ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

• نظر ايندڙ ڪهاڻيون

ڪنهن به سُڌريل سماج ۾ اخلاقيات جي تقاضا ته اها آهي جو فنونِ لطيفه سان وابسته هر فرد کي ٻيو ڪو به اونو الڪو نه هئڻ گهرجي، سواءِ پنهنجي فن جي! هڪ تخليقڪار ان حوالي سان ئي معتبر هئڻ گهرجي جو هُو هڪ تخليقڪار هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪو ئي تخليقڪار نه ٿي سگهندو آهي. هُن جو ڪم فقط تخليڪاري ئي هئڻ گهرجي پر اسان جو سماج، جيئن ته ان حوالي سان کوهه جي تري ۾ پيل آهي سو اهو ئي سبب آهي جو هتي فنونِ لطيفه سان وابسته ماڻهو ئي سڀ کان وڌيڪ ويل ۾ آهن. ايتريقدر جو اوهان اهو محسوس ڪيو هوندو ته والدين به پنهنجي ٻارن کي فقط نصابي ڪتابن تائين ئي محدود رکڻ ٿا گهرن. ڪهاڻين ۽ شاعري جا ڪتاب وقت جو ذيان ڄاتا ٿا وڃن. تلخ ئي سهي! پر اها هڪ حقيقت آهي ته اهو ته هر ڪو ئي چاهيندو ته، سندس اولاد وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿئي، انجنيئر ٿئي، پر اهو شايد ئي ڪو چاهيندو ته سندس اولاد وڏو ٿي ڪو شاعر ٿئي يا ڪهاڻيڪار ٿئي! ان جا کوڙ سارا سبب آهن جن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ به کوڙ سارو وقت ۽ کوڙ سارا پنا گهرجن، سو ان ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي پاڻ اچون ٿا پنهنجي اصلي ڳالهه تي ته ادب، جيئن ته ڪنهن به قوم جي گڏيل ميراث هوندو آهي سو هجڻ ته هيئن گهرجي ته شاعرن توڙي اديبن ڪم فقط لکڻ هئڻ گهرجي باقي سندن لکت جي ڇنڊ ڇاڻ کان ويندي ڇپائڻ ۽ کپائڻ تائين سڄو ڪم ميرٽ جي بنياد تي ادارن جو هئڻ گهرجي، پر اسان وٽ حالت اها آهي جو شاعرن ۽ اديبن جو ڪم ته ٺهيو پر خود شاعر ۽ اديب به ننڌڻڪا ٿي مري ويندا آهن پر ادارن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي نه سُرندي آهي! اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا تنهن ۾ عزت جي تقاضا اها آهي ته ادارن تي ميار ڪرڻ کان بهتر آهي ته قلم ئي ڀڃي ڇڏجي! خودڪشي ڪري ڇڏجي پر ڪنهن کاتي کان خيرات نه گهرجي! اها ڳالهه نه فقط مون، پر اڄڪلهه هر نوجوان ليکڪ چڱي طرح سمجهي چڪو آهي سو اهو ئي سبب آهي جو مون اهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌي جا ڪتاب پهرين کان وڌيڪ جهجهي مقدار ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن. اڄ جي نوجوان ليکڪ کي ادارن جا حال ساريا پيا آهن، سو اهو پنهنجي مدد پاڻ تحت ئي پنهنجي تخليق کي پنهنجو اولاد سمجهي ان جو بار لاهي رهيو آهي ۽ ڇنڊ ڇاڻ کان ويندي ڇپائڻ توڙي کپائڻ تائين سڀ بار پنهنجي ئي ڪلهن تي وسائي رهيو آهي! جيڪڏهن تخليقيت ۾ به ڪا ڪمي بيشي سامهون اچي رهي آهي ته اها پُڻ ان جو ئي نتيجو آهي. هي ڪتاب، جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي سو پُڻ هڪ اهڙي ئي نوجوان ليکڪ جو آهي جيڪو منهنجي انهن مٿين ڳالهين سان سؤ سيڪڙو متفق آهي.
عبدالسلام ٿهيم جي هڪڙي سُٺي ڳالهه اها آهي جو هُو هڪ مثبت ۽ غيرجانبدار سوچ رکندڙ ماڻهو آهي. مون کي اهو يقين آهي ته جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ رڳو هي ڪتاب ڏسي سلام کي واهه واهه ڪري ڇڏيندو ته کيس ان کان وڌيڪ اهو سُٺو لڳندو جيڪو هي ڪتاب پڙهي پوءِ خاميون ۽ خوبيون کيس ٻُڌائيندو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته توڙي جو سلام جون هي ڪهاڻيون پندرنهن روزه عبرت مئگزين ۾ واري واري سان ڇپيل به آهن پر تنهن هوندي به هُن جڏهن مون کي هي ڪهاڻيون ڪمپوزنگ جي لاءِ ڏنيون ته مون کي به ڇنڊڇاڻ جا سمورا اختيار ڏئي ڇڏيائين ۽ ان کان پوءِ جڏهن محمد صديق منگيو صاحب کي به مهاڳ ۾ پنهنجي راءِ جي حوالي سان پوري طرح آزاد ڇڏي ڏنائين.
آئون هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين تي پنهنجي ڪا به راءِ نٿو ڏيڻ چاهيان. مان نٿو چاهيان ته ڪو به پڙهندڙ منهنجي راءِ جي زد ۾ اچي وڃي ۽ پنهنجي ڪا ذاتي راءِ قائم نه ڪري سگهي. آئون چاهيان ٿو ته، هر ڪو پنهنجي نج راءِ رکي، جيڪو جيئن محسوس ڪري، تيئن ئي بيان ڪري. آئون به هتي هنن ڪهاڻين جي باري ۾ اهو ئي بيان ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪو مون هي ڪهاڻيون ڪمپوز ڪندي محسوس ڪيو. اها ڪا منهنجي راءِ نه آ، منهنجي محسوسات آهي. سلام جون هي ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ مان ڪو ڊرامو وغيره ڏسي رهيو آهيان. اهو ئي سبب هو جو مون سلام کي اهو چيو ته، ‘‘يار تنهنجي ڪهاڻي مون کي ڊرامي جيان ٿي لڳي، سو منهنجي توکي صلاح آهي ته تون ڊراما لک! تون سُٺا ڊراما لکي سگهين ٿو!’’
مون کي ته خبر نه هئي، پر منهنجي اها ڳالهه ٻُڌي هُن پاڻ ٻُڌايو ته، هُو پهرين هلڪا ڦُلڪا مختصر ڪي اسٽيج ڊراما لکي به چڪو آهي ۽ اين جي اوز جي پروگرامز ۾ پُڻ هو پروجيڪٽ جي مُناسبت سان ڊراما لکندو رهي ٿو. اهو ٻُڌي مان سمجهي ويس ته هُن جون ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي مون کي ڊرامي جو احساس ڇو ٿي ٿيو! مان عبدالسلام جي ڪهاڻين کي نظر ايندڙ ڪهاڻيون چوان ٿو، ڇاڪاڻ ته، هڪ ته هُن جون ڪهاڻيون پڙهندي پڙهندي ڪنهن ڊرامي جيان نظر اچڻ لڳنديون آهن، ۽ ٻيو ته، سندس ڪهاڻيون ڳجهو ڪونه ٿيون ڳالهائن، اوهان جڏهن هي ڪهاڻيون پڙهندا ته عبدالسلام جون ڪهاڻيون اوهان کي اوهان جي آسپاس نظر اچي وينديون.
هر شيءِ پنهنجي پنهنجي کل ۾ قيد آهي سو اهو ئي سبب آهي جو عبدالسلام ٿهيم به پنهنجي کل مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. هُن به اهي ئي شيون موٽايون آهن، جيڪي کيس مليون آهن، هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻي ‘ڪُن’ هُن جي پنهنجي فرياد ٿي لڳي! هُن جي زندگي ڏاڍي جفاڪشي واري رهي آهي، سو هن جي ڪهاڻين ۾ پُڻ اها ئي وٺ وٺان نظر اچي ٿي. باقي ها، اها هڪڙي حقيقت آهي ته جهڙي طرح ڪنهن انسان کي ڪا شيءِ جڏهن ملي نه سگهندي آهي، تنهن ناممڪن ۾ ممڪن بڻائڻ جو واحد وسيلو خواب ئي وڃي رهندو آهي. سو عبدالسلام به جنهن شيءِ کي وڌيڪ ڇُهيو آهي، سا اها ئي آهي. مون کي ذاتي طور تي ته ڪا خبر ناهي ته سلام کي محبت ملي يا نه! پر هن جون ڪهاڻيون پڙهي مون ڏاڍي شدت سان اهو محسوس ڪيو آهي ته محبت ئي اها شيءِ آهي جيڪا کيس رُلائيندي رهي آهي! محبت ڄڻ ته سندس جي زندگي ۾ ناممڪن رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هُن محبت جي ڪمي پوري ڪرڻ جي لاءِ سپنا ڏٺا آهن، ۽ وڌيڪ ڪهاڻيون محبت تي ئي لکيون آهن. هُن ڪهاڻين جي ڪردارن جي وسيلي ئي پنهنجي محبت جي اُڃ اجهائڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي! ٿي سگهي ٿو ته مان غلط به هجان پر ‘ڀاڳ اڀاڳ’، ‘پيرن ۾ ڪوڪا’ ۽ ‘اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس’ جهڙيون ڪهاڻيون ڪمپوز ڪندي مون بار بار اهو ئي محسوس ڪيو آهي!
جيئن مون پهرين ئي لکيو ته، سلام مُثبت سوچ وارو ماڻهو آهي سو سندس ڪهاڻين جا ڪردار به مُثبت سوچ وارا ئي آهن، هُن جون ڪهاڻيون گهڻي ڀاڱي هاڪاري موڙ تي ختم ٿين ٿيون، ايتريقدر جو ‘سبب’ جهڙي ڪهاڻي به آخر ۾ مُثبت تاثر ڇڏي ٿي! سلام شين کي مُثبت نگاهه سان ڏٺو آهي، ‘فيس پڪچر’، ‘حاصلات’ ۽ ‘مورک اُڃ مرن’ ان ڳالهه جون گواهه ڪهاڻيون ٿيون لڳن.
بهرحال، عبدالسلام ٿهيم جي ڪهاڻين جو هي پهريون ڪتاب آهي، سو اها اڃا سندس شروعات آهي، پر تنهن هوندي به ڏسڻو اهو آهي ته سندس هن ڪتاب جي وسيلي سلام پڙهندڙن تي ڪهڙو اثر ٿو ڇڏي! ڇاڪاڻ ته سندس ادبي عمارت جنهن بُنياد تي بيهندي، سو بُنياد هي ڪتاب ئي سمجهيو ويندو!


حسيب ڪانهيو
ميرپورخاص
2013-04-27