4. ڇُٽل تير
صوبيدار زماني جو ماڻهو هو ۽ ٻيو ته ظاهر آهي ته پوليس وارو هو سو تڙ تڙ جو پاڻي پيتل هئس، هُن کڻي ڳالهه چوري ۽ هِن کڻي ڦاٽ کاڌو! “اڙي سائين انهن کي ڪهڙي خبر ...! مون کان پُڇ نه ...! !”
اوجهري نه گوشت، پوليس نه دوست! سو جيڪا ڦوڪ ڇڏيائين. سا ڳچي ۾ ئي پئجي ويس. صوبيدار کڻي سوگهو ڪيس، اهڙو هٿ جو پاڻي ڏنائينس جو همراهه پڇاڙي قرآن کڻي جان ڇڏائي! صوبيدار اهڙي ته حجامت ڪئي هيس جو ٻين جا مٿا ڪوڙڻ تان هٿ کڻي ويو، ۽ دوڪان کي ئي تالو هڻي ڇڏيائين. چار ايڪڙ ذاتي زمين هيس، چوڌري عنايت سان پُراڻي رهائي هيس، تنهن کي منٿ ڪيائين ته چوڌري عنايت وٽانئس زمين مقاطعي ۾ وٺي ان ۾ مرغين جا شيڊ لڳائي کيس ئي منشي بڻائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ ته مُڙس جي اصل لٺ پئي لڳندي هئي. ٺٺن ۾ هيو. لوڙهه ته خير پهرين به نه هيس، ڇاڪاڻ ته پُٽ ماستر هيس، جڏهن ته زالهنس به گهر ۾ دوڪان هنيو هيس، جنهن ۾ ميڪ اپ جو سامان، چوڙيون، پونيون، سڳيون، ڪوڙا زيور ۽ ٻيا به ڪافي زائفائن جي استعمال جا وڙ رکيل هئا. سندس زال مُڙسن جو مَٽ هئي. اڪيلي ڪراچي حيدرآباد خريداري ڪرڻ هلي ويندي هئي. لنڊا بازار، چاڪيواڙا، بولٽن مارڪيٽ، بابر مارڪيٽ توڙي صدر ته ڪراچي ۾ هن جي لاءِ ڪا ڳالهه ئي نه هئي. جڏهن ته هي مُڙس وري ڄائي ڄم کان خفتي! جي پڇيس ڪڪڙ جو ته اصل ڪڪڙ جي بُڻ بُڻياد مان نڪري ويندو هيو. جي موسم اچي مسافر پکين جي شڪار جي ته همراهه جا مارين تان ائين پيا ڦيرا پوندا هئا ڄڻ سڀئي هن جي خرچ تي شڪار ڪندا هجن! عمر جي لحاظ کان سٺ سالن کي رسڻ وارو هيو. پر پوءِ به پاڻ تي پيري جي پاڇي کي به برداشت نه ڪندو هو. مس وارن مان اڇاڻ نظر ايندي هئي ته يڪدم ڪيس جي پوچي ڏئي ڇڏيندو هيو. نراڙ مٿان کُسي ويل وارن سبب ظاهر ٿيل ٽڪڻ کي ٽِڪن واري ٽوپي سان لڪائيندو هيو. هميشه ڳلو کولي سينو تاڻي هلندو هيو. ڳليءَ ۾ جيڪڏهن ڪا اڪيلي زائفان منهن ۾ پوندي هيس ته اصل مائي جي ڪڍ لڳي پوندو هو. جيستائين زائفان پنهنجي دڳ نه رسي، تيستائين هي وائڙي ڪڪڙ وانگر بي وقتائتيون ٻانگون ڏيندي، کنگهندي، اونن ۾ ڀُڻڪندي پويان لڳو ايندو هو. اسپتالن، مُسافرخانن ۽ بس اسٽاپن تان جيستائين ڀيرو نه ڀڃيندو هو، تيستائين کاڌو هضم نه ٿيندو هئس. مطلب ته وڏي کِٽ هيو!
پاڻ ٽيڪسي پڪڙي اچي لي مارڪيٽ بس اسٽاپ پهتو. ساڻس ولو به گڏ هيو، ڪڪڙين جي بيمارين جو ڄاڻو هيو. ملازم طور شيڊ تي هن سان گڏ ڪم ڪندو هو. ولو شريف ماڻهو هو سو ڪم سان ڪم رکندو هو. پر جڏهن کان هِن سان ياري ٿيس ته هِن سان گڏجي شهر جي مٺائي چکڻ لڳو هو. هاڻي سندس شرافتون فقط وڃي علامتون رهيون هيون. هي اسٽاپ تي بيٺل بس تي وڃي پوئين گيٽ تان چڙهيا، هونئن به شريف النفس ماڻهو هميشه پوئين گيٽ مان ايندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته رڙهي وڃي اڳين سيٽن تي ويهندا آهن. بس ۾ اڃان رش ڪانه هئي، هي اڳيان وڌي وڃي ليڊيز سيٽ جي پويان ويٺا. ولو جي نظر اڳين سيٽ تي پيئي. آهستي وراڻيائين، “بخشو! اڳين سيٽ تي ماڻهو ته ڪو نواب ويٺو آهي ...! . او هو . ...سبحان تنهنجي صاحبي!!” بخشو اڳيان نظر ڊوڙائي، نقاب ۾ ويڙهيل ڇوڪري پُٺيري ويٺي هئي. هنن ۽ هُن جي درميان، وچين سيٽ جو ويڇو هيو، جنهن تي هڪ نوجوان ڇوڪرو ويٺو هيو. اهو ڇوڪرو هنن جي اک جو ڪنڊو ثابت ٿيو. بخشو مٿس نظر وجهي خار سان وراڻيو، “ها ولو... ماڻهو ته واقعي ڪو ڍول آهه... پر يار هي آفت هن سيٽ تان اٿي ته ڪو بلو ڪيونس...!” ولو وراڻيو، “ساهه نه وڃنئي... ڪيان ٿو جڳاڙ...! تون رڳو ٺئون ٺئون ڪر ته مار پويس سمجهي ته تون بيمار آهين...! دم آهي توکي!”
بخشو ولو جي ٽل تي کنگهڻ شروع ڪيو. ولو سيٽ تان اٿي اڳين سيٽ تي ويٺل نوجوان کي عاجزي سان منٿ ڪئي، “اڙي پُٽ، وڙ ڪر، مون سان هي جهونو بيمار گڏ آهي....گرمي سبب ساهه پيو مُنجهيس... تون اٿي پوئين سيٽ تي ويهه.... هي دري واري سيٽ اسان کي ڏي... مولا اجر ڏيندو تو کي پُٽ!”
ولو ڇاڻي هڻڻ جو ماهر هيو سو نوجوان جو اهڙو ته تر ورتائين جو هُو ٺهه پهه اٿي ويو ۽ هي سرها ٿي اچي اڳين سيٽ تي ويٺا. هاڻي بس جون سيٽون ڀرجي چڪيون هيون. ماڻهو سيٽن نه هئڻ سبب بيهڻ لڳا. بخشو اڳين سيٽ تي پويان ٽنگون آهليندي ماڻهن کي اک ۾ جهليندي آهستي وراڻيو، “ولو.... ماشاالله ... ڇوري ڪونهي .... نيرڳي آهي نيرڳي ...! پاڻ واري ڊٻي ۾ جي ڦاسي ته اهڙا چوکا چکايونس...اهڙو داڻو پاڻي ڏيونس جو اصل پيٽ مان هيرا نڪرنس هيرا....!”
ولو وراڻيو، “ها وڏا اصيل آهي اصيل ....! پُٺ مان ئي لڳي پيو ته ڪو بُڻيادي نسل آهه...!”
بخشو وراڻيو، “ها ولو .... ڀيسان جو چهرو ته غضب جو هوندو ...! لئونڻو هڻي ته ڪو اک سان ڪرنٽ هڻي دل تي اثر ڪيونس...!”
هن جي ڪن تي هنن جي گفتگو پيئي. اڪيلائي جو احساس کيس وڌيڪ گهٻراهٽ ڏيڻ لڳو. پر هوءَ خاموشي سان ذلت برداشت ڪرڻ لڳي. ڀري بس ۾ ڳالهه ڪري هن پاڻ کي رسوا ڪرائڻ نٿي گهريو. بخشو هن جي خاموشي کي راضپو سمجهي وڌيڪ داءُ هڻڻ لڳو، “يار ولو لڳي ٿو ته... !”
ولو سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ها وڏا ٽوٽل فِٽ آهه.... ها بابل... جنهن سج اڀرندي تئو نه ڏيکاريو سو لهندي ٿورئي ڏيکاريندو ...! هجيس وٽ ها ته ضرور ڀُڻ ڀُڻ ڪري ها ... لڳي ٿو ته راضي آهه ... مُڙسي ڪري ڳالهائينس ته هلي ڪٿي هٿ ڪوسا ڪيون ... ڪافي ڏينهن ٿيا آهن ... ڪچو گوشت کاڌي...”
ولو ڳالهائي رهيو هو، تيستائين بخشو جي نظراڳين در مان بس ۾ داخل ٿيندڙ پنهنجي زال تي پيئي، هٿن ۾ سامان سان ڀريل شاپر هيس چڙهندي ئي هُن بخشو کي تڪي ورتو هيو. بخشو سڄو هيسجي ويو هو. پوڙهائپ ۾ جيڪا مستي چڙهي هيس، سا پگهر ٿي لهڻ لڳي هيس. هُوءَ سڌو اچي اڳين سيٽ تي ويٺل ڇوڪري سان گڏجي ويهي رهي! ولو هن کي پريشان ڏسي وراڻيو، “ڇا ٿيو بخشو...؟ پاڻي ٿي وئين ڇا...؟ اڙي مُڙس ٿي... چئينس چريا ... موقعو آهه. ...!!”
ولو کي ته ڪا خبر هئي ئي ڪانه، سو هن ائين سمجهيو ته اڳين سيٽ تي نئين عورت اجنبي آهي.
بخشو جي چپن تي ماٺ جي مهر لڳي چڪي هئي. هن جي ذهن ۾ هاڻي فقط اهو هو ته ڇوڪري ڪٿي زالهنس کي ڪجهه چئي نه ...! هن اهو ئي سوچيو پئي ته زالهنس هن ڏانهن ڪنڌ ڦيرائي وراڻيو، “بخشو تون سيٺ وٽ آيو هئين ڇا...؟”
اهو ٻُڌي ولو صفا وائڙو ٿي ويو. بخشو اڃا ٻڙڪ ڪانه ٻولي ته سندس زال جي ڀر ۾ ويٺل اها ڇوڪري ڪنڌ ڦيري وراڻيو، “ڇـ ڇه ڇا....ڇا .... ڇا ... ڇا ...! ابو توهين!!”
هُو پنهنجي پگهر ۾ پاڻ ٻُڏي ويو ۽ ضمير ۽ ماڻهپي جي سنگباري ۾ ڄڻ سنگسار ٿي پيو!