• سماج جا عڪس چٽيندڙ ڪهاڻيڪار
عبدالسلام ٿهيم به سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار آهي جيڪو ڪافي وقت کان پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ سماج ۾ ٿيندڙ مختلف وارتائن ۽ لقائن کي ڪهاڻي جو ويس ڍڪائي ڪجهه نه ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ مون کي ائين لڳو ته سندس ڪهاڻيون ائين ئي آهن جن کي آئون هڪ سٽ ۾ بيان ڪريان ته ائين چوندس “هڪڙو هو شهزادو ۽ هڪڙي هئي شهزاديءَ پاڻ ۾ مليا پيار ٿيو ۽ وڇڙي ويا.”
يعني هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري چٽائي آهي جو انهن کي اجايو لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جي هن ڪوشش نه ڪئي آهي بلڪه هن جون ڪهاڻيون سڌيون ساديون آهن، جن کي پڙهي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته مختصر ڪردارن تي ٻڌل ڪهاڻي کي ڪيئن سماجي پاسن سان ڳنڍي انهي نياپي کي عوام يا پڙهندڙ تائين پهچائجي. هن وٽ ڪا هٿرادو ڪاريگري نه آهي، ڪي به هٿرادو لفظ گهڙي هو ڪهاڻين کي منجهائي نٿو، نه ئي سندس ڪهاڻين جو پلاٽ ڪو اهڙو آهي جو ماڻهو ئي بور ڪري. هن جون ڪي گهڻيون ڪهاڻيون ته اهڙيون آهن جيڪي هن تان گذريون آهن، اهي ئي ڪهاڻيون جن کي هن پاڻ محسوس ڪيو آهي ۽ هي قصا توڙي واقعا جن ۾ درد، ڏک ۽ سور شامل آهن، اهي جڏهن هن هڪ ترتيب ۾ لکڻ شروع ڪيا ته ڪهاڻيون بڻجي ويا.
آئون انهي خيال جو آهيان ته ڪهاڻي ڪيتري به سٺي هجي پر انهي جو لاڳاپو سماج توڙي سماجي روين سان ضرور هجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان سماج کان واقف نه آهيو ته پوءِ اهو وساري ڇڏيو ته ڪو سٺي ڪهاڻي به لکي سگهجي ٿي. پر سلام جي ڪهاڻين ۾ سماج جا اهي پاسا آهن جن کي هن ڦلهورڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهي ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، انهي جو اندازو هر انهيءَ پڙهندڙ کي ٿيندو جيڪو هن جي ڪهاڻين کي دلچسپي سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار جيتوڻيڪ وڇوڙن جو شڪار آهن پر تنهن هوندي به اهي انهيءَ ئي سماج ۾ ساهه کڻن ٿا. جنهن ۾ ڌڪار آهي، ذات پات جو چڪر آهي، ۽ مسئلن جا اهڙا ڄار آهن جن ۾ عام ماڻهو هر وقت ڦاٿو پيو آهي. لاڙ جي هوائن ۾ جيئندڙ سلام جي ڪهاڻين جا ڪردار به اهي ئي ماڻهو آهن جن سان هن زندگي جا پل گذاريا هوندا جن جي چهرن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي.
مثال طور هن جي ڪهاڻي “بي حسي” جو ڪردار اها عورت آهي جيڪا مجبوري سبب ماڻهن کان پئسا پني ٿي جنهن جو پٽ مرڻ ۾ هوندو آهي پر ڪو به هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نٿو هجي، ۽ هوءَ پنهنجي ڇوڪري جي حياتي تان هٿ کڻي ٿي وڃي. اهڙا مثال اسان جي سماج ۾ ڀريا پيا آهن جن ۾ ماڻهن جي بي وسي به اسين پسي سگهون ٿا. جيڪي لاچار زندگي جي ڪُن ۾ هر وقت ٻڏندا رهندا آهن پر انهن جي سڏ تي ڪو به وراڻي ڏيڻ وارو نه هوندو آهي، يا وري سندس ڪهاڻي “فيس پڪچر” جو مظهر جيڪو پاڻ ته کلي ۽ خوش رهي ٻين ماڻهن کي جيئڻ جو گس ڏسيندو آهي پر هن جي پنهنجي زندگي اونداهي ۾ گهيريل هوندي آهي. جنهن وٽ ڪجهه گهڙين جي خوشيءَ ته هوندي آهي پر زندگي نه هوندي آهي ۽ هو وقت جي وهڪرن ۾ زندگي کي ڳوليندو آهي، حياتي جي هر لمحي کي جيئڻ چاهيندو آهي. زندگي جتي هڪ حقيقيت آهي اتي اها ڪيترن ئي دل ڏاريندڙ تجربن جو به نالو آهي. سلام جي انهي ڪهاڻي ۾ به اهو ئي ڄاڻايل آهي ته اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي حصي جون خوشيون ته نه ماڻي سگهندا آهن پر ٻين کي خوشي جو هر پل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سلام جي ڪهاڻين ۾ سماج جا عڪس چٽيل آهن، جنهن ۾ بدبودار ڪردار به آهن ته ڪي چڱا ماڻهو به آهن. “ڇٽل تير” جو ڪردار وڏيري جو اهو منشي پنهنجي عياش طبيعت جي ڪري پنهنجي ئي ڌيءَ جو پانڌ جهلي ٿو وٺي، جنهن کان هو اڻڄاڻ هوندو آهي پر اهي اهڙا ئي واقعا آهن جن کي سلام وائکو ڪيو آهي. هڪ ليکڪ جو ڪم رڳو افسانوي ڳالهيون ڪرڻ نه آهي پر انهن حقيقتن تان پردو کڻڻ به آهي جن تي صدين کان پردا پيل آهن، جن لاءِ ڪو ماڻهو چپ چورڻ لاءِ تيار نه آهي. سو اهڙي همت سلام به ڪئي آهي ۽ هن کي اها همت جاري رکڻ گهرجي.
سندس ڪتاب “اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس” ۾ جيڪي پيار جي موضوع تي ڪهاڻيون لکيل آهن، انهن ۾ هن انهن ڪردارن کي هڪ اهڙي موڙ تي بيهاريو آهي جتي اهي حالتن هٿان مجبور هوندا آهن. هن جي دلين جي ڪيل فيصلن تي سماج جون اهي ريتون رسمون حاوي ٿي وينديون آهن جن ۾ اڄ به اسان جو سماج جڪڙيل آهي. “ڀاڳ اڀاڳ “ به اهڙي ئي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سندس محبوبه زيب هن جي ويجهو اچي پري هلي ويندي آهي پر اصل ۾ هوءَ پنهنجي پيار کي انهن تلخ حقيقت تي قربان ڪري ڇڏيندي آهي جن کان هوءَ منهن موڙي نه سگهندي آهي. سلام پنهنجي سامونڊي ساحل جي انهن مسڪين ماڻهن کي به پنهنجين لکڻين ۾ جاءِ ڏني آهي جيڪي انهي وشال سمنڊ جي ويرن جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن. “اوسيئڙي ۾ جڙيل آس” به انهن کي ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جن لاءِ شاه لطيف چيو آهي ته
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِي.
سو هي اسان وارو يار به انهن کي ائين ئي ياد ڪري ٿو، ڇو ته سامونڊي پٽيءَ تي رهندڙ ماڻهو طوفانن لاءِ سدائين تيار رهندا آهن. دنيا جتي فطرت کان پري ٿي رهي آهي، ۽ سائنس اسان جي سماج کي ايترو ته ڳنڍي ڇڏيو آهي جو ماڻهو وٽ ايترو به وقت به بچيو آهي جو اهو فطري حسن کي پسي سگهي، انهي کي ڪجهه گهڙين لاءِ محسوس ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ هو “اوندهه” نالي ڪهاڻي لکي اسان کي فطرت ڏانهن منهن موڙڻ جو درس ڏئي ٿو پر انساني جبلت ۾ موجود صدين جا عقيدا هن کان فطرت جي ويجهو وڃڻ جو حق به کسي ٿا وٺن. ڇو ته سماج ۾ اڃا به اهي روايتون تمام گهڻيون مضبوط آهن جن مان جان ڇڏائڻ لاءِ اجتماعي شعور جي ضرورت آهي. ائين هن جون ٻيون ڪهاڻيون به آهن جن ۾ هن سماجي مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.
هن جو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آئون اها اميد ڪريان ٿو ته هو ڪهاڻي لکڻ جي سفر کي ڪڏهن ختم نه ڪندو ۽ اسان کي اڃا به سٺيون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ڏيندو.
اختر حفيظ
حيدرآباد
24.04.2013