ناول

سيتا زينب

زيب سنڌي جو هي پهريون ئي ناول ”سيتا زينب“ بيحد مقبول ٿيو آهي. هن ناول تي اردوءَ ۾ ٽيلي فلم پڻ ٺاهي وئي ۽ هن ناول کي سال جي بهترين ناول جو ايواڊ پڻ ڏنو ويو. هن ناول کي شاهد حنائِي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جا ٻه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3295
  • 934
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زيب سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سيتا زينب

17

ان مهل رات جا ڏهه ٿيا هئا، جڏهن عابد عليءَ اسٽيشن ماسٽر جو يونيفارم پهري پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو ته پاڻ کي ڏسڻ شرط سندس چهري تي اداسي اچي وئي. روز جيان پنهنجي اندر ۾ پڇتاءَ جي ڇيت چڀڻ جو درد، روح جي گهراين تائين محسوس ڪندي سوچيائين، ”طلاق ٿي وڃڻ باجود خديجه منهنجو ڪيڏو خيال ٿي رکي.... ڪيڏي وفادار هئي مون سان....!“ خديجه جي چڱاين تي سوچيندي عابد عليءَ پنهنجي اندر ۾ گهُٽَ محسوس ڪئي ۽ هن ايڏو ڊگهو ساهه کنيو، جو ان بيحد ڊگهي کنيل ساهه جي پڄاڻيءَ تي سندس ساهه منجهي بيهي رهيو.
”ماني....!“
خديجه جي اوچتي آواز تي ڇرڪي، عابد عليءَ بيحد ڊگهو کنيل ساهه ٻاهر ڇڏيو ته سندس ساهه ۾ ساهه پيو. هن بي اختيار پوئتي منهن ورائي ڏٺو. خديجه تي نظر پوڻ سان عابد عليءَ کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
چهري تي پنهنجي پوتيءَ جو نقاب ويڙهيل خديجه، عابد عليءَ جي ماني ٽيبل تي رکي ڪمري کان ٻاهر هلي وئي.
عابد علي نه چاهيندي به ماني کائڻ لاءِ ويهي رهيو. هن گراهه وات ۾ وڌو ته پهرين گراهه ئي سندس نڙيءَ مان هيٺ لهڻ کان نابري واري ڇڏي، پر پوءِ به هن ٻه ٽي گراهه جيئن تيئن ڪري زوريءَ ڳيتون ڏئي اندر ڪيا ۽ پوءِ مانيءَ مان هٿ ڪڍي ورتو. ٻنهي هٿن کي پاڻ ۾ گَسائي، هٿ ڇنڊي ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏنائين ته سندس نظر ديوار تي ٽنگيل وڏي سائيز واري پراڻي گهڙيال طرف هلي وئي. گهڙيال جي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ ڪمري سان گڏ سندس اندر ۾ به گونجڻ لڳي. هو لڳاتار گهڙيال طرف ڏسندو رهيو. گهڙيال جي وڏي ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ جو آواز ڪمري ۾ ته اوتري جو اوترو ئي رهيو، پر ٽڪ ٽڪ جو اهو آواز عابد عليءَ جي اندر ۾ وڌندو رهيو، وڏو ٿيندو رهيو.... کيس لڳو، ڄڻ وقت سندس سڀ ڪجهه ڦري ورتو هجي. گهڙيال جا ڪانٽا کيس ڪنهن ايڪسپريس ٽرين جي ڦيٿن جيان محسوس ٿيا، جيڪي تيزيءَ سان خديجه کي هن کان پري کڻي وڃي رهيا هئا. بيشڪ طلاق ٿي وڃڻ کان پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ زال ۽ مڙس واري فطري تعلق جو ته، تصور به هنن ٻنهي جي وچ ۾ نه هو، پر طلاق واري ڏينهن کان پوءِ عابد عليءَ اڄ تائين ڄاڻي واڻي ڪڏهن، خديجه جو چهرو به نه ڏٺو هو. ان جي باوجود، عدت جي ڏينهن ۾ خديجه جي ساڳئي ئي گهر ۾ موجودگي عابد عليءَ لاءِ ڄڻ رڃ ۾ ڇانوري جهڙي هئي، پر جيئن جيئن عدت جا ڏينهن گذرندا پئي ويا، تيئن اهو ڇانورو به ڄڻ ختم ٿيندو پئي ويو. لڳاتار گهڙيال طرف ڏسندي عابد عليءَ محسوس ڪيو ته عدت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ، جڏهن خديجه سدائين لاءِ سندس گهر مان هلي ويندي، تڏهن هو ڄڻ ڪنهن ننڍڙي ٻار جيان گهر ۾ اڪيلو رهجي ويندو. وقت جو ڦيٿو خديجه کي سدائين لاءِ هن کان پري کڻي ويندو ۽ هو سدائين لاءِ پڇتاءَ جي پينڊوليم تي ٽنگيل رهجي ويندو!
خديجه پاڻيءَ جو گلاس آڻي عابد عليءَ جي اڳيان ميز تي رکيو ته هو ڇرڪي پيو.
”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه!؟“ خديجه، عابد عليءَ جي پريشان چهري ۽ اڻ کاڌل مانيءَ طرف ڏسندي فڪرمنديءَ سان پڇيو.
”ها.... ٺيڪ آهي.“ عابد عليءَ هيڻي لهجي سان ڳالهايو ۽ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيائين.
”ته پوءِ ماني ڇو نٿا کائو؟“ خديجه پنهنجي چهري تي ويڙهيل نقاب کي ٺيڪ ڪندي چيو، جيڪو اکين کان ٿورڙو هيٺ ٿي ويو هو.
”بس الائجي ڇو.... نٿي وڻي ماني!“ عابد عليءَ ڪنڌ مٿي کڻڻ بنا چيو.
جيتوڻيڪ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ خديجه جو چهرو به نقاب ۾ ويڙهيل هو، پوءِ به خديجه کي اوچتو جڏهن اهو احساس ٿيو ته هوءَ لڳاتار عابد عليءَ جي سامهون بيٺي آهي، تڏهن هن منهن ٻئي طرف ڪري، عابد عليءَ کي پٺي ڏيندي ڏک مان چيو، ”اڳي ماني نه وڻندي هيوَ ته شڪايت ڪندا هيئو، پر هاڻي ته شڪايت به نٿا ڪيو!“
”مون کي توهان سان ڪابه شڪايت ناهي.“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جيئن جو تيئن جهڪيل ئي رهيو، ”بلڪ توهان جي مهرباني آهي جو اسان جي وچ ۾ طلاق ٿي وڃڻ باوجود، توهان منهنجي کاڌي پيتي جو خيال رکيو آهي ۽ اڳي جيان ئي گهر کي به صاف سٿرو رکيو آهي!“
”مهرباني ته توهان جي آهي، جو عدت جو وقت به توهان جي گهر ۾ گذاري رهي آهيان.“ عابد عليءَ کي پٺي ڏئي، ڪمري جي در طرف منهن ڪري بيٺل خديجه فڪر منديءَ سان ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو،
”ڪا خبر ناهي ته عدت جا ڏينهن هن گهر ۾ گذارڻ کان پوءِ مان ڪيڏانهن وينديس!“
”توهان ڳڻتي نه ڪيو خديجه!“ عابد عليءَ جو ڪنڌ جهڪيل ئي رهيو، ”الله وڏو آهي.“
”بيشڪ.... بيشڪ الله وڏو آهي.“ خديجه درد مان ڳيت ڏني، ”پر هن سڄي دنيا ۾ ته منهنجو ڪوبه ويجهو مٽ مائٽ يا عزيز ڪونهي.... سڀ ڪجهه توهان ئي هيا.... پر.... طلاق کان پوءِ ته....“ خديجه وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي.
”توهان کي خبر آهي ته مان توهان کي طلاق ڏيڻ واري غلطيءَ تي ڏاڍو پشيمان به آهيان ۽ پاڻ کي توهان جو مجرم به محسوس ڪندو آهيان!“ عابد عليءَ پڇتاءَ جي گهري احساس سان ڳالهايو، ”رب رحيم آهي، توهان جي عدت جا ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ توهان لاءِ ضرور ڪا بهتريءَ جي صورت پيدا ڪندو.“
”هڪ عورت لاءِ گهرَ جهڙي پناهه گاهه کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بهتر صورت ٿي سگهي ٿي!“ خديجه جي سڄي وجود کي مايوسي ورائي وئي، ”عدت جي باقي رهيل ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته.... مون کي هي گهر ڇڏڻو ئي پوندو!“
ڪنڌ جهڪائي ويٺل عابد عليءَ کي احساس ٿيو ته جهڪيل ڪنڌ هئڻ جي باوجود، سندس نظر پٺيري بيٺل خديجه جي پيرن تي پئجي رهي هئي، تڏهن هن ڪرسيءَ کي ڦيرائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ۽ پٺيري بيٺل خديجه کي پٺي ڏئي ڇڏي. طلاق ٿي وڃڻ سبب ٻنهي کي شدت سان اهو احساس هو ته، هو ٻئي هڪ ٻئي لاءِ نامحرم آهن. ان ڪري خديجه جي پردو ڪرڻ باوجود سندن اها ئي ڪوشش هوندي هئي ته، هو وڌيڪ وقت لاءِ هڪ ٻئي جي سامهون نه هجن. خديجه فقط ماني ڏيڻ لاءِ ئي عابد عليءَ جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ هو پاڻ ۾ تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا. ڪڏهن ٿورو وڌيڪ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت محسوس ٿيندي هئي ته خديجه، عابد عليءَ جي ڪمري ٻاهران در جي اوٽ ۾ بيهي ڳالهائي وٺندي هئي يا عابد عليءَ کي خديجه سان ڳالهائڻو هوندو هو، ته هو خديجه جي ڪمري جي در ٻاهران وڃي بيهندو هو ۽ خديجه ڪمري جي اندران ئي سندس ڳالهه جو جواب ڏيندي هئي. هڪ ئي ڪمري ۾، هڪ ٻئي کي پٺي ڏئي ڳالهائڻ جو اتفاق به گهٽ ئي ٿيندو هو.
پٺيري ويٺل عابد عليءَ کي اندازو هو، ته خديجه اڃا به سندس ڪمري ۾ موجود آهي، پر تڏهن به هن پڪ ڪرڻ لاءِ ڳالهايو، ”خديجه!“
”جي!“ خديجه جهيڻي آواز سان وراڻيو.
”توهان جي هن گهر مان وڃڻ جو ڏک ته سڄي زندگي مون کي اندر ئي اندر کائيندو رهندو.“ عابد عليءَ جون اکيون آليون ٿي ويون،
”پر.... سڄي زندگي دعا ڪندو رهندس مان توهان کي.“
”دعائن ۾ ته مون کي به توهان سدائين ياد رهندا. ايئن ئي، جيئن هاڻي به جڏهن دعا لاءِ هٿ کڻندي آهيان، ته منهنجي چپن مان پهرين دعا توهان جي سلامتيءَ ۽ خوشين لاءِ ئي نڪرندي آهي.“ خديجه جو آواز ڀرجي آيو، ”پر.... منهنجي ڪا غلطي يا ڪوتاهي هجي ته معاف ڪري ڇڏجو مون کي!“
”غلطي ته مون ڪئي هئي.... ڪوتاهي ته مون کان ٿي هئي.... جو پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط نه ڪري سگهيو هئس.... ۽ ننڍڙي ڳالهه تي توهان کي طلاق ڏئي ڇڏي هيم!“ عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ ٽمي سندس ننڍڙي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پيا، ”پر.... وري به مان توهان جو شڪر گذار آهيان، جو توهان منهنجي گذارش تي پنهنجي عدت جا ڏينهن هتي گذاريو پيا.... ۽ الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، جو طلاق کان پوءِ به الله پاڪ اسان ٻنهي کي ثابت قدم رکيو آهي ۽ ڪبيري گناهه کان محفوظ رکيو آهي.“
خديجه ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”توهان ٻي شادي ضرور ڪري ڇڏجو!“
عابد علي ڪرسيءَ تان اٿي بيهي رهيو. هن پٺيري بيٺل خديجه طرف منهن ورائي ڏسڻ کان سواءِ ئي ٿورو ناراض انداز سان چيو، ”ڏسو، مون توهان کي اڳي به چيو هو ته مون کي اهڙي صلاح نه ڏيندا ڪيو!“
”هڪ ڳالهه سچ ٻڌايو.“ خديجه جو آواز ڪنبي رهيو هو.
”ڇا؟“
”زينب ڪٿي آهي!؟“ خديجه جي نڙي ۾ اٽڪيل سوال ڀڙڪو ڏئي ٻاهر نڪتو.
”ڏسو.... مون ڪيترا دفعا چيو آهي ته هن گهر مان وڃڻ کان پوءِ مون کي زينب جي ڪابه خبر ناهي!“ عابد عليءَ نهايت تحمل سان وراڻيو.
خديجه خاموش رهي.
”توهان کي خبر آهي ته مان ڪوڙ ڳالهائڻ جي گناهه کان بچندو رهيو آهيان.“ عابد عليءَ جي لهجي ۾ شڪايت سان گڏ گڏ ڏک به هو،
”پر ان جي باوجود توهان اهو سوال مون کان ڪيترائي ڀيرا پڇيو آهي!“
خديجه چپ چاپ بيٺي رهي.
عابد عليءَ کي لڳو، ته شايد خديجه کي اڃا به سندس ڳالهه تي اعتبار نه آيو هجي. ڪجهه لمحا سوچي هن ٿڌو ساهه کڻي چيو، ”چئو ته اڄ مان قسم کڻان ان سلسلي ۾!“
”نه نه....“ خديجه هڪدم وراڻيو، ”قسم کڻي پاڻ سان گڏ مون کي به گناهگار نه ڪيو!“
”خديجه! توهان يقين ڪيو ته مون کي ڪابه خبر ناهي ته زينب ڪيڏانهن هلي وئي!“ عابد عليءَ وري هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”ايئن ئي، جيئن ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مسافرن جي باري ۾ خبر ناهي هوندي، ته ڪهڙو مسافر ڪيڏانهن ويندو.“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو.
هڪ لمحي جي خاموشيءَ کان پوءِ، عابد عليءَ وري ڳالهايو، ”هي گهر ته بس.... زينب لاءِ ڄڻ هڪ پليٽ فارم ئي هيو، جتي ڪجهه وقت ترسي هوءَ نڄاڻ ڪيڏانهن هلي وئي!“
”۽ هاڻي مان انهيءَ ساڳئي پليٽ فارم تي بيٺي آهيان!“ خديجه اداسيءَ مان چيو.
عابد عليءَ وٽ خديجه جي ڳالهه جو ڪوبه جواب نه هو. هو چپ چاپ ديوار طرف منهن ڪيو بيٺو رهيو.
”پليٽ فارم تي بيٺل مسافر کي منزل جي خبر ته هوندي آهي.“
خديجه جي آواز ۾ ولر کان وڇڙيل ڪونج جهڙو درد هو، ”مون کي ته اها به خبر ناهي ته وقت ۽ حالتن جي ٽرين مون کي ڪيڏانهن کڻي ويندي!“
”نائيٽ ڪوچ جي گذرڻ جو وقت ٿي ويو آهي. مان وڃان ٿو.“
عابد علي، خديجه جو درد برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪنڌ جهڪائي، خديجه جي پاسي مان گذري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
خديجه رات جي سانت ۾، پنهنجي سُڏڪي سان گڏ عابد عليءَ جي ڪمري ۾ ئي بيٺل رهجي وئي.