ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

11. سبب

اڄ جڏهن مون مشاعري ۾ پنهنجو غزل پيش ڪيو ته ڪنهن به واهه واهه نه ڪئي، مورڳو سڀني جا منهن اٿلي پيا! ڄڻ مون ڪو شعر نه پڙهيو هجي، پر هنن جو ڪو ڍڳو ڍور چوري ڪيو هجي! مشاعرو پنهنجي اختتام تي پهتو، سڀ ڪو پنهنجي سنگت سان غير رسمي ڪچهري ۾ لڳي ويو. مان به پنهنجي ٻن شاعر دوستن ضمير شاد ۽ دانش نواز سان ڳالهين ۾ لڳي ويس. ضمير شاد مون سان مخاطب ٿيندي وراڻيو، “يار ڪامران! تو اڄ به اها ئي پراڻي شاعري پڙهي... دوست ڪجهه نئون به لکندو ڪر... شاعري ۾ نواڻ ۽ فڪري اُڏام به آڻ ... رڳو محبوب جا ڳل ڪم نه ايندئي ... يار ناراض نه ٿج ...! دوست آهين تڏهن توسان روبرو سچيون ڳالهيون ڪيون ٿا. اڄ جي دور جي مناسبت سان لکندو ڪر... پرڏيهي ادب جو مطالعو ڪر ته خبر پوئي ته هي وقت پاڻ کان ڪهڙيون تخليقون پيو گهري ...!؟ پنهنجي نوجوانن جون به رچنائون پڙهه ته هو ڪيترو نه خوبصورت نموني سان پنهنجي تخليق ۾ فڪري نواڻ آڻي رهيا آهن ... هن دور جي شاعري ۾ تخيُل هجي، استعارا هجن، جدت هجي! الڳ پنهنجو اسلوب هجي ...! شاعري مان دقيانوسي ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي!” شاد پنهنجي ڳالهين سان مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، مون وٽ پنهنجي دفاع ڪرڻ جي لاءِ لفظ ئي نه هئا، پنهنجي ڪلام جي باري ۾ سوچيم ته مون کي واقعي به پنهنجا خيال ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاڍا ڇسا ڇسا محسوس ٿيا.
رات ٿي ته مان، دانش ۽ شاد معمول موجب هوٽل تي چانهه پيئڻ آيا سين. مون سوچي اهو طئه ڪيو هو ته مان اڄ انهن کان صلاح وٺندس ته شاعري ۾ نواڻ آڻڻ جي لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو ڪهڙو نسخو آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ رواني ۽ نکار آڻي سگهي ٿو!؟ ڪچهري هلي رهي هئي پر مان اپ سيٽ ٿي ويٺل هئس. دانش وراڻيو، “يار ڪامران الجهيل پيو لڳين ... خير ته آهي؟ ... يا شاد واري ڳالهه مائينڊ ڪئي اٿئي؟ ... جو ائين اجهاڻو اجهاڻو ... نه کل نه خوشي...! نه گفتو نه گفتار!”
“نه يار.. شاد واري ڳالهه ته مون لاءِ مشعلِ راهه بڻي آهي...” مون چيو.
شاد مون تي طنز ڪندي وراڻيو، “ته پوءِ هاڻي چهري تي مُرڪ به آڻ ... تنهنجي منهن مان ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪا وزارت کسجي ويئي اٿئي!” شاد جي انهي ڳالهه تي ٽنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. مون سنجيده ٿيندي وراڻيو، “يار آئون اهو ٿو سوچيان ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي!؟”
دانش منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “توکي قبرون کوٽڻ گهرجن ... تون دنيا جو ناميارو گورکن ٿي سگهين ٿو ... گورکن ٿي وئين ته پوءِ محقق ٿيڻ ۾ به ڪا دير نه لڳندئي ...! باقي تنهنجي شاعر ٿيڻ جا چانس تمام گهٽ آهن!”
دانش جي ڳالهه مون کي چيڙائي وڌو، مون جذباتي ٿيندي وراڻيو، “يار اوهين دوست آهيو ... يا دشمن؟پنهنجي منهن بس چالو ٿي پوندا آهيو ته بند ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندا آهيو... باقي ڪنهن سنگت ۾ سنجيده ٿي اوهان کان صلاح ورتي ته اوهان اسٽيشن ئي ٻِي کڻندا آهيو ... پوءِ شاعر نه پر مشڪرا پيا لڳندا آهيو...!” مون مٿن منهن چاڙهي خاموشي اختيار ڪري ورتي، شاد وراڻيو، “يار دنيا ۾ مذاق مشڪري کانسواءِ ٻيو خوش ٿيڻ جي لاءِ رهيو ئي ڇاهي ... پاڻ دوست آهيون ... هڪٻئي جي برداشت نه ڪنداسين ته پوءِ...!” مون وراڻيو، “بس شاد ... سوري يار مون اهو پئي پڇڻ چاهيو ته بهتر شاعري ڪرڻ جي لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي...؟ مان ڇا ڪيان جو منهنجي شاعري به اوهان جي شاعري جهڙي....”
شاد منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “يار ڪامران ڪنهن جي ڏات سان ريس نه ڪرڻ گهرجي ... پر ان تي ته رشڪ ڪرڻ گهرجي ... باقي تنهنجي سوال جو جواب اهو ئي آهي ته پيڙا ئي جاندار تخليق کي جنم ڏيندي آهي ... لفظ ذهن مان پچي نڪرندا آهن...!”
مون وراڻيو، “واهه ڙي شاد واهه ... عقل جو اڪابر آهين اڪابر ... ماڻهو جو مٿو ڪا چلهه يا بٺي آهي جو لفظ ان مان پچي نڪرندا آهن...؟ تون به عجيب خبرون ڪرڻ لڳو آهين ... !”
دانش وراڻيو، “عشق ناهي راند ... خبر کاڌن کان پڇ ...! شاد تون به هن کر مغز سان پيو مٿو هڻين ...! هن کي ڪهڙي ڪل غمِ جانان ۽ غمِ دوران جي؟!” شاد ٻيهر مون کي سمجهائيندي چيو، “يار ڪامران شاعري ڪرڻ جي لاءِ درد ضروري آهي ... سوز کان سواءِ ڪا به سريلي سٽ تخليق ڪرڻ ممڪن ناهي...! مان اهو مڃان ٿو ته تون شاعر آهين پر تون عاشق ناهين ... تو نه ئي ڪنهن جي زلفن جو واس ورتو آهي، نه پيٽ بکين ديس واسين جي انگ اگهاڙن ٻچن جي درد ۽ بيوسي جو مشاهدو ماڻيو اٿئي ... تو اڃا ڪارو ڪاري جي شڪار بڻجندڙ سنڌ جي ناري جي چيخ به ناهي ٻڌي!” شاد جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي هئي جو دانش وراڻيو، “باقاعده شاعر ٿيڻو اٿئي ته پوءِ پهرين وڃي عشق جا چاليها پچاءِ ... باقي گهر ويٺي هٿ تري تي ڪجهه به نه ملندئي ... جڏهن عشق ڪندين تڏهن ئي توکي فطرت جو هر رنگ موهيندو ... اها ڳالهه ته ٻڌي هوندئي ته هر عاشق شاعر ناهي هوندو، پر هر شاعر عاشق ضرور هوندو آهي! محبوب جي شباب تي نه لکي سگهين ... ته وڃي سنڌ واسين جي مسئلن تي قلم کي جنبش ۾ آڻ ... انهن جي درد کي پنهنجي قلم جي زبان ڏي...!”
شاد وراڻيو، “ڪامران، اها صلاح لک جي اٿئي... پر يار آهين ... تنهنڪري تو کي مفت ۾ ڏيون ٿا ... وڃي انهي تي عمل ڪر...!”
مون کي شاد ۽ دانش جون ڳالهيون دل سان لڳيون، سوچيم ته زندگي ۾ اهو به تجربو ڪري ڏسجي، سو مان به دل هٿن ۾ کڻي خريدار کي ڳولڻ لڳس. گهٽين گامن تي گهڻا ئي گذر ڪيم پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ملي. مايوس ٿي اڪيلو رهڻ لڳس، اڪيلو جو ٿيس ته مون کي اڪيلائي جو به عجيب مزو محسوس ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن شهر جي پبلڪ پارڪ تي ويٺو هئس. ذهن گردش ۾ هو ته دنيا دردن سان ڀري پئي آهي، پر الائي جي ڇو مون کي ڪنهن جو غم نظر نٿو اچي! اها شايد منهنجي نظر جي ڪمزوري آهي جو مان هڪ حساس شعبي سان وابسته هجڻ جي باوجود به ڪنهنجي پيڙا محسوس ڪري نٿو سگهان ...! يا ته وري مان خوش آهيان، تنهنڪري مون کي سڄو جهان خوش ٿو نظر اچي! مان اڃا انهن ئي سوچن ۾ هئس جو موبائل جي رنگ ٽيون سوچن جي سلسلي کي ختم ڪيو. هڪ کان پوءِ ٻي، بس اهڙي طرح ڪالن جي برسات ٿي وئي! نئون نمبر هو سو مان ڪجهه پريشان ٿي ويس. نيٺ آخر تنگ ٿي اهو نمبر جڏهن مون ڊائل ڪيو ته ڪال اٽينڊ ئي نه ٿي. منهنجي ذهن ۾ ان بابت ڪيئي تاثر پيدا ٿيڻ لڳا ته مان ته ڪنهن کي مس ڪال ڪونه ڏيان ته پوءِ اهو ڪير آهي؟ ... جيڪو مون کي بار بار ائين تنگ ڪري رهيو آهي ... آخر بيزار ٿي فون ئي آف ڪري ڇڏيم. سڄو ڏينهن انهن مس ڪالن بابت سوچيندي گذري ويو. پي سي اوز تان به ساڳيو نمبر ملايم، پر هن ڪال نه اٽينڊ ڪرڻ جو شايد قسم کڻي ڇڏيو هو. ڪافي ڏينهن کان پوءِ دوستن سان ڪچهري ڪرڻ ويٺس، ڪچهري کان فارغ ٿي جڏهن گهر جو رُخ ڪيم ته وري ڪال آئي. سوچيم ته او ڪي ڪري ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇنڊ پٽيندوسانس، پر اوڪي ڪري اڃان هيلو ڪيم ته ڇوڪري جو آواز آيو، آواز نه هو ڄڻ ڪوئل جي ڪوڪار هئي، هن جي اندازِ بيان منهنجي حواسن تي جادو طاري ڪري ڇڏيو. هن وراڻيو، “هيلو سر ... مان ثمرين پئي عرض ڪيان... اڳين ڏينهن وارين مس ڪالن تي معافي جي طلبگار آهيان ... اميد ته سر اوهان مون کي معاف ڪري ڇڏيو هوندو...اصل ۾ ڇاهي ته مان اوهان جي فين آهيان سر...توهان جي شاعري مون کي جنون جي حد تائين پسند آهي ... مان مختلف رسالن ۾ اوهان کي پڙهندي آهيان ... اوهان جي ڀيٽ ۾ ٻيا شاعر ته رڳو لٻاڙ هڻندا وتن سر ... “ هُوءَ مسلسل ڳالهائيندي وئي ۽ مان ٻڌندو رهيس ... منهنجي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي. ڇاڪاڻ ته هُو منهنجي زندگي ۾ پهرين ڇوڪري هئي، جنهن مون سان ائين بي تڪلف ٿي ڳالهايو هو. هن جي ڳالهه جاري هئي، “سوري سر ... مون ته يڪو تقرير شروع ڪري ڇڏي ... اوهان کي ته ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنم ... توهين به ته ڪجهه ٻڌايو سر...”
مون اڃان ڳالهائڻ جي ئي ڪئي جو وري ڪال ئي ڪٽجي ويئي. شايد هن وٽ بيلينس ئي ختم ٿي ويو، مون وٽ به بيلينس نه هو جو ڪال ڪيانس ها. هن جو آواز منهنجي جذبن تي جادو هلائڻ ۾ ڪامياب ويو. مون تي عجيب ڪيفيتون طاري ٿيڻ لڳيون. نه ڄاڻ ڪير هئي...ڪٿي جي هئي...هن ڪيئن نه منهنجي شاعري جي واکاڻ پئي ڪئي. پر منهنجي تر وارن شاعرن کي ته منهنجي شاعري وڻي ئي ڪانهي! ها، وڏن واقعي سچ چيو آهي ته پنهنجن وٽ قدر هوندو ئي ناهي! واقعي به مان باقائده شاعر آهيان ... شاعر به اهڙو جو اصل سنڌ جو چوٿون پايو...! اڄ ته خوشي مان اصل ماني به ڪانه وڻيم. سڄي رات هن بابت سوچيندي جاڳي گذاري ڇڏيم... صبح ٿيو ته سڄو ڏينهن هن جي ڪال جو انتظار رهيو، پر ڪال نه آئي. سوچيم ته مان ئي ڪال ڪري وٺانس، پر وري اهو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيم، متان هُوءَ ائين نه سمجهي ويهي ته صفا ڪو وائڙي قسم جو شاعر آهي ...! کلي ڳالهايوسين ته ٺهي وياسين...! شام ٿي ته درياهه جو ڪنارو وٺي وڃي ويهي رهيو هئس. درياهه جي ٻئي ڪناري تي وڻڪار ۾ ويٺل پکي پنهنجي ٻولين سان ماحول کي موسيقي فراهم ڪري رهيا هئا. سوچيم ته ههڙي شاعراڻي ماحول ۾ جي هن جي ڪال اچي وڃي ته ست خير ٿي پون ... پر اهي سڀئي خيال منهنجي ذهن جو خلل هئا. ٻه ڏينهن گذري ويا پر هن ڪا به موٽ نه ڏني. اڳ ۾ ته وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو، سنگت ساٿ سان ڪچهري ۾ ئي ڏينهن گذري ويندو هو، پر هاڻي پل پل ڀاري ٿي لڳو ... ٻن ڏينهن جي سوچن مون کي مجنون ڪري ڇڏيو هو. ذهني دٻاءُ به وڌي رهيو هو، ٻن راتين جي اوجاڳي سبب اڄ ننڊ به اچي رهي هئي، سو نه وڻندي به ڪجهه ماني کائي بستري ڀيڙو ٿيس. صبح ٿي، جاڳي موبائل اسڪرين تي ڏٺم ته هن جو ميسيج آيل هو. هن جو نالو اسڪرين تي ڏٺم ته ڄڻ جسم ۾ ساهه پئجي ويم. ميسيج پڙهي، ميسيج جو جواب، ميسيج سان ئي ڏنم. پوءِ ائين ئي ميسيجز جو سلسلو شروع ٿي ويو. هن پاران ارپيل رومانوي ميسيجز مون کي خوشفهمين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. شام جو وقت هو، درياهه جو ڪنارو وٺي وڃي رهيو هئس ته اوچتو هن مس ڪالون ڏيڻ شروع ڪيون. مون ڪال ڪئي ته هن اوڪي ڪري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “سر! مڙيئي اڪيلي ويٺـي هيس سو سوچيم ته اوهان کي ويهي تنگ ڪيان!”
مون وراڻيو،’’ ثمرين، اوهان جي تنگ ڪرڻ جو اهو انداز ڏاڍو وڻيو.”
هن وراڻيو، “ٿينڪ يو سر... اوهان جي فون مان ڪانوَ پيو ٻولي!”
مان ڇرڪي پيس، سوچيم، مان ته کيس سونهن راڻي پيو سمجهان ۽ هُو ته مون کي ڪانوَ پئي ڪوٺي! ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مون چيو، “ثمرين شابس هجئي ... مان تو کي الائي ڇا پيو سمجهان ۽ تون مون کي ڪانوَ سان پئي ڀيٽ ڏين!”
هن مُرڪندي وراڻيو، “هه هه هه !! او سر مان توهان کي نه پئي چوان ... پر اوهان جي فون مان ڪانوَ...!!”
مون ماحول تي ڌيان ڏنو ته واقعي درياهه جي ڪناري تي وڻن منجهان ڪانگن جا آواز پئي آيا. مون صفائي پيش ڪندي وراڻيو، “سوري ... واقعي به ڪانوَ ٻولي رهيا آهن... ثمرين اصل ۾ مان هن وقت درياهه جي ڪناري تان گذري رهيو آهيان. “ هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “اڇا ... سر درياهه ... پوءِ ڇو توهان اڪيلو پيا انجواءِ ڪيو؟...” مون حاضر دماغي سان جواب ڏيندي وراڻيو، “توهان جيڪڏهن ساٿ ڏنو ته پوءِ هي اڪيلائي ختم ٿي ويندي. هاڻي ٻڌايو ... ڪڏهن ٿا جلوه گر ٿيو...؟”
“جڏهن اوهان چاهيو.”
“اڄ ئي هليا اچو!”
“نه نه اڄ ته نه سر... جڏهن قسمت ٿي ته ملي وٺنداسين... اها به ته ڏسو نه سر ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي جو هڪ ئي وقت مان توهان جي شهر ۾ ۽ توهين مون سان منهنجي گهر ۾ مخاطب آهيو...!!”
مون وراڻيو، “ڳالهين سان پيٽ ڪونه ڀربو آهي ثمرين ...! هڪٻئي سان ملون... هڪٻئي کي ڏسون ته سهي!!”
ثمرين وراڻيو، “وقت آيو ته ڏسي به وٺنداسين سر ... پوءِ چڱو سر خدا حافظ!”
مون به خدا حافظ چئي فون بند ڪري ڇڏي. اڄ مان به ڳالهائڻ دوران هن آڏو شينهن بنجي پيو هئس. هاڻي اسان جي وچ ۾ خوش اسلوبي سان ڳالهائڻ جو سلسلو روز هلڻ لڳو. هن سان ڳالهائڻ سان مون کي ذهني سڪون ملندو هو. هن کان سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ تفصيل پڇڻ جو سوچيندو هئس پر گفتگو ۾ ايڏو ته محو ٿي ويندا هئاسين جو هن کان ڪجهه به پڇڻ وسري ويندو هئم. چاهت جي انهن سلسلن منهنجي صحرا جھڙي من کي سيراب ڪري ڇڏيو هو. منهنجي من ۾ گلاب ٽڙڻ لڳا هئا. مون پنهنجي جيون ۾ پهريون ڀيرو سُرهاڻ محسوس ڪئي هئي. اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي جو مون هن کي ڏٺو نه هيو پر تنهن هوندي به کيس ديوانگي جي حد تائين چاهڻ لڳي ويو هئس. مون هن سان چاهت جو اڻ ڏٺو سودو ڪري ڇڏيو هو. هُوءَ ڪير آهي؟ ڪٿان جي آهي؟ هُوءَ ڪهڙي آهي؟ ۽ ڪيئن آهي...؟ اهي سڀئي ڳالهيون سوچڻ جي بنا ئي دل هن کي قبول ڪري ڇڏيو هو. جيئن جئين وقت گذرندو ٿي ويو، تيئن تيئن اسان گفتگو ذريعي هڪ ٻئي جي قريب کان قريب تر ايندا ٿي وياسين! گفتگو جي دوران نه ئي هن ڪو تڪلف کان ڪم ورتو ۽ نه ئي وري مون ڪو حجابن جو عمل دخل ٿيڻ ڏنو. گهڻن ڏينهن کان پوءِ مون هڪ ڏينهن پڪو پهه ڪيو ته اڄ هن تي زور وجهندس ته هاڻي رڳو موبائيل تي گپ شپ نه هلندي، مان کيس چاهڻ لڳو آهيان ... مان ساڻس.... !”
آئون اهو ئي سوچي رهيو هئس جو هن جي ڪال اچي ويئي. مون ڪال اٽينڊ ڪئي ته هن وراڻيو، “هيلو سر.... ڪيئن آهيو؟”
“مان ته ٺيڪ آهيان پر...!!”
“سر واقعي ٺيڪ آهيو يا ... ؟”
“ها ثمرين مان ٺيڪ آهيان ... ڇو توکي منهنجي ڳالهين تي ڀروسو ناهي ڇا...؟ چري جنهن سان تنهنجون دعائون گڏ هونديون، تنهن کي دنيا جو دغائون ڇا ڪري سگهنديون؟!”
هن وراڻيو، “سر اوهان جي انهي ئي انداز ته مون کي ديوانو ڪيو آهي ... ڪيڏو ته ڪمال جو ٿا ڳالهايو سر ... !!”
“ڇڏ ثمرين ... دل ٿي رکين!”
“نه سر... ان ۾ دل رکڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. توهين ته واقعي ڳالهائڻ ۾ مهارت رکو ٿا! توهان سان ڳالهائڻ مهل مون وٽ ته لفظ ئي کٽي ويندا آهن... چپ ٿي ويندي آهيان مان سر!”
هن جي انهن ڳالهين ته مون کي آسمان تي چاڙهي ڇڏيو. مان ته اڄ صفا اڏامڻ لڳس. اڄ به هن سان دل جي ڳالهه ڪرڻ وسري ويئي! ائين ئي روز ٿيندو رهيو. ٻيا ڪيئي موضوع بحث هيٺ ايندا رهيا، پر ذاتي زندگي تي اڃا کلي ڳالهائي نه سگهياسين. هن جي دوري مون کي درد ڏيڻ لڳي. هن جي اڪير منهنجي ذهن کي وڌيڪ سوچڻ جي قوت بخشي! جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هاڻي منهنجي شاعري ۾ به رواني ايندي ويئي. هاڻي ته ادبي ويهڪن ۾ مون وارن يارن جي به مون آڏو ڪا دال نه ڳرندي هئي. اهي ته هاڻي منهنجي خلاف غلط تاثر پيدا ڪرڻ جي لاءِ اجايا الزام هڻڻ لڳا ته ڪامران ٻين ٻولين جي شاعرن جا شاعراڻا خيال چوري ڪري پنهنجو نالو پيو چمڪائي! پر انهن احمقن کي اها خبر نه هئي ته مان به هاڻي حضرت عشق جي چڪر ۾ اڙجي پيو هئس. هر وقت عشق جي گهوڙي تي سوار هئس، پر هنن ويچارن کي خبر پوي به ته ڪيئن!؟ مون ته کين ڪا اونت ئي نه ڏني هئي. سوچيو هوم ته ڪو نتيجو نڪري ته کين آگاهه ڪيان، هينئر مون وارو قصو هنن جي طنز جي نظر ٿي ويندو. هُو چوندا، هي درويش به هليو آهي آسمان تان چنڊ ۽ ستارا لاهڻ!
گهر مان ٻاهر نڪري در تي بيهي اڃا هن جو نمبر ڊائل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪيم ته اتي ئي هن پاران ڪال اچي ويئي، “هيلو سر ... ڪيئن آهيو؟”
مون وراڻيو، “مان ٺيڪ آهيان ثمرين ... مون اڃا تنهنجو نمبر ملائڻ جي ڪوشش ئي ڪئي جو تيستائين توهان پاڻ ... چئبو ته پاڻ جي دل هڪ ئي آهي!”
هن وراڻيو، “ڇو نه سر...!”
مون همت ڪري وراڻيو، “ثمرين هاڻي مون کان تنهنجي دوري برداشت نٿي ٿيئي ...! ڇا تون منهنجي ڪمي...!؟” هن وراڻيو، “سر مان پاڻ توهان کي ڏاڍو مس ڪندي آهيان... پر ڇا ڪيون ... ائين ته پنهنجو ملڻ به آسان ناهي!”
مون چيو، “ڇو آسان ناهي ثمرين ... مون توکي ڏسڻ بنا ئي دل سان چاهيو آهي ... ۽ تون به ته مون کي مس ٿي ڪرين ... پاڻ ٻنهي جون ڪيفيتون هڪ جهڙيون آهن ... پوءِ آخر ڇو ثمرين...؟ هنن دورين جو عذاب سهون؟؟! بس هاڻي مان توهان سان هر حال ۾ ملڻ چاهيان ٿو! هاڻي ڪو به بهانو ڪونه هلندو!”
منهنجي زور ڀرڻ تي هن وراڻيو، “نه سر... توهان منهنجي مجبوري سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو...!”
“ڪهڙي مجبوري؟ .. . توهان مون کي انهي ڳالهه کان باخبر ته ڪيو ... پنهنجو تعلق هيتري وقت کان هلندو اچي هن موڙ تي پهتو آهي ... اتي به توهان جي مجبوري ...! توهان ٻڌايو ته سهي پنهنجي مجبوري!”
“محسوس ڪرڻ به ته ڳالهه هوندي آهي سر ... هر ڳالهه ٻڌائڻ جي نه هوندي آهي... ٿورو توهين سمجهه کان به ڪم وٺو سر!”
مون جذباتي ٿيندي وراڻيو، “ثمرين تنهنجي چاهت مون کان سمجهه کسي ورتي آهي ... دنيا جي آڏو مان ڇا به هجان پر تنهنجي پيار مون کي تنهنجي اڳيان بي سمجهه ۽ معصوم بنائي ڇڏيو آهي ... مون کي هاڻي تو سان ملڻ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي!”
هن منٿ وارو انداز اپنائيندي چيو، “سر سر... توهان سمجهڻ جي ڪوشش ته ڪيو. . .صفا ٻارن وارا انگل نه ڪريو سر!”
مون نراس ٿيندي وراڻيو، “بس ثمرين مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي... اصل ۾ اوهان مون سان ملڻ ئي نٿا چاهيو ... ٺيڪ آهي ثمرين، پر منهنجي به هڪڙي ڳالهه ٻڌ! پاڻ شايد ان رستي تي سفر ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ڪا به منزل ڪانهي! هلي هلي شايد اڙانگن پيچرن ۾ ڦاسي پئون واپسي جو رستو به وڃائي ويهي رهون ... اهڙي نوبت اچڻ کان بهتر آهي ته پاڻ هتان کان ئي واپس موٽي هلون ... هتان موٽڻ، مشڪل ضرور آهي پر اڃا ناممڪن ناهي ثمرين!”
هن وراڻيو، “سر توهين اجايو جذباتي پيا ٿيو ... مون کي ته لڳي ٿو اوهان ٿڪجي پيا آهيو سر ....!”
مون ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو، “نه ثمرين.... تون جنهن ۾ ساڻ هجين ... سو سفر ڪڏهن به ٿڪائيندڙ ثابت نه ٿيندو! آئون ته خوامخواه جذباتي ٿي ويس! شاعر ماڻهو آهيان.... مٿي جو ڦريل سو تنهنڪري...!”
هن وراڻيو، “جذباتي ماڻهو دل جا صاف ٿيندا آهن سر ... توهين ته وري به شاعر آهيو ... شاعر ته هونئن ئي جهڙا اندر تهڙا ٻاهر!” ڪجهه ڳالهائڻ کان پوءِ خدا حافظ چئي ڇڏيوسين.
هن جي ملڻ کان ماڻي مون کي جهوري ڇڏيو. پر وري اهو سوچيم ته مالڪ جڏهن مناسب سمجهندو تڏهن ملائي وٺندو ...! هونئن به موت ۽ ملاقات اوچتو ئي ٿيندي آهي ۽ صبر جو ڦل ته هوندو ئي سواد وارو آهي! اهڙيون ڳالهيون سوچي سوچي دل کي ڏڍ ڏيڻ لڳس.
ان کان پوءِ وارو سڄو ڏينهن گذري ويو پر هن ڪو رابطو ئي نه ڪيو. هونئن ته هوءَ مس ڪالون ۽ ميسيج ڪري يادگيري جو احساس ڏياريندي رهندي هئي. سوچيم ته الائي منهنجي ڪلهوڪي جذباتي رويي هن کي ناراض ڪري ڇڏيو ڪٿ. اهڙا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ مون سندس نمبر ڊائل ڪيو، پر سندس فون ئي آف هئي. پوءِ ته مون گهڻو ئي بار بار هن جو نمبر لڳايو پر هن جو نمبر آف ئي رهيو. مون کي سمجهه ۾ به آيو ته آخر ان جو سبب ڇا هو؟. اهو سوچي سوچي آئون پريشانين جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ لڳس. سڄي رات جاڳي گذاري ڇڏيم. هن جا تصور منهنجي جيءُ کي جهير ڏيڻ لڳا. ٻئي ڏينهن به هن جي فون بند ئي رهي. اوچتو ئي اوچتو هن جي بنا ٻڌائڻ جي ئي ڪنارا ڪشي مون کي بيوس ڪري ڇڏيو. هاڻي هن کي ڪٿان ڳولهيان؟ ... نه ڏس نه پتو ... وڃان ته آخر ڪهڙي پار وڃان...؟ منهنجو مٿو چڪر کائڻ لڳو. بيوسي جي باهه ۾ سڙڻ لڳس. ڪليجو ڪباب ٿي پيو!
ائين ئي اسان جي جدائي کي هفتو گذري ويو. دل جي حالت ڏاڍي عجيب و غريب ٿي ويئي هئي. دل ۾ ڪيترائي گمان ديرو ڄمائي ويهي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هن جو ائين اچانڪ رابطو ٽٽي وڃڻ سمجهه کان ٻاهر هو. پرديسي پرين سان پيار جو پاند اٽڪائي هاڻي پڇتائڻ لڳو هئس، هاڻي ته مون تي شاعري جو به باقائده الهام ٿيڻ لڳو. اهڙا نڪور نڪور خيال سرجي رهيا هئا، جن منجهان درد ڄڻ پاڻ پسائڻ لڳو هو. جنهن ٿي سٽ ٻڌي، تنهن دانهن ٿي ڪئي. منهنجي پنهنجي حالت به ڏاڍي عجيب ٿي پئي هئي. ڏاڙهي وڌيل، وکريل وار، آليون اکيون، چهري تي غم جي ريکائن جون جهاتيون، ڄڻ مجنون جو ويجهو مائٽ ٿي لڳس.
رات جو وقت هو، شاد ۽ دانش پارڪ ۾ ويٺل هئا. چوڏهين جو چنڊ چلولايون ڪري رهيو هو. مان به وڃي هنن جي پاسي ۾ ويهي رهيس. شاد مون ۾ چتائيندي وراڻيو، “يار ڪامران ڇا ٿي ويو اٿئي...؟ ٺٺ وڃائي صفا مجنون ٿي پيو آهين!”
مون اڃا جواب ئي نه ڏنو جو دانش وراڻيو، “يار شاد، ڪامران باقائده شاعر هاڻي پيو لڳي ... لڳي ٿو ته ڪا چوٽ لڳي اٿس ... شاعري به ته ڏسينس ... اصل سندس ڪوتائن مان درد پيو پلٽا ڏئيس.... ڇا اسلوب ... ڇا تخيل جو پرواز ... واهه... واهه...! يار ڪامران ڪٿي اسان واري صلاح تي عمل ته نه ڪيو اٿئي...؟”
مان به درد کي روڪي نه سگهيس، سو پنهنجي سڄي سيبتي پيار ڪهاڻي کين ٻڌائي ڇڏيم. هُو ٻڌي اصل ٽهڪ ڏيڻ لڳا. مان اڄ هنن سان ڪچهري ۾ ايترو ته مگن ٿي ويس جو ڪجهه گهڙيون مون کان ثمرين به وسري ويئي. هونئن ته ٻن مهينن جي ڪا به گهڙي اهڙي نه هئي، جنهن ۾ هن جي سوچن منهنجو ساهه نه منجهايو هجي ... اڄ ته مون اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته پرديسي پرين جو ڪهڙو ڀروسو؟ ... وري به اهو ته هن جو ٿورو هو جو هن جي ڪجهه وقت جي ساٿ مون کي پيار جي مفهوم سمجهڻ جي صلاحيت بخشي! سندس فرقت مون کي شاعر ته بڻائي ڇڏيو. مان ڪجهه وقت شاد ۽ دانش سان ڪچهري ڪري گهر واپس وري رهيو هئس، تيستائين ڪنهن جي ڪال اچي ويئي. نمبر ڏسڻ کان پهرين دل ائين ئي ٿي ڀانيو ته شايد ثمرين آهي ۽ ٿيو به ائين ...! مون سوچيو ته اوڪي ڪري ساڻس سڀئي سور سليندس. کيس سندس ستم ظريفي تي ميارون ڏيندس.
مون اوڪي ڪيو ته هُن وراڻيو، “هيلو سر ... مان واقعي به ڏاڍي شرمنده آهيان ...! . پر اوهان کي مبارڪ هجي اوهان جي مون سان ٽيليفونڪ ٽاڪ اجائي نه ويئي ... مان هينئر ٽي وي جي ادبي پروگرام جي ڪامياب هوسٽ آهيان ... مان جيڪو ڪجهه به آهيان سان اوهان جي ئي بدولت آهيان سر ... اوهان سان رابطي ڪرڻ جو مقصد به اهو ئي هيو سر ته مان ڪنهن شاعر سان گفتگو ڪري پنهنجي ڳالهين ۾ خوش اسلوبي آڻيان ... پنهنجي ٻولي کي شاعراڻو رنگ ڏيان...! اهو سڀ ڪجهه مون اوهان کان ئي سکيو ... اوهان منهنجا استاد آهيو سر... مان اوهان جو اهو ٿورو عمر ڀر ياد رکنديس. ٻي ڳالهه ته منهنجي هن مهيني جي 25 تاريخ تي پروگرام ڊائريڪٽر سان شادي پڻ ٿي رهي آهي! اوهان کي دعوت نامو اماڻي ڇڏيو اٿم ... ضرور اچجو...اوهان جو مون کي انتظار رهندو سر!!”