ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

• جرئتمند ڪهاڻيڪار

عبدالسلام ٿهيم سنڌ جو انتهائي سهڻو نثر نويس آهي، پاڻ نه رڳو بهترين ڪهاڻيون لکي پيو پر ڪالم نگاري جو به کيس ڀرپور ڏانءُ آهي. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب سان ڪئي. اسان هلال پاڪستان، عوامي آواز، جاڳو اخبارن جي ٻاراڻن صفحن ۽ ٻاراڻن رسالن گلڙا، گل ڦل، روشن دنيا وغيره ۾ گڏگڏ لکندا ۽ ڇپجندا هئاسين. اهو دور جڏهن موبائل ۽ انٽرنيٽ جو تصور به عام نه ٿيو هو ۽ خطن ذريعي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهبو هو، ان دور ۾ اسان هڪٻئي سان قلمي رابطو جوڙيو هو ۽ هڪٻئي کي تڪڙا تڪڙا خط لکندا هئاسين، انهن خطن ۾ ذاتي حال احوال، مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ علمي ادبي بحث هوندا هئا. ڳالهه حسام سومري کان شروع ٿي گارشيا مارڪيز تائين پهچندي هئي. اسان کي هڪٻئي جي خطن جو شدت سان انتظار هوندو هو. وقت حالتن جي اٿل پٿل سبب اهي خط ته خبر ناهي ڪيڏانهن هليا ويا پر اسان خلوص واري تعلق کي ڪيڏانهن به وڃڻ نه ڏنو آهي. اسان جي سڪ اڃا تائين جيئن جو تيئن قائم و دائم آهي.
عبدالسلام جي نثر ۾ جيڪا ڳالهه متاثر ڪندڙ آهي، اها سندس عوامي ٻولي آهي، هن جا ڪردار به عوامي آهن جيڪي اسان کي پنهنجي ڀرپاسي ۾ گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿا. هن جي ٻاراڻين ڪهاڻين ۾ به گلاب ڇولن وارو، نواب بوٽ پالش وارو، رزاق قلفي وارو، شعبان مال چارڻ وارو وارا ڪردار هوندا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ مريخ جي دنيا نه پر هن ڌرتي واري دنيا هوندي آهي. هن جي ڪردار نگاري ايتري ته ڪمال جي هوندي آهي جوائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ماڻهو پاڻ ڪهاڻي جو حصو هجي. سندس ٻاراڻي ادب جي ڪهاڻين کان وٺي وڏن جي ادب جي ڪهاڻين تائين ۾ هڪ پيغام ملي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ وڻن جي ٿڙن تي نالا لکڻ، ڪينجهر جي ڪناري تي هٿ ۾ هٿ ڏئي گهمڻ، يونيورسٽي ۾ اوچتو پيار ٿيڻ، پوءِ هڪ جي زوري شادي ٿي وڃڻ جي ڪري وڇڙي وڃڻ جهڙا روايتي موضوع ناهن. (انهن موضوعن تي ايترو ته لکيو ويو آهي جو هاڻي پڙهي دل ڪچي ٿيڻ لڳي ٿي) پر سماج جي رهزني، مفاد پرستي، منافقت، ڌوڪيبازي، ظلم ۽ بربريت هن جا موضوع آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪردار خميسو هاري، شمون مزدور، بچائي، زينب ۽ اهڙا ٻيا ڪردار آهن، جيڪي سماج ۾ زنده لاش بڻيل آهن ۽ وک وک تي ڀوڳين ٿا. هي جيڪڏهن رومانس تي به لکي ٿو تڏهن به سندس انداز روايتي نه ٿو هجي پر ان ۾ انفراديت ملي ٿي. هن جي ڪهاڻين جي پڄاڻي ۾ هڪ پيغام ملي ٿو. هن جي ڪهاڻين ۾ مذهبي تنگ نظري جي نندا وارا موضوع به ملن ٿا، تنگ نظر ماحول ۾ رهڻ جي باوجود لکڻ وقت هي ڪٿي به مصلحت يا خوف جو شڪار نظر نٿو اچي. هي جيڪو ڪجهه به ڏسي ٿو يا محسوس ڪري ٿو ان تي پوري ايمانداري ۽ جرئتمندي سان لکي ٿو.
عبدالسلام منهنجو دوست آهي پر مان دوستي کان هٽي ڪري اها راءِ ڏيان ٿو ته هي پنهنجي ٽهيءَ جو زبردست نثر نويس آهي. اسان وٽ اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته اهي ليکڪ جن کي مشهوري ئي ٻاراڻي ادب کان ملي ٿي اڳتي هلي اهي نه رڳو ٻاراڻو ادب لکڻ ڇڏي ڏين ٿا پر ان کي پنهنجي شان جي خلاف به سمجهن ٿا پر عبدالسلام ٿهيم نه رڳو مسلسل ٻارن لاءِ لکي رهيو آهي، پر ڊگهي عرصي کان جاتي مان ٻارن جو رسالو ‘روشن تارا’ به شايع ڪري رهيو آهي. سندس اها ڪميٽمنٽ سچ به تعريف لائق آهي.

واحد پارس هيسباڻي
ايڊيٽر
عبرت مئگزين
30.05.2013