ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

• اداري پاران

عبدالسلام ٿهيم (جنم 15 مارچ 1980ع) نئين ٽهيءَ جي انهن جاکوڙيندڙ ڪهاڻيڪارن مان هڪ آهي، جيڪي سنڌي جديد ڪهاڻيءَ سان پيار ڪندي، مسلسل انهيءَ ۾ خوبصورت واڌارو ڪري رهيا آهن. سندس پهرين ڪهاڻي – ڪتاب ‘اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس’ ۾ شامل سندس 14 مختلف موضوعن تي لکيل ڪهاڻيون ان پيار جو ثبوت آهن.
سنڌي نئين ڪهاڻي پنهنجي جاري سفر ۾ جتي نوان موضوع کڻي اچي رهي آهي،اتي پيشڪش ۾ پڻ نواڻ ڏيڻ جي شعوري ڪوشش ڪري رهي آهي. عبدالسلام ٿهيم جون ڪهاڻيون ‘فيس پڪچر’، ‘بي حسي’، ‘اوسيئڙي ۾ جڙيل آس’ ۽ ‘حاصلات’ وغيره جھڙيون ڪهاڻيون معاشري جي الڳ پاسن ڏانهن پنهنجي هڪ جدا نگاهه وجھڻ جي ڪوشش آهن، جيڪي پنهنجي روح ۾ مثبت ۽ روشن ضميريءَ جي پاڻ گواهي ڏيئي رهيون آهن.
عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
سنڌي جديد ڪهاڻي، جيڪا محنت ۽ توجهه گُھري پيئي، اُهو هن گلوبل دور جي مصروفيت (ليکڪ جي معاشي مسئلن جي ڌُٻڻ) ۾ غرق هجڻ سبب لاحاصل ٿيندي پئي وڃي، جنهن ڪري نه ڪهاڻي ايتري لکي ٿي وڃي، نه وري ڪهاڻي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. اهڙي سمي ۾ نئين ٽهيءَ جي پختي ڪهاڻي نويس عبدالسلام ٿهيم جو ڪتاب ‘‘اوسيئڙي ۾ جڙيل آس’ سنڌي ڪهاڻي پڙهندڙن لاءِ تحفي جھڙو ڪتاب آهي.

سعيد سومرو
ڪنول پبليڪيشن قنبر
Saeedsoomro4@yahoo.com
Cell: 0333-7523132