5. اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس
لائون لهڻ کان پوءِ ميلاپ جي مُسرتن جي مئه جا خمار اڃا من تان لٿا نه هئن، ته ملهار کي ناکئي نياپو موڪليو ته، جُوار چڙهي آيو آهي، تنهن ڪري سڀاڻي سمنڊ ۾ هوڙا هاڪارينداسين. اها خبر جڏهن هِن جي ڪنن تي پيئي ته جيءُ جهري پيس. سوچيائين مان وِنگ بنجي پنهنجي ملهار جي پيرن ۾ پيهي کيس وڃڻ کان روڪي ڇڏيان! ڇاڪاڻ ته مون هُن مان اڃا آس به پوري نه پلي آهي! وڇوڙي جي جڏهن رات ٿي هئي ته ان رات ڳوٺ جا ماڻهو ته ننڊ جي ڀاڪرن ۾ هيا. ملهار کٽ تي هن جي گوڏن تي پنهنجو مٿو رکي سڌو آهليل هو. هُوءَ کيس مٿي تي هلڪا زور ڏيئي رهي هئي. ملهار سندس هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي وراڻيو هو، “سڄڻ من ته توکان پل به پري رهڻ نٿو گهري! پر پيٽ جي لاءِ وقتي دورين جا ڏنڀ ته سهڻا پوندا نه ...!”
هن ڪجهه به نه ڪڇيو هيو، چهري تي اداسي وڌيڪ نمايان ٿي پيئي هيس. دل ڀرجي پيئي هيس. ملهار سندس اهڙي حالت ڏسي اٿي ويٺو، چيائين، “پاڳل! چري آهين ڇا...؟ صفا هانءُ هاري وڌو اٿئي...!!”
هن وراڻيو، “ملهار من مڃي ئي نٿو ته توکي ڇڏيان...!! وڙ ڪر... هن جوار تي نه وڃ ....!اڳيان ڪڏهن به نه جهلينديس توکي وڃڻ کان....!!”
ملهار آهستگي سان هن کي سمجهائيندي وراڻيو، “هن تنهنجي روڪ تان صدقي ...! ٻيڙي ڌڻي موڪل نه ڏيندو ...! جي ڍر ڪري ويٺس ته عذر ڪري ڪڍي ڇڏيندو ...! ۽ پاڳل آئون ڪو پرديس ٿورئي پيو وڃان... ڪجهه ڏينهن جي ته ڳالهه آهه... جلدي موٽي ايندس گهر... ۽ چري اوسيئڙي ۾ ئي قرب سوايو ٿيندو آهه... ۽ ماڻهو جو ٻي ماڻهو جي نگاهه ۾ قدر به وڌندو آهه....”
“مکڻ نه هڻ ملهار...!” ڀاڳل ٺڙڪ وراڻيو، “مٺيون ڳالهيون ڪري من کي نه وندرائي... بس دل چوي ٿي هن واري نه وڃ ...! باقي اوسيئڙو پيٽ ٿوري ڀريندو ... برهه جي بُک کي هئڻ ئي ماٺو ڪندو آهه مٺا ... سچ پڇين ته تن تي اهڙو اکر هلايو اٿئي جو من ڪٿ لڳي ئي ڪانه ٿو... اڄ پوتي تي آر ويٺي ڪيم. خيالن ۾ تون هئين ... پتو ئي نه پيو تيسين آر جي سُئي آڱر ۾ ٽنبجي ويئي ...! الا ڏاڍو سور ٿيو پر پوءِ به مٺو لڳو ...! ڇاڪاڻ ته توکي ياد ڪندي پرايو هئم... ماسي ڏاڍا ڀوڳ ڪيا... لڄي ٿي ڪوٺي ۾ وڃي لڪيس...!”
ملهار جلدي ۾ سندس آڱر پڪڙي زبان جو ڇهاءُ ڏنو، سڄي جسم ۾ سرور محسوس ڪندي خوشي مان وراڻيائين، “جي سائين زخمن تي تو اهڙا پها رکڻ شروع ڪيا ته آئون روز ڪا نه ڪا چوٽ کايو ويـٺي هونديس...”
“..... “ ملهار مُرڪي پيو، “پاڳل آهين ڇا مٺي ...!؟ پوءِ ڀلا مون کي سڀاڻي درياهه تي وڃڻ جي اجازت آهه ڪه نه؟” ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيائين، “من ته نٿو مڃي... پر ڀلا ڀلي وڃج ... پر ڏس ... سگهو ورج!”
ملهار کيس پنهنجي ٻانهن ۾ ڀريندي وراڻيو، “جي منهنجا سائين ... جلد ورندس...تمام جلد...ههڙو قرب ڇڏي وڃڻ منهنجي لاءِ به وِهه جو ڍڪ نڙي تان هيـٺ لاهڻ جي برابر آهه مٺي ...! جلد ايندس...”
هن به پنهنجي ٻک ۾ ملهار کي زور سان ورتو هيو، ڇاتين جي ڇهاءُ سان جسم ۾ لرزش پيدا ٿي هين، هُو ٻئي هڪٻئي جي وجود ۾ وڃائجي ويا هيا، نيهن جي مينهن جي مڌ ۾ مست ٿي ويا هيا.
صبح ٿيو هيو، ڳوٺاڻا رَڇ ڪلهن تي ڪري سمنڊ ڏي سنڀري گهران موڪلائي نڪتا هيا، هُن ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي هن کي ڳل ڳرهاٽي پائي موڪلايو هيو. ڀاڳل ڏاڍي اداس هئي، من ته گهريو هيس ته روئي منٿ ايلاز ڪري ملهار کي روڪي وٺان پر هُو به ٻين جيان بک جو ڀرم رکڻ لاءِ سمنڊ جو سينو چيري منجهانئس داڻو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ مڇي ۽ جهينگن جو شڪار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تنهن ڪري ملهار کي وڌيڪ روڪڻ لاءِ تنگ ڪرڻ هُن مناسب نه سمجهيو. بس ڪوٺي جي ڪنڊ ۾ پوتي ڳوڙهن سان پاڻي ڪئي هئائين. روئيندي روئيندي ڪنهن پل من ڪچو ٿي پيو هيس، بي سکائي جي ڊوڙ سيني تي ڀانئي هئائين. منهن پوتي جي پلاند سان اگهي ٻاهر دلي مان پاڻي جو گلاس پيتائين ته اُلٽي ڇڏائجي ويس. ملهار جي ماءُ پرولي ڀڃي اچي واڌايون ڏنس ته، “تو ۾ ملهار جو رت ڄمي چڪو آهه!” اهو ٻڌي ڏکن وارا ڳوڙها خوشي ۾ بدلجي ويا... سوچيائين، اهو لقاءُ جيڪر ملهار جي مانڌان ٿي ها ته هو ڪيڏو نه خوش ٿئي ها ته اسان جي گهر ۾ به هڪ ننڍڙو مهمان ايندو! تنهن کان پوءِ ڀڳيءَ جو انتطار ڪرڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ڀڳيءَ جي وقت پاڻي لهي ويندو آهه، تنهن ڪري شڪار نه ٿيندو آهه، سو گهاتو گهر موٽي ايندا آهن. هاڻي ته وقت جي گذرڻ به هن سان ويل ڪيا هيا. وڏا اوسيئڙي جا ڪاٺ ڪاٽڻ لڳي.
تنهن کان پوءِ هڪ اهڙي رات آئي هئي، جڏهن سڀئي اگهور ننڊ ۾ ستل هيا ته اوچتو سمنڊ ۾ چاڙهه ٿيو، هوائون وڌڻ لڳيون. وڌندي وڌندي هوائن زوردار طوفان جي شڪل اختيار ڪري ورتي. پوءِ ته ڇوڏو ڇوڏي ڀيڙو نه رهيو! گهرن جون ڇتيون اُڏڻ لڳيون. ڀتين جي ٻانٽ ۾ جهونا جهونيون ڦاسڻ لڳا، سمنڊ پنهنجي ڪنارن کان نڪري راڪاس جيان ڳوٺن ۾ منهن ڪيو. پاڻي وڻن جيتري اوچائي تي چڙهي ڳوٺ ٻوڙڻ لڳو. ماڻهن جي وات ۾ ٻچا اچي ويا. ڀڄڻ جو ڪو گس نه رهيو. هر هنڌان رڳو ريهون، ڪيڪون، دانهون، آهون ۽ رڙيون ڪوڪون ٿي ٻڌڻ ۾ آيون! پر سڀ هوائن جي آوازن ۾ دفن ٿيندا ويا. اهڙي دهشت ۽ خوف ۾ ڀاڳل جو وجود ملهار جا گس تڪڻ لڳو. ڊپ جي دوڏ سندس من چيڀاٽڻ لڳي. پورن ٻن ڏينهن جي قيامتِ صغرا کان پوءِ لاڙ پٽ تي موت پنهنجا پاڇا ڇڏڻ لڳو. انهن قيامت جهڙين گهڙين ۾ ڇڙواڳ هوائن نه فقط سندس حال جهڙي ڪچي جهوپڙي کي پٽ ڪيو هو پر گڏ سندن اميدن، خوشين ۽ خوابن کي به ڪنهن ڪمزور وڻ جيان ڌوڻي پٽ ڪيو هو. هن به ٻين جيان ٽريڪٽر جي ٽالين ۽ گاڏين ۾ سمنڊ کان کڄي ايندڙ لاشن ۾ دل تي پٿر رکي پنهنجو ورُ ملهار ڳولهيو هو. نه فقط ايترو پر هن ساحلي پٽي تي وڻن ۾ ٽنگيل لاشن ۾ به ڏسي پنهنجي گم ٿي ويل گهاتو جو چهرو سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪٿان به پنهنجي لوئي جي ضامن ملهار جو منهنڙو نظر نه آيو هو. هن ڪيئي واٽون واجهايون هيون پر ڪٿان به ور نه وريو هئس. بس هڪ ڳولا جو سلسلو شروع ڪيو هئائين، جنهن جي سفر هن جي ڪمزور وجود جو رت چوسڻ شروع ڪيو هو. فراق جي نهائين ۾ پچي ٺڪر ٿيڻ لڳي هئي، پچندي لڇندي کامندي نون مهينن جي درد جو سفر ڪاٽيو هئائين ته سندن مُرشد جو ميلو چڙهي آيو هو. ڳوٺ ۾ طويل سوڳ کان پوءِ هلڪي خوشي جي احساس ڪر کنيا هئا، توڙي جو ماڻهن وٽ ڪجهه به نه هو، هر گهر مان ڪو نه ڪو سمنڊ جي لهرن جو کاڄ بنجي چڪو هو، هر ڪنهنجي درد جو پنهنجو هڪ داستان هو، پر تنهن هوندي به انهن درد جي احساس کي ميٽڻ جي خاطر ۽ خاص ڪري ننڍڙن ٻارن جي ڪچڙن ذهنن مان خوف ڪڍڻ لاءِ هر ماڻهو پنهنجا ٻار وٺي ميلي ڏانهن وڃي رهيو هو. ڳوٺ ۾ ڪنهن قدر درد جو احساس ڪجهه گهٽ ٿي نظر آيو پر پنهنجي ڳوٺاڻن جي چهرن تي ظاهر ٿيندڙ خوشي ڏسي ڀاڳل جي من ۾ ويتر ماتم مچي پيو هو. نوَ مهينا اڳ لهرن جي نظر ٿي ويل ملهار جو منهنڙو سندس اکين جي اڳيان ترورا ڏيڻ لڳو هو. ياد جي آيل اهڙي جهونڪي سان سندس سيني ۾ ملهار جون ساروڻيون وکري پيون هيون. اهي پل جڏهن کيس ڏينڀوئن جيان ڏنگڻ لڳا، تڏهن ملهار کي من اندر ۾ ڏوراپا ڏيندي وراڻيو، “جيڪڏهن مٺا هڪڙي گهڙي به منهنجو چيو ڪري هن ڀيري رڪجي پوين ها ته شايد اڄ مون کي ايترا عذاب سَهڻا نه پون ها ...! پر... من وري به چوي ٿو تون ايندين... تو موٽي اچڻ جو انجام جو ڏنو هو...تون ورڻو آهين ملهار ... ها، تون مرڻو ناهين ملهار...! تون ورڻو آهين...!” دماغ چڪرائجي ويو هئس اکين منجهان لُڙڪن جي لار شروع ٿي ويس. رئي جي پلئه سان اکيون اگهي وري وراڻيائين، “هي به ڪهڙو ميلو ٿيندو...من اڪيلي جو ڪهڙو ميلو...! ميلا ته تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن جانب جيءَ جي اوڏا هوندا آهن ...! تڏهن ئي اکين سان اکين جي اُڃ اجهائبي آهي...!!”
بس ائين ئي پيڙائن جو سمنڊ جهاڳيندي جهاڳيندي ڪنهن پل اک لڳي ٿي وڃيس...لاشعور جي پٽن تي روح کي ڀٽڪندي محسوس ڪيو هئائين. خوابن جي رُڃ مان ملهار کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ٿي...مهينن کان سڪايل سندس روح کي ڄڻ ڪا آٿت ٿي ملي ... ملهار ڏانهنس ڊڪندو ٿو اچي، ڄڻ چوندو ٿو اچي، “اچان پيو ڀاڳل...مون واعدو ڪيو هو ورڻ جو، سو اهو واعدو اڄ آئون پارڻ پيو اچان ڀاڳل ... مان اچان پيو مٺي...!!”
اوچتو ئي اوچتو انهن کي لمحن ۾ سور جي شدت کان کيس جاڳ ٿي پوي ٿي. دانهون ڪري ٿي ته سسڻس به اٿي ٿي پوي. سس کيس ڏسندي ئي سمجهي وڃي ٿي ۽ جلدي جلدي ۾ ڳوٺ جي دائي ناني جندو ڏانهن ماڻهو ڊوڙائي، پاڻ اچي کيس سنڀالي ٿي. دائي اچي ٿي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هن جي دانهن منجهان ئي هڪ ننڍڙي زندگي جون دانهون به اٿي ٿيون پون. ڄڻ اهي خاموشي جي جمود کي ٽوڙين ٿيون. هي هوش مس ٿي سنڀالي ته دائي کيس چوي ٿي، “هُو بهو ملهار پاڻ موٽي آيو اٿئي ڇوڪري...! توکي مبارڪون هجن...!”
اهو ٻڌي ڀاڳل ڏک ۽ سرهائي جي گڏيل ڪيفيت سان ننڍڙي ملهار کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائي ٿي ڇڏي، ۽ دل ئي دل ۾ وراڻي ٿي، “ملهار واقعي تون موٽي آئين...واقعي تو پنهنجو واعدو پاڙيو آهي جانب ... واقعي محبتون مرنديون ناهن ... تون ناهين مئو ملهار...تون ناهين مئو. ... !”
(مئي 1999ع ۾ جاتي ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ آيل سامونڊي طوفان جي پسِ منظر ۾ لکيل)