12. پيرن ۾ ڪوڪا
چاچو وراڻيو، “ها پٽ... سچو آهين ...! ويٺي ڪا به هڙ حاصل ڪانه ٿيندي ... سچل سچ چيو آهي ... جو دم غافل، سو دم ڪافر ...! “
آئون دوڪان جي اندر رکيل بينچ تي انور جي ڀر سان ويهي رهيس. انور ڏاڍو اداس ۽ الجهيل محسوس ٿي رهيو هو. هڪ غريب جو ٻار، ٻيو وري عشق جي پويان خوار!. . سو سندس پريشان ٿيڻ ته فطري ڳالهه هئي. ڳوٺ جي چڱي جي ڌيءَ سان اکيون اڙايون هئائين، سندس خبرن موجب مومل به هن کي چاهيندي هئي. پر ڳوٺ جي قائدي موجب ڇوڪري جو چاهڻ سڀڪجهه نه هوندو آهه، چاهڻ ته پري جي ڳالهه پر ان باري ۾ سوچڻ به نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ جي برابر هوندو آهه. آئون جڏهن ڳوٺ هئس تڏهن انور کي هدايتون ڪندو هئس ته، ٻن ڪنوارين ڀينرن جو ڀاءُ ۽ پوڙهي پيءُ جو اڪيلو پُٽ آهين، پنهنجي مستقبل ۾ باري ۾ سوچ...زندگي جهڙي تحفي جو قدر ڪر .. . کيس ڪنهن خاص مقصد تحت گذار ... ته جيئن جيڪي اميدون تنهنجي عزيزن توسان جوڙيون هونديون، سي سڦل ٿي سگهن! پر هُو اهي سڀئي ڳالهيون بيڪار ڀائيندو هو. منهنجون سڀئي نصيحتن ڀريون ڳالهيون هن جي مٿي مان محبت جو جن ڪڍڻ ۾ ناڪام ويون هيون. هڪ ڀيري ڪچهري دوران هينئن به چيو هومانس، “تنهنجو اڄ جو عشق ائين نه ٿيئي جو سڀاڻي باعثِ نفرت بنجي پوي! ۽ تنهنجي لاءِ متان ڪو ڏچو کڙو ٿي پوي ...! انور تنهنجو انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏيڻ وس کان ٻاهر ٿي پوي ... ڏس تون غريب جو ٻار آهين منهنجي نيڪ صلاح اٿئي ته هينئر ئي مُڙي وڃي ... يقينن تو آثم جون هي سٽون ٻڌيون هونديون،
اهڙو پيار ڪهڙي ڪم جو؟ جو پيرن ۾ ڪوڪا ٺوڪي!
انور منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “يار شاعر ته هوندا ئي سر ڦريا آهن. هنن کي ته ٻيو ڪو ڪم ئي نه هوندو آهه سواءِ شاعري ڪرڻ جي! سو هر ڳالهه ٿورئي سوچي سمجهي لکندا آهن ... “
مون وراڻيو، “انور، شاعر ڪا به ڳالهه ڪوڙي ڪونه لکندا آهن، هو دردن ۽ پيڙائن مان گذري مشاهدو ڪري پوءِ ئي ڪا پنهنجي راءِ سٽن ۾ پيش ڪندا آهن. هنن جي ڳالهه مشاهداتي ۽ تجرباتي هوندي آهه، ائين جيڪڏهن شاعري ڪرڻ آسان هجي ها ته تون ۽ مان به شاعر هجون ها. “
هن چٿر ڪندي وراڻيو، “هڻ اوڙاهه ۾ ان مخلوق کي ...! پر احمر هڪڙي ڳالهه ٻڌاءِ ته ڇا پيار ڪرڻ پاپ آهه...؟” مون کيس وڌيڪ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي نرمي سان وراڻيو، “نه يار پيار ڪرڻ ڪو پاپ ناهي ... پر پاڻ غريب ماڻهو آهيون ... انور هن وقت دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پيٽ آهي، پيار ناهي! عزت سان جيڪڏهن ڪٿي ڪي پنج روپيا ڪمائيندين ته تو کي پوءِ دنيا جو هر پيار راس ايندو، نه ته نفرتن ۾ دامن پيو ليڙون ليڙون ڪرائيندين! ... “ انور وراڻيو، “يار احمر تون دنيا دار ماڻهو آهين، تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ رڳو پنج روپيا ڪمائڻ جي هوا ڀريل آهه، ڪنهن جي زلفن جو اسير ٿي ته ڏس ...! ته خبر پوئي ته دنيا داري سٺي آهي يا دلداري...!”
مون چيو، “نه يار ائين ڪونهي! منهنجي سيني ۾ به ڌڙڪندڙ دل آهي ... ان ۾ به احساس ۽ خواهشون آهن ... پر پيارا هي دنيا آهي ... هن ۾ وک وقت سان گڏ ئي کڻڻ گهرجي. هتي سوڙ آهر پير ڊگهيڙڻ گهرجن. مان ته وري به تو کي عرض ٿو ڪريان ته تون پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو نه هڻ... “
هن وراڻيو، “يار انهن چوڻين جو ڀلا پيار سان ڪهڙو واسطو...؟ اڙي چريا دنيا ۾ جنهن به پيار ڪيو اهو امر ٿي ويو. دوست پيار ڪرڻ وارا دنيا جي لاءِ مثال بڻيا. اڄ به ڏس، صديون پڄاڻان، هير رانجهو، ليلا مجنون، مومل راڻو، سسئي پنهون ۽ شيرين فرهاد جو پيار پچارجي پيو...!”
مون کيس ورندي ڏيندي چيو، “پر يار ان وقت ۽ هن وقت ۾ وڏو فرق آهي...! اهي مجنون...” هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ڪوبه فرق ڪونهي... ساڳيو سج لهي اڀري پيو ...! ساڳيون ئي موسمون ڦرن گهرن پيون ...! دنيا ۾ آيل سڌاري کي تون فرق سڏي رهيو آهين ... بيوقوف آهين تون ... پر يار احمر منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي ڇڏ! تنهنجون اهي ڳالهيون مون تي ڪو اثر ڪرڻ واريون نه آهن ... مون کي پنهنجي پيار تي ڀروسو آهي... منهنجو عشق منهنجو امام آهي، سچي عاشق سان الله پاڻ گڏ هوندو آهي!”
ڪنهن حد تائين پنهنجي دليلن سان هن مون کي کُٽائي ڇڏيو، مون هن تي ٻيهر زور ڀريو، “پر يار تو جنهن ڇوڪري سان اکيون اڙايون آهن، سا تنهنجي پهچ کان مٿي آهي! هن جا ڀائر ته توکي ڀر ۾ ويهارڻ به پسند نه ڪندا ... تون پاڻ لاءِ اجايون پيو کڏون کوٽين!”
هُو منهنجي ڳالهه تي چڙي پيو، “تون منهنجو وارث ناهين ...! مان ڄاڻان منهنجي محبت!” اسان ڪنهن کان ڊڄون نٿا! توکي خبر ناهي، هُوءَ مون کي مون کان به وڌيڪ ٿي چاهي ... باقي جيڪا تون برابري جي لٻاڙ هڻي رهيو آهين، تنهن کي ڪو به پڙهيل ڳڙهيل نه مڃيندو ...! احمر محبتون اوچ نيچ نه ڏسنديون آهن. بس جنهن سان دل اڙي، تنهن تان سر صدقي!”
مون کي پڪ ٿي ويئي ته هن تي منهنجون ڳالهيون اثر ڪرڻ واريون ناهن. پر تنهن هوندي به کيس آخري ڀيرو صلاح ڏيندي چيم، “بس انور، وڌيڪ تنهنجي پنهنجي زندگي آهي، تون ڄاڻ تنهنجو جيون! مان وري به توکي وقتائتي اها ئي صلاح ٿو ڏيان ته مُڙي وڃ! محبت جو مطلب حاصلات ناهي ...! محبت روح سان ڪبي آهي، جسم سان نه! جيڪو ماڻهو رڳو منهن کي ڏسي اڪن ڇڪن ٿي وڃي، سو پريمي نه پر حوسي هوندو آهي...! منهنجي مڃ، سڀاڻي جي رسوا ٿيڻ کان بهتر اٿئي ته اڄ ئي ارادو بدلائي ڇڏ ... هونئن به توهان جو ملڻ به ديواني جي خواب جيان آهي! سڀاڻي جي وڇوڙي کان چڱو اٿئي ته اڄ ئي...!” منهنجيون سچيون ڳالهيون هن کان برداشت نه ٿي سگهيون. هُو منهن مٽائي هليو ويو.
دل ته چاهيو ته خدا شل هن جي پيار جو غوراب پار پڄائي، پر اهو ممڪن نٿي نظر آيو. ان ڏينهن کان پوءِ مون کي ۽ انور کي ڪراچي جي هڪ ڪاٽن فيڪٽري ۾ ڪم جي آڇ ٿي. مون هن تي به زور ڀريو پر هُو عشق جي گهوڙي تي سوار هو، سو هن بهانو بنائي ڪراچي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر آئون اڪيلو هليو ويس.
آئون جڏهن هاڻي ڪجهه عرصي کان پوءِ ڳوٺ ۾ موڪلون گذارڻ آيس، ته هن جي حالت ڏسي دل ڏکي پئي. هي ڪافي تبديل هو. وار وکريل، اکيون آليون ۽ هن جي چهري تي عجيب اداسي هن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه جي نشاندهي ڪري رهي هئي. هُو مون کي جسماني طور تي ڏاڍو ڪمزور ۽ ذهني طور تي ڪافي هيسيل لڳي رهيو هو. دل چاهيو ته کائنس حال احوال وٺان سو پڇيومانس، “يار انور ... تون ته ٻڌاءِ ... تنهنجا حال ڪهڙا آهن؟...۽ ها اهو به ته ٻڌاءِ ته ڇا ٿيو تنهنجي عشق جو...؟تنهنجي پيار ڪا بهار ماڻي يا ٿي ويو خزان جي حوالي؟”
منهنجي سوال تي هُو ويتر ڏکارو ٿي ويو، هن جي چهري مان دل شڪسته هئڻ جو پتو ٿي پيو. هن ڪجهه به نه ڪڇيو، سوچيم ته شايد غلط ڪري ڇڏيم، مون کي ائين ئي بنا سوچڻ سمجهڻ جي يڪدم اهڙو سوال نه ڪرڻ گهرجي ها. خاموشي ٽوڙيندي چاچا وراڻيو، “پُٽ احمر هي توکي ڇا جواب ڏيندو....؟ هنن ويچارن سان وڏو ويل ٿي ويو آهي...اهڙي جٺ ته شل ڪنهن دشمن سان به ... “ چاچا کمون جي اکين جا بند ڀڄي پيا، هن کان وڌيڪ ڳالهايو نه ٿيو. ماحول اداس ٿي ويو. مون کي جيڪي خوف خدشا هئا، سي حقيقت ۾ بدلجڻ لڳا. چاچا کمون لڙڪ اگهندي وراڻيو، “پُٽ هنن مسڪينن سان به اهو ئي ٿيو، جيڪو اڪثر ٿيندو رهندو آهه ... هن چريي کي اها خبر نه هئي ته چنڊ کي رڳو چتائي ئي دل خوش ڪبو آهي پر حاصل ڪرڻ جي ابتي خواهش نه ڪبي آهه... “ مون چاچا کمون کان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندي وراڻيو، “چاچا مون کي تون وضاحت سان ٻڌاءِ. “
چاچا وراڻيو، “پٽ انور به مومل سان گڏ فرار ٿي شهر واري عدالت ۾ شادي ڪئي... پهريائين ته مومل هن جي حق ۾ بيان ڏنو، پر جڏهن کيس پنهنجن مائٽن سوگهو ڪرايو ... ڇوڪري دارالامان ۾ وڃي پنهنجي بيان تان ئي ڦري ويئي... ۽ هن انور تي اغوا جو الزام هڻي ڇڏيو ... پُٽ احمر هو وڏا ماڻهو هئا، وڏن ماڻهن تائين رسائي هئن سو تن مڙيئي زور زبردستي ڇوڪري واپس ورائي ورتي ... باقي هن جو پوڙهو پيءُ ويچارو مومل جي مائٽن هٿان ڏاڍو ذليل ٿيو ۽ نيـٺ جهان ئي ڇڏي ويو هليو...!”
مون چاچا کمون کان وڌيڪ پڇيو، “چاچا هن تي ايڏي وڏي قيامت برپا ٿي وئي...ان جو ڀلا ڪو داد فرياد؟”
چاچا لهجي ۾ مزاحمت آڻيندي وراڻيو، “داد ۽ فرياد ... سو به وري غريب جو...؟ پُٽ پوليس ڪيس به نه ورتو ... هنن هن کي چيو ته هن جو پيءُ مار وگهي مئو ئي ناهي، پر هن ته پٽ جي ڪڌي قدم کڻڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي...! احمر، انور به هيترا ڏينهن ته جيل ۾ ئي هو، ڪالهه ته مس ضمانت تي ٻاهر نڪتو آهي ... باقي رهيس ماءُ ۽ ڀينرون، سو تن جو ته ڪو پتو ئي ناهي ته اهي ڪهڙي پار وڏيري جي هٿان عزت جي لٽجڻ کان بچڻ کان هلي ويون آهن... ؟!”
مون کي انور سان ٿيل اهڙي جٺ تي دلي صدمو پهتو. آئون پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيس. ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه رڳو هڪ ڳالهه نه هئي پر هڪ سيلاب هو، جنهن هنن جي زندگي جي بتيلي کي لوڙهي ڇڏيو هو. مون کي ڳوٺ وارن جي خاموشي تي پڻ ڏاڍي حيرت ٿي. مون چاچي کمون کان پڇيو، “چاچا هنن مسڪينن سان ايڏي وڏي ڳوٺ ۾ ايڏي وڏي ويڌن ٿي، اوهين سڀ ڇا خاموش رهيا...؟ ڪنهن به وڏيري کي بخشش...؟”
چاچا کمون وراڻيو، “ٻيلي ڪنهن کي موچڙا کائڻا هئا...؟ ڪير وڏيري جي سامهون ٿيئي ها... خبر ته اٿئي ته هو بي ساڃاهه ماڻهو آهه... پنهنجي تي اچي ته سڄي ڳوٺ کي بدر ڪري ڇڏي.”
ايتري ۾ انور رڙيون ڪرڻ لڳو، سندس چهري جو رنگ ئي ڦري ويو، اکين ۾ دهشت سبب ڳاڙهاڻ اچي ويس، چوڻ لڳو، “مومل منهنجي ئي آهي، هُوءَ ڪنهن ٻئي جي ٿي نٿي سگهي، ڀلي ڪير ڇا به چوي پر مومل منهنجي من جي راڻي آهه، مون کان سواءِ مري ويندي... هُوءَ بي وفا نٿي ٿي سگهي ... مومل مان ماڻيندس....!”
هُو رڙيون ڪري ڀڄڻ لڳو، چاچا وراڻيو، “پُٽ هي جيئن ئي جيل مان آيو آهي، انهي جي اها ئي حالت آهي، ويٺي ويٺي دورو پئجيو وڃيس ... انور دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي ... ڳوٺ ۾ اها به ڳالهه آهي ته هن کي آزاد به وڏيري ئي ڪرايو آهي ... ته جيئن ڳوٺ وارا هن کي ڏسي عبرت پرائين...!”
انور جي حالت ڏسي منهنجي دل روئڻ لڳي، هن کي جيڪو پيار مان لاڀ حاصل ٿيو هو، سو ته ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هيو. مون چاچا کان موڪلائي گهر ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ته تيستائين ڳوٺ جي مسجد مان اعلان اچڻ لڳو، “ڳوٺ ۾ رهندڙ سڀني مسلمان ڀائرن کي ڄاڻ ٿي ڏجي ته وڏيري دودل خان جي وڏي نياڻي هن جهان مان گذاري ويئي آهي ... !!” اعلان جاري هو، مون چاچا کمون ڏانهن نهاريو، هن دکي لهجي ۾ وراڻيو، “پُٽ پڪ سان مومل به ماري ويئي، ڇاڪاڻ ته هُو به وڏيري لاءِ گهر ۾ پريشاني جو سبب بنجي پئي هئي. هن مانگر مومل کي به نه ڇڏيو، ڳهي ڇڏيو!!”
مومل جي موت جي خبر سان سڄو ڳوٺ اداس ٿي ويو. يڪدم ماحول مان شور ختم ٿي ويو ۽ خاموشي ڇائنجي ويئي. ائين ٿي لڳو جيئن ڪو راڪاس ڦري ويو هجي! مون دل ۾ سوچيو، جيڪڏهن انور ان وقت آثم جي سٽن کي مثبت وٺي ها ته شايد اڄ نتيجو اهو نه هجي ها!