا عورت به در تي اچي، ته اڳ ۾ سيتا کي لڪائي پوءِ در کولجانءِ.“ عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان چيو.
”مان سمجهان ٿي،“ خديجه پنهنجو هٿ ڀرسان ويٺل سيتا جي هٿ مٿان رکندي چيو، ”ته سيتا کي لڪائي رکڻ ڪيترو ضروري آهي.“
”۽ ها خديجه، سيتا کي پاڻ سان گڏ نماز پڙهائجانءِ.“ عابد عليءَ اٿندي چيو، ”سيتا کي نماز سيکارڻ هاڻي تنهنجو ڪم آهي.“
”منهنجي لاءِ ته اهو وڏي ثواب جو ڪم آهي.“ خديجه مرڪي اٿندي وراڻيو. خديجه سان گڏ سيتا به اٿي بيهي رهي.
”بيشڪ“. عابد علي به مرڪي پيو، ”وڏو ثواب حاصل ٿيندو توکي.“
خديجه مرڪي سيتا طرف ڏسي چيو، ”توهان هن جو ڪو اسلامي نالو نه سوچيو ڇا اڃا؟“
”ٿورڙي ته مهلت ڏي.“ عابد عليءَ مرڪي وراڻيو، ”سيتا لاءِ ڪو ڏاڍو سٺو نالو ٿو سوچيان.“
”پر ديرنه ٿيڻ کپي.“ خديجه چيو، ”اهو به ته هڪ نيڪيءَ جو ڪم آهي.“
”حاضر.“ عابد عليءَ در ڏانهن ويندي چيو، ”دروازو اندران بند ڪري ڇڏجانءِ.“
خديجه، دروازو بند ڪرڻ لاءِ عابد عليءَ جي پويان هلي وئي. سيتا مرڪي، ڪنهن خوبصورت تصور ۾ گم ٿي وئي، ۽ اها شام رات ۾ گم ٿي وئي.
عابد علي رات جي ماني کائڻ گهر آيو ته سيتا سواليه نشان جيان اچي سندس اڳيان بيٺي.
عابد عليءَ سيتا جي اکين ۾ اٽڪيل سوال محسوس ڪري ورتو. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آهي، پر... لڳاتار بند پيو ملي سلمان جو نمبر!“
مايوسيءَ جي بار سبب سيتا جو ڪنڌ پاڻيهي هيٺ ٿي ويو.
”پر توهان فڪر نه ڪيو،“ عابد عليءَ همدرديءَ سان چيو، ”جيسين سلمان نٿو اچي، تيسين توهان هتي رهي سگهو ٿيون.“
خديجه اچي سيتا جي ڪلهي تي هٿ رکيو، ”ها سيتا، توکي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.“
سيتا جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو.
عابد عليءَ زال ڏانهن ڏٺو. سندس لهجي ۾ فڪرمندي هئي، ”در کولڻ کان پهرين تو سيتا کي لڪائي ڏاڍو عقلمنديءَ جو ڪم ڪيو خديجه. سيتا جي سلسلي ۾ هاڻي اسان کي مستقل طور تي ڏاڍو احتياط ڪرڻو پوندو.“
سيتا، سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کنيو، ”منهنجي ڪري توهان به پريشانيءَ ۾ اچي ويا آهيو!“
”ڪجهه به نه چئجانءِ وڌيڪ!“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”اسان ٻئي پنهنجو فرض پيا ادا ڪريون،توهان تي احسان نٿا ڪريون.“
سيتا مٿي تي هٿ رکي ويهي رهي.
”دل نه لاهيو توهان.“ عابد عليءَ سيتا کي دلاسو ڏنو، ”ٿي ويندو سلمان سان رابطو.“
سيتا ڪو به جواب نه ڏنو. سندس اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي پيون.