• ليکڪ پاران: مڪلمتا ڏانهن پهرين وک
جيتوڻيڪ آءٌ هميشه حالتن جو شڪار ٿيندو رهيو آهيان، تنهن هوندي به حوصلو ناهي هاريو. مصيبتن جي ڏمريل ٻوٿ ڏي به مون مرڪي ڏسي وک اڳيان وڌائي هوندي ۽ انهيءَ سفر دوران منهنجي مزاج ۾ ڪڏهن به خوف نه آيو آهي. جيستائين عزم باقي آهي تيستائين ڪا به محرومي يا اڻپورائي حوصلو ناس نه ڪري سگهندي ۽ انهيءَ حوصلي جي طفيل ئي فطرت مونکي لکڻ وارو گس ارپيو، مان زندگي جي اڻپورائين کي مڪلمتا جو جامو پهرائڻ لاءِ لکان ٿو. منهنجي هر ڪهاڻي ۾ منهنجي مزاج جو اثر شامل آهي، هونئن به ورلي ڪو ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪنهن ڪهاڻي جي ڪردار ٿيڻ کان پاڻ بچائي سگهندو آهي. مون هميشه پنهنجي ڪهاڻي ۾ مثبت راءِ رکي عام اڳيان عيان ڪئي آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته مون هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ اک کولي، تنهن سبب ننڍپڻ کان ئي طبيعت ۾ بگاڙ ۽ بي راهه روي نه رهي. مون غلط عملن ۾ به سٺائي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي شروع کان اها ڪوشش رهي آهي ته مان پڙهندڙ ڏانهن مثبت خيال منتقل ڪيان، جيڪو هن کي بهتر دڳ ڏانهن وٺي وڃي. لفظي ڀرمار کان مونکي چڙ رهي آهي. اڄڪلهه ته اهو جهان ادبي کيتر ۾ ڪجهه سوايو نظر اچي ٿو. جڏهن ته لفظي جادوگري کان وڌيڪ سگهارو خيال اهميت جي حامل هوندو آهي. هر لکاري کي مقصد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، بامقصد خيال کي خوبصورت لفظن جي گهاڙيٽي ۾ سمائي پنهنجي مثبت سوچ جي محور تان نه هٽڻ گهرجي. جنهن انهيءَ ڪوشش ۾ سڦلتا ماڻي، تنهن ڄڻ پنهنجيون سوچون ۽ گهڙيون سجايون ڪري ڇڏيون.
لکڻ جي معاملي ۾ آءٌ ڪڏهن به مستقل مزاج نه رهيو آهيان، جيڪا منهنجي خامي چئجي يا وري حالتن جي ستم ظريفي ... !! بس جڏهن به راڻو روح راضي ٿيو هوندو ته سوچون ڪاڪ جا پنڌ ڪندي تحرير سڌي مومل ماڻڻ لاءِ نڪري پونديون آهن.
هونئن به جنهن تخليق ۾ روح جو لاڙو نه هوندو آهي، سا ٻين تي ڇا پر پاڻ تي ئي بار محسوس ٿيندي آهي، ماڻهو جي هر عمل ۾ روح جو راضپو ۽ عشق شامل هئڻ گهرجي. منهنجي هر لکڻي مشاهداتي ۽ تجرباتي آهي. هر ڪهاڻي ۾ حقيقتن جا رنگ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. جڏهن ڪا وارتا، ڏاڍ، آهُن دانهن، احساسن جي لتاڙ، پيار جي پاڇي ۾ ٿيندڙ جُٺ يا ميلاپ جي بهار ماڻڻ کان پهرين وڇڙي ويل محبتن ۾ ٿيندڙ سڏڪا، لڙڪن لارون، پٽڪا ٻڌا، ڏٺا، محسوس ڪيا هوندم ته لکڻ کان رهي نه سگهيو هوندس. مون ڪڏهن به سمجهه ۾ نه ايندڙ خيالن تي وقت ضايع نه ڪيو آهي. هميشه سادي ٻولي ۾ معاشري جون حقيقي ڪهاڻيون سرجڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. منهنجي ڪهاڻين جا پلاٽ، ڪردار، خيال به سماج سان ئي جڙيل آهن، منهنجو اهو خيال رهيو آهي ته اها ڪهاڻي جيڪا سڌي سنئي معاشري سان جڙيل هجي، سا پڙهندڙ تي سڌو اثر انداز ٿي هڪ آئينو بنجي کيس پنهنجي ذاتي ڪردار مان جهول ڪڍڻ ۾ مدد ڏي ٿي. آءٌ انهيءَ ڪوشش ۾ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان. تنهنجو مثبت ۽ بهتر فيصلو توهان ئي ڏئي سگهو ٿا ڇاڪاڻ هر ليکاري لاءِ هر تخليق سچار پٽ جيان هوندي آهي، پوءِ ڀل اها ڪوڙو پٽ ڇو نه هجي ....!!
هر تخليقار کي پنهنجون لکڻيون عزيز هونديون آهن، انهيءَ جي پويان وڏيون پيڙائون هونديون آهن. هو اوجاڳا ڪري ڪڙهي، پچي پوءِ ئي ڪا راءِ ڏي ٿو، اها راءِ ڪيتري لاڀائتي ثابت ٿئي ٿي، تنهنجو پتو پڙهندڙ کي ئي ڀلي ڀت هوندو آهي. مان به توهانجي راءِ جو منتظر رهندس.
“اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” جي منظر عام تي اچڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اڻپورائين جو جمود ٽٽو آهي، زندگي جي ڪنهن ته مقصد مڪلمتا جي ڪنوارسان لائنون لڌيون آهن، انهيءَ سرهائي کي مان لفظن ۾ سموئي نه پيو سگهان ...!
هن ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ ۾ جنهن دوست جو اُتساهه مون سان گڏ رهيو، سو آهي حسيب ڪانهيو ... حسيب نه فقط مون کي همٿايو، پر هن ڪتاب ڪمپوز ڪري دوستيءَ ۾ عملي ڪم به ڪيو، سندس ساٿ کيرون لهڻي. ساڳي جڳهه تي دوست رضوان گل جا به وڙ، جنهن سهڻو ٽائيٽل ڊزائين ڪري ڄڻ منهنجي ڪتاب کي سونو نڪ ڏنو، منهنجي انهيءَ پهرين وک ۾ اياز امر شيخ، اختر حفيظ ۽ واحد پارس هيسباڻي به پنهنجي راءِ ذريعي مون سان گڏ هئڻ جو دوستي ۾ ثبوت ڏنو آهي.
“اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” جو مهاڳ لکندڙ سائين محمد صديق منگيو جون به مهربانيون، جنهن نه فقط مهاڳ لکيو، پر ڪتاب غور سان پڙهي نظرثاني به ڪئي.
ڪجهه ماڻهو پس منظر ۾ هوندا آهن، ڪنهن به شيءَ کي تعمير ڪرڻ ۾ انهن جو ئي اهم ڪردار هوندو آهي. اهڙو ئي هڪ حوالو منهنجي ذاتي ۽ ادبي ڄمار سان جڙيل منهنجي مامي برک قومي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار نورالدين نفيس جو آهي، ‘‘ماما نفيس” ئي مونکي گهڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، هن جي ئي چيچ پڪڙي مان ادبي پيچرن تي پيرڙا کوڙي هلڻ لڳس.
آخر ۾ نوجوان شاعر ۽ پبلشر سعيد سومرو جا به قرب، جو هن ڪنول پبليڪيشن پاران منهنجو هي ڪتاب “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” ڇپرائي، توهان جي هٿن تائين رسائڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، اميد ته سندس اهڙن جذبن تي ڪڏهن به پوڙهائپ جا پاڇا نه ايندا.
عبدالسلام ٿهيم
جاتي- ٺٽو
Cell: +92 333 2565570
E-mail: abdulsalamthaheem@yahoo.com