ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

10

ڊبل بيڊ جي هيڊ بورڊ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل عابد عليءَ جي چهري تي فڪرمندي ڦهليل هئي. هن اڃا ليٽڻ لاءِ سوچيو ئي پئي ته خديجه ڪمري ۾ اچي در ٻيڪڙي ڇڏيو.
”آخر ڪيسين... اسان زينب کي ڪنهن گناهه جيان لڪائي رکنداسين!؟“ خديجه جي لهجي مان سندس اندر جي ڳڻتيءَ ڳالهايو.
”هُوءَ ڪو گناهه نه، ثواب جو سبب آهي اسان جي لاءِ.“ عابد عليءَ هڪدم چيو، ”تمام وڏو اجر ملندو آخرت ۾ اسان ٻنهي کي انهيءَ جو.“
”پر هن دنيا سان ڪيئن منهن ڏيون!“ خديجه جي آواز ۾ ڳڻتيءَ سان گڏ خوف به هو، ”جانڪي ٻائيءَ جهڙي با اثر عورت جي ڌيءَ آهي هُوءَ... پوليس به هن کي ڳوليندي ٿي وتي... ۽ ... ۽ مٿان وري شنڪر جهڙي خطرناڪ ماڻهوءَ جي دشمني....“
”ڪمزور نه ٿي خديجه..!“ عابد عليءَ، خديجه کي همت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ڇا... ڇا اسان...“ خديجه ڪجهه سوچيندي ڳالهايو، ”زينب کي دارالامان نٿا موڪلي سگهون؟“
”تون ڇا ٿي سمجهين، ته شنڪر جهڙي ڀاءُ کان، دارالامان جي ديوارن ۾ زينب کي امانَ ملي ويندي!؟“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
”پر...“ خديجه خوف مان چيو، ”زينب جي ڪري ته اسان جي زندگي به خطري ۾ پئجي وئي آهي!“
”منهنجي يا تنهنجي زندگي، زينب جي زندگيءَ کان وڌيڪ اهم ناهي منهنجي لاءِ.“ عابد عليءَ پنهنجي ننڍڙي ڏاڙهيءَ مٿان هٿ ڦيريو.
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو، پر سندس چهري تي ڦهليل خوف ۾ ناراضگيءَ جو تاثر به شامل ٿي ويو.
”سُمهي پئه تون به ۽ ٻه ٽي ڪلاڪ مون کي به ننڊ ڪرڻ ڏي.“
عابد عليءَ ليٽندي چيو، ”رات جو ٽين وڳي واري ٽرين لاءِ مون کي وري اسٽيشن تي وڃڻو آهي ۽ انهيءَ کان پهرين مون کي تهجد نماز به پڙهڻي آهي.“
عابد عليءَ پاسو ورائي ٻئي طرف منهن ڪري ڇڏيو. خديجه به سندس پاسي ۾ ليٽي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
رات جو ٻين وڳي وهاڻي ڀرسان رکيل عابد عليءَ جي موبائل فون جو الارم وڳو ته سندس اک کُلي پئي ۽ هن زال جي چهري طرف ڏسندي هڪدم موبائل فون ڏانهن هٿ وڌايو. هن نٿي چاهيو ته سڄو ڏينهن گهر جو ڪم ڪري ٿڪجي پيل خديجه جي ننڊ ڦٽي پوي. عابد عليءَ موبائل فون جو الارم بند ڪيو ته دٻيل دٻيل سُڏڪن جو آواز سندس ڪَنن تي پيو. هُو اٿي ويهي رهيو. بيڊ تي ويٺي ئي هن محسوس ڪيو ته اهو زينب جي سڏڪن جو آواز هو، جيڪو ٻئي ڪمري مان اچي رهيو هو. هُو سوچ ۾ پئجي ويو، مُنجهي پيو. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هن وقت هُو زينب جي ڪمري ۾ وڃي يا نه وڃي، ڇو ته زينب لاءِ بهرحال هُو نامحرم ئي هو. زينب جا سُڏڪا لڳاتار سندس ڪنن سان ٽڪرائبا رهيا ۽ هُو زينب جو درد برداشت نه ڪري سگهيو. هڪ نظر هن خديجه طرف ڏٺو، خديجه گهري ننڊ ستل هئي. هُو بيڊ تان لهي آيو ۽ بي آواز قدمن سان هلندو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
نامحرم عورت زينب جي ڪمري جو در کولڻ کان اڳ ۾، عابد عليءَ دل ئي دل ۾ دعا گهري الله کان معافي گُهري ۽ پوءِ در کي ٿورو زور ڏنو. ڪمري ۾ کٽ تي گوڏن ڀر ويٺل زينب جو مٿو سندس گوڏن تي رکيل هو ۽ سندس دٻيل دٻيل سُڏڪا گونجي رهيا هئا. عابد عليءَ در جي ٻاهران بيٺي ئي ٿورو کنگهي زينب جو ڌيان ڇڪايو. زينب ڇرڪي ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس نظر در ٻاهران بيٺل عابد عليءَ تي پئي ۽ هن پنهنجي مٿي تان لهي ويل رئو، ڇڪ ڏئي پنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيو.
عابد علي، زينب جي کٽ ڀر سان اچي بيٺو. بيحد نرم ۽ همدرديءَ واري لهجي ۾ چيائين، ”مان سمجهان ٿو توهان جي ڏک ۽ توهان جي تڪليف کي زينب!“
غم جي شدت سبب زينب پنهنجا چپ ڀيڪوڙي ڇڏيا، پر لڙڪ اکين مان لارون ڪري وهندا رهيا.
عابد علي، زينب کان پرڀرو کٽ جي پيرانديءَ وٽ ڪُنڊ تي ويهي رهيو، ”صبر کان ڪم وٺو زينب، الله کي ياد ڪيو.“
زينب سُڏڪي سان گڏ ٿڌو ساهه کنيو ته هُوءَ سڄي لڏي وئي، ”الله کان سواءِ ... آهي به ڪير منهنجو....!“
”بيشڪ!“ عابد عليءَ اشهد آڱر مٿي ڪئي، ”اهو پروردگار ئي اسان سڀني جو سهارو آهي، پر توهان دل نه لاهيو زينب. مان آهيان، خديجه آهي. اسان به ته توهان جا پنهنجا آهيون.“
”الله کان پوءِ هن دنيا ۾ توهان جو ئي ته سهارو آهي.“ زينب پنهنجو سُڏڪو روڪي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”توهان جو سهارو نه هجي ها ته... ته شايد... جيئري به نه هجان ها هن مهل تائين... فقط... توهان ئي ته منهنجا پنهنجا آهيو.“
عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون. بي اختيار هن جو هٿ زينب جي چهري طرف وڌي ويو ۽ هن زينب جي اکين مان ڪرندڙ هڪ لڙڪ کي پنهنجي هڪ آڱر سان اُگهي ورتو. ان مهل ئي اوچتو در جو کڙڪو ٿيو. عابد علي ۽ زينب ڇرڪي در طرف ڏٺو.
در ۾ خديجه بيٺل هئي، سندس اکين مان اُلا نڪري رهيا هئا. خديجه هڪڙي پل جو منظر ڏسڻ کان پوءِ اتي بيهي نه سگهي ۽ هڪدم واپس هلي وئي.
عابد عليءَ هڪ نظر زينب جي چهري طرف ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي هٿ کي ڏٺو. کيس يقين ٿي ويو ته انهيءَ هڪڙي لمحي سندس زال جي اڳيان غلط فهميءَ جي هڪ وڏي ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي. هُو هڪدم اٿيو ۽ زينب جي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
زينب هڪ نئين پريشانيءَ سبب ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
خديجه پنهنجي ڪمري ۾ دوروازي کي پٺي ڏئي خالي ديوار کي تڪي رهي هئي، پر سندس اندر خالي نه هو. سندس اندر ۾ باهه ڀڙڪي رهي هئي. سندس اندر جي عورت جو سڄو وجود اندر ئي اندر جلڻ لڳو هو. انهي تپش، انهيءَ باهه کي سندس اکين جي آلاڻ به جهڪو نه ڪري سگهي. انهن ئي اکين سان ته هن پنهنجي مڙس کي غير عورت سان گڏ ڏٺو هو. اوچتو هن پنهنجي ڪلهي تي هٿ جو ڇُهاءُ محسوس ڪري، ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو. سندس سامهون عابد علي بيٺو هو.
”خديجه!“ عابد عليءَ ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي،
”مان... مان ته....“
”ڇا مان مان...!“ خديجه زهر ڀريل لهجي سان چيو، ”ڪهڙا مسلمان آهيو توهان!“
”پر... ڇا ڪيو آهي مون اهڙو!؟“ عابد عليءَ انتهائي حيرت ۽ ڏک سان چيو.
”رات جو اڪيلائيءَ ۾ هڪ نامحرم عورت جي ڪمري ۾ ٿا وڃو!“ خديجه جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا. سندس آواز ۾ وڌيڪ ڪڙاڻ شامل ٿي وئي، “نامحرم عورت جا ڳل ٿا ڇُهو ۽...“
”ڏس خديجه! منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر!“ عابد عليءَ زال جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي نرميءَ سان ڳالهايو، ”مان ته... هن جي روئڻ جي آواز تي....“
خديجه پنهنجي ٻانهن تان مڙس جو هٿ سَٽَ ڏيئي پري ڪري، سندس جملو ڪٽي ورتو، ”هن جي روئڻ جي آواز تي ويا هيئو، يا سندس سڏڻ تي!“
”شرم ڪر!“ عابد عليءَ ڪاوڙ مان رڙ ڪئي، ”تون هڪ شريف ڇوڪريءَ تي ڪوڙو الزام پئي هڻين!“
”سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺو اٿم.“ خديجه به رڙ ڪري چيو، ”مان الزام نٿي هڻان!“
عابد علي سڪتي ۾ اچي ويو، زال ڏانهن ڏسندو ئي رهجي ويو.
عابد علي ۽ خديجه جا آواز ٻئي ڪمري ۾ زينب تائين به پهچي رهيا هئا، جن کي برداشت ڪرڻ هن لاءِ ڏاڍو مشڪل بڻجي پيو هو.
عابد عليءَ هڪ ٿڌو ساهه کڻي گُهور وجهي خديجه کي ڏٺو، ”ته ڇا... شڪ ٿي ڪرين تون منهنجي ڪردار تي!؟“
”ها!“ خديجه هڪدم تلخيءَ سان وراڻيو، ”جيڪڏهن توهان ايتري مضبوط ڪردار جا مالڪ هجو ها ته مون کي جاڳايو ها، چورن جيان لڪي هن جي ڪمري نه وڃو ها!“
”تون سمجهين ڇا ٿي!؟“ عابد علي ڄڻ اوچتو باهه جيان ڀڙڪي پيو، ”ڇا سمجهيو آهي تو مون کي!؟“
”سڀ سمجهان ٿي.“ خديجه نفرت مان وراڻيو، ”سڀ خبر پئجي وئي آهي مون کي!“
”ڇا!“ عابد عليءَ ڪاوڙ، حيرت ۽ ڏک مان پڇيو، ”ڇا جي خبر پئي آهي توکي؟ !“
”اهو ئي... جيڪو هن گهر ۾ ٿي رهيو آهي!“ خديجه ڪراهت سان وراڻيو.
”ته ڇا...“ عابد عليءَ سخت ڪاوڙ، ڏک ۽ حيرت مان چيو،
”بدڪردار ٿي سمجهين تون مون کي !؟“
”توهان جو ڪردار ته توهان جي اڄوڪي عمل مان ئي ظاهر ٿي پيو آهي.“ خديجه نفرت سان چيو، ”ڪراهت ٿي اچي مون کي توهان کان!“ خديجه ڪنڌ ڦيرائي، مُنهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.
عابد عليءَ جي اندر ۾ ڄڻ ايٽم بم جو ڌماڪو ٿيو. سندس سچائيءَ ۽ محبتن جو سڄو محل هڪڙي ئي لمحي ۾ ڀسم ٿي ويو. سندس ڪنن جون پاپڙيون گرم ٿي ويون ۽ سندس سڄي وجود ۾ ڪنڊا چُڀڻ لڳا. هڪٻئي پويان هن ڪيترائي وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ هر ساهه سان گڏ، هن جي ڪاوڙ هڪ نئين انتها تي پهچندي رهي. سندس اندر ۾ ٿيل ايٽم بم جي ڌماڪي جي گرميءَ سندس لفظن سان گڏ ٻاهر نڪرڻ شروع ڪيو، ”جيڪڏهن... جيڪڏهن تون مون کي بدڪردار ٿي سمجهين... ڪراهت ٿي اچي توکي مون مان... ته مان آزاد ٿو ڪيان توکي!“
خديجه حيرت مان ڪنڌ ورائي مڙس طرف ڏٺو.
عابد عليءَ جي وات مان سندس اندر ۾ ٿيل ايٽم بم جي ڌماڪي جو پڙاڏو ٿيو، ”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!“
”ڇا!“ خديجه اوچتو ڇرڪي پئي. باقي سڀ ڳالهيون هڪدم کانئس وسري ويون.
”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!!“ عابد عليءَ ٻيو ڀيرو چيو.
”بس ڪيو!“ خديجه هڪدم پنهنجو هٿ عابد عليءَ جي وات مٿان رکي ڇڏيو سندس سڄو جسم ڪنبڻ لڳو. هن انتهائي صدمي ۽ دهشت مان رڙ ڪئي، ”خدا جي واسطي... نه چئجو ٽيهر!“
عابد عليءَ سٽ ڏئي خديجه جو هٿ پنهنجي وات تان هٽائي ڇڏيو. لفظ سندس وات مان ائين ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪتا، ڄڻ پڃري ۾ قيد پکي، پڃري جو در کُلڻ لاءِ آتا ويٺا هجن ۽ هن ٽيون ڀيرو چئي ڏنو، ”مان توکي طلاق ٿو ڏيان!!!“
خديجه هڪڙي ئي لمحي ۾ پنهنجي سڄي دنيا تباهه ٿيندي ۽ ان جو ملبو پنهنجي مٿان ڪرندي محسوس ڪيو. سندس سڄي وجود کي درد ورائي ويو. هُوءَ سڪتي واري حالت مان عابد عليءَ طرف ڏسندي رهي، جيڪو اکيون بند ڪري پنهنجي ڪنڌ مٿان هٿ ڦيري ڊگها ڊگها ساهه کڻي رهيو هو. ڄڻ هُو گُهٽ محسوس ڪري رهيو هو.
عابد علي اکيون کولي ڪجهه دير خديجه طرف ڏٺو ۽ پوءِ هڪ تمام وڏو ساهه کڻي ڪمري کان ٻاهر وڃڻ لڳو.
خديجه، پٺيرو ويندڙ عابد عليءَ طرف ڏٺو. عابد علي دروازي کان ٻاهر هليو ويو ۽ هُو ڪمري ۾ اڪيلي رهجي ويئي، تڏهن اوچتو رنڀ جهڙو هڪ سڏڪو سندس چپن جا بند ٽوڙي نڪتو ۽ سندس سڄي وجود کي نهوڙي ويو. سندس اکين جا بند ٽُٽا ته سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي. هن پنهنجا ٻئي هٿ چهري مٿان رکيا ته پيرن سندس وزن سنڀالڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . هُوءَ بي اختيار هيٺ جهڪندي وئي ۽ سندس گوڏا فرش تي وڃي لڳا. سندس جلندڙ جيءَ مان نڪرندڙ سڏڪن جي ٻاڦ سڄي گهر ۾ ڦهلجي وئي.
رات جي خاموشي ۾، اڱڻ تي انتهائي بيچينيءَ سان ٽهلندڙ عابد عليءَ جي پيرن جي آواز سان گڏ ڪمري مان ايندڙ خديجه جي سڏڪن جو آواز به گونجي رهيو هو. هلڪي سردي هئڻ باوجود تيز قدمن سان ٽهلندڙ عابد عليءَ جو سڄو جسم پگهرجي ويو هو ۽ سندس لؤندڙيون ڌَنوِي رهيون هيون. تيز قدمن سان ٽهلندي اوچتو هُو هڪ هنڌ بيهي رهيو ۽ سندس اکيون اونداهي آسمان ڏانهن کڄي ويون. هن جي وات مان بي اختيار وڏي رڙ نڪري وئي، ”يا الله...! هي ڇا ٿي ويو... ڇا ڪري ڇڏيو مون....!!“
عابد عليءَ جو چهرو آسمان طرف ئي رهيو ۽ سندس ڏکارين اکين مان ٻه لڙڪ نڪري، سندس ڪنن کي لڳا. هن هڪ ڊگهو ساهه کڻي، ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي وکري ويل وارن ۾ هٿ ڦيريو ته سندس نظر ٻاهرئين در طرف هلي وئي ۽ هُو ڇرڪي پيو.
ٻاهريون در کُليل هيو.
عابد علي هڪ پل وڃائڻ کان سواءِ ڊوڙندو دروازي تائين ويو ۽ گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
رات جي اونداهيءَ ۾، اليڪٽرڪ پول تي لڙڪندڙ هڪ پراڻي بلب جي ناڪافي روشنيءَ کان سواءِ گهٽيءَ ۾ ڪجهه به نه هيو. عابد عليءَ تڪڙ تڪڙ ۾ ڪنڌ ورائي ڪيئي ڀيرا گهٽيءَ جي ٻنهي پاسي ڏٺو، پر سُڃ کان سواءِ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. هُو واپس مڙيو ۽ جنهن تيزيءَ سان ٻاهر نڪتو هو. ساڳي تيزيءَ سان هُو گهر ۾ اندر هليو ويو. کيس يقين ٿي ويو ته خديجه ۽ سندس وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران ئي، صدمي سبب زينب گهر مان نڪري وئي هوندي. تڏهن به هُو پڪ ڪرڻ خاطر ڊوڙندو زينب جي ڪمري ۾ هليو ويو. ڪمري ۾ سڀ ڪجهه موجود هيو، سواءِ زينب جي. عابد عليءَ جو ساهه سُڪي ويو. ڪيئي وسوسا سندس اندر ۾ جاڳي پيا.
ٻئي ڪمري ۾ اڃا به خديجه جا سُڏڪا جاڳي رهيا هئا. فرش تي ويٺل خديجه جو مٿو سندس گوڏن تي رکيل هو ۽ مٿي مٿان سندس هٿ رکيل هئا. عابد عليءَ ڪمري جي در ۾ اچي مايوسيءَ مان رڙ ڪئي،
”زينب هتان هلي ويئي آ !“
خديجه ساڳيءَ حالت ۾ سُڏڪندي رهي. پنهنجي درد کان سواءِ، باقي حالتون هن لاءِ معنى وڃائي چڪيون هيون.
عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ ۽ فڪرمنديءَ مان ڳالهايو، ”زينب ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي پوي!“
خديجه پنهنجي ئي غم ۾ ڦاٿل رهي، ساڳئي حالت ۾ سڏڪندي رهي.
”تون... تون دروازو بند ڪري ڇڏجانءِ.“ عابد عليءَ تڪڙ ۾ ڳالهايو، ” مان هُن کي ڳولڻ ٿو وڃان!“ عابد عليءَ جنهن تڪڙ سان ڳالهايو، انهيءَ تڪڙ سان ئي دروازي مان واپس هليو ويو.
خديجه پنهنجي گوڏن تان مٿو کڻي، سانوڻيءَ جي سهيلين جهڙين اکين سان ڪمري جي در طرف ڏٺو. ڪمري جي در منجهان رات جي اونداهي نظر اچي رهي هئي، جنهن ۾ هاڻي اميد جي ڪنهن به ڏيئي جي روشني باقي نه رهي هئي.