21
”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي!“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو.
”هڪڙو منٽ ترسو!“ ڪمري اندران خديجه جو آواز آيو.
عابد علي ڪنڌ جهڪائي در ٻاهران بيٺل رهيو.
خديجه رئو مٿي تي ٺاهي رکي، رئي جي پلئه سان منهن ڍڪيو ۽ اٿي دروازي طرف هلي وئي. در جو تاڪ تمام ٿورڙو کولي، تاڪ جي اوٽ ۾ بيهي چيائين، ”جي....!؟“
”جاڳو پيون توهان به!“ عابد عليءَ ٿڌو ساهه کنيو.
”ها، ننڊ نه پئي اچي!“ خديجه اداسيءَ مان وراڻيو.
عابد عليءَ تمام ڊگهو ساهه کڻي چيو، ”جڏهن زندگيءَ جا مشڪل مرحلا سامهون ايندا آهن، تڏهن ننڊ به ساٿ ڇڏي هلي ويندي آهي!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏنو. پنهنجي رئي جي پلئه کي ڏندن ۾ ڀيڪوڙي ڇڏيائين.
”اسان جي طلاق کي چار مهينا گذري ويا آهن!“ عابد عليءَ جهڪيل ڪنڌ سان چيو، ”۽ توهان جي عدت جا باقي فقط ڏهه ڏينهن بچيا آهن!“
هڪ لمحي لاءِ خديجه کان ساهه کڻڻ وسري ويو. ٻئي لمحي ڏندن ۾ ڀيڪوڙيل رئي جو پلئه ٻاهر ڪڍي وڏو ساهه کڻي چيائين، ”مان سمجهان ٿي توهان جي ڳالهه.... ته هاڻي مون کي جلدي هن گهر مان وڃڻو آهي!“
”پر سوال ته وري به اهو ئي آهي ته....“ عابد عليءَ انتهائي پريشانيءَ سان پنهنجا هٿ مهٽيندي چيو، ”توهان ويندئو ڪيڏانهن....!“
خديجه ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي.
عابد عليءَ پنهنجي هٿن کي مهٽيندي، ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ ڦاسائي ڇڏيون، ”مون ڏاڍو سوچيو آهي پر.... ڪوبه حل ڪونهي انهيءَ معاملي جو.... ٻيو ڪوبه رستو ناهي....!“ عابد علي چپ ٿي ويو.
خديجه در جي تاڪ پويان خاموش بيٺي رهي.
”مون کي خبر آهي ته توهان بيحد نيڪ ۽ شريف عورت آهيو ۽....“ عابد عليءَ جا ڀيڪوڙيل هٿ ڇڏائجي ويا ۽ هن پاڻ تي جبر ڪري ڳالهايو، ” .... ۽ توهان.... ڪنهن به شريف ماڻهوءَ سان زندگي گذاري سگهو ٿيون!“
خديجه پنهنجي سڄي وجود کي وڍجندي محسوس ڪيو ۽ پنهنجو مٿو، هٿ سان جهليل تاڪ تي رکي منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيائين.
عابد علي ڪي لمحا چپ چاپ بيٺو رهيو ۽ پوءِ پاڻ تي جبر ڪندي چيائين، ”جيڪڏهن.... توهان اجازت ڏيو ته.... ته مان.... انهيءَ سلسلي ۾ توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو!“
خديجه در جي تاڪ تان مٿو کڻڻ کان سواءِ درد مان پنهنجا چَپَ ڀيڪوڙي ڇڏيا، اکيون زور سان بند ڪري ڇڏيائين.
”توهان جي رشتي جي سلسلي ۾.... مان.... مان ڪنهن سان ڳالهائي سگهان ٿو!“ عابد عليءَ پنهنجو ساهه منجهندي محسوس ڪيو.
خديجه انتهائي پريشانيءَ سان پنهنجو مٿو در جي تاڪ تان مٿي کنيو، ته سندس اکيون وسڻ جا ويس ڪرڻ لڳيون. سُڏڪي جهڙو هڪ ڊگهو ساهه کڻي چيائين، ”پر.... اسان جي طلاق جي ڪنهن کي به خبر ناهي. ڇا چوندا ماڻهو، ته هڪ مڙس.... پنهنجي زال جي لاءِ ٻيو مڙس پيو ڳولي!!“
عابد علي ڊگهو ساهه کڻي پاڻ ۾ ڳالهائڻ جي همت پيدا ڪئي، ”توهان کي خبر آهي ته مون طلاق جا ڪاغذ ٺهرائي ڇڏيا هئا، اهو ثبوت ته آهي اسان وٽ!“
خديجه جون اکيون سانوڻيءَ جون سهيليون ٿي پيون.
”۽ مان....“ عابد عليءَ جون اکيون به آليون ٿي ويون، ”مان پنهنجي انتهائي اعتبار جوڳن دوستن سان ڳالهائيندس.... انهن منجهان.... شايد.... شايد ڪوئي توهان سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي پوي!“
خديجه ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڳالهائي نه سگهي. لفظ ڪنڊي جيان سندس نڙي ۾ اٽڪي پيا.
”توهان کي خبر آهي ته منهنجا دوست نهايت شريف انسان آهن.“ جهڪيل ڪنڌ هئڻ سبب، عابد عليءَ جي اکين مان ٻه لڙڪ نڪتا ته سڌو وڃي زمين تي ڪريا. هن ڳيت ڏئي پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”پر.... تڏهن به جيڪڏهن توهان کي ڪو اعتراض آهي، يا.... يا پنهنجي لاءِ ڪو شخص نظر ۾ هجيوَ ته.... مون کي ٻڌائي سگهو ٿيون!“
خديجه جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي جيان اٽڪيل لفظن، سڏڪن جو روپ اختيار ڪري سندس چپن جا بند ٽوڙيا، ته هن پنهنجي چپن تي هٿ رکي، پاڻ کي گهُٽي، زندگيءَ جو زهر پنهنجي اندر ۾ ئي اوتڻ جي ڪوشش ڪئي.
”توهان يقين ڪيو خديجه!“ عابد عليءَ پنهنجي دل تي ڇِپَ رکي ڳالهايو، ”مان توهان جي پوري مدد ڪندس.... جيڪڏهن.... جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ ڪوئي آهي ته....!“
خديجه پنهنجي سڏڪن کي گهُٽيندي، وڏ ڦڙا وسائيندڙ اکين کي زور سان بند ڪيو ۽ هوءَ پنهنجي جسم کان روح تائين شرم ٻوٽيءَ جيان ڪومائجي به وئي.
عابد علي ڪيتري دير تائين ڪنڌ جهڪائي خاموش بيٺو رهيو. جڏهن خديجه جي گُهٽيل سڏڪن جو آواز ڪجهه گهٽيو، تڏهن عابد عليءَ ڪنهن جواب لاءِ پنهنجو جُهڪيل ڪنڌ کڻي در جي تاڪ طرف ڏٺو. ٿڌو ساهه کڻي چيائين، ”توهان منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو.... ڪوئي آهي توهان جي نظر ۾!؟“
”مون ته....“ خديجه گهُٽيل سڏڪن جي وچ مان ڳالهايو، ”مون ته زندگيءَ ۾.... توهان کان سواءِ.... ڪڏهن ڪنهن ڏانهن نظر کڻي ڏٺو ئي ناهي!“
خديجه جي لفظن، گولين جيان عابد عليءَ جي سڄي دل کي ٽُنگ ڪري ڇڏيا ۽ سندس اکيون تيز بارش ۾ وهندڙ نيسارن جيان وهي پيون. هن پنهنجو پاڻ کي ڦاٽي پوڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ڳالهايو، ”ته پوءِ.... ڇا توهان.... مون کي.... مون کي اهو اختيار ڏيو ٿيون.... ته.... ته مان.... توهان جي رشتي لاءِ ڪنهن سان ڳالهايان!؟“
دروازي جي پويان ڪنهن جواب اچڻ بجاءِ، در جو ٿورڙو کليل تاڪ زور سان بند ٿيو، پر بند دروازو خديجه جي بيحد ڊگهي ۽ درد ڀرئي سڏڪي کي، عابد عليءَ جي ڪنن تائين پهچڻ کان روڪي نه سگهيو. خديجه جي انهيءَ سُڏڪي ڪاتيءَ جيان عابد عليءَ جي وجود کي وڍي ڇڏيو ۽ عابد علي ڪنهن ٻانهن وڍيل ٻار جيان، اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو ٻئي ڪمري طرف هليو ويو.