ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

3

ريلوي اسٽيشن ٻاهران رات جي پوئين پهر جي اونداهي ڇانيل هئي، جنهن کي ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ٻرندڙ اڪيلي ۽ پراڻي بلب وڌيڪ پراسرار بڻائي ڇڏيو هو. عابد عليءَ جي هٿ ۾ سيتا جو ٽريول بيگ هو ۽ هو ڏاڍو تڪڙو، ڪجهه فاصلي تي ٺهيل ريلوي جي پراڻن رهائشي ڪوارٽرن طرف وڌي رهيو هو. پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄندڙ سيتا ذري گهٽ ڊوڙندي سندس ڪڍ وڃي رهي هئي. اسٽيشن ماسٽر تڪڙو هلندو ڪوارٽرن واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ هليو ويو. سيتا اڃا سوڙهي گهٽيءَ جي موڙ وٽ مس پهتي، ته هن پويان ڪنهن جيپ جو آواز ٻڌو. هن ڇرڪي پوئتي نهاريو ته کيس شنڪر جي جيپ نظر آئي، جيڪا انتهائي تيزيءَ سان اچي ريلوي اسٽيشن اڳيان بيٺي. سيتا هڪدم سوڙهي گهٽيءَ ۾ هلي ويئي. هن ۾ اهو ڏسڻ جي همت نه هئي، ته شنڪر سان سندس ڪيترا باڊي گارڊ گڏ هيا ۽ وٽن ڪيترا هٿيار هئا. هوءَ وڌيڪ تيزيءَ سان ڊوڙندي عابد عليءَ جي ڀر سان هلي وئي، تيسين عابد عليءَ پنهنجي ڪوارٽر جي ڀرسان پهچي در کڙڪايو. عابد عليءَ اڃا هٿ هيٺ مَس ڪيو، ته سندس ڀرسان پهتل سيتا زور زور سان در کڙڪائڻ شروع ڪيو. هوءَ لڳاتار زور زور سان در کي ڌَڪَ هڻندي رهي.
عابد عليءَ حيرت سان سيتا طرف ڏٺو، ”ڪجهه صبر کان ڪم وٺو، در کولڻ لاءِ ڪنهن کي اچڻ ته ڏيو!“
”هُو... هُو... پهچي ويو آهي!“ سيتا دهشت مان ڳالهايو ۽ دروازي کي ڌڪ هڻندي رهي.
جيسين عابد عليءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي، تيسين در کلي ويو ۽ عابد عليءَ کان اڳ ۾ سيتا اندر هلي وئي. جيئن ئي عابد علي اندر داخل ٿيو، سيتا پاڻ ئي هڪدم در بند ڪري ڇڏيو ۽ دهشت واري لهجي ۾ چيو، ”شنڪر... شنڪر اسٽيشن تي ويو آهي!“
”ڪير آهي هيءَ؟“ عابد عليءَ جي زال خديجه حيرت مان عابد عليءَ کان پڇيو.
”سيتا...“ عابد علي هاڻي پاڻ به پريشان ٿي ويو هو، ”سيتا نالو آهي هن جو!“
”هن کي هتي ڇو وٺي آيا آهيو!؟“ خديجه حيرت ۽ پريشانيءَ مان پڇيو.
عابد عليءَ خديجه کي جواب ڏيڻ بجاءِ سيتا کي ٻُڌايو، ”هيءَ منهنجي زال آهي... خديجه.“
”توهان ڪجهه ٻڌايو ڇو نٿا؟“ خديجه وڌيڪ پريشانيءَ ۽ حيرت مان پڇيو، ”ڪير آهي هيءَ !؟“
”سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو.“ عابد عليءَ خوف مان ڏڪندڙ سيتا طرف ڏسي، خديجه کي چيو، ”تون هن کي اندر ته وٺي هل.“
ڪمري ۾ پهچي، عابد عليءَ سيتا جي باري ۾ خديجه کي مختصر لفظن ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. خديجه همدرديءَ سان ڀر ۾ ويٺل سيتا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جلهي ورتو. سيتا جو خوف اڃا به گهٽ نه ٿيو هو، هن پنهنجي سامهون ويٺل عابد عليءَ طرف ڏٺو ۽ ڏڪندڙ آواز سان ڳالهايو، ”ڪٿي... ڪٿي هُو... توهان جو اسسٽنٽ... شنڪر کي ٻڌائي ته نه ڇڏيندو!؟“
عابد عليءَ پنهنجي ڳڻتي لڪائي سيتا کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ”نه... منهنجي خيال ۾... هو نه ڪندو ايئن....“
سيتا، عابد عليءَ جي لهجي جي بي اعتمادي محسوس ڪري ورتي، ”ڇا... ڇا توهان کي پڪ آهي... ته هُو... ڪجهه نه ٻڌائيندو؟“
”عبدالله ڏاڍو عقلمند ماڻهو آهي.“ عابد عليءَ ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو، ”مان نٿو سمجهان ته هو ڪا اهڙي غلطي ڪندو.“
”پر... پر جيڪڏهن...“ سيتا پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائي، ”هُن... ٻڌائي ڇڏيو ته...“ سيتا جي اکين ۾ موت جهلڪڻ لڳو.
خديجه، سيتا جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن جي وچ ۾ رکي زور ڏنو، ”الله تي ڀروسو ڪر سيتا!“
سيتا جو جسم وري ڪنبڻ لڳو، ”جيڪڏهن... جيڪڏهن شنڪر کي خبر پئجي وئي ته... ته هن گهرَ جون ديوارون به مون کي نه بچائي سگهنديون....“
عابد عليءَ پنهنجي اشهد آڱر سڌي ڪري مٿي کنئي، ”هُن جي هستي ته بچائي سگهي ٿي.“
”ها... پر... پر...“ سيتا جي جسم جي ڏڪڻي وڌي وئي، هوءَ پنهنجو جملو پورو ڪري نه سگهي.
”پر ڇا!؟“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
”هُو... شنڪر...“ سيتا جي آواز ۾ موت جي دهشت ڀرجي وئي، ”شنڪر... ڪنهن به وقت... هتي پهچي... مون کي قتل ڪري سگهي ٿو!“
عابد علي ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ، اوچتو اٿي ٻاهر هليو ويو. عابد عليءَ جي اوچتو ٻاهر وڃڻ سبب، سيتا جي دل ۾ هڪڙي لمحي اندر ڪيئي وسوسا جاڳي اٿيا ۽ سندس چهرو پِيلو ٿي ويو. خديجه پنهنجو هٿ سيتا جي ڪلهي تي رکيو، ”زندگي ۽ موت، سڀ الله جي هٿ ۾ آهي سيتا، تون سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي ڏي.“
”ٿي سگهي ٿو... شنڪر... عبدالله تي ڪا سختي ڪري... ۽... ۽ هو... سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي...!“ سيتا موت کي ڄڻ پنهنجي ويجهو ايندي محسوس ڪيو.
”الله جي ذات کان مايوس نه ٿي سيتا!“ خديجه دلاسو ڏئي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”الله وڏو ڪارساز آهي.“
سيتا چاهيندي به ڪو جواب ڏئي نه سگهي. گرمي نه هوندي به هن پنهنجي ڪياڙيءَ مان پگهر وهندي محسوس ڪيو. ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. عابد علي جيئن اوچتو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو هو، تيئن ئي هو اوچتو وري ڪمري ۾ هليو آيو. سيتا ڪنڌ ورائي، ڏرا ڏئي ويل اکين سان عابد عليءَ طرف ڏٺو.
”سيتا!“ عابد عليءَ بيٺي بيٺي هلڪي آواز سان چيو.
سيتا جو ساهه سڪي ويو.
”توهان...“ عابدعليءَ هڪ لمحو سوچي ڳالهايو، ”توهان مسلمان ٿيڻ چاهيو ٿيون نه؟“
”ها.“ سيتا ٿڌو ساهه کنيو.
”منهنجو خيال آهي ته اهڙي نيڪ ڪم ۾ دير بلڪل نه ڪرڻ گهرجي.“ عابد عليءَ سيتا جي سامهون ويهندي چيو، ”ڇو ته... انسان کي خبر ناهي هوندي، ته ڪڏهن سندس ساهن جي ڏور ٽُٽي پوي ۽ سندس کنيل ساهه اڌورو رهجي وڃي!“
سيتا شدت سان ڇرڪي پئي. کيس لڳو ڄڻ سندس نڙگهٽ مٿان ڪاتي رکي وئي هجي، ”ته... ته ڇا... توهان سمجهو ٿا ته... منهنجي موت جو وقت اچي ويو آهي!!؟“
”زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، توهان گهٻرايو نه.“ عابد عليءَ سيتا کي دلاسو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
سيتا سوچ ۾ پئجي وئي. کيس سمجهه ۾ نه آيو، ته ساڻس ڇا ٿيڻ وارو آهي.
”سيتا، ايمان جو رستو اختيار ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.“ عابد عليءَ نهايت نرميءَ سان چيو، ”توهان هاڻي ئي مسلمان ٿي وڃو.“
”پر... ڪيئن؟“ سيتا هڪدم چيو، ”ڪنهن جي هٿ تي؟“
”منهنجي هٿان.“ عابد عليءَ وراڻيو، ”مان ٿو توهان کي ڪلمو پڙهايان.“
سيتا بنا دير جي هاڪار سان ڪنڌ لوڏي ڇڏيو.
عابد علي مرڪي پيو ۽ هن پنهنجي زال خديجه ڏانهن ڏٺو، ”خديجه، سيتا کي پنهنجا ڪپڙا پارائي، وضو ڪرائي وٺي اچ.“
خديجه مرڪي سيتا جو هٿ جهلي کيس ٻئي ڪمري طرف وٺي وئي. عابد علي سدائين وضوءَ سان ئي رهندو هو، ان ڪري هو خاموشيءَ سان سيتا جي اچڻ جو انتظار ڪندو رهيو. اها سوچ هن لاءِ ڏاڍي سڪون ڏيندڙ هئي ته اڄ سندس هٿان، ڪنهن کي مسلمان ڪرڻ جهڙو نيڪيءَ جو ڪم ٿيڻ وارو آهي. ڪجهه ئي دير ۾ سيتا، خديجه سان گڏ واپس ڪمري ۾ آئي ته هو سيتا ڏانهن ڏسي مرڪي پيو. خديجه جا ڪپڙا پهريل ۽ مٿي تي رئو رکيل سيتا ڪجهه بدليل بدليل لڳي رهي هئي. هن سيتا ۽ خديجه کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. سيتا سندس سامهون پراڻي صوفا تي خديجه جي ڀرسان ويهي رهي. سيتا جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي پرسڪون نظر اچي رهي هئي.
هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ، عابد عليءَ سيتا جي طرف ڏسي بيحد نرم لهجي ۾ چيو، ” چئو... بسم الله.“
”بسم الله.“ سيتا ساڳيا لفظ اچاريا.
”الرحمان.“ عابد علي واضح آواز سان اچاريو.
”الرحمان.“ سيتا سندس پيروي ڪئي.
”الرحيم.“ عابد عليءَ اچاريو.
”الرحيم.“ سيتا وري به سندس پيروي ڪئي.
عابد عليءَ نهايت احترام سان چيو، ” لا اِلهٰ اِلالله “
سيتا به ساڳئي احترام سان چيو، ” لا اِلهٰ اِلالله “
عابد عليءَ بيحد ادب سان چيو، ”محمد رسول الله.“
سيتا، عابد عليءَ جهڙي ئي باادب آواز سان چيو، ”محمد رسول الله.“
انهيءَ لمحي ئي اوچتو ٻاهريون در کڙڪيو ۽ سيتا ڇرڪي پئي.
عابد عليءَ فڪرمنديءَ سان خديجه طرف ڏٺو، ”ڪير ٿي سگهي ٿو هن مهل!؟؟“
خديجه وٽ به فقط فڪرمندي هئي، عابد عليءَ جي سوال جو جواب نه. عابد علي خاموشيءَ سان اٿي ٻاهر هليو ويو. سيتا سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي، پراڻي صوفا جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. هوءَ چپن ئي چپن ۾ ورد ڪرڻ لڳي، ” لا اِلهٰ اِلالله ... لا اِلهٰ اِلالله... لا اِلهٰ اِلالله....“
ڪجهه دير کان پوءِ عابد علي ڪمري ۾ آيو ته سيتا اکيون کولي ڏانهس ڏٺو ۽ سڌي ٿي ويهي رهي.
”عبدالله هيو.“ عابد عليءَ مرڪي ويهندي چيو، ”مون چيو هو نه ، ته عبدالله ڏاڍو عقلمند انسان آهي. هُن ڪجهه به ناهي ٻڌايو شنڪر کي.“
”يا الله! لک شڪر تنهنجا“ خديجه بي اختيار مرڪي چيو.
سيتا وري صوفا جي ٽيڪ تي مٿو رکي اکيون بند ڪري ڇڏيون. هن پاڻ کي ڏاڍو هلڪو ۽ پرسڪون محسوس ڪيو. سندس چپن بي اختيار ورد ڪرڻ شروع ڪيو، ” لا اِلهٰ اِلالله.... لا اِلهٰ اِلالله....“
انهيءَ لمحي ئي فجر جي ٻانگ جو آواز فضائن ۾ گونجي اٿيو، ”الله اڪبر... الله اڪبر....“
عابد علي خديجه طرف ڏسندي هڪدم اٿي کڙو ٿيو، ”مان مسجد پيو وڃان. سيتا کي تون پاڻ سان گڏ نماز پڙهائجانءِ.“
”ها، منهنجي لاءِ ته اهو وڏي سعادت جو ڪم آهي.“ خديجه مرڪي وراڻيو، ته سيتا جي چهري تي به مرڪ ڦهلجي وئي.
عابد علي ڪمري کان ٻاهر هليو ويو، ته خديجه کان اڳ ۾ ئي سيتا وڃي مصلو کنيو.