4
”ڇا ٻڌايان ها!“ جانڪي ٻائيءَ ڏک مان وراڻيو، ”مان ڊنس پئي ته....“
”ته مان تنهنجي ٻي ڌيءَ کي به قتل ڪرائي ڇڏيندس!“ شنڪر جانڪي ٻائيءَ جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪئي.
”ها!“ شنڪر جي سامهون بيٺل جانڪي ٻائيءَ ڏک مان وڏو ساهه کڻي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
شنڪر هڪ لمحي لاءِ پنهنجي مٿئين چَپَ کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙيو ۽ پوءِ لفظن تي زور ڏيندي، باهه جهڙي ٻرندڙ لهجي سان ڳالهايو، ”گيتا ته گهران نڪري هڪ هندوءَ سان ئي شادي ڪئي هئي، پر ڪم ذات هيو اُهو ڇورو... پر... سيتا ته...“ شنڪر هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ هن اوچتو رڙ ڪئي، ”ڏسان ته ڪيترو ٿي لڪي سيتا... ڪيترو ٿي جيئري رهي!!“
”صبر...“ جانڪي ٻائيءَ رعبدار آواز سان چيو، ”ڪجهه ڌيرج کان ڪم وٺ شنڪر!“
”هيڏي ڳالهه ٿيڻ کان پوءِ، ڪيئن ٿو صبر ڪري سگهان مان!“
شنڪر پنهنجي جسم مان ٻاڦ نڪرندي محسوس ڪئي، ”سيتا ۽ انهيءَ مسلمان ڇوري کي ته ڳولي ڳترا ڪندس، پر... پر مان... انهيءَ سڄي خاندان کي ماري پورو ڪندس، جتي سيتا هوندي!“
”شنڪر!“ جانڪي ٻائيءَ جي لهجي ۾ رعب جي جهلڪ هئي. هن لفظن تي زور ڏئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ” تو گيتا ۽ سندس مڙس رويءَ کي ايڪسيڊنٽ جو ڊرامو رچائي قتل ڪرايو هو، ته مان فقط ان ڪري زهر جو ڍُڪ ڀري وئي هيس ته تون منهنجو هڪڙو ئي پٽ آهين ۽ مون توکي بچائي ورتو هو. پر... پر هاڻي تو اهڙي ڪا حرڪت ڪئي ته....“
”ڦاسي ڏياري ڇڏجو مون کي!“ شنڪر، جانڪي ٻائيءَ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي رڙ ڪئي، ”گولي هڻي ماري ڇڏجو مون کي!“
جانڪي ٻائيءَ ڌمڪيءَ جهڙي ۽ انتهائي سخت لهجي سان ڳالهايو، ”شنڪر! نه ڇڏينديس مان هاڻي توکي!“
”توهان کي جيڪو ڪرڻو هجي سو ڪري وٺجو!“ شنڪر سخت ڪاوڙ مان چيو، ”۽ مون کي جيڪو ڪرڻو آهي، اهو مان ضرور ڪندس!!“ شنڪر زور سان دروازي کي ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاهر نڪري هليو ويو.
جانڪي ٻائي ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڊبل بيڊ جي ڪنڊ تي ويهي رهي. کيس خبر هئي شنڪر جي ضد، ڪاوڙ ۽ انتقام وارن جذبن جي. کيس پڪ ٿي وئي ته جيڪڏهن سيتا، شنڪر کي هٿ لڳي وئي ته هو بنا دير جي کيس ماري ڇڏيندو. جانڪي ٻائيءَ کي ڳڻتي ورائي وئي. هوءَ ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي وئي. اوچتو جيپ اسٽارٽ ٿيڻ جي آواز سان جانڪي ٻائي ڇرڪي پئي. کيس پڪ ٿي ويئي ته شنڪر، سيتا کي مارڻ کان سواءِ سُک سان نه ويهندو. هڪ لمحو سوچي، هُوءَ ڊبل بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي رکيل ٽيليفون سيٽ ڏانهن سُري وئي. رسيور کڻي هن نمبر ٽچ ڪيا. جڏهن ٻئي طرف سندس ڪال رسيو ڪئي وئي ته، هن بنا ڪنهن تمهيد جي چيو، ”ڊي آءِ جي صاحب، مان مسز گوپالداس پئي ڳالهايان....“
جيتوڻيڪ خانداني ڀرم خاطر جانڪي ٻائيءَ، سيتا جي گهر ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي ڳالهه لڪائڻ پئي چاهي، پر هاڻي پوليس جي مدد کان سواءِ وٽس ڪو به وسيلو نه هو. سيتا سان گڏ هن شنڪر کي به بچائڻ ٿي چاهيو، ان ڪري هن پوليس آفيسر کي شنڪر جي ڪا به شڪايت نه ڪئي، پر فقط اها تاڪيد ڪئي ته سيتا کي هٿ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. جانڪي ٻائيءَ کي پنهنجي سماجي حيثيت جو اندازو هو. هن کي خبر هئي ته سندس هڪڙي ٽيليفون ڪال تي سڄي علائقي ۾ ٿرٿلو مچي ويندو ۽ پوليس شنڪر کان اڳ سيتا کي ڳولي هٿ ڪري وٺندي.
ڊبل بيڊ جي سائيڊ ٽيبل وٽ ويٺي ويٺي، جانڪي ٻائيءَ پنهنجو مٿو ڳرو ٿيندي محسوس ڪيو. هن پنهنجا پير فرش تان کڻي بيڊ تي رکيا ۽ بيڊ جي هيڊ بورڊ کي ٽيڪ لڳائي، دل ئي دل ۾ سيتا جي سلامتيءَ لاءِ پرارٿنا ڪرڻ لڳي.