ڪھاڻيون

اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

عبدالسلام ٿهيم سليس ٻوليءَ ۾، نهايت آسان ڪردارنگاري ذريعي پنهنجي آسپاس ۾ ٿيندڙ واقعن کي ائين ئي بيان ڪيو آهي، جئين سندس اکين ڏٺو ۽ دل محسوس ڪيو آهي.
عبدالسلام وٽ سماجي حقيقت پسندي به آهي، ته رومانس به آهي. سندس رومانس ۾ به زندگيءَ سان لاڳاپيل مسئلا آهن. سماجي اڻ برابري، ڏاڍ ۽ ارهه زورائيءَ کي وڏي اظهارڻ بدران وٽس مٺڙو ۽ نماڻو لاڙي لهجي وارو ڌيرج آهي. اظهارڻ جو اهو جھيڻو انداز اثر رکي ٿو. سندس ڪهاڻيون زندگيءَ سان ڀرپور آهن، جن مان زندگيءَ جا چٽا پٽا عڪس نظر اچن ٿا.
Title Cover of book اوسيئڙي ۾ جُڙيل آس

13. ڪُن

وال ڪلاڪ جي سيڪنڊ ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ وقت جي پل پل جي گذرڻ جو احساس ڏياري رهي هئي. هيومن ويلفيئر آرگنائيزيشن جي آفيس وارا پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئا. هال ۾ ويٺل انهن نوجوانن ۾ سرمد به شامل هو، جن کي شارٽ لسٽ ٿيڻ کان پوءِ انٽرويو ڪال آئي هئي. هاڻي ته سماجي ادارن ۾ شارٽ لسٽ ٿيڻ به وڏي ڳالهه ٿي پئي آهي ڇاڪاڻ ته ادارن ۾ جڙيل لابين جي مهر سان نئين ماڻهو جي قابليت، ريفرينس جو مانگر ڳهي ڇڏي ٿو!
اڄ هتي سڀني جي چهرن تي اميد جو ڪِرڻو نظر اچي رهيو هو. پهرئين اميدوار جو زباني انٽرويو جاري هو. سرمد هر هر گهڙي ڏسي رهيو هو، سندس نمبر نائون هو. سرمد سوچي رهيو هو، جيڪڏهن هي نوڪري ملي ويئي ته پوءِ بابا جي علاج جي به اميد ٿي پوندي. گهر جي چُلهه به وقت سر ٻري پوندي، ۽ ڀيڻن کي چار وڳا ڏاج ڏيئي سندن رخصتي به ڪري وٺندس. سرمد جي گهر جو ڪار وهنوار سندس پيءُ جي پينشن تي هلي ٿو. اسڪول جي نائب قاصد واري نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ مليل پينشن قرضن ۽ سندس ماءُ جي آپريشن ۾ ختم ٿي ويئي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به سندس پيءَ ڪجهه وقت ريڙهي تي فروٽ سبزي رکي وڪڻندو هو، پر گذريل ڇهن مهينن کان ڇاتي ۾ شديد سور، دم ۽ کنگهه سبب بستري ڀيڙو ٿي پيو هو. تنهن کان پوءِ بس فاقه ڪشي جي ڏانئڻ سرمد وارن جو رت پيئڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. سرمد پٽي سٽي بي_اي ڪئي ۽ نوڪري جي لاءِ گهڻو ئي جتيون گسايون پر اڃا تائين کيس ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو، اڄ واري انٽرويو ۾ وڏي اميد سان آيو هو.
سرمد اڃا اهو سوچي ئي رهيو هو ته هڪ ڪلين شيوَ، پينٽ شرٽ پهريل سمارٽ نوجوان سرمد کي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڏنو. سرمد کي ڏاڍي حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته هُو ته ان کي سڃاڻندو ئي نه هو. سرمد پڇيس، “مان؟”
هن وراڻيو، “جي جي، توهان ئي ... اوهان ٻه منٽ ٻاهر اچو پليز!”
سرمد هن جي اشاري تي هن جي پٺيان هال کان ٿورو ٻاهر آيو، هن اجنبي نوجوان جي چهري تي ڏاڍي نماڻائي هئي. هن جون اکيون آليون هيون، ڏاڍي درديلي لهجي ۾ وراڻيو، “ڀاءُ جي اوهان مائينڊ نه ڪيو ته پليز مان اوهان کي هڪ عرض ڪريان؟”
هن جي اداسي سرمد کي پل ۾ پگهاري ميڻ ڪري ڇڏيو، سرمد چيس، “جي جي ادا چئو!”
هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. رومال سان اکيون اگهي وراڻيو، “ڀاءُ منهنجي امڙ جناح اسپتال جيICU وارڊ ۾ داخل آهي. مان ڏاڍو پريشان آهيان. جي اوهان مهرباني ڪريو ته مان اوهان جي نمبر تي انٽرويو ڏيان... توهان منهنجي...!”
اهو ٻڌي هيڪر ته سرمد جي دل ۾ خيال آيو ته هن جي ماءُ ته وري به ڊاڪٽرن جي نظرداري هيٺ ICU ۾ آهي، پر منهنجو والد ته جهُريل جهوپڙي ۾ هڪ الله ۽ ٻيو منهنجي آسري تڙپي رهيو آهي؛ پر وري اندر جي انسان سرمد کي صبر جي هدايت ڪئي ۽ هن پنهنجو نمبر هن کي ڏئي ڇڏيو، “ٺيڪ آهي ڀاءُ، توهان ڀلي منهنجي نمبر تي انٽرويو ڏئي وڃو.”
نوجوان جون واڇون ٽڙي پيون، هُن وراڻيو، “مهرباني ڀاءُ.. مان توهان جو هي احسان...” سرمد سندس ڳالهه ڪٽيندي وراڻيو، “ڇڏيو...ان ۾ ڪا به احسان جي ڳالهه ناهي، بس دعا ڪجو.”
نوجوان سرمد کي پنهنجو نمبر ڏنو ۽ پاڻ هال ۾ هليو ويو.
ڏک ڏسي ڏسي، هاڻي ڄڻ ته سرمد کي سورن سهڻ جو به تجربو ٿي ويو هو، تڏهن ئي ته هُن پنهنجي مشڪل کي نظر انداز ڪري، ٻئي جي مشڪل کي آسان ڪري ڇڏيو.
وقت گذرندو رهيو ۽ انٽرويو به ٿيندا رهيا. انٽرويو جو ٽائيم 9 کان 4 بجي تائين مقرر ٿيل هو. هلندي هلندي ٻنپهرن جا ٽي ٿي ويا، ٻارهين نمبر جو انٽرويو جاري هو، سرمد جو نمبر 22 هو. باقي هڪ ڪلاڪ ۾ ڏهه اميدوارن جو انٽرويو ٿيڻو هو. انٽرويو سست رفتاري سان ٿي رهيا هئا، سو اهو وقت تمام مشڪل لڳي رهيو هو. اها مشڪل تڏهن مسئلو ٿي پئي جڏهن چار ٿي ويا، پر ان وقت اڃا 21 نمبر جو انٽرويو جاري هو. سرمد جي من ۾ آنڌ مانڌ مچڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ هن جو انٽرويو هو. اوچتو ان ئي وقت آفيس جي بيل وڄي، بيل جي آواز تي پٽيوالو اندر ويو. انٽرويو ڏيندڙ اميدوار ٻاهر نڪتو ته سرمد وڌي دروازي وٽ پهتو ته پٽيوالي هن کي روڪيو ۽ سڀني اميدوارن کي متوجهه ڪندي وراڻيو، “توهان سڀني کان معذرت ٿي ڪجي، انٽرويو ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي. صاحب کي ضروري ميٽنگ تي اسلام آباد وڃڻو آهي، تنهنڪري اوهان کي وري ٻيهر گهرايو ويندو. “
پٽيوالي جي آگاهي ڄڻ سرمد لاءِ موت جو نياپو کڻي آئي. اندر ۾ جوڙيل خوابن جا محل ڄڻ واري جا ٺهيل ثابت ٿي پيس. سرمد جو رت گرم ٿي ويو، “هي ڪٿان جي شرافت آهي...؟ اسان ڪٿان ڪٿان کان آيا آهيون، اسان جو به ته ڪجهه خيال ڪريو، اوهان جو وقت...!” سرمد جي همت تي ٻين ڇوڪرن به گوڙ مچائي ڏنو، “ها وقت سڀن جو قيمتي هوندو آهي، اسان به اڄ جي تاريخ جي انٽرويو لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ۽ قيمت سيڙهائي آيا آهيون. هاڻِ ته هر صورت انٽرويو ڏئي پوءِ ئي وينداسين!” ٻيو ڇوڪرو، “ها، توهان کي هر حالت ۾ انٽرويو ڪرڻو پوندو!”
شور تي پٽيوالو گهٻرائجي ويو، تيستائين هڪڙو اڌڙوٽ عمر جو همراهه آفيس منجهان ٻاهر نڪتو. بندرو، رنگ جو سانورو، اکيون ڳاڙهيون ۽ پيٽ ٻاهر نڪتل هئس. پارن مان آفيسر گهٽ ڪاسائي وڌيڪ لڳي رهيو هو. اسان جي احتجاج کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌڻ لڳو ته پٽيوالي چيس، “سائين هي ڇوڪرا ته گوڙ ڪري رهيا آهن ته هروڀرو اسان جو انٽرويو ڪريو. اسان پري پري کان آيا آهيون، اسان غريب آهيون. . !!”
هن تي ڪو به اثر نه ٿيو، لهجي ۾ رکاڻ سموئي وراڻيو، “ڇو اوهان کي ٽائيمنگ جو پتو ناهي ڇا ...؟ ڪڏهن ڪٿي رولز اينڊ ريگيوليشنس نه پڙهيا اٿئو...!”
سرمد وراڻيو، “سر پڙهيا آهن، پر سر جيڪڏهن اوهان هڪ ڪلاڪ اسان کي وڌيڪ ڏيندا ته مان سمجهان ٿو ته ڪو به فرق نه پوندو! اسان جو به خرچ ۽ وقت سجايو ٿي پوندو، سر پليز اوهان اسان جي مجبوري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.”
هن هڪ مغرور ٽهڪ ڏنو ۽ وراڻيو، “وري به اها ئي ڄٽاڻي ڳالهه! هي پرائيوٽ آفيس آهي، سرڪاري ناهي، هتي هر ڪم پلاننگ تحت ئي manage ڪبو آهي. هتي چار جو مطلب چار ئي آهي! اوهان وڃي سگهو ٿا، اوهان پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو.”
سرمد وراڻيو، “سر پليز رحم ڪريو، مان پري کان آيو آهيان، منهنجو والد موت سان جهيڙي رهيو آهي، يقين ڪريو ته اڄ امان مون کي نڪ جي ڦلي وڪڻي ڪرائي جا پيسا ڏنا آهن، اوهان جي هڪ ڪلاڪ ڏيڻ سان ٿي سگهي ٿو ته هڪ گهر جو چلهو ٻري سگهي ٿو، هڪ ماءُ جو پنهنجي دعائن تي ڀروسو ٿي پوي! هڪ نوجوان کي جيئڻ جو حوصلو ملي پوي!”
هن جي منهن تي شيطاني ڪاوڙ جون لڪيرون اڀري آيون، وراڻيائين، “مون کي وڌيڪ تنگ نه ڪيو، مسئلا سڄي دنيا سان آهن، سڀ جا حل ته اسان وٽ نه آهن، اسان پنهنجا رولز ڀڃي نٿا سگهون!”
هن جي اهڙي انداز تي ٻين ڇوڪرن کي ڪاوڙ وٺي ويئي، ڇوڪرن منجهان هڪڙي وراڻيو، “ڪلاڪ ڏيڍ وڌيڪ ڏيڻ سان اوهان جا رولز ٿا ٽٽن ...! هون !! جي اوهان اڄ انٽرويو نه ڪيا ته هي آفيس اڄ سلامت نه رهندي!” ٻئي ڇوڪرو وراڻيو، “ها ها، جيڪڏهن اوهان وٽ وقت ئي نه هيو ته پوءِ اوهان اسان سڀني کي اڄ ئي ڇو گهرايو ...؟ هاڻي گهرايو اٿئو ته انٽرويو ڪريو!” ٻئي وراڻيو، “ها ها، اسان کان هر حالت ۾ انٽرويو ڪريو نه ته اسان بک ۽ بيروزگاري جا ماريل ته ڪجهه به ڪري ٿا سگهون اڄ!”
اميدوارن جو بدليل انداز ڏسي آفيسر ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو، “ڇا ڪندا توهان ...؟ بدمعاشي ٿا ڪيو ...؟؟ اوهان جي اوقات ڇا..؟؟”
ڇوڪرن مان هڪڙي جذباتي ٿيندي وراڻيو،
“اوقات جا ٻچا...! اسان پاڻ ته اڄ مرنداسين پر مرندي مرندي تنهنجا به آنڊا اوجهريون ڪڍي وينداسين!!”
ٿلهي آفيسر جو جسم ڪنبڻ لڳو. چهري تان پگهر پاڻي ٿي وهڻ لڳس، سرمد جي دل چيو ته انهي ٿلهي پيٽ وڏي کي ڳلي مان جهلي، زمين تي ڦهڪو ڪري، پر مُڙي ويو. سرمد کي لڳو ته هن کي مڃائڻ آسمان مان تارا لاهڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن هن ۾ ڪي ڪڻا هجن ها ته هُو ضرور سندن مجبوري کي سمجهي مٿن رحم کائي ها، پر هن ۾ رتي به رحم جي نه هئي، رهندو ڇوڪرن جي جذباتي زبان کيس چيڙائي ڇڏيو، رهيو سوجهرو به چٽ ٿي ويو. هاڻي هو ڄڻ رڍن اڳيان رباب وڄائي رهيا هئا. پوزيشن ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ عملو اچي ويو، انهن هٿيارن جي زور تي سڀني اميدوارن کي آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سرمد مايوسين جي هڙ مٿي تي رکي اچي بس اسٽاپ تي ويهي رهيو.
اڄ جڏهن هر ماڻهو ٻي کان اڳيان نڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، انهي ڊوڙ ۾ هُو ٻين کي پيرن هيٺيان لتاڙڻ کان به نٿو مُڙي، اهڙي صورتحال ۾، سرمد پنهنجو نمبر ٻئي کي ڏئي، ڄڻ پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو وهائي ڪڍيو هو! پر وري به دل ۾ اهو احساس هئس ته، متان هُو کائنس وڌيڪ ڏتڙيل هجي...! پر هن کان وڌيل ڏتڙيل ٻيو ڪير ٿي سگهيو ٿي...؟ جنهن جو پيءُ پيسن نه هئڻ جي ڪري علاج جي اڻاٺ سبب ڏينهون ڏينهن موت ڏي وڌي رهيو هو. گهر جو چلهه ٻرڻ به مشڪل ٿي پيو هو. ڀيڻن جي عمر شادي کان چڙهي رهي هئس. رُڃ ئي رُڃ ...! هُو انهي درد جي درياهه ۾ آهي، جنهن جو ڪنارو ته نظر ئي نٿو اچي ...! پر وري به هن جا حوصلا بلند آهن، کيس اڃا به واهرو پاران واهر ٿيڻ جي اميد باقي آهي! سوچن جي ويرون سرمد جي ذهن تي لهنديون ۽ چڙهنديون رهن ٿيون. واپسي وارو چئن ڪلاڪن وارو سفر ڏاڍو پيڙا وارو سفر رهيس، ڇاڪاڻ ته هُو گهران وڏيون اميدون کڻي ڪراچي آيو هو، پر وقت جي قدرن سبب هن جو جوڙيل اميدون پوريون ٿي نه سگهيون هئس. هن جي درد جو درمان ٿي نه سگهيو. ٿڪل ٿڪل وجود کڻي هارايل قدمن سان گهر موٽي آيو.
گهر جي ٻاهران پيءُ جي کنگهه جو آواز سندس ڪنن ۾ شيهي جيان لهڻ لڳو. اڄ ته کنگهه سندس ڇاتي ڇني رهي هئي! ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو هو ته سندس پيءَ کي پراڻي ٽي_بي ۽ گڙدن جو مرض آهي! سندس علاج ڪنهن به سٺي سينٽر ۾ ممڪن آهي، پر مفلسي سبب عطائي ۽ سرڪاري ڊاڪٽرن جي حوالي ڪيل سندس پيءَ جي حالت ڏينهون ڏينهن ڳڻتي جوڳي ٿيندي ٿي وئي! هُو ڪافي ڪمزور ٿي رهيو هو. ڳري هڏا ٿي ويو هو.
سرمد گهر ۾ داخل ٿيو ته مٿس پهرين نظر ماءُ جي پئي، “پُٽ خير سان پڄي ته وئين...ڏاڍو کٽڪو ٿيو پئي...پُٽ، ٻڌاءِ ڇا ٿيو؟ ... “
ماءُ جي انهي سوال کيس امتحان ۾ وجهي ڇڏيو، گهر ۾ بيماري، مٿان وري بيروزگاري جو مارو! سرمد ڪجهه ڪڇي نه سگهيو ته ماءُ وري وراڻيو، “خاموش ڇو آهين...؟ ٻڌاءِ پُٽ!؟”
سرمد ماءُ جي دل رکڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ نٿي چاهيو، “بس امان ڇا ٻڌايان ... سمجهه ته ڪجهه به نه ٿيو...!” ڳالهه مٽائيندي سرمد پڇيو، “امان تون ٻڌاءِ بابا ڪيئن آهي؟ کيس ته ڪافي کنگهه پئي ٿيئي!”
ماءُ ٿڌو ساهه کڻي اندر جي اوٻاس ڪڍندي وراڻيو، “بس ڙي پُٽ! پاڻ جا ته نصيب ئي ڪي اهڙا آهن...! وري به سائين سڻائي ڪندو...! پُٽ بابهين جي طبيعت ۾ مزو ناهي، اڄ ته کيس رت جون الٽيون به آيون هيون!”
سرمد جو ساهه منجهڻ لڳو هو، “او امان ... ڇـ ... ڇـ ... ـ ڇا.. ! ابا کي رت جون الٽيون!!”
سرمد جي ماءُ وراڻي، “جي پُٽ!”
“ته پوءِ امان اوهان کيس دوا ڏني؟”
“جي پُٽ، ڏينهن جو دوا ڏني مانس...کيس ٽي ڀيرا وات مان رت آيو ... ٿوري دير پهرين ٻه ڀور ماني جا کاڌا اٿس ... پر هاڻي ته ماني به ڳلي ۾ ڦاسي ٿي پويس ... “
سرمد سڌو ڪمري ۾ آيو، هڪڙي ڀيڻ پيءُ کي ونجهڻي سان هوا ڪري رهي هئي ته ٻي کيس زور ڏئي رهي هئي. هُو وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو. سيراندي واري پاسي کان ويهندي سرمد پيءُ جي نراڙ تي هٿ رکندي پڇيس، “بابا ڪيئن آهيو؟”
سندس پيءُ نڙي مان آواز ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، لفظ سندس نڙي ۾ ڦاسي ڦاسي ٿي پيا، “پـُ. . .پُـ ... پُـٽ. . .بـ. . بـس سـ .. سـ. . سـڻائي ... !”
سرمد کيس آٿت ڏيندي وراڻيو، “بابا اوهان دلجاءِ ڪريو، سڀاڻي آئون اوهان کي انشاالله ڪنهن سـٺي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويندس... بس اوهان دلجاءِ ڪريو... آرام ڪريو بابا...!”
هن دعائيه انداز ۾ ڏڪندڙ هٿ مٿي ڪيا ۽ ڪنڌ سان هاڪار ڪئي.
سرمد ٻاهر نڪري ماءَ کي چيو، “امان بابا کي هاڻي ڪجهه سڪون آهي، انشاالله آرام اچي ويندس، اڄ ته ڏينهن لڙي ويو آهي، سڀاڻي انشاالله ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاري ڪو گس ڪڍنداسين ... الله سڻائي ڪندو... نه ڄاڻ ڇو هُو اڃا اسان جو امتحان پيو وٺي! جڏهن ته پتو به اٿس ته اسان خاڪ جا پتلا، هيڏين آزمائشن جي ڇا سٽ سهي سگهنداسين!”
سرمد جي ماءُ وراڻي، “ابا ائين نه سوچ! وڃ هٿ منهن ڌوئي اچ ۽ اچي ماني کاءُ...پوءِ تون به آرام ڪر، ٿڪي پيو هوندين!”
سرمد اٿيو، هٿ منهن ڌوئي، لسي ماني کاڌائين ۽ پوءِ اڱڻ ۾ رکيل کٽ تي ليٽي پيو. هُو ڏاڍو ٿڪل هو، سفر سبب مٿي ۾ به سور هئس ... هن جي سوچيندي سوچيندي ئي اک لڳي ويئي.
سرمد بي معنى خوابن جي دنيا ۾ ڀٽڪي رهيو هو ته رات جي ڪنهن پل اوچتو پيءُ جي کنگهه جي آواز وڌي وڌي نيٺ کيس جاڳائي ڇڏيو! هُو پنهنجي کٽ تان اٿي ڪمري ۾ آيو. هن جي پيءُ کي شديد کنگهه سان گڏ هڏڪي به ٿي رهي هئي، سرمد جي ماءُ کيس مٿي تي زور ڏيئي رهي هئي ۽ کنگهه مهل سندس ڇاتي تي به ڇهاءُ ڪري رهي هئي ته جيئن ڇڪ ڪجهه هلڪي ٿيئي ۽ کيس تڪليف ڪجهه گهٽ ٿيئي! سرمد تاڪ تي رکيل بيناڊول شربت کڻي، پنهنجي پيءُ کي ٻه چمچا پياريا، پر سڄي دوا هُو ڳڙڪائي نه سگهيو. اها رات سرمد جي ساري گهر وارن جي لاءِ عذابن جي رات ثابت ٿي. سندس ماءُ ۽ ڀينرون به اداس اداس هيون. پوڙهي پيءُ جي بيماري ۽ اڪيلي ڀاءُ جي بيروزگاري کانئن سمورا سک کسي ورتا هئا. ڪافي دير جي کنگهڻ کان پوءِ جڏهن سندن پيءُ کي ڪجهه آرام آيو ته سرمد جي ماءُ پنهنجي ڌيءُ کي چيو، “ثمينه، تون ٻه چار الائچيون پاڻي ۾ اٻاري کڻي اچ.”
“جي امان!” ثمينه وراڻي ۽ اٿي ويئي.
سرمد ماءُ کان پڇيو، “امان الائچيون پاڻي ۾ ... ؟”
سرمد جي پڇڻ تي ماءُ کيس ٻڌايو ته، “الائچيون پاڻي ۾ ڪاڙهي پيارڻ، هڏڪي جي لاءِ فائديمند آهن ... پوڙهين جو ڏس آهي، هاڻي ته تنهنجي پيءُ کي هڏڪي به اچي ساهه ۾ سوڙهه ڪئي آهي. من الله شفا ڏئيس...”
“ها امان، الله چڱي ڪندو.” سرمد اهو چيو ۽ اچي ٻاهر کٽ تي ويهي رهيو، ٻاهر هوا نه هئي، سو ڏاڍي گرمي هئي. آسمان تي کنوڻ به رکي رکي تجلا ڏيڻ لڳي. شايد ان مصيبت جي گهڙي ۾ مينهن به ٿيڻو هو. سرمد جي ماءُ سندس پيءُ جي سار سنڀال ۾ لڳل هئي، پنهنجي ماءُ جو ورتاءُ ڏسي، سرمد کي عورت جو مرتبو ڏاڍو عظيم محسوس ٿيو. هن سوچيو؛ عورت جي زندگي جو سفر بس هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين ختم ٿي ويندو آهي. عورت فقط ننڍپڻ جي ئي ڪجهه ڏينهن ۾ لڪ لڪوٽيون کيڏي، گڏي گڏيءَ کي پرڻائي ڀرپور جيئي ٿي. ٻالڪپڻ جي خوابن کان پوءِ جڏهن هُوءَ سامائجي وڏي ٿي وڃي ٿي ته کيس ڪنڊائتن پيچرن تي سنڀالي سنڀالي هلڻو پوي ٿو. هر حالت ۾ صبر ئي سندس مايا پونجي رهي ٿي. هڪ مرد سان لائون لهڻ سان گڏ ڄڻ ته هُوءَ زندگي جي امتحانن سان به لائون ئي لهي ٿي... سرمد پنهنجي ماءُ کي ڏسي ڏسي اهو ئي سوچي رهيو هو جو اوچتو وڄ جي وراڪي سان زوردار ٺڪاءُ ٿيو ۽ برسات شروع ٿي ويئي. سرمد ڪمري ۾ هليو آيو. آهستي آهستي گهر جي ڇت به ٽمڻ لڳي، گهر جي ٽمندڙ ڇت ڄڻ ته گهر وارن جي حال تي ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. لڳاتار اڌ مني ڪلاڪ جي برسات جي ڪري پاڻي، گهر جي اڱڻ ۾ تلاءُ جي صورت اختيار ڪري بيهي رهيو. پوءِ ڪجهه دير ۾ مينهن جهلي ويو. سرمد اڌ ڇني ۾کٽ تي رلهي رکي ليٽي پيو. وُٺي جي هوا ڄڻ ته ننڊ جي گوري هئي، سرمد جي اک لڳي ويئي ۽ سمورا سور لڙهي ويا!
ڪجهه ئي گهڙيون گذريون جو ماءُ کيس زور زور سان سڏي اٿارڻ لڳي، “پُٽ! اٿي سجاڳ ٿي پُٽ!”
سرمد کي جيئن ئي سار ٿي ته ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. دل جي ڌڙڪن وڌي ويس. گهر جي حالت ۽ پيءُ جي طبيعت جو کيس اڳ ئي الڪو هو، سو سمجهي ويو ته ڪا خير جي خبر نه هوندي! “ڇـ. . ڇـ ... ڇـا ڇا امان؟؟!”
“پُٽ، پڻهين کي هلي ڏس جلدي...الاءِ ڇا ... !”
سرمد جهڙپ ڏئي ڪمري ۾ داخل ٿيو، سندس پيءُ زور زور سان کنگهي رهيو هو، سندس وات مان مسلسل رت اچي رهيو هو. اها حالت ڏسي، سرمد جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو. هُن ڪپڙي سان سندس منهن وات صاف ڪيو ۽ پڇڻ لڳس، “بابا او بابا... منهنجا مٺا بابا ... توکي ڇا ٿيو آهه...” پر سندس پيءُ ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو. هن جي ساهه ۾ ڏاڍي سوڙهه هئي. سرمد ماءُ ۽ ڀينرن کي چيو، “امان توهان هن کي سنڀاليو ته آئون بس اجهو ڊاڪٽر کي..!” “جي جي پُٽ.. !!” سندس ماءُ وراڻيو.
سرمد گپ ڪچ ۽ پاڻي ۾ پنهنجا پير سنڀاليندو، پنهنجي گهر مان نڪري ڊاڪٽر سڪندر جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. هلندي هلندي هن کي دل ۾ اهو خيال پئي آيو ته، جيڪڏهن هُو پنهنجي پيءُ کي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاري سگهي ها ته شايد هن جي ههڙي حالت نه ٿئي ها! اها احساسِ محرومي همت کسڻ لڳس. هن کي هر واٽ ۾ ٻاٽ ئي ٻاٽ ٿي لڳي. شايد هن جي من جي لاٽ تي بيوسي جي گرهڻ سبب اوندهه ڇائنجي ويئي هئي. هُو بس توڪل تي هلندو رهيو هو سدائين... ڊاڪٽر سڪندر جو گهر اڃا ڪجهه مفاصلي تي هو. برسات سبب شهر جا گٽر ابتا وهي رهيا هئا. بجلي وارن کي ته ڄڻ برسات جو بهانو ملي ويو هو، جو وسڪاري کان اڳ ئي هلي ويئي هئي! اميرن جي گهرن مان رڳو جنريٽرن جو گوڙ ۽ روشني نظر اچي رهي هئي. سرمد ڊاڪٽر جي گهر وٽ پهچي در تي لڳل بيل بٽڻ دٻايو. ڪجهه ئي دير کان پوءِ اندران ڪو ڊوڙندو آيو ۽ آهستي آهستي اهو به چوندو آيو ته، “الله ڪو نڀاڳن کي ماري...! هن وقت به سمهڻ ڪونه ٿا ڏين.” در کوليندي وراڻيو، “ڪهڙو آهين؟” هن جي لهجي ۾ ڏاڍي بيزاري هئي. سرمد چيس، “چاچا آئون دين محمد نائب قاصد جو پُٽ!”
“ته پوءِ هن وقت اسان جي در تي ووٽ وٺڻ آيو آهين ڇا؟ بابهين، رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ۾ بيٺو آهي ڇا؟؟” هن ڄڻ ته ڪاوڙ ۾ طنز ڪندي سرمد تي پنهنجي اندر جو زهر اوڳاڇيو.
سرمد نماڻائي سان وراڻيو، “چاچا بابا لاچار آهي، ڊاڪٽر سڪندر کي موڪليو، هُو هلي ڏسي...!”
“ڊاڪٽر کي خود کي بخار آهي، دوائون کائي ستو آهي، ڪونه اٿندو...!” هن بخيلي مان وراڻيو.
سرمد منٿ ڪئي، “چاچا ڊاڪٽر کي ته بخار آهي پر بابا کي ته رت جون الٽيون پيون ٿين ... ٻيو ڪو به در ڪونهي... ڊاڪٽر ۾ ئي اميد آهي..! مهرباني ڪريو چاچا دير پئي ٿئي!”
هن وراڻيو، “بابهين کي سرڪاري اسپتال ۾ وٺي وڃ، اتي هوندو ڪو نه ڪو! ڊاڪٽر سختي سان اسان کي منع ڪري ستو آهي سو مان کيس هينئر اٿاري نٿو سگهان!”
سرمد وراڻيو، “چاچا ڊاڪٽر جي ننڊ مان سجاڳي ڪنهن کي هميشه جي سمهڻ کان بچائي سگهي ٿي ...! ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن، پليز چاچا وڙ ڪريو!”
سرمد گهڻو ئي منٿون ڪيون پر چاچي تي ڪو به اثر نه ٿيو، هن ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو، “ڊاڪٽر ڪونه اٿندو...اسان کي سمهڻ ڏي... مٿي جا سور ...! ڇوري کي گهڻو ئي چيم ته ڊاڪٽر نه ٿي پر نه مڃيئين مون کي!” هن ڪاوڙ منجهان دروازو زور سان بند ڪيو ۽ اندر هليو ويو.
اهڙي ورتاءَ تي سرمد جي دل ڀرجي ويئي، خيال آيس ته ههڙي ڪٺور معاشري ۾ اسان جهڙا ماڻهو ڄمن ئي نه ...! وڏين مڇين جو ننڍين مڇين کي کائڻ ته فطرت ته آهي پر هاڻي ته اشرف المخلوقات جو چهرو به ڀوائتو ٿيندو ٿو وڃي! ان کان ته سندن صورتون بدلجن ته جيئن انسانيت جي روپ ۾ لڪل گدڙ، بگهڙ، ڀولڙا ۽ باندر پڌرا پٽ ٿي پون، ته ضرورت پوڻ تي ماڻهو اهڙن کان مدد طلبي پنهنجي تذليل ته نه ڪرائي! سرمد مايوس ٿي پيو. انسانيت تان سندس ويساهه کڄڻ لڳو هو. هن مرڻ ٿي چاهيو پر پيءُ جي لاچاري کيس جيئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. هُو وڏيون وڏيون وکون کڻندو ڊاڪٽر جاويد جي در تي آيو، پر ان جي ته گهر کي ئي تالو لڳو پيو هو. ان جو مطلب اهو نه هيو ته ڪو گهر ۾ ڪير نه هو، گهر مان ته جنريٽر جو شور ۽ بتين جي روشني به نظر اچي رهي هئي، پر ان جو مطلب ڪجهه ٻيو هو. ڊاڪٽر جاويد جي گهر کي لڳل تالي جو مطلب سمجهندي هُو اتان ئي مايوس ٿي موٽيو. سوچڻ لڳو، جن ماڻهن پنهنجي گهرن کي ئي تالا هڻي ڇڏيا آهن، تن جي دلين جا در وري ڪهڙا کليل هوندا...؟ کيس مسيحا به ڪاسائي لڳي رهيا هئا.
سڀني دروازن کان پوءِ آخري در، سرڪاري اسپتال جو ئي سرمد جي ذهن ۾ آيو، جنهن کان هن بچڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويو. هُو هاڻي تيزي سان سرڪاري اسپتال ڏي وڌڻ لڳو. سرڪاري اسپتال پهتو ته اتي ڊاڪٽر موجود ڪو نه ڏٺائين، ڊسپينسر به ننڊ ۾ غش پيو هو. سرمد کيس جاڳائيندي چيو، “او سائين. . او سائين ... اٿو پليز!!”
سرمد جي ڌونڌاڙڻ تي هُو سجاڳ ٿي پيو، رڙ ڪري چيائين، “ڇاهي ڙي!!”
سرمد وراڻيو، “سائين منهنجو پيءُ لاچار آهي، کيس تمام گهڻي کنگهه آهي ۽ وات مان رت به اچيس پيو ... “
هن اکيون مهٽيندي پڇيو، “مريض ڪٿي آهي؟”
“گهر آهي سائين.” سرمد وراڻيو.
هن خار ٻار ٿيندي چيو، “ته پوءِ هتي منهنجو منهن ڏسڻ آيو آهين ڇا؟ ... وڃ وڃي وٺي اچ ان کي ...! “
سرمد چيو، “سائين هن جي حالت وٺي اچڻ جهڙي ناهي ...! ٻيو ته هن وقت ڪنهن گاڏي ٻي جو گس به ناهي، اوهان وڙ ڪيو، هلو پليز!!”
هن انڪار ڪندي وراڻيو، “مان نٿو هلي سگهان، ڊائريا سبب ايمرجنسي آهي اسپتال ۾ ....! ڪو مري پيو ته ويل ۾ اسين پونداسين!”
هن جي لهجي ۾ به ڪا رحم جي رتي نظر نٿي آئي سو سرمد سوچيو ته بحث ڪري، ٽائيم ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته پيءُ کي هتي کڻي اچي! اهو سوچي هو گهر ڏي موٽيو.
در تي سندس پيءُ جو گاڏو بيٺل هو جنهن تي هُو رٽائر ٿيڻ کان پوءِ فروٽ ۽ سبزي وڪڻندو هو. تنهن تي بسترو وجهي سرمد پنهنجي پيءُ کي کڻي اسپتال جو رُخ ڪيو. سندس پيءُ ساڻو ٿيو پيو هو. هن جي وات مان رڳو رت ئي اچي رهيو هو. هن جي جسم جي چرپر به گهٽبي ٿي ويئي، هن جي اهڙي حالت سبب سرمد جي رفتار ۾ اڃا به تيزي ايندي ويئي. هُو گاڏي کي گهليندو تکو تکو اسپتال ڏي وڌي رهيو هو. بجلي نه هئڻ جي ڪري رڳو اوندهه ئي اوندهه هئي. اوچتو ڪنهن هينڊ لائٽ هڻي پويان کان سيٽي وڄائي ڪاشن ڏنو، “خبردار!!”
سرمد کي اندازو ٿي ويو ته پوليس هوندي پر هو نه بيٺو، هڪ ته هن وٽ بيهڻ جو ٽائيم ئي نه هو، ٻيو ته هن سوچيو ته مان ته بابا کي اسپتال کڻي وڃي رهيو آهيان، ڪو ڌاڙو هڻي مال ٿورئي کڻي پيو وڃان! پر تنهن هوندي به هن وڏي واڪي آگاهي ڏيندي ورندي ڏني، “مريض آهي... جلدي آهي ... اسپتال پيو وڃان!!”
هُو اهو چئي اڳتي وڌندو رهيو. پوليس پُٺيان وري به ڪاشن ڏيندي رهي پر سرمد تيزي سان اڳتي وڌندو رهيو، ڇاڪاڻ ته هن جي اڳيان پيءُ جي حالت ڏاڍي خراب هئي، سو هن کي پٺتي جو ڪو هوش ئي نه رهيو هو. هُو ڊوڙي رهيو هو، ڄڻ موت کي مات ڏيڻ لاءِ! زندگي ڪنهن پکيءَ جيان هن جي هٿن مان ڇڏائبي ٿي ويئي، پر هُو ان کي وري به پڪڙڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪري رهيو هو.
.... اوچتو ٺڪاءُ ٿيو ۽ سرمد جي هٿن مان گاڏو ائين ڇڏائجي ويو، جيئن ڪو لغڙ ڪاٽا ٿيڻ کان پوءِ ڇڏائجي ويندو آهي. جيئن ڪو پڪل ميوو پٿر لڳڻ سان ٽاري تان ڇڏائجي ويندو آهي! هن هيٺ ڏٺو، ٽنگ مان رت ريلون ڪري وهي رهي هئس ... جسم مان ست ڇڏائڻ لڳس ته ايتري ۾ پُٺيان کان ٻيو ٺڪاءُ ٿيو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته ڪا تتل سيخ سندس سيني مان آر پار گذري وئي آهي! هُو بيحال ٿي پٽ تي پوڻ لڳو. اکين اڳيان اوندهه ٿي ويس ... هن جا حواس موڪلائڻ لڳا، آهستي آهستي وڌندڙ درد سرمد جو هوش وڃائي ڇڏيو ...! پوليس جي هٿان ڄڻ انعام رکيل ڌاڙيل مارجي ويو!
مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاٿل ان زندگي جو انت ٿي ويو، جنهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ ڪير به مورڙي مير بحر وارو ڪردار ادا ڪري نه سگهيو ...! سڀ جا سڀ يوسف جي ئي ڀائرن جا پوئلڳ نڪتا ....!!