عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
ڪھاڻيون
اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس
- 0/5.0
- 1562
- 708
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (56) اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نوجوان ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيم جي لکيل ڪهاڻين جو مجموعو آهي.هي ڪتاب جون 2013ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. ٿورائتا آهيون نوجوان ليکڪ عبدالسلام ٿهيم صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ عبدالسلام ٿھيم
- ڇپيو ويو 2013
- ڇپائيندڙ ڪنول پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 708 ڀيرا